November 27, 2013

دلمراد جي نوڪري ۽ عابده پروين جو راڳ



مونکي اسان جي خيرپور واسي دلمراد جون ڳالهيون اڪثر ياد اينديون آهن. جڏهن ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس ۾ هيو ته هڪ رات سندس ڊيوٽي آرٽس ڪائونسل ٻاهران لڳل هئي. ڊي آء جي به آيل هو سندس ڊيوٽي هئي ته بيٺل گاڏين جو ڌيان رکي.

جڏهن آرٽس ڪائونسل جي اوپن ٿيٽر ۾ عابده پروين ڳائڻ شروع ڪيو ته هي همراهه گاڏين کي ڇڏي راڳ ٻڌڻ کي لڳي ويو ۽ جهومندو رهيو. واپس ويو ته خبر پئي ته ڪو شاهينگ ڊي آء جي جي گاڏي مان دروازو کولي سٺي ٽيپ ڪڍي ويو آهي. پوء ته روز سندس ڊي آء جيءَ وٽ حاضري ۽ روز جا نوٽيس ...

مان مليومانس ته چيومانس يار تون به نوڪري کي نوڪري ڪونه ٿو سمجهين؟ هاڻي ڪيڏي ڀڄ ڀڄان ڪرڻي پوندي ۽ تنهنجي نوڪري وڃي به سگهي ٿي ... !!! چيومانس ته ته توکي ڪهڙي ضرورت پئي هئي ڪم ڇڏي راڳ ٻڌڻ جي !!!

چوڻ لڳو يار ... عابده پروين لطيف سرڪار جا ڪلام ڳائي ۽ اسان ٻاهر بيٺا هجون، نه بابا ايئن نه ٿيندو. نوڪري وڃي ته وڃڻ ڏينس، باقي عابده پروين جو راڳ ضرور ٻڌبو !!!

November 07, 2013

سنڌ فنڪار پاران سنڌ ايڪسيلنس ايوارڊ 2013 جي ڪراچي ۾ ٿيل رنگا رنگ تقريب

سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ۽ ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي پاران منعقد ڪيل سنڌ ايڪسيلنس ايوارڊ 2013 جي ڪراچي ۾ ٿيل رنگا رنگ 
تقريب جو اکين ڏٺو احوال

رپورٽ : محمد سليمان وساڻ

قوم جي سڃاڻپ سندس ثقافت، ٻولي، تهذيب، تمدن ۽ رهڻي ڪهڻيء مان ٿيندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن قوم جي پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي مضبوط ناهي ته اها قوم پنهنجي سڃاڻپ وڃائيندي رهندي آهي. سنڌي قوم دنيا جي خوشقسمت قومن مان هڪ آهي جنهن کي پنهنجي ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت آهي. سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ٻولي ۽ ثقافت جي سفير فنڪارن جي سهائتا ۽ مڃتا لاء گهڻي وقت کان ڪوشان آهي. گذريل سال وانگر هن سال به سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ سنڌ جي ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جي گڏيل سهڪار سان سنڌي فن سان لاڳاپيل سنڌ ڌرتيء جي شخصيتن سان گڏ قومي ميڊيا ۽ فن سان واڳيل شخصيتن کي مڃتا ۽ ڀيٽا طور سنڌ ايڪسيلنس ايوارڊ 2013 ڏيڻ واري تقريب ڪراچي ۾ نيشنل ميوزم جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪئي. هن تقريب ۾ سنڌي ۽ اردو ميڊيا ۽ فن سان تعلق رکندڙ ڪيترين ئي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي جن کي ايڪسيلنس ايوارڊ ۽ ميڊل ڏنا ويا. تقريب جي خاص مهمانن ۾ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر سيد ناصر شاهه ، جڏهن ته ٻين خاص مهمانن ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جو چيئرمين حميد ڀٽو، نظر محمد ڳاهو، ثقافت کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري شمس جعفراڻي، اڳوڻو وزير ڊاڪٽر شفقت عباسي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ثقافت کاتو سنڌ اعجاز شيخ، ايس ايس پي عاشق بوزدار، تاج جويو، مختيار ساريو، شهاب منگي، ايس ايس پي روگن ۽ ٻيا شامل هئا. هي تقريب ان ڪري به منفرد هئي جو سنڌ جي سمورن چينلز سان واسطو رکندڙ اداڪار، راڳي، ميزبان ۽ ڊائريڪٽرز هڪ ئي هال ۾ موجود هيا.
هن تقريب ۾ محفل موسيقي جو به بندوبست هيو جنهن ۾ لنڊن کان آيل ساره جان پيٽر، مظهر حسين، واحد لاشاري، سجاد يوسف، بادل راهي ۽ نروده پنهنجي ڪلاسيڪل ۽ لائيٽ ميوزڪ ذريعي ماڻهن کي جهومايو. ان موقعي تي ٽرسٽ جي سيڪريتري جنرل رشيد چارڻ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا جڏهن ته چيئرمين حميد ڀٽي چيو ته سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ هميشه ثقافت ۽ فن کي هٿي وٺرائي آهي ۽ ڪوشش ڪئي آهي ته فنڪارن جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي. هن چيو ته هن تقريب ۾ اسان ڪوشش ڪئي آهي ته قومي ميڊيا کي پنهنجي ڌارا ۾ آڻيون جيئن سنڌي ثقافت ۽ فنڪارن کي اڳتي اچڻ جا موقعا ملي سگهن. هن سنڌ فنڪار ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي قيام جي ڪوششن بابت به آگاهه ڪيو. ان موقعي تي قومي ميڊيا ۽ فن سان واڳيل شخصيتن کي به اسپيشل ايوارڊ ڏنا ويا. فلم اسٽار سعود چيو ته هي ايوارڊ وٺي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته اسان جون گهڻيون فني سرگرميون ڪراچي ۾ ٿي رهيون آهن ۽ ڪراچي سنڌ جو حصو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ٻيهر ٿيٽر ۽ فلم انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي جنهن سان سڀني لاء روزگار جا موقعا نڪرندا. نامياري اداڪاره سڪينه سمون پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ فنڪار جي هن سرگرمي تي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ فنڪار قومي ميڊيا ۽ سنڌي فنڪارن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي نئون ٽرينڊ متعارف ڪيو آهي. ان موقعي تي گلوڪار ظفر رامي ۽ اداڪار ماني پڻ پنهنجا ويچار ونڊيا. ان موقعي تي قومي ميڊيا ۽ فنڪارن کي پڻ اسپيشل ايوارڊ ڏنا ويا جن ۾ فلم اسٽا سعود، گلوڪاره ساره جان پيٽر، آج ٽي وي جي مارننگ شو هوسٽ نصرت حارث، لاريب ٿيٻا، عمران زيدي، ميزبان سلمان ثاقب (ماني)، ماڊل ۽ هوسٽ نيلم منير، ليکڪ ۽ اداڪار محسن گيلاني، ڪاميڊين ۽ اداڪار شهزاد رضا، اداڪار اڪبر سبحاني با يونس، گلوڪار احمد جهانزيب، ڪرمنل موسٽ وانٽيڊ جو ميزبان علي رضا، اداڪار اسلم شيخ، ڊائريڪٽر علي اڪبر پٺاڻ، پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر طاهر جتوئي، موسيقار استاد اظهر حسين، هوسٽ ياسمين مرزا، گلوڪار ظفر رامي ۽ شاداب اسٽوڊيو جي اشفاق احمد کي اسپيشل ايوارڊ ڏنا ويا.
ان موقعي تي سنڌي ميڊيا مان شهباز دراني، ممتاز ڪنول، گلاب چانڊيو، گلوڪاره ثمينه ڪنول، سائل آزاد کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ، فلم اسٽار وسيم راجا، اداڪار شهباز بلوچ، اسرار لغاري، منير پٺاڻ، مزاحيه اداڪار لطيف منا، نيوز ڊائريڪٽر اشفاق آذر، رزاق سروهي، رئوف چانديو، فياص نائچ، ۽ سنڌي ويب سائيٽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي مينيجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ کي پڻ اسپيشل ايوارڊ ڏنا ويا. ميڊيا، فن، ڊراما، راڳ، نيوز ۽ صحافت جي 33 مختلف ڪيٽيگريز ۾ ٽن نامزدگين مان چونڊ ڪري ايڪسيلنس ايوارڊ ڏنا ويا. جن مان راڳي سيمي ڪلاسيڪل ميوزڪ جو ايوارڊ مظهر حسين، لائٽ ميوزڪ فيميل جو ايوارڊ شهنيلا علي، بهترين راڳي جو ايوارڊ منظور سخيراڻي، راڳي لائيٽ ميوزڪ سجاد يوسف، لائيٽ ڪلاسيڪل ميوزڪ جو ايوارڊ واحد لاشاري، موسيقار جو ايوارڊ عرفان سمون کي ڏنو ويو. فلمي اداڪار جو ايوارڊ اسد قريشي، ڊراما اداڪار ميجر رول ٽي وي اسماعيل چانڊيو، ڪريڪٽر ايڪٽر جو ايوارڊ حسين قادري ۽ قمر ميمڻ، اداڪاره جو ايوارڊ نسرين ناز، شهناز ڀٽي ۽ نسرين ناز، ينگ ڊراما اداڪار جو ايوارڊ مصطفى عباسي، ينگ ڊراما اداڪاره عُروسه قريشي، ڊراما اداڪاره ميجر رول ريحانه کوکر، سپورٽنگ اداڪاره ريحانه تبسم کي ڏنو ويو. بهترين نيوز ڪاسٽر فيميل ناجيه مير، نيوز ڪاسٽر سڪندر بلوچ، ڪاميڊين جو ايوارڊ علي گل ملاح، سينيئر ڪاميڊين جو ايوارڊ رشيد چارڻ، ٽي وي اينڪر فيميل جويريه عبيد، ٽي وي اينڪر فيميل ڪرنٽ افيئر عرفانه ملاح ۽ زاهده تاج ابڙو، ٽي وي اينڪر مارننگ شو سجاد سهاڳ، وي جي ٽي وي پروگرام ياسر شورو، ٽي وي وي جي فيميل ڪرن لغاري، ڪلچرل رپورٽنگ مصطفى ملاح، آر جي ريڊيو ياسر قاضي، ڊراما ڊائريڪٽر آرٽ پلي فاروق رند، ڊراما ڊائريڪٽر جنرل اسلم ڀٽو، ٽي وي ڊراما ليکڪ محمود مغل، ڊائريڪٽر مارننگ شو جو ايوارڊ رزاق مسڻ کي ڏنو ويو. 
تقريب ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي ويبسائيٽ جي مهورت پڻ ٿي. سنڌ فنڪار جي تخليقي ڪميٽي جي چيئرمين محمد سليمان وساڻ ويبسائيٽ بابت پريزنٽيشن پيش ڪئي ۽ ويب سائيٽ جا تفصيل ونڊيا. ان موقعي تي سنڌ فنڪار ويفيئر ٽرسٽ لاء ڪم ڪندڙ مختلف عهديدارن کي ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا. پروگرام جي ڪمپيئرنگ رشيد چارڻ، حميد ڀٽو، سهراب سومرو، علي گل ملاح، سيد فدا حسين شاهه، ثاقب ابڙو، سيم خان ۽ فصيحا خان ڪري رهيا هيا.
آخر ۾ مهمان خاص سيد ناصر شاهه چيو ته ثقافت لاء سنڌ فنڪار جون خدمتون قابل تعريف آهن. هن واعدو ڪيو ته هو فنڪارن جي سهوليتن ۽ سهائتا لاء هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهندو. جڏهن ته مهمانن کي سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفا سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي مختلف عهديدارن پاران پيش ڪيا وي. اهڙي طرح رات دير تائين هلندڙ هيءَ تقريب سنهري يادون ڇڏي نين اميدن سان گڏ اختمام پذير ٿي. 
 
تصويرن لاء هيٺين لنڪ جو ڀيرو ڀريو.
 

October 24, 2013

جيجي زرينه بلوچ : هڪ استاد، ڪهاڻيڪار، سياسي ڪارڪن ۽ عظيم گلوڪاره


جيجي زرينه بلوچ : هڪ استاد، ڪهاڻيڪار، سياسي ڪارڪن ۽ عظيم گلوڪاره

محمد سليمان وساڻ

ٻي خبر ناهه پر مرڻ کان پوءِ،
تو سان گڏجڻ جو حسرتون رهنديون

هوء جنهن کي سموري سنڌ جيجي جي نالي سان سڏيندي هئي، سندس آواز ۾ ڄڻ ته ڪو جادو هو، مٺاس هو۔ هوء جيڪا هڪ استاد، هڪ سياسي ڪارڪن، اداڪاره ۽ سنڌ جي عظيم لوڪ گلوڪاره هئي، جي ها جيجي زرينه بلوچ جو شمار سنڌ جي انهن عورتن ۾ ٿئي ٿو جيڪي هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جون مالڪ ۽ خالق آهن. 

سنڌ جي هن دلير عورت 29 ڊسمبر 1934ع جي هڪ سرد رات ۾ اڳوڻي تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ الهداد چند ۾ جنم ورتو. جيجي زرينه بلوچ جڏهن اڃان ڇهن سالن جي هئي ته سندس امڙ گلروز بلوچ وفات ڪري وئي. زرينه بلوچ جو 15 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي سوٽ سان نڪاح ٿيو. جنهن مان هن کي اختر بلوچ (صوبائي وزير سسئي پليجو جي ماءُ) زينه بلوچ ۽ اسلم پرويز جو اولاد ٿيو۔ 1958ع ۾ تعليم پرائڻ جي مسئلي تان هن پنهنجي مڙس کان علحدگي اختيار ڪري، حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتي هوءَ 1960ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي لوڪ فنڪاره طور آئي ۽ هڪ سال جي اندر هن ريڊيو تي پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو۔ هڪ سال اندر ئي کيس1961ع ۾ ريڊيو جي بهترين فنڪار جو ايوارڊ مليو. جيجي زرينه بلوچ 1964ع ۾ برک سياستدان ۽ قانوندان رسول بخش پليجي سان شادي ڪري زندگيء جي نئين بهار جي شروعات ڪئي، جنهن مان هن کي هڪ پٽ اياز لطيف پليجو ڄائو. جيجي زرينه بلوچ 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي جتان 1997ع ۾ رٽائر ٿي۔

جيجي زرينه بلوچ رسول بخش پليجو سان شاديء کانپوء عملي سياست ۾ حصو پڻ وٺڻ شروع ڪيو۔ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسيء ۽ جنرل ضياءُ الحق جي آمريت خلاف هن سخت احتجاج ڪيو ۽ عورتن جي هڪ احتجاج جي اڳواڻي پڻ ڪئي جنهن تي هن کي سکر ۽ ڪراچي جي جيل ۾ به وڃڻو پيو. جيجي زرينه بلوچ سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي باني اڳواڻن مان هڪ هئي. 

جيجي زرينه بلوچ تي جيجي نالو سندس لکيل ڪهاڻي جيجي تان پيو ۽ پوري سنڌي قوم هاڻي کيس جيجي جي نالي سان سڏي ٿي۔ هن ڊرامه پڻ لکيا ۽ پاڻ به اداڪاري ڪئي۔ جيجي زرينه بلوچ جو لکيل ڪتاب تنهنجي ڳولا تنهنجون ڳالهيون اڄ به سنڌ ۾ مقبول آهي. پر سندس اصل سڃاڻ سندس ڳائڻ ۽ خوبصورت ۽ مٺاس ڀريو آواز هو۔

سندس فن موسيقي تي ڪمال هيو ۽ هن لوڪ ڳيچ، وايون، گيت ۽ غزلن سان گڏ قومي گيت ڳائي خوب داد حاصل ڪيو۔ شيخ اياز جي شاعريء کي هن خوبصورت انداز سان ڳايو۔ سندس ڳايل لوڪ گيتن ۽ ڊرامي هٿين گل ميندي ۾ سچ ته هن سنڌي ثقافت کي خوب اجاگر ڪيو۔ سندس ڳيچن ۾ ، هٿين گل ميندي، ڀيڻ منهنجو ڇلڙو، منهنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو، مور ٿو ٽلي راڻا، سس سهري ڳل لايئه تمام گهڻو مقبول ٿيا۔

شيخ اياز جي شاعري : ٻي خبر ناهي پر مرڻ کانپوء، ٽڙي پوندا ٽارئين، ڪانگ لنوي ٿو، ڪيئن ڪيان مان ڪنهن به ريت کانسواء هن ڪيئي ڪلام ڳايا۔ هن شاهه لطيف کي پڻ خوب ڳايو۔

هن جي فن موسيقي، اداڪاري، ڊرامه نگاري تي هن کي لطيف ايوارڊ، سچل، قلندر، فيض احمد فيض ۽ وحيد مراد ايوارڊ سميت ڪيترائي قومي ايوارڊ مليا. جيجي زرينه بلوچ جي سڄي زندگي علم، ادب ۽ عوام جي خدمت ۾ گذري، سنڌ جي هي بيباڪ نياڻي پنهنجي اندر ۾ جيتريون خوبيون رکندڙ هئي شايد ٻي ڪا عورت ان وصف ۾ شامل ڪو نه ٿي ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو سياسي وابستگين جي باوجود اڄ به هر طبقو هر فرد جيجي زرينه بلوچ جي دلين جي گهراين سان احترام ڪري ٿو. اسين جڌهن سنڌ جي مهان انسانن جي ڳڻپ ڪنداسين ته جيجي زرينه بلوچ جو نالو به ان صف ۾ سرفهرست هوندو.

جيجي زرينه بلوچ برين ڪينسر جهڙي موذي مرض سبب 25 آڪٽوبر 2005 تي ڪراچيء جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪري وئي پر سندس فن کيس ڪڏهن به اسان کان الڳ ڪري ڪونه سگهندو۔ هوء اڄ به اسان جي دلين ۾ زندهه آهي.

September 01, 2013

آشا چاند جي مان ۾ سگا سچل ڳوٺ پاران آجياڻو

آشا چاند جي مان ۾ سگا سچل ڳوٺ پاران آجياڻو

رپورٽ : محمد سليمان وساڻ

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) سچل ڳوٺ، ڪراچي پاران سنڌ ۽ هند ۾ ٻوليءَ جي سفير، ٻولي ۽ ثقافت لاء جاکوڙيندڙ آشا چاند جي مان ۾ هڪ آجياڻو ڏنو ويو. پروگرام جي صدارت سگا جو چيئرمين رفيق احمد جعفري ڪري رهيو هو، جڏهن مهمان خاص آشا چاند هئي. آشا چاند هندستان ۽ دبئي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ سنڌي سنگت جي روح روان ۽ هند جي مشهور سنڌي اديب جوڙي اي جي اتم ۽ سندري اتمچنداڻي جي نياڻي آهي. آشا چاند چيو ته هندستان ۾ ٻين مقامي 22 ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي پڻ قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل آهي پر اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ جو رواج گهٽ هئڻ ڪري هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ ترقي اسان لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي، ان ڪري اسان هندستان، دبئي، آمريڪا ۽ برطانيا ۾ رهندڙ سنڌين ۽ سندن ايندڙ نسلن جي سنڌي سمجهڻ لاءِ آڊيو، وڊيو ۽ انٽرنيٽ جي جديد ذريعن کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. آشا چاند، جيڪا اڄڪلهه سنڌ جي دوري تي آيل آهي، تنهن چيو ته هندستان ۾ سنڌي ٽڙيل پکڙيل رهن ٿا، ان ڪري هو سنڌي جي پڙهائي لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪري نه ٿا سگهن. هن چيو ته صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هند جي سنڌين حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ سرڪاري شعبي ۾ هڪ ٽي وي چئنل کوليو وڃي. هن چيو ته سندس تنظيم سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ موسيقي جا آڊيو ۽ وڊيوز تيار ڪري انٽرنيٽ تي رکيا آهن ۽ انهن پروگرامن جون هزارين سي ڊيز پڻ جاري ڪيون آهن ته جيئن دنيا ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي مادري ٻولي ڳالهائي ۽ سمجهي سگهن. هن سنڌ جي ڏاهن، ڪلاڪارن ۽ پبلشرس کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجا ڪلام، ناٽڪ ۽ ڪتاب انٽرنيٽ تي رکن ته جيئن سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ۽ سندن ايندڙ نسل انهن مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪري سگهن. آشا چاند چيو ته سنڌو تهذيب پڻ هڪ ڌرم جو نالو آهي. هن سگا پاران سنڌي پڙهائڻ لاءِ 24 اسڪول هلائڻ ۽ سنڌي سبجيڪٽ ۾ “لطيفيات” کي لازمي طور پڙهائڻ تي سگا جي واکاڻ ڪئي.
تقريب ۾ ڳالهائيندي پي ٽي وي جي اڳوڻي پروڊيوسر ۽ ناليواري راڳي بيدل مسرور چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ خانگي شعبي ۾ هلندڙ ٽي وي چئنل رڳو خبرن ۽ ڪرنٽ افيئرز پروگرامن ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪري رهيا آهن. باقي ڊرامن، ناٽڪن ۽ موسيقي جي شعبي ۾ سندن پروگرام سنڌي ثقافت جي عڪاسي نه ٿا ڪن ۽ ان جو بنيادي ڪارڻ پروڊيوسرز ۽ ڊائريڪٽرز جو سکيا نه وٺڻ آهي. هن چيو ته ان جي ڀيٽ ۾ آشا چاند ۽ سندس اداري سنڌي ثقافت جي فروغ لاءِ ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. سگا چيئرمين رفيق احمد جعفري چيو ته ڪنهن به قوم جي بقا لاءِ ضروري آهي ته ان جي ٻولي زنده رهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر سحر امداد چيو ته آشا چاند جون ٻولي جي لاء خدمتون ڪنهن به تعارف جون محتاج ناهن. پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته آشا چاند پنهنجي ماء پيء جي نقش قدم تي هلندي سنڌي ثقافت ۽ ٻوليء لاء پاڻ پتوڙي رهي آهي. قادر سرڪي چيو ته دبئي ۾ سنڌي ثقافتي ميلا مچائڻ ۾ سدائين آشا چاند اڳڀري رهندي آهي. سگا جي اڳوڻي چيئرمين ولي محمد روشن چيو ته اهي قومون ئي ترقي ڪن ٿيون جيڪي پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کي جيارين ٿيون. سگا سچل ڳوٺ جي صدر پروفيسر علي انور بالادي آجياڻي تقرير ۾ چيو ته اها سچل ڳوٺ وارن جي خوشقسمتي آهي جو آشا چاند جڏهن به سنڌ اچي ٿي ته هوءَ سچل ڳوٺ اچي ٻوليء جي ترقي لاء رايا وٺي ٿي ۽ صلاحون ڏئي ٿي. تاج محمد وساڻ چيو ته ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ اسان ٻارن کي آڊيو ۽ وڊيو ذريعي بهترين تعليم ڏئي سگهون ٿا جنهن جي شروعات آشا چاند ڪري چڪي آهي.
پروگرام جي ڪمپيئرنگ ڪرم الاهي چنا ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندڙن اهو به چيو ته جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جو هاڪاري شاعر سرڳواسي نارائڻ شيام هن وقت سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ آشا چاند ۽ ٻين ساٿين ۽ ادارن جو ڪوششون ڏسي ها ته هو شايد اهو شعر لکڻ تي مجبور نه ٿئي ها ته “الله ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي”. ان موقعي تي بيدل مسرور ۽ شهنيلا علي شيخ اياز جا ڪلام “سچ وڏو ڏوهاري آهي” ۽ سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو” ڳائي سامعين کي جهومائي وڌو. مشهور مزاحيه فنڪار علي گُل ملاح ۽سهراب سومرو پنهنجي روائتي انداز ۾ ٽوٽڪا ٻڌائي سامعين کي محظوظ ڪيو. آجياڻي ۾ سچل ڳوٺ، سيتا ڳوٺ، ايوب ڳوٺ، ماروئڙا ڳوٺ ۽ ڪراچي شهر جي مختلف علائقن کان آيل ۽ سڄي سنڌ مان آيل اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ ساڃاهه وندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ آشا چاند کي اجرڪ ، شيلڊ ۽ ڪتابن جون سوکڙيون پڻ پيش ڪيون ويون.
تقريب کان اڳ سنڌ سلامت جي وفد مينيجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ جي اڳواڻي ۾ آشا چاند سان ملاقات ڪئي ۽ انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت ۽ سنڌي موسيقي لاء سنڌ سلامت ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ڪم بابت ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ انهن نوجوانن کي داد ڏنو جن انفرادي طور ڪوششون وٺي ٻولي لاء جاکوڙ ڪئي آهي. هن سنڌ سلامت جي وفد کي دعوت ڏني ته هو سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽنگ جي دوستن جي ٽيم گڏ ڪن ۽ وڊيو ڪانفرنس ذريعي سنڌي ٻولي جي انٽرنيٽ تي ترقي بابت هڪ ٻئي سان ويچار ونڊين. آشا چاند اها به صلاح ڏني ته اسڪولن ۾ وڃي سنڌي ٻارن جي سنڌي ٽائيپنگ ۽ ڪمپيوٽر تي سنڌي سکيا بابت جامع پروگرام ترتيب ڏنا وڃن.
_______

August 23, 2013

ڇا سانگهڙ ۾ ٿيندڙ اليڪشن سنڌ ۾ سياسي تبديلي جي شروعات آهي؟

ڇا سانگهڙ ۾ ٿيندڙ اليڪشن سنڌ ۾ سياسي تبديلي جي شروعات آهي؟

محمد سليمان وساڻ

سنڌ جي سياست تي نظر وجهبي ته ڪجهه سيٽون ڄڻ ته خاص اڳواڻن جون اباڻيون سيٽون هجڻ سان گڏ انهن کي ڏاج ۾ مليل سيٽون لڳنديون آهن. اهڙي ئي صورتحال سانگهڙ جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 235 جي پڻ آهي. اها سيٽ فنڪشنل ليگ جي ملڪيت سمجهي پئي وئي ۽ ڪڏهن به ڪنهن ٻي پارٽي ان سيٽ تي ڪاميابي نه ماڻي. پر مئي ۾ ٿيندڙ عام اليڪشن ۾ پ پ پ پاران نامزد اميدوار شازيه عطا مري پهريون دفعو 60 هزار کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. جيتوڻيڪ هوء ڪاميابي ته حاصل نه ڪري سگهي پر هن فنڪشنل ليگ جي اميدوار ۽ پير پاڳاري جي ڀاء صدرالدين شاهه ۽ حر جماعت کي اهو باور ڪرايو ته هاڻ سانگهڙ جا ماڻهو پنهنجي ووٽ ذريعي تبديلي چاهين ٿا. مئي ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ صدرالدين شاهه 72 ووٽ جڏهن شازيه عطا مري 62 هزار ووٽ حاصل ڪيا هئا.

تجزيا نگار حيرت ۾ هئا ته اها سيٽ جتي پ پ پ کي ڪڏهن به ڪو مظبوط اميدوار نه مليو، اتي شازيه ايترا ووٽ ڪيئن حاصل ڪيا؟ سانگهڙ حر جماعت جو مرڪز هجڻ ڪري اڳ ڪڏهن به هنن اليڪشن ورڪ کي سنجيده نه ورتو هو. نه صرف اهو پر تڪ جي ماڻهن لاء اڻ پوريون سهولتون هيون. روڊن جي حالت به بهتر نه هئي. اسپتال ن ۾ سهولتون ناهن. فنڪشنل ليگ گذريل 15 سالن کان اقتدار ۾ رهندي به علائقي کي ڪا ترقي نه وٺرائي. هي سيٽ کپري، ڄام نواز علي ۽ ڪنڊياري تي مشتمل هجڻ ڪري گهڻو ڪري حر جماعت ۽ ڄام خاندان جي گهڻي اثر هيٺ رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو هتان فنڪشنل ليگ سدائين ڪامياب ٿيندي رهي آهي. پير صدرالدين شاهه جيڪو خيرپور جي ناري واري سيٽ تان به ڪامياب ٿيو هو، تنهن کي هي سيٽ خالي ڪرڻي پئي ۽ ننڍي چونڊ ۾ اليڪشن جو اعلان ٿيو. پ پ پ هڪ دفعو وري شازيه مري کي پنهنجو اميدوار نامزد ڪندي فنڪشنل لاء ڏکايون پيدا ڪيون جو هنن وٽ به ان سيٽ لاء ڪو مضبوط اميدوار ڪونه هئو، ڇو ته شازيه اڳ ئي ايترا گهڻا ووٽ حاصل ڪري خطري جي گهنٽي وڄائي چڪي هئي. شازيه پنهنجي ڀرپور اليڪشن مهم هلائيندي گهر گهر وئي ۽ خاص ڪري اقليتن ۽ عام ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪندي رهي. علائقي جي غريب عوام اهو محسووس ڪيو ته سندن قسمت جيڪا 60 سالن ۾ ڪانه بدلي آهي سا شايد شازيه جي ڪاميابيء سان ٿوري گهڻي تبديل ٿئي. آخرڪار تڪ جي ڏتڙيل عوام 60 سالن جي هڪ هٽي کي ٽوڙي هن ننڍي چونڊ ۾ شازيه عطا مري کي واضح برتري سان کٽرايو. شازيه کي 68 هزار ووٽ مليا جڏهن ته فنڪشنل ليگ جي خدا بخش درس کي 54 هزار ووٽ مليا.
مون علائقي جي ڪجهه روشن خيال ماڻهن کان پڇيو ته شازيه جي ڪاميابي جا ڪهڙا سبب هئا؟ ڪجهه دوستن ٻڌايو ته شازيه جي ڪاميابي ۾ جتي سنڌ حڪومت جون ڪوششون شامل آهن، پ پ پ جي ڪيترن ئي اهم شخصيتن خاص دلچسپي وٺي ماڻهن کي ووٽ لاء قائل ڪيو، اتي سڀ کان وڌيڪ شازيه جي پنهنجي حڪمت عملي ۽ جدوجهد آهي جنهن کيس ڪامياب ڪيو. هنن چيو ته شازيه کي ملندڙ ووٽ نه ته ڀٽي جو ووٽ هيو ۽ نه ئي محترمه جو ڇو ته هنن به پنهنجي دورن ۾ اها سيٽ نه کٽي هئي، پر عوام جي سوچ جي تبديلي جو ووٽ هيو. هو سمجهن پيا ته خدا بخش درس جي مقابلي ۾ شازيه وڌيڪ روشن خيال، ترقي پسند ۽ امن پسند آهي.

هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته عوام جي ان اهم ۽ بغاوت واري فيصلي جي پ پ پ ڪيئن ٿي موٽ ڏئي؟ جيڪڏهن پيپلز پارٽي تڪ جي عوام لاء ٿورا به چڱا ڪم ڪيا ته پوء فنڪشنل ليگ کي پنهنجي سيٽ موٽائڻ لاء وڏا جتن ڪرڻا پوندا. سانگهڙ جي سياست ۾ آيل اها تبديلي ماڻهن ۾ نئين اميد پيدا ڪري چڪي آهي ته شايد ايندڙ وقت ۾ عوام سياسي پنڊتن کي شڪست ڏئي کين مجبور ڪندو ته هو عوامي ڀلائي جي ڪم ڏانهن ڌيان ڏين. هن تبديلي کانپوء  اها به اميد قائم ٿي رهي آهي ته شايد هاڻ سنڌ جي سياست ۾ به تبديليون اچن ۽ عام ماڻهو جي ووٽ جو قدر ٿئي.

August 15, 2013

ڊاڪٽر ادل سومرو : سنڌ جو ٻهڳڻو شاعر ۽ ليکڪ


ڊاڪٽر ادل سومرو : سنڌ جو ٻهڳڻو شاعر ۽ ليکڪ 

محمد سليمان وساڻ


پيار کان جي ڌار آهي شاعري
سا به ڪهڙي يار آهي شاعري

سنڌ جي موجوده دور جي شاعرن جو جڏهن ذڪر ڪبو ته سکر جي ڊاڪٽر ادل سومو جو نالو سڀني کان مٿانهون هوندو. ڊاڪٽر ادل سومرو پنهنجي شاعريء ۾ احساسن،امنگن، جذبن، سونهن ۽ سُريت کي سهڻي انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر ادل سومري جو اصلي نالو عبدالڪريم سومرو آهي ۽ سندس جنم سکر ۾ محمد صالح سومرو جي گهر 15 آگسٽ 1955 ع تي ٿيو. شروعاتي تعليم سکر مان ۽ پوء ميٽرڪ ۽ بي اي به اتان ئي ڪئي. ايم اي اقتصاديات ۾ سنڌ يونيورسٽيء مان 1977 ع ۾ فرسٽ ڪلاس سان پاس ڪرڻ سان گڏ سنڌ يونيورسٽيء مان ئي 1979ع ۾ سنڌي ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان ايم اي به پاس ڪيائون. 1999ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائون.

ڊاڪٽر ادل سومرو پنهنجي لکڻ جي شروعات ماء بنا ٻار نالي نظم لکي ڪئي جيڪو 1969 ع ۾ روزانه هلال پاڪستان ۾ ڇپيو. وقت سان گڏ سندس شاعريء ۾ نکار اچڻ لڳو جنهن جو هڪ سبب سندس هم عمر ساٿي اياز گُل سان گڏ سکر ۾ ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جي ادبي گڏجاڻين ۽ ڪچهرين ۾ اچڻ وڃڻ سبب پيدا ٿيو. جتي شيخ اياز، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ ۽ تنوير عباسي جهڙن عظيم شاعرن ۽ ليڪن کان سکڻ جو موقعو حاصل ٿين. ڊاڪٽر ادل سومرو ٻارن لاء شاعري ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب لکي سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ جي پورائي ڪرڻ جهڙو اهم ڪم پڻ ڪيو آهي. 

ادل سومرو سنڌي شاعريء ۾ غزل، هائيڪي ، نظم ، بيت، گيت ۽ وائي جو پختو شاعر ٿي اڀريو آهي ۽ سندس هاڪ سنڌ ۽ هند ۾ هر هنڌ آهي. ادل سومرو شاعريء سان گڏ ڪهاڻيون، مقالا، مضمون ۽ ريڊيو لاء اسڪرپٽ پڻ لکيا آهن. انکانسواء هن ڪيترائي ڪتاب مرتب ڪرڻ سان گڏ شاعريء کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ڪيو آهي. ڊاڪٽر ادل سومرو سنڌيء سان گڏ اردوء ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي. سندس شاعري سنڌ جي اهم فنڪارن ريڊيو ۽ ٽي وي سان گڏ اسٽيج تي ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. ريڊيو ۽ ٽي وي تي سندس 200 کان مٿي گيت، وايون ۽ غزل رڪارڊ ٿي چڪا آهن.

ڊاڪٽر ادل سومرو 1981ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ هن وقت شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور پنهنجون ذميواريون سنڀالي سنڌي ادب جي شاگردن لاء هڪ رهنما طور ڪم ڪري رهيو آهي. 

سندس ادبي ڪمن ۾ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:

وليون وڻ ڦلارئا (شاعري)، سمنڊ جاڳي ٿو (شاعري)، وساري نه ڇڏجو (شاعري)، اسين مسافر پيار جا (نثر)، روز ٽڙن رابيل (ٻارن لاءِ شاعري)، چنڊ پشم گولو (ٻارن لاءِ شاعري)، آچر جا احوال (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، پتلين جو تماشو (ٻارن لاءِ شاعري)، جيتن جي ڪانفرنس (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، نئين دؤر جا نوان سبق (ٻارن لاءِ ڪالم)، مٽيءَ جا رانديڪا (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) ڇپيل آهن. انهن کانسواء سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ سنڌالاجي ۽ ساميءَ جا مٽ (سگا مرڪز) مرتب، سنگت ڪهاڻي نمبر (مرتب)، سنگت شاعري نمبر (مرتب)، سنگت ڪارڪردگي نمبر (مرتب)، رنگ برنگي ڦوڪڻا (ٻارن لاءِ شاعري) سنڌالاجي ڄامشورو (مرتب)، ٻارن لاءِ چونڊ ڪهاڻيون ـ اڪيڊمي آف ليٽرز اسلام آباد (مرتب)، ٻارن لاءِ گيت (سگا روشن تارا اسڪول لاءِ) (مرتب)، سرمست (خيرپور) مرتب، نيروليءَ جو خواب (مضمون ۽ خاڪا)، ڏات جي ڏيهه مان (فنڪارن جا تعارفي خاڪا)، انقلاب، اسٽين گن ۽ ڪتو (ڪهاڻيون)، سنڌي ادبي سنگت، تاريخ ۽ ڪردار (ڊاڪٽريٽ جو مقالو) شامل آهن.

ڊاڪٽر ادل سومرو هڪ شاعر ۽ اديب هجڻ سان گڏ نفيس انسان پڻ آهي. سندس بي بها خوبين مان هڪ خاصيت سندس مرڪي ملڻ ۽ هر ننڍي يا وڏي کي عزت ۽ مان ڏيڻ ، ملنساري سان گڏ حوصلا افزائي ڪرڻ واري به آهي.


ادل سومرو کي سندس مڃتا عيوض هيٺيان ادبي ۽ مڃتا اوارڊ مليا آهن.

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ادبي انعام 1983ع ، ينگ رائٽرس گلڊ ايوارڊ 1979ع ، عبدالله هارون ادبي گولڊ ميڊل ايوارڊ 1983ع سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ، ڪينجھر اڪيڊمي ايوارڊ 1983ع ، هري دلگير ايوارڊ 1986ع سنڌي ادبي سنگت سنڌ ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ادبي انعام 1986ع ، پوپٽ ادبي ايوارڊ 1984ع سنڌ ٻالڪ تنظيم سنڌي اسپيڪرس فورم سنڌ جو ”شهيد ڀٽو“ ادبي گولڊ ميڊل ايوارڊ 1988ع ، سنڌ ثقافت کاتي جو ادبي ايوارڊ 1990ع ، استاد عبدالرشيد رڪ ادبي ايوارڊ 93 ـ 1992ع ، سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد جو ادبي ايوارڊ 1993ع ، استاد محبوب علي جوکيو مڃتا ايوارڊ 1994ع ،گولڊن جوبلي ايوارڊ 1999ع ماهوار نئين زندگي ، سچل سرمست يادگار ايوارڊ 1999ع بطور بهترين شاعر ، سنگت مڃتا ايوارڊ 1999ع (ڊاڪٽريٽ ڪرڻ تي) سنڌي ادبي سنگت ، ٻالڪ ساهت جو سج مڃتا شيلڊ 1991ع ماروئڙا ٻالڪ سنڌ ، وائس چانسلر ميڊل 1979ع سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ايم ـ اي (سنڌي ادب) فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن کڻن تي، نشان اعزاز و تحسين 1999ع (ڊاڪٽريٽ ڪرڻ تي) مهراڻ ايجوڪيشنل سوسائٽي سکر سنڌ پاران ، اعزازي شيلڊ 1994ع سيد الهندو شاهه جي ياد ۾ مدرسه نوشهرو فيروز ، اعزازي شيلڊ 1989ع بين الاقوامي سچل ڪانگريس ـ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سنڌ ، اعزازي شيلڊ 1995ع تاريخي ڪانفرنس سيوهڻ سنڌ ، شهيد دودو سومرو تعليمي ايوارڊ، 2000ع سومرا ويلفيئر ڪشمور سنڌ، اعزازي شيلڊ 1992ع سانگھڙ ثقافتي ميلو سنڌي ادبي سنگت گولڊن جوبلي ايوارڊ 1997ع ، شيلڊ آف آنر 2002ع سنڌ چلڊرين اڪيڊمي خيرپور ، تخليق فائونڊيشن ڪراچي ، شيخ اياز شيلڊ 2003ع، سائوٿ ايشيا پبليڪيشن گولڊ ميڊل 2003ع ، گوبند مالهي ايوارڊ 2004ع سنڌي ادبي سنگت نوشهرو فيروز ، سائوٿ ايشيا پبليڪيشن ملينيم ايوارڊ 2005ع ، سائوٿ ايشيا پبليڪيشن اسٽار ايوارڊ 2003ع ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ 2006ع، ڪاروان ادب ايوارڊ 2005ع ، سنڌ رويو، بيسٽ سيڪريٽري جنرل ايوارڊ 2003ع، اعزازي شيلڊ، سنڌ انٽرنيشنل ڪانفرنس 2006ع.

کيس 2011 ۾ سندس ادبي مڃتا عيوض حڪومت پاڪستان پاران صدارتي اوارڊ براء حسن ڪارڪردگي سان پڻ نوازيو ويو.

ادل سومرو جو گهڻو وقت سنڌي ادبي سنگت ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ گذريو آهي. ان کانسواء هو سماجي ڪم ۾ به اڳڀرو رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت سکر جو جنرل سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سڪريٽري جنرل، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سکر جو نائب صدررهڻ سان گڏ مختلف ادبي، علمي ۽ سماجي ادارن ۽ تنطيمن جو اعزازي ۽ صلاحڪاري بورڊ جو ميمبر رهندو اچي.

سنڌ جي هن ڏاهي ڏات ڌڻيء لاء دعا آهي ته زندگيء جو هي نئون سال شال سندس زندگيء ۾ خوشين جا خزانا ۽ نئين بهارن جا پيغام آڻي.
_______