May 29, 2013

فاطمه ڀٽو : ڀٽو خاندان جي شهزادي ۽ باغي شاعره

فاطمه ڀٽو : ڀٽو خاندان جي شهزادي ۽ باغي شاعره

محمد سليمان وساڻ

پاڪستان جي سياست ۽ پاڪستان جي ٺهيل دستور ۽ سياسي ريتن کان نفرت ڪندڙ ۽ گهري سوچ رکندڙ باغي شاعره ، ڀٽو خاندان جي شهزادي ۽ بين الاقوامي سياست تي ڳوڙها تجزيه ڪندڙ محترمه فاطمه ڀٽو کي سندس 31 هين سالگرهه تي سنڌ سلامت پاران واڌايون پيش ڪريون ٿا۔

29 مئي 1982 تي افغانستان جي شهر ڪابل ۾ مير مرتضى ڀٽو جي جلاوطنيء دوران جنم وٺندڙ فاطمه ڀٽو زندگيء ۾ خوشيون گهٽ ۽ ڏک گهڻا ڏٺا آهن۔ پُر اعتماد انداز سان ڳالهائيندڙ ۽ پنهنجي جذبن کي شاعري ۽ ڪالمن ذريعي بيان ڪندڙ فاطم ڀٽو جي لفظن ۾ تلخي ته ضرور هوندي آهي پر ان کي پيش ڪرڻ جو انداز شائسته هوندو آهي. هُن جنهن پنهنجي ڏاڏي ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت ته ڪانه ڏٺي پر ان کي عوام جي اکين ۾ آيل لڙڪن سان ضرور ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي. هوء جنهن جي شهزادن جهڙي چاچي شاهنواز ڀٽو کي جلاوطنيء دوران شهيد ڪيو ويو ۽ جنهن جي پيء مير مرتضى ڀٽو کي سندس گهر ڀرسان پنهنجي ئي ڀيڻ جي حڪومت ۾ بيدرديء سان قتل ڪري شهيد ڪيو ويو. هوء جنهن جي ڏاڏيِ ڏکن سان وڙهندي گذري هجي ۽ جيئري ئي موت جهڙي زندگي گذاريندي هجي، هوء جنهن جي ڏاهي پڦيء کي ملڪ جي قاتل اسٽيبلشمينٽ، لکن ماڻهن جي مجموعي ۾ شهيد ڪرائي ڇڏي ان جي لهجي ۾ تلخي ته ضروري هوندي. سندس ڏکن واري ڪيفيت شاهه لطيف جي هنن سٽن سان ڪيڏي ٿي ٺهڪي:

سِرجيس ته سور، سامائي ته سُک ويا،
اهي ٻئي پور ، مون نماڻيء نصيب ٿيا۔

سندس دردن جو داستان, سندس احساس، سندس جذبا سندس شاعريء جي مجموئي صحرا جون سرگوشيون Whispering of desert ۽ Songs of Blood & Swords مان واضح آهن. سندس شاعري ڪيڏي پختي آهي ، هن جا خيال ڪيترا گهرا آهن اهو صرف اهو ماڻهو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو جنهن سندس ڪتاب ، مضمون ۽ ڪالم پڙهيا هجن.

اڄ سندس جنم ڏينهن تي ذهن جي يادگيرين تي ڀٽو خاندان سان ٿيل ظلمن جي داستان سان گڏ هنن جي دليري، ڏاهپ، ارڏائي ۽ اصول پرستي بار بار دل ۽ دماغ کي جهنجهوڙي رهي آهي. دعا آهي ته سنڌ جي هي نياڻي خوشيون ڏسي ۽ سندس نظريي وارو معاشرو قائم ٿئي۔

______

May 22, 2013

شهيد غزالا بتول کي سرخ سلام


شهيد غزالا بتول کي سرخ سلام
سليمان وساڻ

مونکي چٽي طرح ياد آهي ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي وحدانيت خلاف ڳالهيون ڪرڻ ۽ مهاجر صوبي جي تحريڪ زورن تي هئي. ان تحريڪ ۾ سنڌ ۽ وفاق ۾ شامل ۽ ڪراچي جي شهري حڪومت جي ڪرتا ڌرتا تنظيم ايم ڪيو ايم جي مڪمل پٺڀرائي هئي. ان جو ثبوت ان وقت ديوارن تي لکيل نعرا هيا جيڪي شهري حڪومت جي گاڏين ۾ چڙهي لکيا ويا هئا. ان تحريڪ جي مخالفت ۾ سنڌ جي ماڻهن ۾ سخت نفرت هئي ۽ اهڙي وقت ۾ 22 مئي 2012 تي عوامي تحريڪ ۽ ٻين پارٽين گڏجي تحرير اسڪوائر مصر سان ڀيٽجندڙ لياري جي چيل چوڪ کان محبتِ سنڌ جي نالي سان هڪ ريلي ڪڍڻ جو پروگرام ترتيب ڏنو هو جنهن کي  پريس ڪلب تي پهچڻو هو. ان ريلي ۾ سنڌي، بلوچ، ڪڇي ۽ لاسي سڀ هئا، سڀني جي زبان تي جيئي سنڌ ۽ سنڌ جي وحدانيت جا نعرا هئا۔ ان ڏينهن آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي گڏجاڻي به رکيل هئي ۽ مان اهو پروگرام جوڙيو هو ته آرٽس ڪائونسل مان ٿيندو پريس ڪلب پهچي ريلي ۾ شرڪت ڪندس. اهڙو اظهار مان گلشن گحديد ۾ رهندڙ دوست آصف علي جهتيال سان فون تي به ڪيو کيس پريس ڪلب تي ملڻ جو چيو. مان اڄان صدر پهتو هيس ته ميسيج اچڻ لڳا ته ريلي تي فائرنگ ٿي آهي ۽ ڪجهه شهادتون به ٿيون آهن. هاڻي ٽٽريفڪ بري طرح جام ٿي چڪي هئي ۽ واپس ورڻ به ڏکيو هيو. تنهنڪري آرٽس ڪائونسل وڃڻ ۾ ئي بهتري سمجهيم. اتي ئي آصف جهتيال سان ٻيهر فون تي رابطو ڪيم ۽ گهر به فون ڪري پڇا ڪيم. خبر پئي ته بولٽن مارڪيٽ واري علائقي ۾ ريلي تي فائرنگ ٿي آهي.

ان ريلي ۾ سنڌ جي هڪ اهڙي نياڻي به شامل هئي جيڪا پي آء اي ۾ ايڊورٽائيزنگ آفيسر هئي ۽ سندس رڳ رڳ ۾ سنڌ امڙ جو خون سمايل هو۔ هوء جيڪا سنڌ سان پيار ڪندڙ هئي ۽ سنڌ تان فدا ٿيڻ جون ڳالهيون ڪندي هئي۔  11 مارچ 1969ع ۾ دادو ضلعي جي علمي ۽ ادبي شهر پاٽ شريف ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جي هن بهادر نياڻيءٰ شهيد غزالا بتول صديقي سان منهنجي ڪا ويجهڙائپ ته ڪانه هئي پر ٻوڏ متاثرين لاء سچل ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ جيڪي ڪيمپون لڳيون هيون انهن ۾ هن اڳتي وڌي ڪم ڪيو هو۔ پي آئي اي ۾ رهندي هن سنڌي اخبارن ۽ رسالن کي اشتهار ڏيڻ ۾ به خاص مدد ڪئي۔ هوء گهڻو سوشل ۽ قومي سوچ جي مالڪ هئي۔ پاٽ شريف ۾ جنم وٺندڙ غزاله جي شادي مظهر زرداري سان ٿيل هئي جيڪو به پي آء اي ۾ آفيسر آهي ۽ کيس چار ٻار هئا جن ۾ هڪ ننڍو پُٽ ته اڃان ستن مهينن جو مس هئس۔ هوء جلد اٽلي وڃڻ واري هئي ۽ کيس صرف ويزا جو انتظار هو ڇو ته سندس ور جي پوسٽنگ پي آء اي جي اٽلي واري آفيس ۾ آهي۔ سندس ڀاء شهاب صديقي اسان جو دوست ۽ سئي گيس ۾ اسان جي آفيسر ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري ۽ سماجي ورڪر آهي۔ غزالا بتول صديقي 1984ع ۾ اين جي وي اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ انٽر زبيده ڪاليج حيدرآباد مان ڪيو. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ هن ڊبل ايم اي ڪئي، هڪ ماس ڪميونيڪيشن ۽ ٻي انٽرنيشنل رليشن ۾. 

ان ڏينهن هوء ريلي ۾ شامل ٿي ۽ ان دوران هن ڪي ٽي اين تي به پنهنجا تاثرات ڏنا ۽ چيو ته جيڪو به ماڻهو سنڌ تي ميري اک رکندو ، سنڌ جا پُٽ ته هن تي پوء وار ڪندا، سڀ کان پهرين ان جون ڌيئون ان تي وار ڪنديون۔ ۽ ها پوء سڀني ڏٺو ته هوء نه ته پُٺ ڏئي ڀڳي ۽ نه وري ڊني پر مقابلو ڪندي شهيد ٿي۔ چون ٿا ته هوء عورتن جي اڳواڻي ڪندي جڏهن اڳتي وڌي رهي هئي ته مٿان فليٽن مان ۽ سامهون کان ڪجهه ماڻهن فائرنگ ڪئي ته هن ٻين عورتن کي پويان ڪندي پاڻ اڳيان ٿي بيٺي ۽ فساد ڪندڙن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي۔ جڏهن فائرنگ وڌڻ لڳي ته هن اتي بيٺل پوليس واري کي چيو ته شر پسندن تي فائرنگ ڪيو، ان تي پوليس واري کيس جواب ڏنو ته مونکي اهي اختيار ناهن۔ ان تي شهيد غزاله پوليس واري کان بندوق کسي پاڻ فائرنگ ڪندي چيو ته اسان وٽ ته اختيار آهن ۔۔۔۔۔ پوء هڪ گولي سندس مٿي ۾ لڳي ۽ مٿان کان هڪ پٿر به اچي کيس لڳو ۔ جنهن سبب هن جام شهادت نصيب ڪندي ڌرتيء جو قرض چڪايو۔ هزارين آلين اکين سان سندس اسٽيل ٽائون قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي۔

اسان شهيد غزالا بتول کي سندس ورسيءَ ڏينهن سرخ سلام پيش ڪيون ٿا ۽ ساڳي وقت شرمنده پڻ آهيون ته سندس قاتلن خلاف اسان ڪجهه ڪونه ڪري سگهيا آهيون۔