November 29, 2012

سڊني جي ساحلن جو پاڻي ڳاڙهو ٿيڻ لڳو

سڊني جي ساحلن جو پاڻي ڳاڙهو ٿيڻ لڳو



بي بي سي ۽ ٻين ويب سائيٽس جي حوالي سان تازه خبرون مليون آهن ته آسٽريليا جي شهر سڊني جي ساحن جو رنگ ڳاڙهو ٿيڻ لڳو آهي۔ پري کان اهو بلڪل خون وانگر نظر اچي ٿو۔ ان جو هڪ سبب ڳاڙهي رنگ جو سينور آهي، جنهن کي انگريزي ۾algae سڏجي ٿو۔ چيو وڃي ٿو ته ان سبب ڪجهه مڇين جو موت به ٿيو آهي۔ جيتوڻيڪ اهو پاڻي ڪو زهريلو ناهي پر پوء ماڻهن لاء سمنڊ جا ساحل بند ڪيا ويا آهن۔ پاڻيء جا سيمپل ورتا ويا آهن ته جيئن ان جي ڳاڙهي ٿيڻ جا سبب معلوم ڪري سگهجن۔

تصويرون بي بي سي اردو جي ويب سائيٽ جي ٿورن سان:






November 28, 2012

مشتاق سعيد جي شاعريء جو نڪور ڪتاب ”ڪينرو ڪيسين وڄايان“

مشتاق سعيد جي شاعريء جو نڪور ڪتاب ڪينرو ڪيسين وڄايان
محمد سليمان وساڻ


سنڌ جي لاڙ پٽ واري علائقي سجاول سان تعلق رکندڙ نوجوان شاعر مشتاق سعيد جي شاعريء جو نڪور ڪتاب ڪينرو ڪيسين وڄايان منهنجي هٿن ۾ آهي. مان سوچي رهيو آهيان ته مشتاق ايڏو تيزي سان لکي رهيو آهي، جو هڪ ئي سال ۾ سندس شاعريء جا ٽي مجموعا ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا آهن، جڏهن ته سندس شاعريء جو چوٿون ڪتاب به ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي. هن کان اڳ سندس شاعريء جا ڪتاب ڌيمي وهڪ درياء جي ۽ ڀرپور سمندر گرجي ٿو هن ئي سال 2012 ۾ ڇپيا آهن. سندس شاعري صرف ڳڻپ جي حد تائين ناهي پر سندس خيالن جي بلندي ۽ لفظن جي اڏار به لازوال آهي، سندس لفظ ڪنهن مصور جي رنگن کان گهٽ ناهي. سندس ڪتاب جو ٽائيٽل ڪينرو ڪيسين وڄايان ۽ سندس ان نظم بابت ڪنهن لکيو آهي ته اها اسان مٿان طنز آهي، چٿر آهي پر مان چوندس ته مشتاق اسان کان سوال ڪري پڇي رهيو آهي ته ڇا اڃان مان جاري رکان؟ يا ها پڇي پيو ته مان ڪنهن لاء لکان؟ ۽ مان کيس اهو چوندس ته مشتاق توکي لطيف ۽ شيخ اياز واري تسلسل کي قائم رکڻو آهي ۽ اهو ڪينرو وڄائڻو آهي. هو پاڻ ئي ته ان لاء اياز کي چوي ٿو :

جو گيت تو هو ڇڏيو اڌورو،
انهيءَ کي پورو،
ڪري سگهان يا مَري وڃان مان،
اهو نه ڄاڻان مگر ٿو ڄاڻان،
جو ڪينرو تون ڇڏي ويو آن،
سو ڄڻ ته مون آ ڪُلهي ۾ پاتو


November 26, 2012

رني ڪوٽ جي راهن تي

رني ڪوٽ جي راهن تي
محمد سليمان وساڻ

مان ننڍي هوندي کان ئي رني ڪوٽ بابت مختلف رسالن ۽ ڪتابن ۾ پڙهندو رهيو آهيان پر الائي ڇو مونکي لڳندو هو ته هي سڀ مفروضا آهن ۽ اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو ڪو ڪوٽ 30 ڪلوميٽرن جي پسگردائي ۾ هجي. شايد ان جو هڪ سبب اسڪولي زماني کان ڪوٽڏجي جي قلعي جا چڪر هڻڻ به هو. جيڪو سولو، سهڻو ۽ رني ڪوٽ جي مقابلي ۾ گهٽ ايراضي تي اڏيل آهي. پوء وقت جي حساب سان رني ڪوٽ گهمڻ جو شوق وڌندو رهيو. ڪجهه سال اڳ جڏهن سچل ڳوٺ مان دوستن جو قافلو رني ڪوٽ گهمڻ لاء تيار ٿيو ته ڪجهه ذاتي ڪمن سبب چاهيندي به نه وڃي سگهيس، پر چاهت ۾ ڪابه گهٽتائي ڪانه آئي. واپسي تي دوستن جڏهن شير ڳڙهه تي چڙهڻ جي ڳالهه ڪئي ته ايئن لڳو ڄڻ اهوئي رني ڪوٽ آهي ۽ ان تي چڙهڻ جي ڏکيائن جو ٻڌي دل لاهي ويٺس. پر هڪ دفعو وري نثار کوکر جي ڪاوش ۾ ڇپيل رني ڪوٽ واري ڪالم پڙهڻ کانپوء ٻيهر تجسس وڌيو. ڪجهه ڏينهن اڳ سچل ڳوٺ جي روح روان سراج ميمڻ، تاج محمد وساڻ ۽ ٻين دوستن رني ڪوٽ گهمڻ جي چاهت ڏيکاري ته تيار ٿي وياسين. هتان 20 دوستن جو قافلو هڪ ڪار ۽ هڪ مزدا ۾ سوار ٿي روانو ٿيو. جيڪي دوست تيار ٿيا انهن ۾ تاج محمد وساڻ، سراج الدين ميمڻ، الهداد گوپانگ، ربنواز ڀٽو، سراج احمد ڀٽو، اعجاز احمد ڀٽو، محمد سليمان آگرو، ثناء الله راڄڙ، محمد سليمان وساڻ، عبدالحفيظ لغاري، غلام مرتضى وساڻ، پنهل لاکو، قربان ڪلوڙ، علي حسن رند، رفيق احمد ڀٽو، صاحبڏنو ارباب، نعيم ميمڻ، انور ميمڻ، لياقت بليدي ۽ نواز سانگي شامل هئا.

 نومبر 16، 2012ع تي ڪراچي مان نڪرندي ڪافي دير ٿي، ان جو هڪ سبب ان ڏينهن پهرين محرم جو هجڻ به هيو. جنهن سبب ڪراچي ۾ موبائل فون تي پيل پابندي به هئي. پُر لطف ڪچهري ڪندا پوڻين 10 بجي رات جو ڄامشوري پهتاسين جتي سنڌ يونيورسٽي جي ايڪسيلينس سينٽر جي هاسٽل ۾ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شهاب الدين ميمڻ پاران رات جي ماني جو بندوبست ٿيل هو. اتي پهچڻ تي ڊاڪٽر صاحب ڀليڪار ڪئي ۽ اتان ئي ڪافي دوست علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار تي فاتح خواني لاء ويا ۽ پوء ماني کائي سن روانا ٿياسين. رستي ۾ موضوع ته رني ڪوٽ هجڻ گهربو هو پر الائي ڇو هر دفعي اهو موضوع مٽجي مزاحيه ڪچهري تي وڃي پيو دنگ ڪري. مون جهڙو سنجيده ماڻهو به ان ڪچهري ۾ شامل ٿي ويو. رات دير سان سن کان ٿورو پرتي ڳوٺ گائنچا ۾ پنهل لاکي جي گهر تي رهائش جو انتظام هو. پنهل لاکو ڪافي سالن کان ڪراچي ۾ رهائش پذير آهي ۽ واڍڪي ڪم جو ٽاپ جو ڪاريگر آهي. ڳوٺ وارن دلي ڀليڪار ڪئي ۽ چانهه جو انتظام ڪيو. آرام لاء ستاسين پر هاء ڙي دوستو اوهان جا ڪم ڪي فون تي سڄي رات ڳالهائيندا رهيا ته ڪي ڪچهريون ڪندا رهيا، اهڙي صورتحال ۾ مون جهڙي ماڻهوء جي ننڊ ته ڪوهين ڏور اڏامي وئي. خير 17 نومبر 2012ع جي صبح جو ساڍي پنجين بجي همراهه پاڻ ته اٿيا پر اسان کي به اٿاريائون. بي دليا اٿي هٿ منهن ڌوئي ڪچهري ۾ لڳي وياسين. ناشتي ۾ پنهل لاکي پاران مکڻ. ماکي ۽ ديسي انڊن جو انتظام ڪيل هو پر اسان جي رهبر سراج ميمڻ جي دانهن اصل ماني جو مزو ئي وڃائي ڇڏيو. چئي جنهن ناشتو ڪيو اهو گهمي ڪونه سگهندو، چئي گهمڻ جو مزو بکي پيٽ آهي. کائي پي الٽيون ڪندا رهندا. ان ڊڄ سبب مان ته ناشتو ڪونه ڪيو يا بنهه ٻه ٽي گرهه کاڌا پر ڪجه دوستن ته اصل رڄ تي کاڌو. صبح جو ساڍي ستين بجي اسان گاڏين ۾ ويهي رني ڪوٽ جي راهن تي روانا ٿياسين.

ماءُ : ڪائنات جي خوبصورت ترين هستي



ماءُ : ڪائنات جي خوبصورت ترين هستي
محمد سليمان وساڻ



اڄوڪو ڏينهن دنيا ۾ مائرن جي عالمي ڏينهن طور ملهايو پيو وڃي. هونئن ته هر ڏينهن اسان لاء ماء جو ڏينهن آهي، هر ڏينهن اسان کي پنهنجي امڙ جو ڌيان رکڻ، خدمت ڪرڻ ۽ سندس دعائون وٺڻ جو آهي پر سڄي دنيا اڄوڪي ڏينهن کي ڀيٽا طور ماء جو ڏينهن ڪري ملهائي رهي آهي. اڄوڪي ڏينهن جتي پنهنجي ڪُک مان جنم ڏيندڙ ماء کي ڀيٽا جو ڏينهن آهي ته ساڳي ئي وقت پنهنجي ڌرتيءَ ماءُ کي ڀيٽا ڏيڻ جو به آهي.

ڪائنات جا ڪروڙين رنگ آهن پر انهن ڪروڙين رنگن جو هڪ ئي اهو روپ آهي جنهن کي ”ماءُ“ چيو وڃي ٿو. سارنگ منير ڪٿي لکيو هو ته ماءُ هڪ اها ڇپر آهي جنهن هيٺان دنيا جا سمورا درد دور ٿي وڃن ٿا، هر مصيبت موٽي وڃي ٿي، هر پريشاني پويان پير ڪري ٿي. دنيا ۾ ڪروڙين ڏک پلن ٿا پر دنيا ۾ لکين مصيبتن جا دروازا کليل آهن، دنيا ۾ هزارين پريشانيون آهن پر انهن سڀني مصيبتن ۽ پريشانين جو حل هڪ ماءُ جي دعا آهي. جيڪا فرش کان عرش تي پهچائي سگهي ٿي. اها ماء جي هنج ئي آهي جيڪا زندگي گذارڻ جو سليقو سيکاري ٿي.
اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليه واله وسلم فرمايو آهي ته ماءُ جي پيرن هيٺان جنت آهي. ماءُ هڪ اهڙو رستو آهي جيڪو سڌو جنت ڏانهن وٺي وڃي ٿو. مان ننڍي هوندي مختف گاڏين جي پويان لکيل هڪ جملي کي ڄڻ ته پنهنجي ذهن ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي اهو جملو ڄڻ ته ڪُل ڪائنات آهي “ماء جي دعا ، جنت جي هوا.” حضرت امام حسين عه جو قول آهي ته”جـڏهن به اوهانکي فرصت ملي ته پنهنجي ماءُ وٽ وڃي ويهندا ڪريو، ڇاڪاڻ ته ماءُ سان گڏ گذاريل هر پل، قيامت جي ڏينهن اوهان جي نجات جو سبب بڻبو.” دنيا جي عظيم ڏاهي شيڪسپيئر چيو آهي ته جيڪڏهن هر هڪ زندگي پويان ماءُ جون دعائون ڪڍو ته اها زندگي ئي نه رهندي ڇو جو هر زندگي ماءُ جي دعائن سان هلندي آهي. ماءُ زندگي جي اونداهي راهن ۾ روشنيءَ جو مينار آهي. ماءُ هڪ اهڙي هستي آهي، هڪ اهڙو رشتو آهي جنهنجو ڪو به نعم البدل ناهي. اها ئي ماء ئي آهي جيڪا سڀڪجهه سر تي سهڻ ۽ هر شيءِ کي وسارڻ لاءِ تيار ٿي ويندي، پر ٻچي مٿان ڪک نه سهندي! چون ٿا ته لوليء جي شروعات به ماء ڪئي هئي، پنهنجي پياري ٻچڙي کي جهولي ۾ جهولي ۽ ان کي دعائون ڏيندي ۽ جهونگاريندي ننڊ ڪرائڻ.
ڪائنات جي خوبصورت ترين هستي جيڪڏهن منهنجي نظر ۾ ڪا آهي ته اها ماء آهي۔ ماء ڏک، سختيون، اهنج سهي به پنهنجي ٻچڙي لاء ڇا ڇا نه ٿي ڪري۔ مون لاء هر ڏينهن ماء جو ڏينهن هوندو آهي ڇو ته سدائين مونسان منهنجي مٺڙي امڙ جو يادون ۽ دعائون جو گڏ هونديون آهن. اهي ماڻهو جن جون امڙيون زندهه آهن ۽ هنن لاء دعا گهرن ٿيون انهن جي زندگي ڄڻ ته ڪو جنت جو جهونڪو آهي. پڇي ڏسو انهن کان زندگيء جون گهڙيون ۽ انهن جا ويران گهر جن وٽ امڙين جو پيار ۽ دعائون ناهن. مشهور واقعو آهي ته الله جي نبي حضرت موسى عه جي والده جو جڏهن انتقال ٿي ويو ته پروردگار طورسينا جبل تي حضرت موسى عه کي چيو ته اي موسى عه هاڻ هن جبل تي پنهنجا قدم سنڀالي هلجان ڇو جو اڄ ماءُ جون دعائون تو سان گڏ ناهن جيڪا چوندي هئي پروردگار منهنجي موسى جي پارت اٿئي.
افسوس جو اڄ به اهڙا ڪٺور دل انسان موجود آهن جيڪي هن عظيم هستيء کي عورت سمجهي سندس تعظيم ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا ۽ معاشري جي عجيب ريتن، رسمن ۽ رواجن جي پاسداري ڪندي ماء کي ستائن ٿا ۽ ڏک ڏين ٿا. ماء اهڙين سختين باوجود به پنهنجي جگر جي ٽڪري کي بد دعا نه ٿي ڏئي ۽ سندس آسانين ۽ سک لاء رب جي بارگاهه ۾ هر وقت جهولي جهليو بيٺي آهي. پر ياد رکو ماء جي بد دعا آسمان کي لرزائي ڇڏيندي آهي، پياري رسول ڪريم صه جن جو فرمان آهي ته “ماءُ جي بد دعا کان بچو ڇو جو خدا ۽ ماءُ جي دعا جي وچ ۾ ڪوئي پردو نه هوندو آهي ۽ ماءُ جي نافرماني ڪرڻ وارو جنت ۾ داخل نه ٿيندو”.
اچو ته اهو عهد ڪيون ته اسان پنهنجي حقيقي ماء ۽ ڌرتي ماء سان گڏ هر عورت جي عزت، تعظيم ۽ وقار کي بلند ڪنداسين. اچو ته اڄوڪي ڏينهن تي اسان پنهنجي پهرين درسگاهه، پهرين پينگهه، پهرين جهولي، پهرين پيار ، پهرين لولِي، پهرين چُمي، پهرين ڀاڪر ۽ پهرين تربيت گاهه جي لاج رکندي سندس قدم چميون ۽ کيس سلام پيش ڪيون.







November 24, 2012

مشتاق سعيد جو ڪتاب ”ڀرپور سمندر گرجي ٿو“


مشتاق سعيد جو ڪتاب ”ڀرپور سمندر گرجي ٿو
محمد سليمان وساڻ

 

سنڌ جي لاڙ پٽ واري علائقي سجاول جي تخليقڪارن جو سنڌي شاعريء ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي. انقلابي شاعري هجي يا وري مجازي عشق واري ڪيفيتن سان ڀرپور شاعري اسان کي سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، آپا مريم مجيدي جهڙا نالا ذهن تي تري ايندا. ساڳي ئي تر جي نوجوان شاعرن اياز امر شيخ ۽ سورج سجاولي سان گڏ هڪ اڀرندڙ نالو مشتاق سعيد جو به آهي. مشتاق سعيد جو 2012 جي شروع ۾ خوبصورت شاعريء جو مجموعو ڌيمي وهڪ درياء جي کان پوء هن ئي سال نئون مجموعو ڀرپور سمندر گرجي ٿو منهنجي هٿن ۾ آهي.


هن ڪتاب ۾ شامل سندس احساسن ۽ شاعريء کي پڙهي اها پروڙ پئي ته مشتاق سعيد جا خيال ڪيڏا سندر ۽ حسناڪين سان ڀرپور آهن. سندس شاعري هڪ اميد جو ڪرڻو ۽ حوصلو آهي:

ڦاهيء جي تختي تي بيٺي تو جو گيت جهونگاريو آ
ان جي سُر ۽ سازن منهنجي من ۾ ٻارڻ ٻاريو آ

مشتاق جي هر نظم ۾ هڪ نئون پيغام سمايل آهي. هر نظم ۾ هڪ نين ڪهاڻي ۽ الڳ احساس سمايل آهن، جيڪي روح کي تڙپائن ٿا:

سمنڊ جي سرگم ساز ۽ سر تي
راڳي ڪوئي راڳي ٿو پيو
جيڏي دل ڪويءَ جي آهي
ايڏو سمنڊ نه گهرو تون آ

مشتاق سعيد جي شاعري مون کي شيخ اياز کان اياز گُل ۽ اياز گُل کان مشتاق سعيد تائين جو تسلسل لڳي رهي آهي. مشتاق ٻوليء ۽ لفظن کي سهڻي نموني پوئي پيش ڪيو آهي جيئن ڪو گل فروش مختلف رنگن جي گلن کي پوئي هار ٺاهيندو آهي:

ايئن نه ڳوڙها ڳاڙ نه ڳائي
ٿر اتر ۽ لاڙ نه ڳائي
راڳي تنهنجا گيت غضب جا
هيڏا هنئين ڦاڙ نه ڳائي

مشتاق سعيد جي سوچ جو سفر کيس جلد ئي سنڌ جي مُک شاعرن واري ڌارا ۾ آڻي بيهاريندو، اهو مان نه پر سندس شاعري ٻڌائي رهي آهي. سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ڇپايل سندس شاعريء جو ڪتاب ”ڀرپور سمندر گرجي ٿو“ 144 صفحن جو آهي، جنهن ۾ سندس غزل، نظم ۽ وايون شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ اياز امر شيخ لکيو آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 160 رپيا آهي.

سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري ڪتاب آنلائين پڙهڻ سان گڏ ڊائونلوڊ به ڪري سگهجي ٿو.  

.

November 23, 2012

وڻن جي ڪٽائي : پاڻ سان ڪيل دشمني



وڻن جي ڪٽائي : پاڻ سان ڪيل دشمني
محمد سليمان وساڻ

مان جيئن ئي اتي پهتس ته ڀانيم ته سالن کانپوء وري ٻيهر پراڻي وقت جون حسين گهڙيون واپس مليون ااٿم. مان گاڏي مان لهندي ڊرائيور کي چيو ته گاڏي گهر ڪاهي هل اسان وچان ٻنين مان ٿيندا ٿا اچون. جنهن رستي سان اسان هلي رهيا هئاسون ان جي ٻنهي طرف ڪڻڪ جو فصل تياري ڏانهن هيو ۽ ڪٿي سائو ته ڪٿي سونهري لڳي رهيو هو. ڪٿي ڪٿي سرنهن جا ٻوٽا موجود هيا جن ۾ گُل گهٽجي ويا هئا ۽ ڦريون تيار هيون. اپريل مهيني سبب مونکي گرمي به لڳڻ شروع ٿي ۽ پگهر وهڻ لڳو. مان تکو تکو هلڻ لڳس ۽ منهنجو ماسات پريشان ٿي پڇڻ لڳو ته ڇا ٿيو آهي. مان کيس ٻڌايو ته اڄ مان ٻار ٿي ويو آهيان ۽ دل ٺينگ ٽپا ڏيڻ ٿي چاهي. زندگيء جي مسئلن جي ور چڙهيل انسان جڏهن ڪا فطرتي آزادي ماڻيندو آهي ته سندس خوشي ڏسڻ وٽان هوندي آهي.



مان پنهنجي ماضيء ڏانهن موٽي ويس ۽ اهي ڏينهن ياد اچڻ لڳا، گهڻن ئي سالن کانپوء اڄ ان پيچري تي هيس جتان ڪيئي سال صبح ۽ شام اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. اتي پهچڻ شرط سوچون مونکي منهنجي ننڍپڻ ڏانهن وٺي ويو. اسان جو اسڪول ڳوٺ کان گهڻو پري هو ۽ ڇهين درجي ۾ داخلا وٺڻ کان گريجوئيشن تائين پيادل گهر کان اٺ يا ڏهه ڪلوميٽر پري وڃڻو پوندو هو. اڍائي ڪلوميٽر پيادل ٻنين جي وچ مان ٿيندا مين روڊ تي پهچندا هئاسون ۽ پوء اتان ڪنهن بس يا ويگن ذريعي اسڪول پهچندا هئاسين. اسان ڄڻ ته پنڌ کي وقت ۾ ماپي ڇڏيو هو ته هيترن منٽن م روڊ تي پهچنداسون. وچ ۾ هڪ واهه ايندو هو جنهن کي علائقي واسي علي بحر واهه سڏيندا آهن. هي واهه اسان جي علائقي جي ٻنين جي ۽ هتان جي ماڻهن جي ترقيء جو ضامن هجڻ سان گڏ ڄڻ ته آبِ حيات آهي. گرمين جي مند ۾ اسان جڏهن اسڪول کان واپس ٿيندا هئاسون ته واهه جي ڪپ تي پهچي ٽوال جو لُنگ ٻڌي ڪپڙا مٽائي، ڪتاب هڪ هنڌ رکي واهه ۾ وهنجي گرميء جو حل ڪڍندا هئاسون. جڏهن اسڪول ۾ گرميء جون موڪلون ٿينديون هيون ته اسان مينهن جا ڌڻ ڪاهي انهن کي وهنجارڻ جي بهاني واهه تي ايندا هئاسون. واهه جي خوبصورتي هوندي هئي ٽالهيء (ٽاريء) جا وڏا وڏا وڻ. جيڪي واهه جي ٻنهي ڪپن تي هوندا هئا. تمام وڏا ۽ گهاٽا وڻ، ڪي ته وري بلڪل واهه جي مٿان ننويل هوندا هئا ڄڻ پاڻيء کي سجدو پيا ڪن ۽ اهي ئي وڻ اسان جي دلچسپيء جو سبب هئا. اسان اهڙن وڻن تي مٿي چڙهي واهه ۾ ٽپ ڏيندا هئاسون. ٽالهيء جا اهي وڻ علائقي جي سڀني، شاخن، واهن جي ٻنهي ڪپن تي هئا. اهي وڻ گرمين جي مند ۾ ڇانورو مهيا ڪندا هئا. گهاٽن وڻن جي ڇانو ۾ واهه جي ڪپ تي ويهي خوب ڪچهري ڪبي هئي. اهي وڻ عام ماڻهن لاء ڪنهن اجهي کان گهٽ نه هئا. شام جو انهن وڻن ۾ ڪيترائي پکي اچي گڏ ٿيندا هئا. پکين جا ولر ۽ شام جو انهن جو موسيقي نما گڏيل آواز جيڪو پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو هو. 

مان اهو سڀ سوچيندو ڇانوري جي تلاش ۾ واهه جي ڪپ تي پهتس ..... منهنجي حيرت جي انتها نه رهي جڏهن مان ٽالهيء جا وڻ ڳولهيندو رهيس پر پري پري تائين ڪنهن وڏي وڻ جو نالو نشان به ڪونه هو. مان ايئن پئي ڀانيو ڄڻ منهنجو اجهو اجڙي ويو هجي. گرميء سبب مان واهه جي ڀر واري زمين ۾ موجود ٻٻر جي وڻ جي ڇانو ۾ ويٺس. منهنجو ماسات مونکي ڏکارو ڏسي پريشان ٿي ويو. مان کانئس پڇيو ته هي ٽالهيء جا وڻ جو هوندا هيا اهي ڪاڏي ويا ؟ هو چوڻ لڳو ته تون شهر ۾ رهي تبديل ٿي ويو آهين ، يا شايد بي سمجهه بنجڻ جي ڪوشش پيو ڪرين. هو چوڻ لڳو ته هتان جي پوليس، هتان جا با اثر ماڻهو، ۽ هتان جا عام ۽ اٻوجهه ماڻهو سڀ ملي ڀڳت ڪري سڀ وڻ ڪٽي چڪا آهن.

مان ڏٺو ته علي بحر واهه تي ڪٿي ڪٿي ڪو ٽالهيء جو وڻ نظر اچي رهيو هو نه ته سڀ وڻ صاف ٿي چڪا هئا. اهي وڻ جيڪي ماڻهن لاء ڇانو، پکين جا آکيرا ۽ ماحوليات جا سڄڻ هيا سي سڀ ختم ٿي چڪا هئا. اهي وڻ جيڪي سم ۽ ڪلر جي بچاء سان گڏ واهن ۽ شاخن جي ڪپن ۽ بندن جي مضبوطيء جو به اهم سبب هوندا آهن سي هاڻي ختم ٿي چڪا آهن. مان ڏکندڙ دل سان واپس گهر آيس. ٻئي ڏينهن مان پنهنجي گاڏي ۾ چڙهي مير واهه، سنهڙو واهه ۽ محبت واهه جو پڻ چڪر لڳايو، سواء ڪجهه جاين جي تقريبن سڀ وڻ ختم ٿي چڪا آهن . هنن وڻن کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪنهن ڌاريي، ڪنهن ٻاهرين جو نه پر پنهنجي ئي ماڻهن، پنهنجي نمائندن، پنهنجي ئي انتظاميه ۽ پنهنجي ئي پوليس جا هٿ ملوث آهي. پيرا ڪنهن ٻئي ڏانهن نه پر پنهنجي ئي ويڙهن ڏانهن ويندي پيا نظر اچن. وڻن جي ڪٽائي نه پر ڄڻ ته ماحول جي تباهي ڪري رهيا آهيون. مونکي اهو پيو محسوس ٿئي ڄڻ اسان ڪي اجها اجاڙي رهيا آهيون.

November 21, 2012

شمشير الحيدري جو وڇوڙو : تون ياد وري آئين

شمشير الحيدري جو وڇوڙو : تون ياد وري آئين
محمد سليمان وساڻ

سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين،
سر عام هر بات چوندا رهياسين،
اوهان ڪيترو ئي ڌتاريو، دٻايو
اسين رات کي رات چوندا رهياسين.

ٻه سال اڳ سائين شمشير الحيدري سان گڏ تاجل بيوس جي پهرين ورسي جي موقعي تي جڏهن چوڪنڊي جي قبرستان تي حاضري ڀريسين ته خبر ناهي تاجل جي مزار تي بيهي دير تائين ڇا سوچيندو رهيو ۽ ان دوران سندس هي تصوير ڪيمرا جي اک سان محفوظ ڪري ورتي هيم. ان ئي ڏينهن هو چئي رهيو هو ته منهنجوموت تاجل جهٽي ويو آهي ۽ منهنجي حياتي اصل ۾ تاجل جي حياتي آهي. اڄ 10 آگسٽ 2012 تي ساڳيو شمشير هميشه هميشه لاء چوڪنڊي جي قبرستان ۾ تاجل سان گڏ ابدي آرام ۾ هليو ويو آهي.

 اڄوڪي ڏينهن صبح جو اٿڻ سان اها اڀاڳي خبر ملي ته شمشير لاڏاڻو ڪري ويو. عمران درويش سومري جي ڪيل فون کانپوء مان ويهي شمشير جون يادون ساريندو رهيس. مونکي ياد آيو ته 2011 جو سنڌ سلامت ڪيلينڊر ڏيندي جڏهن مان سائين شمشير کان ڪيلينڊر بابت راء ورتي ته خوش هيو، چيائين ته اهڙا ناياب ڪم ادارن کي ڪرڻ گهرجن پر ساڳي وقت اهو به چيائين ته سنڌ سلامت وارا شايد منهنجي موت جو سامان پيا تيار ڪن، حيران ٿيندي پڇيم ته اهو ڪيئن؟ پاڻ کلندي وراڻيائون ته ڪيلينڊر ۾ ڇپيل تصويرن ۾ صرف شمشير زندهه آهي باقي ته گذاري ويا آهن. مان ڪجهه چوان ان کان اڳ ئي مرڪندي چيائين ته مذاق پئي ڪيم ........ پر شمشير جي اها مذاق الائي ڇو مونکي سچ ٿيندي نظر اچڻ لڳي جو ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سندن طبيعت خراب رهڻ لڳي.