October 24, 2013

جيجي زرينه بلوچ : هڪ استاد، ڪهاڻيڪار، سياسي ڪارڪن ۽ عظيم گلوڪاره


جيجي زرينه بلوچ : هڪ استاد، ڪهاڻيڪار، سياسي ڪارڪن ۽ عظيم گلوڪاره

محمد سليمان وساڻ

ٻي خبر ناهه پر مرڻ کان پوءِ،
تو سان گڏجڻ جو حسرتون رهنديون

هوء جنهن کي سموري سنڌ جيجي جي نالي سان سڏيندي هئي، سندس آواز ۾ ڄڻ ته ڪو جادو هو، مٺاس هو۔ هوء جيڪا هڪ استاد، هڪ سياسي ڪارڪن، اداڪاره ۽ سنڌ جي عظيم لوڪ گلوڪاره هئي، جي ها جيجي زرينه بلوچ جو شمار سنڌ جي انهن عورتن ۾ ٿئي ٿو جيڪي هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جون مالڪ ۽ خالق آهن. 

سنڌ جي هن دلير عورت 29 ڊسمبر 1934ع جي هڪ سرد رات ۾ اڳوڻي تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ الهداد چند ۾ جنم ورتو. جيجي زرينه بلوچ جڏهن اڃان ڇهن سالن جي هئي ته سندس امڙ گلروز بلوچ وفات ڪري وئي. زرينه بلوچ جو 15 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي سوٽ سان نڪاح ٿيو. جنهن مان هن کي اختر بلوچ (صوبائي وزير سسئي پليجو جي ماءُ) زينه بلوچ ۽ اسلم پرويز جو اولاد ٿيو۔ 1958ع ۾ تعليم پرائڻ جي مسئلي تان هن پنهنجي مڙس کان علحدگي اختيار ڪري، حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتي هوءَ 1960ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي لوڪ فنڪاره طور آئي ۽ هڪ سال جي اندر هن ريڊيو تي پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو۔ هڪ سال اندر ئي کيس1961ع ۾ ريڊيو جي بهترين فنڪار جو ايوارڊ مليو. جيجي زرينه بلوچ 1964ع ۾ برک سياستدان ۽ قانوندان رسول بخش پليجي سان شادي ڪري زندگيء جي نئين بهار جي شروعات ڪئي، جنهن مان هن کي هڪ پٽ اياز لطيف پليجو ڄائو. جيجي زرينه بلوچ 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي جتان 1997ع ۾ رٽائر ٿي۔

جيجي زرينه بلوچ رسول بخش پليجو سان شاديء کانپوء عملي سياست ۾ حصو پڻ وٺڻ شروع ڪيو۔ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسيء ۽ جنرل ضياءُ الحق جي آمريت خلاف هن سخت احتجاج ڪيو ۽ عورتن جي هڪ احتجاج جي اڳواڻي پڻ ڪئي جنهن تي هن کي سکر ۽ ڪراچي جي جيل ۾ به وڃڻو پيو. جيجي زرينه بلوچ سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي باني اڳواڻن مان هڪ هئي. 

جيجي زرينه بلوچ تي جيجي نالو سندس لکيل ڪهاڻي جيجي تان پيو ۽ پوري سنڌي قوم هاڻي کيس جيجي جي نالي سان سڏي ٿي۔ هن ڊرامه پڻ لکيا ۽ پاڻ به اداڪاري ڪئي۔ جيجي زرينه بلوچ جو لکيل ڪتاب تنهنجي ڳولا تنهنجون ڳالهيون اڄ به سنڌ ۾ مقبول آهي. پر سندس اصل سڃاڻ سندس ڳائڻ ۽ خوبصورت ۽ مٺاس ڀريو آواز هو۔

سندس فن موسيقي تي ڪمال هيو ۽ هن لوڪ ڳيچ، وايون، گيت ۽ غزلن سان گڏ قومي گيت ڳائي خوب داد حاصل ڪيو۔ شيخ اياز جي شاعريء کي هن خوبصورت انداز سان ڳايو۔ سندس ڳايل لوڪ گيتن ۽ ڊرامي هٿين گل ميندي ۾ سچ ته هن سنڌي ثقافت کي خوب اجاگر ڪيو۔ سندس ڳيچن ۾ ، هٿين گل ميندي، ڀيڻ منهنجو ڇلڙو، منهنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو، مور ٿو ٽلي راڻا، سس سهري ڳل لايئه تمام گهڻو مقبول ٿيا۔

شيخ اياز جي شاعري : ٻي خبر ناهي پر مرڻ کانپوء، ٽڙي پوندا ٽارئين، ڪانگ لنوي ٿو، ڪيئن ڪيان مان ڪنهن به ريت کانسواء هن ڪيئي ڪلام ڳايا۔ هن شاهه لطيف کي پڻ خوب ڳايو۔

هن جي فن موسيقي، اداڪاري، ڊرامه نگاري تي هن کي لطيف ايوارڊ، سچل، قلندر، فيض احمد فيض ۽ وحيد مراد ايوارڊ سميت ڪيترائي قومي ايوارڊ مليا. جيجي زرينه بلوچ جي سڄي زندگي علم، ادب ۽ عوام جي خدمت ۾ گذري، سنڌ جي هي بيباڪ نياڻي پنهنجي اندر ۾ جيتريون خوبيون رکندڙ هئي شايد ٻي ڪا عورت ان وصف ۾ شامل ڪو نه ٿي ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو سياسي وابستگين جي باوجود اڄ به هر طبقو هر فرد جيجي زرينه بلوچ جي دلين جي گهراين سان احترام ڪري ٿو. اسين جڌهن سنڌ جي مهان انسانن جي ڳڻپ ڪنداسين ته جيجي زرينه بلوچ جو نالو به ان صف ۾ سرفهرست هوندو.

جيجي زرينه بلوچ برين ڪينسر جهڙي موذي مرض سبب 25 آڪٽوبر 2005 تي ڪراچيء جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪري وئي پر سندس فن کيس ڪڏهن به اسان کان الڳ ڪري ڪونه سگهندو۔ هوء اڄ به اسان جي دلين ۾ زندهه آهي.