March 31, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 8

فيس بوڪ رائونڊ اپ 8
محمد سليمان وساڻ

ڀريا واقعي جي جسقم شهيدن جو ڏک ۽ سندن سارون سڄو هفتو فيسبوڪ جو موضوع رهيون. هن واقعي تي سنڌ سميت سعودي عرب، هندستان، عراق، ايران، برطانيه، مڊل ايسٽ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ ڪيترائي سنڌي سوڳوار هجڻ سان گڏ هن اهم اشو تي فيس بوڪ ٽائيم لائين تي ڪجهه رايا، ڪجهه احساس ۽ ڪجهه خدشا لکندا رهيا. اردو ميڊيا جي سنڌ جي لکين ماڻهن جي هن ميڙ کي ڪوريج نه ڏيڻ به بحث جو حصو رهيو ته اتي آزادي مارچ ۾ شامل ماڻهن جي انگ اکرن بابت به تضاد رهيو آهي. سي اين اين ان کي 50 لک جڏهن ته ايڪسپريس 30 لک ۽ ڪجهه ٻين چينلن وري پنج لک جو مجموعو ظاهر ڪيو آهي. پر هڪ ڳالهه تي سڀ متفق آهن ته هي ميڙ ڪراچي ۾ سنڌين جو سڀ کان وڏو ميڙ آهي. هن واقعي خلاف ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران لنڊن ۾ 10 ڊائوننگ اسٽريٽ، وزير اعظم جي رهائش گاهه سامهون 30 مارچ تي هڪ احتجاج به ڪيو ويو ، جنهن ۾ برطانيه جي سنڌين شامل ٿي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. هن احتجاج جي سندن فيس بوڪ پيج تي به تشهير ٿي رهي آهي. حسن مجتبى جسقم نوجوانن جي شهادت ۽ ڪراچي ۾ لکين سنڌي نوجوانن جي گڏ ٿيڻ بابت لکيو آهي ته “اهي به ڪي ڏينهن هيا جڏهن پاڪستاني فوج بيگناهه بنگالي عورتن، نوجوانن ۽ ٻارڙن کي اوڀر بنگال ۾ قتل ڪيو. ان نام نهاد نظريه پاڪستان آخرڪار بنگلاديش جي آزاديءَ جو روپ ڌاري بنگالي قوم کي دنيا جي نقشي تي نمودار ڪيو ۽ هاڻي لڳي ٿو ته بلوچستان ۽ سنڌ پڻ ساڳي راهه جا راهي ٿيا آهن.”
سنڌ جي ڏات ڌڻي ۽ انقلابي شاعر راشد مورائيءَ جي بي وسيء واري وڇوڙي تي فيس بوڪ جو ماحول سوڳوار رهيو ته ان سوال به جنم ورتو ته سنڌ ۾ سنڌ جي فنڪارن، شاعرن ۽ اديبن جي سهائتا لاء ڇو ڪوبه ادارو ناهي. ان حوالي سان نثار کوکر لکي ٿو “شاعر قومن جي ضمير جي ڌڙڪندڙ دل هوندا آهن پر محڪوم ۽ غافل قومن جا شاعر ائين ئي بي يار و مددگار ٿي مرندا آهن جئين راشد مورائي گذاري ويو. بد قسمتي سان جيڪي وس وارا آهن انهن جي ترجيح صرف بيمار شاعرن سان فوٽو ۽ پونئيرن سان تعزيت آهي ۽ جيڪي انهن شاعرن جا چاهيندڙ آهن سي اسان وانگر هٿين سکڻا.”
عوامي جمهوري پارٽي جي تعليم بابت مارچ جيڪو 16 مارچ سکر مان شروع ٿيو آهي سو ڪراچي طرف روان دوان آهي.  هن ريليء جو مقصد سنڌ حڪومت، انتظاميه ۽ وس وارن کي اهو ڌيان ڇڪائڻ آهي ته سنڌ ۾ ڪرندڙ تعليمي معيار ۽ سهوليتن طرف ترت ڌيان ڏيو. فيس بوڪ تي هن مارچ هڪ  سٺي ۽ بهترين سرگرمي طور مڃتا ماڻي آهي. وقت سان گڏ ان ريلي ۾ ماڻهن جو تعدا به وڌيو آهي ته ان کي فيس بوڪ تي تشهير به ملي آهي. فيس بوڪ ادبي حلقن لاء به ميلا مچائڻ جو سبب بڻيو آهي، سنڌي شاعري جي حوالي سان هڪ اهم ۽ سرگرم گروپ بزمِ سخن فيس بوڪ سٿ پاران طرحي مشاعرا ڪرڻ جي روايت کي ٻيهر جياريو ويو آهي. طرحي مشاعري جي سلسلي کي سمورن شاعرن پاران ڀرپور موٽ ملي آهي. سنڌ سلامت پاران به فيس بوڪ تي هڪ سروي شروع ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪيترن ئي دوستن پنهنجا رايا ڏنا آهن. ان سروي جو اهم سوال هيو ته ڇا سوشل ميڊيا يا فيس بوڪ اسان سنڌين لاء ڪا اميد پيدا ڪئي آهي؟ يا سوشل ميڊيا اسان لاء ڪو سٺو يا مثبت پليٽ فارم آهي؟ ان حوالي سان دوستن پاران خوب ٽيڪا ٽپڻي ٿي ۽ لاتعداد جواب موصول ٿيا. گهڻن دوستن جي راء هئي ته فيس بڪ سنڌين لاء انڪري گهڻو اهم آهي جو پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کان ڄاڻي واڻي رد ڪيل خبرن ۽ سماجي مسئلن کي سوشل ميڊيا ترت ماڻهن تائين پهچائي ٿي ۽ سڄي دنيا جي سنڌين کي پاڻ ۾ ملائي رکيو اٿس. ترڪيءَ مان گورڌن ولاسائي ۽ حفيظ لغاري معلوماتي ۽ تصويري شيئرنگ ڪري رهيا آهن. گورڌن ولاسائي بجلي بابت هڪ حيرت انگيز حقيقت لکي ٿو ته هتي ترڪيءَ ۾ بجلي جي پيدا ڪرڻ لا استعمال ٿيندڙ مختلف قسمن جي ٻارڻ تي تحقيق ڪندي، انهي ڳالهه تي حيرت ٿي رهي آهي ته ترڪي ۾ گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ بجلي جي قيمت، ڪارخانن، اسڪولن، مارڪيٽن ۽ زراعت کان وڌيڪ آهي. اهو انهي جي ڪري ته جيئن ماڻهو گهڻي کان گهڻو گهرن کان ٻاهر رهن، گهر اصل ۾ سُستي جو گهر آهي. جيترو وقت ماڻهو گهر کان ٻاهر رهندو اوترو وقت ئي ڪنهن نه ڪنهن مثبت ڪم پويان لڳل هوندو، ڀلي اسڪول هجي يا مارڪيٽ!
ٿر جي صورتحال به اهم موضوعن مان آهي. جيتوڻيڪ حيرت به ٿئي پئي ته دوستن ايڏو جلدي ٿر کي ڪيئن وساري ڇڏيو يا ان جي خبرن جي شيئرنگ ۾ ڇو گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته ٿر جي صورتحال اڃان تائين اطمينان بخش ناهي.

روزانه عوامي آواز پهرين اپريل 2014
_____



هي ملاقات به ڪا وسرڻ جي آهي ... !!!!

مختصر ملاقات محمد سليمان وساڻ سان
عابد بلوچ

آئون پنهنجي ڳوٺ ۾ هئس ۽ موبائيل تي نيٽ هلائي رهيو هئس. اچانڪ سهڻي سائين سليمان وساڻ جو اسٽيٽس اکين آڏو آيو. جنهن ۾ لکيل هيو ته آئون سکر ۾آهيان ۽ ڏاڍي گرمي آ . سوچيم ته سائين سکر آيل آ ۽ اسان فقيرن کي ٻڌايو به نه اٿس آئون سائين کي موبائيل ايس ايم ايس ڪيو ته سائين اوهان سکر آيا آهيو ۽ مونکي ٻڌايو به نه اٿئو، اوهان تي ڏنڊ لڳندا. ڪجه دير کان پوء سائين جن جو ايس ايم ايس آيو ته آئون ڏوه ڏنڊ ڀريندس مونکي مجبوري هئي ان ڪري آيو آهيان حرا ميڊيڪل سينٽر ۾ ڪم هيو. سائين کي چيم سائين جي ٿورو وقت جي اسان فقيرن کي به ملاقات لاء ڏيو ته اوهان جا ڪروڙين قرب ٿيندا. سائين سليمان چيو ٺيڪ آهي سڀاڻي اوهان حرا ميڊيڪل سينٽر تي اچجو اتي ملاقات ڪنداسين. سائين جي ان اسرار تي من ۾ عجيب ڪيفيت پيدا ٿي وئي سوچڻ لڳس ته سڀاڻي ايڏي مهان هستي سان ملاقات ٿيندي هڪ سٻاجهڙي شخص سان ملڻ جو موقعو نصيب ٿيندو جيڪو منهنجي لاء باعث فخر هوندو. سڄي رات سائين جن سان ملاقات جي باري ۾ سوچيندو رهيس مونکي ايتري ته خوشي هئي جو ان خوشي جي ڪري مونکي ننڊ به نه پئي اچي. آخر ڪار رات کٽي ۽ باک ڦٽي آئون ملڻ لاء بيقرار هئس تيار ٿي ڪري فرحاد کي چيو هلندين هن چيو ها مان به هلندس فرحاد منهنجو ننڍو ڀاء آهي. سو ٻئي پنهنجي ڪار تي روانا ٿياسين آئون روهڙي پهتس ته سائين سان رابطو ڪيو پڇا ڪيم ته سائين ڪٿي آهيو؟ سائين وراڻيو ته آئون خيرپور مان نڪران ٿو. اسين سکر پهچي وياسين گرمي به ڏاڍي هئي وري سائين کي ڪال ڪئي ته سائين چيو آئون پهچي ويو آهيان، اوهان اچو اسين سکر پنهنجي گهر مان نڪتاسين ۽ حرا ميڊيڪل سينٽر پهتاسين. اسين حرا ميڊيڪل سينٽر جي در ٻاهران بيٺاسين ته سائين کي به ڏٺو ته اچي رهيو آهي. سائين سان ڀاڪر پاتو ان ڀاڪر ۾ قراري واري ڪيفيت پيدا ٿي اتان نڪري وڃي ڀرسان واري هوٽل ۾ ويٺاسين. ۽ اتي بوتل جو چيو. سائين جن سان حال احوال ڪياسين سائين جن جو مٺڙو آواز من کي موهي رهيو هو. بوتل پيتي ته سائين جن ڏي منصور ميراڻي جي فون آئي ان کي به سائين ملڻ جو چيو هو. آئون سائين کي چوندو رهيس ته سائين هلو اڄ منهنجي ڳوٺ ٿا هلون ۽ اتي ڪچهريون ڪيون، پر سائين چيو ته مونکي هتي ڪم آ ۽ وري واپسي ڪراچي به وڃڻو آ. نيٺ هوٽل تان اٿڻو پيو وقت ساٿ نه ڏنو سائين کي منصور سان به ملڻو هيو دل ته نه پئي چوي ته سائين کان پري ٿيون پر وقت آڏو مجبور هئاسين وقت ساٿ نه ڏنو. اميد تي دنيا قائم آ ۽ اميد آهي ته وري ملنداسين زندگي ساٿ ڏنو ته. اها مختصر ملاقات وسرڻ جهڙي نه آهي ان ملاقات ۾ محبت جا ڪروڙين رنگ شامل هئا ۽ ڇو نه هجن اهڙو محبتي ماڻهو جو هيو.

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
_____


هي ملاقات به ڪا وسرڻ جي آهي ... !!!!

محمد سليمان وساڻ


مونکي چڱي طرح ياد آهي ... دوستن جو ٿورائتو آهيان جيڪي ايڏي پنهنجائپ ۽ پيار ڏيندا آهن. مان نه ته ڪو مهان ليکڪ آهيان ۽ نه وري ڪو وڏو شاعر ۽ نه ئي ڪا سياسي شخصيت ... مان ته بس محبتون ورهائيندو آهيان ۽ محبتون پائيندو آهيان. اها خوشنصيبي اٿم جو سڄي سنڌ ۾ جتي به ويندو آهيان ته فيس بوڪ يا سنڌ سلامت جا دوست ملي ويندا آهن.
سچ پڇو ته دوستن سان پهرين ملاقات پهرين ته لڳندي ئي ناهي ... ڄڻ ڪو صدين جو رشتو هجي ۽ آهي به ... مٽيء جو رشتو، سنڌوء جي پاڻيء جو اثر ... اسان سڀ ساڳي مٽي مان آهيون. ان ڏينهن ۾ مان روزانو خيرپور ۽ سکر جا ٻه ٽي چڪر لڳائيندو هوس، حِرا اسپتال ۾ منهنجي ناني اتي داخل هئي. جڏهن به سکر بيراج ٽپندو هوس ته مونکي نسيم کرل جي ڪهاڻي چوٽيهون در ياد ايندي هئي ۽ مان اهڙو اپڊيٽ فيسبوڪ تي موبائيل ذريعي اپڊيٽ ڪيو هو. انهن ڏينهن ۾ گرمي به پنهنجي جوڀن تي هئي. ساڳي ئي ڏينهن اوهان پيارن دوستن سان ملاقات ٿي هئي. فقير عابد درياء دل ماڻهو آهي ... سچو، کرو ۽ پيارو. ساڳي ڏينهن منصور ميراڻي سان به ملاقات ٿي هئي ۽ ان سان سنڌي ٻولي، فيس بوڪ ۽ ماڻهن جي روين تي ڳالهه ٿي هئي. مان چاهڻ باوجود به نه ته عابد جي ڳوٺ وڃي سگهيس ۽ نه ئي وري منصور ميراڻي جي گهر وڃي سگهيس. پر يادون ته سدائين منهنجي جهول ۾ رهنديون ... يادون جيڪي هر وقت اوهان جي ياد ڏيارينديون رهنديون.


خوش هجو دوستو .... اسان شايد زندهه آهيون ئي اوهان دوستن جي محبتن جي سهاري.


March 17, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 7

فيس بوڪ رائونڊ اپ 7
 محمد سليمان وساڻ
 ٿر، ٿرين جي بيوسي ۽ سياستدانن جي لاپرواهي پورو هفتو فيس بوڪ جو موضوع رهي. وزير اعظم جي آمد، پ پ پ چيئرمين جي ٿر ۾ آمد، وزير اعلى سنڌ جي بيوسي، اسپتالن ۾ اڻهوند، ٿري عوام جا لٿل چهرا  شاعريء جو به موضوع رهيا ته لکڻين ۽ مضمونن جا عنوان به رهيا. ٿر مان چونڊيل پيپلز پارٽي جي ايم پي اي مهيش ملاڻيءَ جي اها تصوير سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ رهي جنهن ۾ هو پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جا هٿ چمي رهيو آهي. ٿر ۾ خدمت جي حولي سان ڪيتريون ئي تنظيمون، شخصيتون ۽ ماڻهو ميدان ۾ لٿل آهن. اسان سڀني کي جس ڏيون ٿا پر ڪي اهڙا به آهن جيڪي اتي سياست پيا ڪن يا وري مورڳو تصويرون ڪڍرائڻ لاء ويل آهن. اهڙي رويي بابت دوست حسام ميمڻ لکيو آهي ”ڪجهه ماڻهو خدمت ڪندا آهن، پر اهڙي خدمت جيڪا انهن جو شوق هوندي آهي، تنهنڪري، خدمت تي گهٽ ڌيان هوندو آهي ۽ پنهنجون تصويرون ڪڍڻ/ڪڍائڻ تي گهڻو، ان مان اندازو ٿي ويندو آهي ته ڪير ڪيتري خدمت ڪري ٿو ۽ ان جا سبب ڇا آهن. باقي مڙيوئي خير آهي.“هوڏانهن حڪومت ۽ طالبان جون ڳالهيون ۽ سنڌ ۾ افغانين جي آبادڪاري به اهم موضوع رهيا.

March 10, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 6

فيس بوڪ رائونڊ اپ 6

محمد سليمان وساڻ

هن هفتي فيس بوڪ جو ماحول ٿر جي ڏڪار واري صورتحال کانپوء ٿيندڙ فوتگين سبب ڏکارو ٿي ويو آهي. گهڻو ڪري سڀ دوست ٿر جي ماڻهن جي مدد لاء پڪاري رهيا آهن، شاعر پنهنجي شاعريء ذريعي ۽ ليکڪ پنهنجي قلم ذريعي سوشل ميڊيا تي ٿر جي صورتحال چٽيندا رهيا آهن. سياسي ماڻهن کي تنقيد جو موقعو مليو آهي ته اتي اين جي اوز کي به طعنا مليا آهن. حڪومت تي خوب تنقيد به ٿي آهي ته اتي فيسبوڪ جا دوست پاڻ به ٿر جي ماڻهن جي مدد لاء ميدان ۾ لهي پيا آهن. ٿر جتي ڏسندي ئي ڏسندي 150 کان وڌيڪ موت ٿيا آهن جنهن ۾ اڪثريت ڄمندڙ ٻارن يا پيٽ وارين عورتن جي ٿي آهي. سنڌ سلامت ان حوالي سان سوشل ميڊيا خاص ڪري فيسبوڪ کي به ڏوراپا ڏنا ته ٽن مهينن کان ٿيندڙ اهڙي حالتن جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ته نشاندهي ڪانه ڪئي پر سوشل ميڊيا جيڪو آزاد آهي ان به اهڙي صورتحال جي نشاندهي تڏهن ڪئي جڏهن موت راڪاس بڻجي ٿر ۾ ڪاهي پيو آهي. ان تصوير به ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو جڏهن مٺيء مان ٻه تصويرون شيئر ٿيون هڪ ۾ موت ٻارن کي گلي لڳائي رهيو هو ڇو ته هو بک ۽ بدحاليءَ سبب پنهنجو وجود وڃائي رهيا هئا ٻئي طرف وزير، مشير ۽ بيوروڪريٽ بوفي ڊنر ۾ لذيز طعامن ۽ مشروبن جا مزا ماڻي رهيا هئا.

گذريل هفتي سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي سالياني ڪنوينشن بابت سندن پيج تي سرگرمي رهي ۽ تقريب جون تصويري جهلڪيون به خوب شيئر ٿيون. هن تقريب ۾ ٿر جي صورتحال ۽ سنڌ ۾ تعليمي تباهي خاص موضوع رهيا. ٻن ڏينهن واري اها سالياني تقريب سچل ڳوٺ ڪراچي جي روشن تارا اسڪول ۾ ٿي گذري جنهن ۾ سڄي سنڌ ۽ اسلام آباد شاخ جي عهديدارن شرڪت ڪئي. ڪراچي ۾ ٻن اهم ڪتابن جي مهورتي تقريب به فيس بوڪ جي اهم موضوعن جو حصو رهي جنهن ۾ خالق جوڻيجي جو ڪتاب “سنڌ جي سياسي جدوجهد” ۽ ڊاڪٽر مشتاق جو ڦل جو قومي ٻولين بابت مضمونن جو سهيڙيل ڪتاب “قومي ٻولين جو سوال ۽ سنڌ” شامل آهن. هن هفتي وسيم آڪاش سيتائي جي ڇپجندڙ شاعريء جي ڪتاب “هوائن ڇير ڇمڪائي” جي به خوب پذيرائي ٿي آهي. فيس بوڪ جي نئين گروپ Sindhi Books Review ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جو تعارف، انهن جي اهميت ۽ انهن تي لکيل تاثرن بابت سٺي ۽ مثبت سرگرمي ڏسڻ ۾ آئي آهي.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو: سنڌ جو امر ڪردار


ڪامريڊ تاج محمد ابڙو: سنڌ جو امر ڪردار
محمد سليمان وساڻ


سنڌ ڌرتي جي اها تاريخ رهي آهي ته هن ڌرتيء هميشه مهان انسانن کي جنم ڏنو آهي. اهڙا مهان انسان جن سچائي ۽ ايمانداري جي واٽ تي هلندي مشڪلن کي منهن ڏيندي به پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن سان وفاداري ڪئي آهي. موهن جي دڙي جي نگري سان واسطو رکندڙ اهڙي ئي هڪ مهان ۽ آدرشي هستي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي به آهي. جنهن ترقي پسند سوچ سبب صحافت، سياست ۽ ادب جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي پيدائش 8 آگسٽ 1924ع تي شهدادڪوٽ ۾ ٿي. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد جي وفات سبب سندس پرورش سندس ڀيڻ جي گهر ۾ ٿي. هن شروعاتي تعليم قنمبر ۽ مئٽرڪ لاڙڪاڻي مان ڪئي. هاء اسڪول جي دور کان ئي کيس سياست سان جذباتي لڳاء هيو. هي 1942ع جو زمانو هو ۽ سنڌ ۾ مسلم جي سياست زورن تي هئي جڏهن ته شهرن ۾ هندو ڪانگريس جا حامي هيا پر ان دور ۾ به ڪامريڊ تاج محمد ابڙو مزدور، غريب ۽ هاري جي ڳالهه ڪندو رهندو هو. هو انهن ئي ڏينهن ۾ اخبارن جو ڀرپور مطالعو ڪندو رهندو هو ۽ ماڻهن سان سياست تي دليلن سان بحث ڪندو هو.


March 09, 2014

ٿر اوهان کي پڪاري ٿو


ڪنهن در ڏجي دانهن
ٿر اوهان کي پڪاري ٿو
محمد سليمان وساڻ 

ميڊيا تي ٿر جي تازي ڏڪار واري صورتحال ۽ لڳ ڀڳ 150 جانين جي وڃڻ واري خبر ڏسي سچ پڇو ته ڏاڍو ڏکارو ٿي وڃجي ٿو. سوچي رهيو هوس ته هي ڏڪار واري صورتحال هڪدم ته نه آئي هوندي ۽ خبر به پئي ته ٽي مهينا اڳ کان ان قسم جي صورتحال سامهون اچڻ شروع ٿي چڪي هئي. پر افسوس جو نه ته پرنٽ ميڊيا ۽ نه ئي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ۽ نه وري حڪومتي سطح تي ان قسم جي حالتن جي ڪا صحيح نموني نشاندهي ٿي سگهي. ٻيو ته ٺهيو پر سوشل ميڊيا جيڪا خبرن جي معاملي ۾ تيز آهي اها به ڪا اڳواٽ صورتحال بابت آگاهي نه ڏئي سگهي. جڏهن فوتي ٻارن جو انگ سينچري جو اسڪور ڪري چڪو هو ته پوء اها خبر باهه وانگيا پکڙجي وئي. ڏک اهو ٿيو ته اهڙي صورتحال هوندي به اسان جي پارٽين پاران ڪا منصوبه بندي تحت ڪم جي شروعات ڪرڻ کان اڳ تنقيدي نشستون شروع ٿي چڪيون آهن ۽ اسڪورنگ پوائنٽ حاصل ڪري بهتر تنقيد جا رستا ڳوليا پيا وڃن.
مان اهو به سوچي رهيو هوس ته شايد اسان وٽ تنظيمن ۽ صحافي لڏي ۾ اهڙن ماڻهن جي کوٽ ٿي وئي آهي ڇا جو خبرن تي تڪڙي انداز جي رپورٽنگ ڪندي اهڙي ڏکيي صورتحال جو ڪو اڳواٽ جائزو پيش ڪن. افسوس واري ڳالهه اها به آهي ته حڪومت ۽ انتظامي معاملا ڄڻ ته سنڌ ۾ آهن ئي ڪونه ... ٻيو ته ٺهيو پر ٿر جي ماڻهن تي قابض گادين وارا، عوامي نمائنده به گم رهيا ... ڀلا اهو سڀ به ڇڏيو ٽئٽر جي شهنشاهه بلاول ڀٽي جو ڪو پيغام جيڪڏهن سڀني ميمبرن ڏانهن ئي هجي ته اهي سڀ ڪم ڇڏي ماڻهن جي واهر ڪن ته به ان کي سٺي ڪاوش سمجهجي ها. وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت ۽ ملڪ رياض جا اعلان ڪاش اعلان نه هجن ۽ ماڻهن جي صحيح نموني پرگهور لڌي وڃي.

ٿر جي آبادي ايڏي گهڻي به ناهي جو اتي پهچي معاملن کي سلجهائي نه سگهجي پر ڳالهه آهي نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻ جي. سوشل ميڊيا جي انهن سڀني دوستن کي به جس هجي جيڪي عملي ڪم ۾ لٿا آهن. جس هجي انهن سڀني ماڻهن کي جيڪي عملي طور ٿر پهچي ماروئڙن جي مدد لاء پهتا آهن. مان سوچيان پيو ته هاڻي ڪنهن در دانهن رکجي ... بس دوستن کي سلام جيڪي سندرا ٻڌي سچائي ۽ نيڪ نيتي سان خدمت جي ميدان ۾ لٿا آهن. مان سڀني سڄڻن کي اپيل ڪندس ته هي مهل ڪنهن ڏوراپن ڏيڻ ۽ ڳالهين ڪرڻ جي ناهي، دوستن جو ساٿ ڏيو ۽ ٿر جي سونهن ٿري عوام کي بچايو ، ٿري هوندا ته ٿر جي سونهن به رهندي، ته محبت ۽ سڪ به رهندي ۽ جڏهن سونهن رهندي ته سنڌ به سلامت رهندي.

March 05, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 5

فيس بوڪ رائونڊ اپ 5

محمد سليمان وساڻ

سوشل ميڊيا تي هن هفتي جي شروعات ۾ ئي 24 فيبروري تي سنڌ جي نياڻي رنڪل ڪماري جي زوري مذهب مٽرائڻ جي ٻن سالن جي پڄاڻي تي ڪيترن ئي دوستن سندس تصويرون لڳائي ان ڏينهن جي ياد تازي ڪندي سماج جي ڏاڍ تي لکيو. اسد چانڊيي لکيو ته ”اسان جي نا اهلي ڪري جيئري ئي مري ويل، اڄ جي سنڌ جي مزاحمت جي ڪردار، رنڪل جي اغوا واري ڏينهن تي، مُنهنجي ذهن ۾، هڪ ئي وقت، ڪيتريون ئي فلمون هلي رهيون آهن. اهڙيون فلمون، جن جَي ذهن ۾ اچڻ ۽ هلڻ بعد، ذهن مائوف ٿيل محسوس پيو ٿئي. سنڌ کي هيءَ ڪاميابي ڏيڻ جيڪڏهن آسان نه هئي ته ايتري ڏکي به نه هئي. شرط فقط ايترو هو ته جَنهن جيڪو ڪجهه چيو به هو، سو ڪري ڏيکارڻ جي همت به رکندڙ هجي ها ته! رنڪل کي جيئري ئي ماريو نه وڃي ها .“

گذريل هفتي چئن سنڌي ڪتابن جي مهورتي تقريبن جون تصويرون ۽ رپورٽون به خوب شيئر ٿيون جن ۾ اسحاق انصاري جو سفرنامو نڪري پيس نيپال ڏانهن (حيدر آباد) ، جميل سومري جي شاعريءَ جو مجموعو ريشم جهڙا خواب (ڏهرڪي)، شبير هاليپوٽي جو ڪتاب تو بن ڪجهه به نه مان (محرابپور) ۽ ڊاڪٽر سليمان شيخ جو ”منهنجي دنيا“ (ڪراچي) شامل آهن. نامياري شاعر هدايت بلوچ جي نوجوان پُٽ فياض بلوچ جي 26 فيبروري تي مسقط ۾ دل جي دوري سبب فوتگي تي به فيس بوڪ تي تعزيتي لکڻيون پيش ڪندي خاندان سان ڏک ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو ويو.

23 مارچ تي جسقم جي آزادي مارچ جي سلسلي ۾ جسقم ميڊيا سيل ۽ ڪيترن ئي نوجوانن پاران ان کي ڪامياب بڻائڻ ۽ ماڻهن کي وڌ ۾ وڌ شرڪت ڪرڻ لاء اتساهيندڙ تشهيري مهم هلي رهي آهي. ٻئي طرف عوامي جمهوري پارٽي پاران تعليمي انقلابي لانگ مارچ جي سلسلي ۾ سندن پيج تي مثبت سرگرمي ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ کين ڀرپور عوامي موٽ ملي آهي ياد رهي ته اهو تعليمي مارچ 16 مارچ تي سکر ۽ لاڙڪاڻي کان شروع ٿيندو، جيڪو موري پهچندو ۽ پوءِ اتان گڏيل هڪ ئي قافلو حيدرآباد، سجاول، ٺٽو کان ٿيندو ڪراچي ۾ سنڌ اسيمبلي پهچندو. هوڏانهن سپلا جي هڙتال واري سڏ تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڌرڻي تي پوليس جي تشدد ۽ گرفتارين جي به فيسبوڪ تي هر پل خبر اپڊيٽ ٿيندي رهي ۽ خاص ڪري شفيق احمد جوکيي حڪومت ۽ انتظاميه جي اهڙي پر تشدد ڪاروائي تي لکيو ته حڪومت هزارين شهرين ۽ فوجين جي قاتل دهشتگردن سان ته ڳالهيون ڪرڻ لاء تيار آهي پر استادن سان ڳالهيون ڪرڻ بجاء انهن تي تشدد ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته هي عوامي حڪومت نه پر وڏيرن ۽ جاگيردارن جي حڪومت آهي. ان حوالي سان دلشاد ڀٽي صاحب لکيو ته مڃئون ٿا ته ڪجهه استاد پنهنجا فرض پورا نٿا ڪن، پنهنجي فرائض ۾ ڪوتاهيون ٿا ڪن، قوم جي ٻچن کي جاهل رکڻ جو گناهه عظيم ٿا ڪن. جيڪي اهو ڪن ٿا انهن کي سزا ضرور ملڻ کپي پر جيڪي اهو نٿا ڪن انهن کي ٻين جي گناهن جي سزا نه ملڻ کپي؟ اهو چوڻ يا سمجهڻ بلڪل غلط ٿيندو ته سڀ استاد هڪ جهڙا ڪم چور ۽ گوسڙو آهن جيڪڏهن سڀ استاد گوسڙو هجن ها ته پوء سنڌ جا سمورا تعليمي ادارا بند هجن ها ۽ ڪوبه ٻار اسڪولن يا ڪاليج مان پڙهي نه نڪري ها.

تعليم بچايو سنڌ سنواريو جي سلوگن تحت سوشل ميڊيا تي هلندڙ بحث لاڀائتو ثابت ٿي رهيو آهي، ان حوالي سان ذوالفقار واهوچي حڪومت کي صلاح ڏني آهي ته تعليم کي بچائڻ لاء بنا دير جي سنڌ سرڪار کي سنڌ جا پرائمري کان ڪاليجن تائين سمورا ادارا خانگاهڻ گهرجن، پرائمري ۾ في شاگرد 5 سئو رپيا، سيڪنڊري ۾ في شاگرد هزار رپيا ۽ ڪاليجن ۾ في شاگرد 2 هزار رپيا انهن اسڪولن ۽ ڪاليجن جي انتظاميا کي ڏنا وڃن ته هڪ ٻار به اسڪولن کان ٻاهر نه رهندو. وزير تعليم جي ان بيان خلاف به ردعمل سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن اين جي وي اسڪول کي بند ڪري اتي ڊائريڪٽوريٽ تعليم جي آفيس کولڻ جو اعلان ڪيو آهي.

فيس بوڪ جنهن سڀ ڪنهن کي مفت ۾ پنهنجا خيال پيش ڪرڻ جي مڪمل آزدي ڏني آهي ان پاران پنهنجي مفت اي ميل سروس بند ڪرڻ ۽ واٽس ايپ جي خريداري تي به خدشا ڏيکاريا ويا آهن. ڇو ته واٽس ايپ وڪري جي ٽئين ڏينهن ئي ڪجهه سببن ڪري بند ٿي وئي ۽ ڪروڙين صارفين کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو. نه صرف اهو پر فيس بوڪ جي هوم پيج لاءِ اينڊرائيڊ سسٽم تي تنقيد سامهون آئي آهي ته اهو سافٽ ويئر پرائيوسي لاءِ خطرناڪ آهي. سنڌ سلامت تي ڊاڪٽر ممتاز قريشي پاران سنڌي ٻوليءَ ۾ شروع ڪيل صحت سرير جي عنوان تحت مختلف بيمارين، انهن جي سببن، بيمارين کان بچاء ۽ انهن جي علاج بابت ڄاڻ سان ڀريل ۽ لاڀائتو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي جنهن کي سوشل ميڊيا تي تمام ڀرپور مثبت موٽ ملي آهي. فيسبوڪ جي آنلائين ڪتاب گهر ۾ هن هفتي محمد قاسم سومرو جي محنت سان ڪيترائي اهم ڪتاب پي ڊي ايف جي صورت ۾ اپلوڊ ڪري عام ماڻهن جي پڙهڻ لاء رکيا ويا آهن. ڪنول پبليڪيشن، پوپٽ پبليڪيشن، سنڌيڪا پبليڪيشن ۽ نئون نياپو پاران پنهنجي ڇپيال ڪتابن جي خوب تشهير ٿي رهي آهي.

روزانه عوامي آواز 4 مارچ 2014
_____

March 02, 2014

سوچون ساگر ويرون : شاعريء جي خزاني ۾ سهڻو اضافو

سوچون ساگر ويرون : شاعريء جي خزاني ۾ سهڻو اضافو

محمد سليمان وساڻ

ڇو ته مان شاعر ناهيان تنهنڪري شاعريء جي ڪتاب تي تنقيد ڪرڻ ڪانه ايندي آهي، پر سهڻين سٽن ۽ خوبصورت لفظن جي واکاڻ ڪرڻ ايندي آهي. اڄ واحد سوز ملاح جي شاعريء جو خوبصورت ڪتاب سوچون ساگر ويرون منهنجي هٿن ۾ آهي. آزادي اشاعت گھر ميرپور بٺورو پاران شايع ٿيندڙ هي ڪتاب 144 صفحن تي، بهترين پيپر تي، 4 ڪلر ڊبل ڪور فليپ سان، سمورو ڪتاب ٻن رنگن ۾ دلڪش انداز سان ڪنول پبليڪيشن پاران ڪمپوز ڪيو ويو آهي. هن خوبصورت ڪتاب جو ملهه 200 روپيا آهي. ڪتاب جو مهاڳ قومپرست رهنما، اديب ۽ شاعر نواز خان زئور لکيو آهي، جڏهن ته واحد پارس هيسباڻي، سليم العارف ڪنڀار ۽ مهر النساء لاڙڪ جا تاثر به شامل آهن. واحد سوز ملاح جو تعلق لاڙ پٽ جي شهر سجاول سان آهي ۽ سندس شاعريء ۾ لاڙ پَٽ جي مٺاس واري ٻولي شامل آهي. سجاول سان تعلق رکندڙ اياز امر شيخ، آپا مريم مجيدي ۽ مشتاق سعيد جهڙن شاعرن جا ڪتاب مان اڳ به تسلسل سان پڙهندو رهيو آهيان، سڀني جي شاعري ۾ جتي عشق ۽ محبت جا جذبا سمايل هوندا آهن اتي هڪ ٻي به ڳالهه يڪسان هوندي آهي، اها آهي سڀني جي شاعريء ۾ موجود بغاوت. ياد رهي ته واحد سوز جا ان کان اڳ به شاعريء جا ٻه مجموعا ڇپجي چڪا آهن. هن ڪتاب ۾ شاعريء جون مختلف صنفون  غزل، نظم، چئوسٽا، چندن ۽ وايون شامل آهن.
واحد سوز جي شاعريءَ ۾ سنڌ ۽ سنڌ سمايل آهي. هن جي شاعري ڄڻ ته سنڌ جي چوڌاري پئي ڦري. سندس غزل جون سٽون آهن:

هر گلي گام ۾ گل وفا جا ٽڙن،
سبز سائي بڻين سنڌ منهنجي امان

سندس شاعريءَ جو هڪ رخ فطرت تي لکيل شعر به آهن.  شاعر فطرتي سونهن کان گهڻو متاثر ٿيندو آهي، اهائي ڳالهه واحد سوز جي شاعريء مان به ظاهر آهي:

چنڊ ٻه ٽي پل ترس اڃان تون،
جوت جڳائي سرس اڃان تون.

واحد سوز جتي رواجي شاعري ڪري ٿو هن جي اصلاحي ۽ اميد ڀري شاعري به پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ٿي.

لکڻ لازمي آ پڙهڻ لازمي آ
پڙهي قلب ۾ سو ڪڙهڻ لازمي آ.

واحد سوز جي شاعري پڙهي اهو احساس اڀري ٿو ته سنڌي شاعريءَ جو سفر جيڪو هڪ ڊگهي عرصي کان جاري آهي ان ۾ سنڌ جا نوجوان شاعر به پنهنجي قلم جي جوت سان منزل ڏانهن رسڻ ۾ پنهنجو ڪردار نڀائي رهيا آهن.