February 20, 2013

مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي



مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي
محمد سليمان وساڻ

جڏهن به 21 فيبروري يعني مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ايندو آهي ته مونکي پنهنجو ٻاروتڻ ياد ايندو آهي، اهي ڏينهن جڏهن مونکي پنهنجي امڙ يا منهنجو بابا ۽ ٻيا عزيز ٻاتائڻ وارا ٻول ورجائي، وري وري ياد ڪرائيندا هئا. پوء ڀلا اهو ڪيئن ممڪن آهي ته ماڻهو پنهنجا ڏينهن وساري ويهي. تنهنڪري يونيورسٽي ۾ رهندي ۽ پروفيشنل تعليم حاصل ڪندي جتي انگريزي ۽ اردو ٻولين ۾ پڙهندا رهياسين اتي پنهنجي مادري ٻولي کي ڪڏهن به پوئتي نه رکيوسين. پر وري سوچيان ٿو ته اها ٻولي جيڪا 5 کان 7 هزار سال پراڻي هجي، جنهن کي پنهنجو ادب ۽ پنهنجي الفا بيٽ هجي، جنهن ٻولي جي پنهنجي ثقافت هجي، پنهنجو گرامر هجي ۽ ان جا ڪروڙين ڳالهائيندڙ به هجن اها ڀلا قومي ٻولي ڇو ناهي؟

هڪ ٻيو فيشن به ڏسندو آهيا ته اسان جا ڪجهه دوست، خاص ڪري مٿين طبقي سان واسطو رکندڙ، سنڌي ۾ لکڻ يا سنڌي ڳالهائڻ کي ترجيح نه ٿا ڏين.، بلڪه اها پنهنجي گهٽتائي ٿا سمجهن. اهي نه ته پاڻ ۽ نه ئي وري پنهنجي ٻارن کي ان طرف راغب ڪري رهيا آهن.  تاريخ انهن ماڻهن کي ياد رکي ٿي، قومون انهن ماڻهن کي ياد رکن ٿيون جن پنهنجي ٻولي ۾ لکيو آهي. مونکي سنڌي ٻولي جي عظيم ليکڪ سراج الحق ميمڻ جو هڪ قول ياد پيو اچي:

اسين بنا ڪنهن دليل جي پنهنجو حسب نسب ڌارين قومن سان جوڙي، پڇ ٻڌي پاڻ کي مهري بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون، بهتر آهي ته اسين ڪنهن ڌاري قوم ۽ ڌارئي تمدن تي فخر ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ئي ملڪ ٻولي ۽ تمدن تي فخر ڪريون.

 اهي ليکڪ يا شاعر جن پنهنجي مادري زبان ۾ لکيو آهي ته قومن موٽ ۾ کين صديون ياد ڪيو آهي. مونکي الائي ڇو بنگالي ٻولي جي عظيم ليکڪ ٽئگور جي هڪ ڳالهه پئي ياد اچي جيڪا هتي رفرنس لاء پيش ڪيان ٿو :

ٽئگور جا لفظ جيڪي ھن بلراج ساھنيءَ کي چيا ۽ اتم پنھنجي يادگيرين ۾ آندا، سي ھت اقتباس طور ڏيندي ڪا قباحت نه سمجھندس. اھي ۱۹۶۴ع جي مھراڻ جي پرچي ۾ پڻ شايع ٿيل آھن.
مشهور فلم ائڪٽر بلراج ساهني، جيڪو شانتي-نڪيتن ۾ گرديو ٽئگور جي گود ۾ ڪيترا سال رهيو، تنهن، پنهنجي “يادگيرين” ۾، ٽئگور سان ڪيل هڪ اهم گفتگوءَ جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ ٽئگور جا مادري زبان جي اهميت بابت ويچار وڌيڪ صاف ۽ سٿرا ٿي بيهن ٿا ۽ اڄ زبردست معنى رکن ٿا. گفتگو هيٺينءَ ريت آهي:
“تون ماستريءَ کان سواءِ ٻيو ڇا ڪندو آهين؟” گرديو پڇيو.
“مان هنديءَ ۾ آکاڻيون لکندو آهيان. ڪافي لکيو اٿم ۽ ڪافي نالو ڪڍيو اٿم.” بلراج وراڻيو.
“پر تون ته پنجابي آهين نه! هندي ته تنهنجي ٻولي ڪانهي، تون پنجابيءَ ۾ ڇو نٿو لکين؟”
“پر هندي ته راشٽر ڀاشا آهي. مان پنهنجي صوبائي ٻوليءَ ۾ ڇو لکان، جڏهن سڄي ملڪ جي ٻوليءَ ۾ لکي سگهان ٿو؟”
“مان بنگاليءَ ۾ لکندو آهيان، اها پڻ صوبائي ٻولي آهي. پر نه فقط سڄو هندستان، بلڪ سڄي دنيا ان کي پڙهندي آهي.”
“مان توهان وانگر وڏو ليکڪ ڪو نه آهيان.”
“اهو ننڍي يا وڏي جو سوال ڪونهي، هر ڪو ليکڪ پنهنجن ماڻهن ۽ پنهنجي ٻوليءَ جو ئي ليکڪ آهي. رڳو اتي ئي، هو پاڻ کي گهر ۾ محسوس ٿو ڪري.”
“شايد اوهان کي اسان جي صوبي جي حالتن (1937ع) جي سڌ ڪانهي. اسين پنجاب ۾ هنديءَ يا اردوءَ ۾ ئي لکندا آهيون. ڪير به پنجابيءَ ۾ ڪو نه لکندو آهي. اها تمام مسڪين ٻولي آهي. حقيقت ۾ اها ڀاشا ڪانهي، پر هنديءَ جي هڪ اپڀاشا آهي.”
“مان تو سان شاملِ راءِ ناهيان. پنجابي ادب ايترو قديم آهي، جيترو بنگالي. ڇا تون ائين چوڻ ٿو چاهين ته جنهن ٻوليءَ گرو نانڪ جهڙا شاعر پيدا ڪيا، سا غريب ٻولي آهي؟”
“پر اهي ته سک ڌرم جا ڪتاب آهن. مان غير مذهبي ادب جي ڳالهه ٿو ڪريان، جيڪو پنجابيءَ ۾ ڪونهي. ڇو ته جديد پنجابي تمام مسڪين ٻولي آهي.”
“ٺيڪ ان طرح ئي هڪ سؤ سال اڳ ۾ اسان جا انگريزي تعليم يافته بنگالي داناءَ چوندا هئا. پنهنجي ٻوليءَ کي ٻهڳڻي بنائڻ ڏکيو ڪونهي. بنڪم چندر بنگالي ٻوليءَ کي ويهه هزار نوان اکر ڏنا، ۽ مون اسي هزار لفظ. مون بنگالي ڀاشا کي اَڏيو آهي. اڄ اها اظهار جي لحاظ کان دنيا جي ڪنهن به ٻوليءَ سان بَرُ مَيچي سگهي ٿي.” گرديو فخر سان چيو: “هڪ وئيشا کي دنيا جو ڪيترو به ڌن دولت ڇو نه هجي، ته به هوءَ عزت لائق ڪا نه ٿي ليکي وڃي: تون ڀلي سڄي زندگي ٻيءَ ڪنهن اڌاريءَ ورتل ٻوليءَ ۾ لکين، ليڪن تو کي نڪو تنهنجا ماڻهو، نڪو ان اڌاريءَ ورتل ٻوليءَ جا ماڻهو پنهنجو سمجهندا: تون ٻئي ڪنهن جو بڻجين، تنهن کان اڳ تو کي پهرين پنهنجن ماڻهن جو بڻجڻو پوندو.” (“ٽئگور: هڪ جهلڪ”، از اتم، ص 39ـ) - - - عبدالوهاب سهتو


ساڳي وينتي سنڌي قوم کي به ڪندس ته خدارا پنهنجي ٻارن کي ڀلي اوهان ڪهڙن به سڪولن ۾ پڙهايو، پر انهن کان پنهنجي مادري ٻولي پڙهڻ جو حق نه کسيو، نه ته اهي اوهان کي زندگي ڀر معاف نه ڪندا. مونکي پنهنجي دوست نثار ابڙي جون ڪچهريون ياد اينديون آهن. هڪ دفعي مون کانئس پڇيو هو ته سائين اوهان سعودي عرب جي شهر مڪي ۾ جڏهن پنهنجي خاندان سان گڏ خوش هئا ته پوء اوهان ٻارن کي اڪيلو ڪراچي ۾ ڇو رهايو؟

چيائين تعليم حاصل ڪرڻ لاء.

مون وري چيو ته ان کان سٺي تعليم ته هو مڪي ۾ حاصل ڪري پي سگهيا؟

مرڪي چوڻ لڳا ته ها اتي سهولتون ته هتان کان به گهڻيون آهن پر اتي پنهنجي مادري ٻولي ڪيئن سِکي سگهن ها ..!!!

مونکي ڪجهه سنڌي سڄڻن جا چيل جملا ياد پيا اچن جيڪي ٻولي جي باري ۾ ئي آهن :

·       سچو قلمڪار ۽ فنڪار پنهنجي ڌرتيءَ جو ٻانهو هوندو آهي، هن کي پنهنجي ڌرتي، قوم ۽ ٻوليءَ سان ايترو ئي عشق هوندو آهي، جيترو ابهم ٻارڙي جو پنهنجي ماءُ جي ڇاتيءَ سان.” (ماڻڪ ملاح)

·       هر قوم کي پنهنجي ٻولي ۽ ادب تي فخر هوندو آهي، مون کي پنهنجي قوم، ٻولي ۽ ادب تي فخر آهي. جڏهن مان سنڌين جي ساراهه ٻڌندي آهيان ته منهنجي واتان بي اختيار نڪري ويندو آهي ته مون کي ناز آهي ته مان سنڌياڻي آهيان! (ڪماري، دُرو، گرسهاڻي)

·       پنهنجي ٻولي، ساخت، ڪلچر ۽ جنم ڀومي کي پيار ڪرڻ ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ هڪ انساني جذبو آهي جنهن وٽ اهو جذبو ناهي، سو زنده لاش آهي. (اُتم)

ته پوء اي دوستو اچو ته اڄ مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن تي اهو وچن ڪيون ته پنهنجي امڙ جي ٻوليء لاء خوبصورت لفظن ۾ اظهار ڪيون۔

  • اڄوڪي ڏينهن سماجي ميڊيا تي شاعري ۽ نثر ذريعي مادري ٻوليء جي ترقي ۽ محبت جو اظهار پنهنجي پيغام ذريعي ڪيون۔
  • اڄ اهو وچن ڪيون ته اسان پنهنجي امڙ جي ٻوليء جي ترقي لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهنداسون۔
  • اڄ اهو وچن ڪيون ته اسان هر مهيني گهٽ ۾ گهٽ هڪ سنڌي ڪتاب خريد ڪري پڙهنداسين ۽ ان ڪتاب تي پنهنجي راء ڏينداسون۔
  • اڄ اهو وچن ڪيون ته اسان پنهنجي ماء جي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاء پنهنجون ڪوششون تيز ڪنداسين۔
  • اڄ اهو وچن ڪيون ته اسان چيٽ روم ۾ ۽ ايس ايم ايس ۾ سنڌي ميسيج لکنداسون۔