June 09, 2013

ڪنب کي قتل گاهه بڻجڻ کان بچايو

ڪنب کي قتل گاهه بڻجڻ کان بچايو

محمد سليمان وساڻ


ڪوٽڏجي ۽ ڪنب نيشنل هاء وي تي هجڻ ڪري خيرپور ضلعي جا اهم شهر ڳڻيا وڃن ٿا. انهن تاريخي شهرن جي پسگردائي ۾ ڳوٺن جو ڄار وڇايل آهي، جيڪي گهڻو ڪري سر سبز ۽ سکيا ستابا آهن. کجين جي باغن ۽ ٻين ڪيترن ئي بهترين فصلن سبب هتان جا ماڻهو سکيا ستابا آهن. ڪنب شهر گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ تيزي سان ترقي ڪئي آهي ۽ هي شهر تعليمي ۽ ڪاروباري حوالي سان اڳتي اچي چڪو آهي. گذريل اليڪشن ۾ سياسي پارٽين جي پنهنجي رسا ڪشي ۽ ڪجهه ڏوهاري قسم جي ماڻهن جي پاڻ ۾ دشمني سبب هي شهر ۽ ان جو ڀرپاسو قتل گاهه بڻجي ويو آهي. هڪ ئي ڏينهن ڪنب ۾ جڏهن چار ڪونڌر گولين جو کاڄ بڻيا جن مان ٻن جو تعلق گوپانگ قبيلي سان جڏهن ته ٻن جو تعلق وساڻ قبيلي سان هيو جن مان هڪ ايڊووڪيٽ شمس وساڻ هتان جي چونڊيل ايم پي اي منظور حسين وساڻ ۽ ايم اين اي نواب خان وساڻ جو ويجهو رشتيدار هيو. ان ڏينهن ڪنب جون گهٽيون رت سان ريٽيل هيون. مڇريل ماڻهن شهر جي ڪيترن ئي دڪانن کي ڦريو ۽ ڪنب ۾ لڳندڙ مال پڙي جي واپارين کي ڦريو ۽ لٽيو. جيتوڻيڪ رينجرز ۽ پوليس علائقي ۾ موجود رهي پر پوء به ڌريون مورچا بند ۽ هٿيارن سان ليس ٿي هڪ ٻئي جي ڳولا ۾ هيون.

حيرت ٿي ته هيڏي وڏي واقعي کانپوء به هتان جي سياسي ڌرين بجاء افهام تفهيم ۽ ڳالهين يا فيصلي جي ان کي سياسي حربي طور استعمال ڪيو. نتيجي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ تمراڻي برادري سان تعلق رکندڙ نوجوان کي يونيورسٽي جي بس مان لاهي ڪيترن ئي شاگردن اڳيان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. ان واقعي کانپوء صورتحال اڃان به وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. ڪنب ۽ ان جي ڀرپاسي جي ڳوٺن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم کان محروم آهن، اسڪول بند آهن، بازارون بند آهن، روزگار تباهه ٿي رهيو آهي، اسپتالون بند آهن، مريض پريشان آهن. ڪنب ۽ هن علائقي جي آسودگي جي ضامن مال پڙي گذريل ڪجهه هفتن کان بند آهي. پر پوء به نه ته سياسي ۽ نه ئي ڪي سماجي ڌريون هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاء ڪي سنجيده ڪوششون وٺي سگهيون آهن. وڏن جي لڙائي ۾ هتان جو عوام تباهه ٿي رهيو آهي. ڪنب شهر ۾ رهندڙ ماڻهو خوف ۾ مبتلا آهن ۽ پنهنجي ئي پاڇي کان ڊڄي رهيا آهن. سنڌ جي هن ٻرندڙ اشو تي نه ته پرنٽ ميڊيا ۽ نه ئي اليڪٽرانڪ ميڊيا حل يا ٽياڪڙي طرف ڪابه سنجيدگي ناهي ڏيکاري سواءِ سياسي خبرن جي. 

مونکي ڪنب ۾ رهندڙ ڪيترن ئي دوستن، پرين پيارن جا ميسيج ۽ فون موصول ٿيا آهن ته معاملي کي ميڊيا تي اٿاريو. پر مان سواء هي سٽون لکڻ جي ڪجهه به ڪرڻ کان قاصر آهيان. مان سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ميڊيا کي اها اپيل ٿو ڪيان ته سنڌ جي هن خوبصورت علائقي جي امن جي بحالي لاء پنهنجي مهم هلائن ۽ حڪومت تي دٻاء پيدا ڪن. مان اپيل ڪندس هتان جي ئي با اثر سياستدانن منظور حسين وساڻ ۽ پير سائين پاڳاري کي ته امن جي بحالي لاء سياسي انائن کي ٿڏي سنجيده ڪوشش وٺندي علائقي جي ماڻهن ۾ سرچاء ڪرائي فوري امن بحال بحال ڪرايو، هي اوهان جا ئي ماڻهو آهن، هي پنهنجا ئي سنڌي آهن.

June 06, 2013

سونهن ۽ سچ جو شاعر هدايت بلوچ

جنم ڏينهن جي مناسبت سان
سونهن ۽ سچ جو شاعر هدايت بلوچ
محمد سليمان وساڻ

هن سان منهنجي پهرين ملاقات چوڪنڊي قبرستان ۾ تاجل بيوس جي پهرين ورسيء جي موقعي تي ٿي هئي. سندس شاعري، ڪالم پڙهيا هئا ۽ نالو به ٻڌل هئو. خاموش ، ماٺيڻو، قداور ، کلمک، دل جو صاف ۽ سهڻي سڀاء وارو اهو شخص هيو هدايت بلوچ. ساڳي شام ريجنت پلازا ۾ تاجل بيوس جي ورسيء جي مناسبت سان رکيل تقريب ۾ هن پنهنجا تاثر پيش ڪيا ۽ پوء فيسبوڪ ذريعي جڏهن کيس تقريب جون تصويرون موڪليم ته خوش ٿيا ۽ اتان دوستيء جي شروعات ٿي. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن سدائين، پيار ، مرڪون، پنهنجائپ ڏيڻ سان گڏ سدائين رهنمائي ڪندا رهيا آهن.

نامياري شاعر ، افسانه نگار ۽ صحافي هدايت بلوچ جو جنم 6 جون 1948 ع تي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو غلام نبي اداسي بلوچ آهي جيڪو به سنڌي ادب ۽ شاعري جو وڏو نالو رهيو آهي. پاڪستان جو ناليوارو براڊڪاسٽر ۽ شاعر عنايت بلوچ سندس وڏو ڀاءُ آهي. هدايت بلوچ جي تعليم ايم.اي پوليٽيڪل سائنس ۽ ايل ايل بي آهي. 1972 کان 1987 تائين ڪراچي شپ يارڊ ۾ مختلف انتظامي عهدن تي ڪم ڪيائين. 1987 کان 2008 تائين پي آئي اي ۾ مختلف عهدن تي خدمتون سر انجام ڏنائين. 1994 کان 1998 تائين سندس مقرري مئنيجر ڪارگو طور سنگاپور ۾ رهي 2005 کان 2008 تائين بنگلاديش ۾ پي آئي اي جو ڪنٽري مئنيجر رهيو. ٻاهرين ملڪن ۾ رهندي هو سنڌين سان ملاقاتون ڪندو رهيو ۽ لکڻ جو ڪم به جاري رکيائين.

ادبي حوالي سان سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. روزاني عوامي آواز ۾ سندس هفتيوار ڪالم ۽ ڪافي عرصي کان چئوسٽا به ڇپبا رهيا آهن. ان کانسواء روزاني هلال پاڪستان ، روزاني جاڳو ۽ روزاني خبرون ۾ به سندس چئوسٽا ڇپبا رهيا آهن. هن وقت پاڻ روزانه مومل جا ايڊيٽر آهن. سندس غزل گهڻو مشهور آهن.

فائدن حاصل ڪرڻ وارن جي ناهيون لسٽ ۾
پر قسم سان ٿا چئون، بي فائدا ناهيون اسين

پيار کان انڪار آهي ڪفر، ڪافر ڪير ٿئي
پر هدايت حاڪمن جي ها ۾ ها ناهيون اسين

هدايت بلوچ سنڌي ادبي بورڊ جا ٽن سالن لاء ميمبر به رهيا ۽ سدائين ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندا رهيا آهن. هن وقت پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۽ ڍاڪا ڪلب آف بنگلاديش جو ميمبر آهي. پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جا لائيف ميمبر ۽ سنڌي ادبي سنگت جا سرگرم رڪن آهن. ٻه دفعا سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي گڏجاڻين ۾ امريڪا ۾ به شرڪت ڪئي اٿس.

هدايت بلوچ جي هڪ ٻي خوبي آهي سوشل ميڊيا خاص ڪري انٽرنيٽ تي سنڌي ماڻهن، سنڌي شاعرن ۽ ليکڪن جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ. پاڻ سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جا چيئرمين ۽ روح روان آهن. سڄي سنڌ خاص ڪري ڪراچي ۾ ٿيندڙ ادبي سرگرمين ۾ باقائدگي سان حصو وٺندا رهن ٿا. هدايت لطيف جو پارکو آهي ۽ هو لطيف جي پيغام کي سمجهڻ سان گڏ دوستن کي سمجهائيندو رهندو آهي. ساڻس گڏ مختلف تقريبن ۾ شامل رهندي اها ڳالهه اڪثر محسوس ڪئي اٿم ته جڏهن به اسٽيج تان لطيف سائين جا بيت صحيح تلفظ سان پيش ناهن ٿيندا ته سندن چهري جي ڪيفيت تبديل ٿيندي آهي ۽ پاڻ افسرده ٿي ويندا آهن ته اسان اڃان تائين لطيف کي نه پڙهيو آهي نه سمجهيو آهي. سندس شاعري به سنڌ، سونهن، سچ ۽ پيار جي گرد گهمندي محسوس ٿيندي آهي.

اسان جو حال پڇي ڏس ڀلي ستارن کان،
توهان جي ياد ۾ شبِ روز ڇا چوان گذريا؛
ستِم ته پنهنجي جَڳهَه نيٺ يَرَ! سِتم آهن،
اسان تي تنهنجا ڪَرم ڀي مِٺا گِران گذريا!

June 03, 2013

استاد عطا محمد حامي : شاعر، اديب، تعليمدان ۽ محقق

استاد عطا محمد حامي : شاعر، اديب، تعليمدان ۽ محقق

محمد سليمان وساڻ

سنڌ ڌرتي تي هر دور ۾ تمام وڏن ليکڪن، اديبن ۽ شاعرن جو جنم ٿيندو رهيو آهي . وڏا شاعر ۽ اديب گهڻو ڪري پنهنجي لکڻين ۽ تخليقن سبب وڏا شمار ڪيا ويندا آهن، پر انهن مان ڪي اهڙا به هوندا آهن جيڪي پنهنجي تخليقن سان گڏ پنهنجي اعليٰ انساني گڻن سبب ماڻهن جي دلين تي نقش اڀاري ويندا آهن. اهڙن عظيم ليکڪن ۽ شاعرن مان استاد عطا محمد حامي به هڪ هيو. استاد عطا محمد حامي جو شمار سنڌ جي استاد شاعرن ۾ ٿئي ٿو . هو نه رڳو شاعري ۾ استاد تسليم ڪيو ويندو آهي پر درسي تعليم ۾ پڻ پاڻ بحيثيت استاد، ليڪچرار ۽ پروفيسر جي عهدي تائين رسائي حاصل ڪرڻ سان گڏ شاگردن جو محبوب استاد مڃيو ويندو هو.

سندس جنم پهرين جنوري 1919 ع ۾ خيرپور رياست جي ننڍڙي ڳوٺ سوهو قناصرا ۾ ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ جڏهن ته وڌيڪ تعليم ناز هاء اسڪول خيرپور مان، ايم اي 1951ع ۾ سنڌ يونيورستِ مان ۽ پي ايڇ ڊي 1955 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائون. شروعاتي ڏينهن ۾ انٽر ڪري لقمان خيرپور ۾ پرائمري استاد ٿيو. ان کانپوء هالا ۾ سنڌي جو ليڪچرر ۽ آخر ۾ ممتاز ڪاليج خيرپور مان 1978ع ۾ سنڌي جي پروفيسر طور رٽائر ٿيا. حامي صاحب 1955ع ۾ خيرپور رياست جو وجود ختم ٿيڻ وقت انهي آخري اسيمبلي جا ايم ايل اي رهندڙ حامي صاحب سائيڪل تي اليڪشن مهم هلائي وڏي اڪثريت سان سيٽ کٽي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جا اڳواڻ بڻيا.سياست ۾ هو سوديبازي جو قائل ڪونه هيو ۽ شهيد ذولفقار علي ڀٽو جو چاهيندڙ هو پر ڀُٽي صاحب جي بِهارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ واري اعلان تي سندس مخالفت ڪندي ڀُٽي تي تنقيد ڪندي چيائين:

ڏسون ٿا ڪم تنهنجا ڀٽڪا ، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا

پر حاميء جو ظرف ته ڏسو جو جڏهن ڀُٽي کي ڦاهي جو حڪم ٿيو ته پاڻ گهڻا ڏکارا ٿيا ۽ چيائون:

منصور زماني جو چڙهي ٿو ڦاهي

حامي صاحب ڪيترائي ڪشالا ڪري خيرپور جي تاريخ لکي، سندن پي ايڇ ڊي جو موضوع به خيرپور ئي هيو. پاڻ سچل جي فارسي مثنوي جو سنڌي ترجمو ڪيائون. حامي صاحب کهڙن جي مخدوم شهيدن تي تحقيق ۽ روحل فقير جي باري ۾ کوجنا پڻ ڪئي. پاڻ مير علي نواز ناز جي شاعري جي ترتيب به ڏنائون. انکانسواء پاڻ خيرپور جي مختلف قبيلن تي ڪتاب لکيائون جيڪو سندس شاگرد مقصود گل ڇپايو جنهن جو نالو آهي ”وکريل موتي“.

سندس شاعري علم عروض جي پابندين هيٺ پختي شاعري آهي ۔ جيتوڻيڪ ڪجه وقت فارسي اثر واري شاعري پڻ ڪيائون۔ ڊاڪٽر تنوير عباسي موجب ”حامي صاحب جي شاعري جو ٽيون دور 1962 کان شروع ٿيو جڏهن فارسي نمونو ڇڏي سليس سنڌي غزل چوڻ شروع ڪيائون. پاڻ شعر چيائون ته :

ڦٽا ڪر وصل و هجر جا سمورا داستان
ادا سارا سڻائج انقلابي داستان هاڻي

حامي صاحب جي جي نظر وسيع هئي، سندس مطالعو گهرو هو ۽ سندس نگاه سنڌ جو طواف ڪندي رهندي هئي۔ هو مذهبي ڪٽرپڻي ۽ شدت پسندي جو سخت مخالف هو. سندس مذهب محبت ۽ انسانيت هيو. سندس شاعري جي ڪتاب ”حامي جو ڪلام“ ۾ محمد علي حداد ، استاد حاميءَ تي انتهائي جاندار مهاڳ لکيو آهي. انهي مهاڳ ۾ هڪ جڳهه تي حداد، استاد حامي جي مذهب بابت لکي ٿو: “حاميء جو مذهب انسانيت هو، هر سٺو انسان کڻي ڪهڙي به قوم سان تعلق رکندڙ هجي عزت جو حقدار آهي. هر رياڪار ماڻهو، کڻي ڪيڏي به وڏي اقتدار جو مالڪ هجي، حامي صاحب لاءِ قابل نفرت هو. مظلوم جي حمايت سندس مسلڪ هو، رمضان شريف ۾ جمعي جي نماز اچي اثنا عشري شيعن سان گڏ پڙهندو هو ۽ عيد جي نماز پنهنجي ڳوٺ حنفي سنين سان گڏ پڙهندو هو. ڄائو ته اهلسنت واري آذان ڪنين پيس ۽ وفات ڪيائين ته ڪفن دفن اهل تشيعت واري طريقي موجب ٿيس، جيئرو هو ته ٻنهي فرقن جا ملان پنهنجو نه ڪندا هئس، گذاري ويو ته سندس سٺي سڀاءَ سبب هر ڪا اک آلي هئي، سچ پچ ته جن ماڻهن جو مذهب محبت هوندو آهي. سي استاد حاميءَ مثل هوندا آهن“. هو مذهب جي نالي تي نفرتن ۽ انساني قتل جو سخت مخالف هو تڏهن ئي ته هڪ هنڌ چيائين:

اسلام جي نالي ۾ نه ماريو ماڻهو
ڳڻتيءَ ۽ مصيبت ۾ نه ڳاريو ماڻهو
هي حال ڏسي دين ڇڏي هو ويندا
بي دين بڻائي ته نه کاريو ماڻهو!

سنڌ ڌرتيء جو هي پيارو ۽ سڀاڳو انسان 3 جون 1982 ع تي هزارين اکين کي آلو ڪندي اسان کان وڇوڙو ڪري ويو. هر سال سوهو قناصرا ۾ سندس ورسي تقريبون ٿينديون رهنديون آهن.

گهڻا منهنجا مٺڙا منٺار ماڻهون
دغاباز نڪرن ٿا دلدار ماڻهون

هنن جي ئي دم سان زمانو هلي ٿو
نه سڏ عشق وارن کي بيڪار ماڻهون

ٻڌائي مٺا ٻول حامي هليو ويو
هيو ڏاڍو مٺڙو مزيدار ماڻهون