ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪتابن جو عالمي ميلو ۽
مان
محمد سليما وساڻ
ڪتاب اسان جا سڀ کان بهترين دوست آهن،جيڪي نه بيوفائي ٿا ڪن
۽ نه ئي وري ساٿ ڇڏي ٿا ڏين. ڪتاب ئي آهي جنهن ذريعي اسان تعليم پرائي پنهنجي
زندگي سنوارڻ جي شروعات ٿا ڪيون. مونکي تاج صحرائي جون سٽون ياد ٿيون اچن، هو چوي
ٿو :
ڪتاب ئي زندگيء جا بهترين ساٿي
آهن. ڏسڻ ۾ ته ڪيترا گونگا، ٻوڙا، انڌا، منڊا ۽ بي جان لڳن ٿا، مگر اکين ۽ اکرن
وارن لاء جان آهن، پساهه آهن، سڏڪا ۽ ٽهڪ آهن، ننڊون ۽ اوجاڳا آهن، زندگيء جون
لاهيون ۽ چاڙهيون آهن. مطلب ته ڪتابن ۾ انسان پنهنجي خوبين ۽ خامين سان لڪل ۽ ظاهر
آهن.
ڪتابن جو شوق ته پراڻي زماني کان آهي. مونکي ياد آهي ته يونيورسٽي
جي دور ۾ اسان جا درسي ڪتاب لائيبرري ۾ ڪونه ملندا هئا، اهي ڪتاب اسان کي گهڻو ڪري
خريد ڪرڻا پوندا هئا. پر مان لائيبرري وڃي سنڌي ادب، شاعري ۽ ان سان لاڳاپيل ڪتاب
وٺندو هوس ۽ هر هفتي ٻه ڪتاب پڙهي واپس ڪري وري ٻيا نوان ڪتاب وٺندو هوس ... شايد
اهوئي دور هيو جنهن ۾ سڀ کان گهڻا ڪتاب پڙهيا. پوء وقت جي رفتار سان گڏ ڪتابن پڙهڻ
وارو ڪم گهٽبو ويو، ان جا به ڪيئي سبب هئا؟ وقت جي گهٽتائي، مصروفيتون، سوشل ميڊيا
۽ انهن سڀني کان وڌيڪ پنهنجي سُستي.
سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي ڪم ڪندي ٻيهر ڪتاب پڙهڻ جو وقت ڪڍندو
رهيس ۽ وري ڪتابن ڏانهن واپسي ٿي. هاڻي سنڌي ڪهاڻي، شاعري، ناول سان گڏ سياست ۽
فلسفي جا ڪتاب به پڙهڻا پيا، ان سان گڏ آتم ڪٿا ۽ تاريخ سان گڏ اسلامي ڪتابن جو
مطالعو به ٻيهر شروع ڪيو آهي. گذريل ڪجهه سالن کان ڪراچي ۾ عالمي ڪتابن جو ميلو
ايڪسو سينٽر ۾ باقائدگي سان لڳي رهيو آهي ۽ منهنجي آفيس سامهون هجڻ ڪري مان هر سال
ان ميلي ۾ شرڪت ڪندو رهيو آهيان. هن سال به 6 ڊسمبر کان 10 ڊسمبر تائين اٺين عالمي
ڪتابن جي ميلي جو انعقاد ٿيو. ڇو ته ڪتابن سان منهنجي دوستي ۽ لڳاء گهٽجي ويو هو
تنهنڪري مان اهوئي سمجهي رهيو هوس ته شايد سڀني سان ايئن ئي آهي ۽ ماڻهن ڪتاب پڙهڻ
ڇڏي ڏنا آهن. پر هن ميلي ۾ پهچي منهنجا ۽ منهنجي دوست حفيظ لغاري جا اهي خيال هوائي
لڳا. ڇو ته پهريون دفعو مون ڪتابن جي ميلي لاء ماڻهن کي قطار ۾ بيهندي ڏٺو. تمام
گهڻي رش، عورتن، ٻارن ۽ فيمليز جو ايڏو وڏو تعداد يقينن خوشي جو سبب بڻجي رهيو هو
ته ماڻهو اڃان به ڪتابن سان چاهه رکن ٿا.