March 23, 2013

امداد حسيني جي ”ڪرڻي جهڙو پل“ جي مهورتي تقريب


امداد حسيني جي ”ڪرڻي جهڙو پل“ جي مهورتي تقريب

محمد سليمان وساڻ

ڪراچي هاڻي هڪ اهڙو شهر بڻجي ويو آجي جتي ڪنهن به وقت حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون. اهڙوئي هڪ ڏينهن هيو 6 مارچ، ان ڏينهن سائين امداد حسيني جي شاعريءَ جي نئين ڪتاب “ڪرڻي جهڙو پل” جي مهورتي تقريب آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ رکيل هئي پر ان ڏينهن ڪراچي ۾ ڄڻ ته زندگي رڪجي وئي هئي. خراب حالتن سبب اها تقريب منسوخ ٿي ۽ ٻيهر 20 مارچ تي ڊاڪٽر ايوب شيخ جي ڪوششن سان ساڳي تقريب آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ رکي وئي. امداد حسيني سنڌ جو اهو شاعر آهي جنهن سنڌي شاعريء کي جديديت ڏيندي ٻوليء جي چاشني ۽ ٻوليء جي حسناڪين کي برقرا رکيو آهي. سندس شاعريء جو هي ڪتاب “ڪرڻي جهڙو پل” سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو آهي جيڪو 380 صفحن تي شامل آهي. منهنجون سائين امداد حسيني سان ڪافي رهاڻيون ٿيون آهن، پاڻ هر دفعي ان ڳالهه تي زور ڏيندا رهيا آهن ته انٽرنيٽ ۽ ميڊيا تي سنڌي ٻوليء جي بگاڙ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

پروگرام جي شروعات 5 بجي شام جو ٿي، اسٽيج سيڪريٽري جا فرض ڊاڪٽر ايوب شيخ نڀايا. سميع بلوچ ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ان ڳالهه تي فخر آهي ته اسان امداد حسيني جي ڇانو ۾ ڪجهه سکيا آهيون. نئين ٽهي جي شاعر مسرور پيرزادي چيو ته امداد حسيني جي شاعري اونداهيء جي دور ۾ بلڪل هڪ ڪرڻي جهڙي پل جيان آهي. ناليواري نقاد ممتاز مهر سندس ڪتاب تي مقالو پڙهيو ۽ چيو ته امداد حسيني جي شاعريء ۾ سنڌي ٻولي جي سادگي ۽ سنڌي ٻوليء جي اصليت نظر اچي ٿي. ان موقعي تي پروفيسر سحر انصاري سندس نظم، ٻولي ۽ اردو نظم تي ڳالهايو. مون لاء اها نئين ڳالهه هئي ته امداد حسيني اردو ۾ به ايڏي سٺي شاعري ڪئي آهي. ڊاڪٽر سحر امداد سندس زندگيء جي مختصر خاڪي سان گڏ سندس شاعري ۽ سندس ڪردار تي به ڳالهايو. ڊاڪٽر آصف فرخي سندس شاعريء تي تفصيلي ڳالهايو ۽ سندس نظم، غزل ۽ اردو شاعريء مان بهترين چونڊ پيش ڪئي. ميڊم مهتاب اڪبر راشدي چيو ته امداد حسيني اسان لاء ريڊيو جي دور کان ئي رهنما ۽ ٻوليء جو ماهر رهيو آهي. هن سندس شاعريء جي هن ڪتاب تي ڳالهائيندي کيس جديد سنڌي شاعري جي وڏن شاعرن سان ڀيٽيو ۽ چيو ته امداد حسيني ناياب ته نه آهي پر پنهنجي زندگي ۾ گهڻو ڪامياب انسان آهي، هو سنڌ ڌرتي جي جديد شاعرن ۾ شمار ٿئي ٿو، هو نون پراڻن شاعرن ۾ مقبول آهي. سندس شاعري کي پڙهڻ کانپو انسان هڪ عجيب ڪفيت ۾ هليو وڃي ٿو. شبير حاتف چيو ته مان ۽ امداد حسيني هڪ ئي وقت شاعري شروع ڪئي پر هو مونکان گوء کڻي ويو ۽ سندس شاعري نوجوانن ۾ گهڻي مقبوليت ماڻي. ان موقعي تي امداد حسيني پنهنجي نئين مجموعي مان چونڊ شاعري پيش ڪئي.

مظهر جميل چيو ته امداد حسيني سنڌي شاعري سان گڏ اردو شاعريء ۾ به پاڻ ملهايو آهي ۽ مقبوليت ماڻي آهي. هن چيو ته هو شيخ اياز ۽ تنوير عباسي جيان سنڌي شاعريء کي نئين راهن تي وٺي هليو آهي. ان موقعي تي سنڌي نثر ۽ ڊرامي جي بهترين ليکڪا نورالهدا شاهه ڳالهائيندي چيو ته امداد صاحب وڏو شاعر آهي ان ۾ ڪوبه شق ناهي پر هو وڏو نقاد به آهي، پر الائي ڇو سندس راهن ۾ رنڊڪ وجهي ان کي نقاد ٿيڻ کان روڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته اڄوڪو دور شخصيت پرست دور آهي، جنهن ۾ پهريان شيخ اياز کي عظيم بڻائي پوء پنهنجن مقصدن لا استعمال ڪيو ويو، ان کانپو استاد بخاري کي پنهنجن مقصدن لا استعمال ڪيو ويو، اسان کي شخصيت پرستي مان نڪري حقيقت پرستي تي اچڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته امداد تمام وڏو ڪهاڻيڪار به آهي پر الائي ڇو سندس نثر کي ڪنهن به ناهي سهيڙيو. پروگرام جي آخر ۾ ناليواري موسيقار ۽ راڳي بيدل مسرور موسيقي جا سُر وکيري محفل کي مچايو. پروگرام هلندي امداد حسيني صاحب سڀني ماڻهن کي ڪتاب تي آٽوگراف به ڏيندو رهيو. 

وڌيڪ تصويرن لاء هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو۔ 

March 20, 2013

شاعري جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي شاعرن کي سلام


[IMG]اڄ شاعريءَ جو عالمي ڏينهن آهي. مان شاعري ڪري ڪونه سگهيو آهيان ۽ نه ئي ڪري سگهندس، ڇو ته مان شاعر ناهيان. پر شاعري گهڻي پڙهي آهي ۽ ٻڌي آهي. مان اڪثر شاعرن جي تخليقن تي حيران ٿي ويندو آهيان ته هي ڪيئن ٿا اسان جي دلين جو راز ڄاڻن. سندن شاعري ڄڻ ته اسان جي احساسن جي ترجمان هجي ٿي. ڪنهن چيو شاعري وڇوڙي جو ورلاپ آهي! محبت جو آلاپ آهي! پيار جو پويتر احساس آهي! شاعري آتما جو آواز آهي! شاعري روح جو راڳ آهي! ڌرتي جي سونهن آهي! وُٺي جو واءُ آهي! ساجن جي سڪ ۽ وطن جي ڇڪ آهي! شاعري ڪوي جي دل درياءِ مان نروار ٿيل سچ جو آب آهي! شاعري مظلوم جو لڙڪ ۽ بندياڻي جو ٻُڙڪ آهي! شاعري مور جي اکڙين مان ڪريل آنسو برابر آهي، جيڪو ڊيل جي پيٽان وري وجود وٺي ڌرتيءَ تي ٽهوڪا ڪري ٿو! شاعري شاعر جي احساساتي حُسن جو پوپٽ آهي! شاعري سِتمن هٿان ستايل سريرن جو سڏ آهي! شاعري ساجن جي سِنهيرڙن هٿڙن جي اُها ريکا آهي جنهن ۾ عاشقي جي الستي لکيل آهي!

شاعريء جي عالمي ڏينهن تي سڀني سنڌي شاعرن ۽ دنيا جي سڀني ٻولين جي شاعرن کي عقيدت ڀريو سلام پيش ڪيان ٿو. ڪجهه شاعريء بابت خيال دوستن سان ونڊ ڪرڻ چاهيندس.

شاعر هڪ انسان آهي. جيڪو انسانن سان ڳالهائي ٿو، جنهن کي عام ماڻهن کان وڌيڪ شعور، جوش ۽ نازڪ احساس مليل آهن. سندس روح وسيع آهي، هن جو جذبو ٻين کان وڌيڪ لطف حاصل ڪري ٿو ۽ چاهي ٿو ته سڄي ڪائنات به انهن جذبن ۽ امنگن سان ٽمٽار هجي. (وليم ورڊس ورٿ)

شاعري قدرت جي حقيقت جي ترجماني ڪري ٿي منهنجي نظر ۾ شاعري قدرتي ڏات آهي، جيڪو هرهڪ ماڻهو نٿو ڪري سگهي. (سيد مرتضى ڏاڏاهي)

ڪوبه شاعر ڪڏهن به زور مس سان قلم کڻي تيستائين ڪجهه به لکي نٿو سگهي، جيستائين سندس دل محبت جي ٿڌا ساهه کڻڻ واري مس سان ملي نرم نه ٿي آهي. (شيڪسپيئر)

شاعري درد ۽ پيڙا جي پيٽ ڄائي آهي، هر اهو شخص جيڪو ڀوڳي ٿو ۽ درد سهي ٿو سو شاعر آهي هن جو هر هڪ لڙڪ هڪ شعر ۽ هر دک هڪ نظم آهي. (مائيڪ آندري)

شاعري انسان جي ذهن ۾ پيدا ٿيل پيڙا جو نالو آهي، شاعري حق ۽ سچ جو آواز آهي، شاعري مظلوم قومن جو ڏاج آهي، شاعري بس تاريخ جي گذريل باب هلندڙ وقت ۽ ايندڙ اوندهي طوفان سان ٽڪر کائڻ جو نالو آهي. (افضل قادري)

شاعر اهو آهي، جنهن جي سخن مان سچ، سونهن ۽ سچائي جون وصفون باڪمال طور بکن جنهن جي اندر مان، شعر اڌمو کائي نڪري ۽ جبل جي جهرڻي جيان اڇلون ڏيئي اُڀري پوي. (شمس العلماءَ ڊاڪٽر داؤد پوٽو)

شاعر، معاشري جو بيباڪ نقاد آهي هو اهڙي ته خوبصورتي سان سڀ ڪجهه ادا ڪري ويندو آهي جو پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن ۾ ذهني هلچل مچائي ڇڏيندو آهي، نڪته چيني ڪندي پنهنجو پاڻ مان به نه گسندو آهي. (مخدوم طالب الموليٰ)

جڏهن ڪنهن شاعر جو جذبو ۽ ان جو فن، ٻئي يڪسان پرخلوص ۽ سچا هجن ته اهوئي خلوص ۽ سچائي، ڪنهن شاعر جون امتيازي خصوصيتون آهن. (فيض احمد فيض)

شاعري، فن نه بلڪ فڪر جو نالو آهي، اهو فڪر جنهن کي نه ته توري سگهجي ٿو ۽ نه ان جو ملهه ڪٿي سگهجي ٿو. شاعري ڪبي ناهي، ٿي پوندي آهي، ڇو ته شاعري اندر جي آواز تي لبيڪ چوڻ جو نالو آهي. (عبدالرحمان)

شاعري پيغمبريءَ جو هڪ حصو آهي، پر جاهلن پنهنجي خر دماغيءَ سبب ان کي ڪفر ڪري ڄاتو آهي. (مولانا رومي رحه)

شاعر، بلبل جي مثال آهي، جيڪا انڌيري ۾ ويهي پنهنجي اڪيلائپ کي ريجهائڻ خاطر مٺڙا ٻول ٻوليندي آهي. (سيلي)

هر اهو ماڻهو شاعر ٿي پوندو آهي، جنهن کي عشق جي چوٽ لڳندي آهي. (افلاطون)

شاعر دنيا جي هر معاشري جي اهم ۽ ذميدار شخصيت هوندو آهي، سندس شخصيت معاشري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، دنيا جا گهڻا انقلاب شاعرن جي زبان مان نڪتل شعر جي ڄڀن مان جنم وٺندا آهن، قومن ۾ سجاڳي ۽ غيرت پيدا ڪرڻ جا ذميوار به شاعر ئي آهن. (تهمينه مفتي)

دولت رام کتري لکي ٿو :
ادب جي دنيا ۾ شاعري هڪ اهڙو فن آهي، جيڪو انسان جي سڀ کان عظيم تخليق“ تصور ڪيو وڃي ٿو. شاعري رڳو لفظن جي سٽاءُ جو نالو ناهي، پر شاعري دل جو آواز آهي، سجاڳي جو پيغام آهي، پنهنجي دل جي آواز کي سماجي حالتن کي اظهارڻ ۽ انهن کي لفظن جي مالا ۾ پروڙڻ جو ٻيو نالو ”شاعري“ آهي. شاعر معاشري جو حساس ذهن رکندڙ ڪردار هجي ٿو، تنهنڪري فطرتي طور هو سماج ۾ ٿيندڙ ڀڃ ڊاهه ۽ تضادن تي گهرائي سان سوچي ٿو ۽ سماج ۾ ٿيندڙ تبديلين کي پنهنجي شاعري جو موضوع بڻائي ٿو. شاعر قومن جا سفير هجن ٿا جيڪي پنهنجي قومن جي بقا جي جنگ وڙهن ٿا، پنهنجي تاريخي ورثن ۽ تهذيبن مورچن کي بچائڻ ۾ هڪ شاعر پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.