June 09, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 18

فيس بوڪ رائونڊ اپ 18
محمد سليمان وساڻ

گذريل هفتي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان گڏ سوشل ميڊيا جو به سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ رهندڙ موضوع ايم ڪيو ايم قائد الطاف حسين جي گرفتاري ۽ ڪراچي جون حالتون ئي رهيون آهن. فيس بوڪ تي هر گذرندڙ لمحو هڪ نئين بحث جو آغاز ڪندو رهيو. ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ حڪومت جي نمائندن جو ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ به سخت تنقيد جو نشانو رهيو. اهو به نوٽ ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم قيادت سخت مونجهاري جو شڪار رهي ۽ فيصلا ڪرڻ ۽ انهن تي عمل ڪرائڻ به پنهنجي جاءِ تي ڏکيو رهيو، خاص طور تي ان وقت سخت مونجهارو رهيو جڏهن هڪ گروپ دڪان کولڻ جو سڏ ڏنو ته ٻئي طرف ڪجهه ماڻهن زوري دڪان ۽ پيٽرول پمپ بند ڪرايا. سنڌ جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ انهن قومپرست ڌرين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا رهيا جن ايم ڪيو ايم سان اظهار يڪجهتي طور ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. حيرت ته ٿي رهي هئي ته سنڌ جي لٽيل دولت جيڪا لنڊن مان پوليس کي ملي آهي ان تي سنڌ جا اڳواڻ نه صرف خاموش رهيا پر ان جي ابتڙ ايم ڪيو ايم سان همدردي ڪندا رهيا. ڪجهه جذباتي نوجوانن جسقم قيادت سان اختلاف رکندي فيس بوڪ تي کُلي عام پارٽي کان الڳ ٿيڻ جو اعلان پڻ ڪيو. برطانوي پارليامينٽ جي رڪن جارج گيلووي جي فيس بوڪ تي رکيل سندس ان اسٽيٽش کي تمام گهڻي پذيرائي ملي ۽ لکين ماڻهن ان کي شيئر ڪيو جنهن ۾ هن ان ڳالهه تي خوشي ڏيکاري ۽ لنڊن پوليس کي شاباش ڏني ته هنن هڪ ڏوهاري کي گرفتارڪيو آهي. جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم وقتي طور الطاف حسين جي ضمانت تي آزادي تي خوش آهي پر هو سمجهن ٿا ته هي ڪيس سندن لاءِ تمام ڏکيو ڪيس آهي جيڪو سندن پارٽي جي موت جو سبب به بڻجي سگهي ٿو انڪري هو اسٽيبليشمينٽ جي هر خواهش پوري ڪندي پارٽي کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندا.
عمران خان پاران نواز شريف خلاف هلايل تحريڪ ۽ ساڳي وقت طاهر القادري پاران پاڪستان اچي تحريڪ هلائڻ وارن سوالن تي به وفاقي حڪومت کي ڪجهه پريشاني ٿي رهي آهي پر فيس بوڪ تي سنڌ جي سڄاڻ ڌرين جا اسٽيٽس سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي تحريڪ جي نه هجڻ تي پريشان آهن ڇو ته هن وقت سنڌ ۾ ن ليگ، ف ليگ ۽ قومپرست ڌريون الڳ الڳ ڌارا ۾ بيٺيون آهن. سنڌ جو عوام اڃان به ڪو تبديلي وارو فيصلو ڪرڻ کان پرڀرو بيٺو آهي. ان حوالي سان نثار کوکر لکي ٿو “پنجابي ووٽرن کي شريف ڀائرن ۽ چوڌري ڀائرن به خوب نوازيو پر ان باوجود به پنجابي ووٽرن پنهنجي لاء عمران خان جي صورت ۾ متبادل قيادت ڳولهي ورتي آهي. پر افسوس جو سنڌي ووٽر اڃان تائين ڀٽي جي قرض لاهڻ ۽ ڀوتار جي بنگلي جا چڪر ڏيڻ تائين محدود آهي”. پنجاب سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي پر سنڌ جي ان اڀرندڙ اشوءَ تي فيس بوڪ جي خاموشي حيران ڪندڙ آهي. ان حوالي سان اهو ضروري هيو ته انگريزي، اردو ۽ سنڌي ۾ پيجز ٺاهي پنهنجو آواز اٿاريو وڃي ها پر افسوس جو ڪيئي سلجهيل، لکيل پڙهيل دوست ۽ نوجوان اڃان تائين مذهب ۽ سنڌ جي قومپرست ڌڙن جي روايتي بيان بازي ۽ الزام تراشيءَ مان ٻاهر نڪري ناهن سگهيا. سندن اهڙي رويي سبب سوشل ميڊيا تي ايندڙ نوان ماڻهو به الجهن ۽ پريشاني ۾ آهن.
ڀارت ۾ ٿيندڙ اَکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا تقريب ۾ سنڌ ۽ هند جي شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن کي اوارڊ ڏيڻ ۽ مڃتا واري تقريب ممبئي ۾ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ سنڌ مان شاعر ۽ ليکڪ ادل سومري ۽ موسيقار ۽ راڳي بادل راهي کي اوارڊ ڏني ويا آهن. هن تقريب جون تصيويرون هند ۽ سنڌ جي مختلف دوستن پاران سندن فيس بوڪ وال تي خوب شيئر ٿي رهيون آهن. ٻئي طرف سنڌي ٻوليء جي انٽرنيٽ تي سڀ وڏي فورم سنڌ سلامت پاران سنڌي مواد کي بهتر نموني ڳولهڻ لاء سنڌ سلامت سرچ انجڻ جوڙي آهي جنهن ۾ سنڌ سلامت سان گڏ گوگل ڳولها هڪ ئي پيج تي الڳ ڪالمن ۾ نظر اچي ٿي. سنڌ ۾ بد امني، صحت جي خراب حالت، تعليم جي تباهي، ادارن جي ناڪامي تي به گهڻو لکيو پيو وڃي پر پ پ پ حڪومت ڪنهن به بهتري يا منصوبه بندي ۾ مڪمل ناڪام نظر اچي رهي آهي. ان حوالي سان عبدالقدير ميمڻ لکي ٿو “پاڪستان پيپلز پارٽيء جي حڪومت سنڌ ۾ ثابت ڪيو آهي ته اُها سنڌ جي مجموعي انفرا اسٽرڪچر جي ترقي، تعليمي، سماجي، انتظامي، صحت ۽ رابطن وارن شعبن جي ترقيء ۾ زيرو پلس زيرو ثابت ٿي چڪي آهي”.
آچر واري رات جو ڪراچي ايئرپورٽ تي دهشتگردن پاران ڪيل منظم حملي جو به فيس بوڪ تي چرچو رهيو آهي ۽ لکندڙن لکيو آهي ته هاڻ اهو چٽو ۽ واضح آهي ته اهڙي قسم جي حملي جي منصوبه بندي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن پنهنجا ان ۾ ملوث هجن ۽ هي حملو بلڪل مهراڻ بيس واري حملي سان ملي ٿو. خبر ناهي ته ان وقت جي انڪوائري رپورٽ ۾ ڇا ظاهر ٿيو ۽ ڪهڙا فيصلا ڪيا ويا هيا پر هاڻ ظاهر ٿي چڪو آهي ته پورو پاڪستان محفوظ ناهي. جڏهن اسٽريٽجڪ هنڌ ئي دهشتگردن لاء سولو ٽارگيٽ هجن ته عام ماڻهو ڪيترو محفوظ هوندو.

روزانه عوامي آواز 10 جون 2014ع
____



June 04, 2014

ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ : موتيءَ جهڙو ماڻهو

ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ : موتيءَ جهڙو ماڻهو
محمد سليمان وساڻ

زندگيء ۾ ڪي اهڙا ماڻهو ملندا آهن جيڪي مايوس ماڻهن کي صرف هڪ ئي جملي يا هڪ ئي مرڪ سان محبت جي معنى سمجهائي زندگي بخشي ڇڏيندا آهن. اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ آهي ڊاڪٽر سليمان شيخ. هو پيشي جي حساب سان ته ڊاڪٽر آهي ۽ مسيحا آهي پر سندس سڃاڻ بڻي آهي سندس سماجي خدمت. هڪ اهڙي شخصيت ۽ سڀاء جو مالڪ جنهن سڄي زندگي سماجي شعبي سان وابسته رهي سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي. ان ڏکيي پيچري تي هن الائي ڪهڙا ۽ ڪيترا سور سٺا آهن، سندس واٽ ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون آيون آهن پر هن جو مقصد هڪ ئي رهيو آهي انساني زندگيء سان پيار ۽ انهن جي خدمت ۽ اڄ به هو ان سان ايتروئي سچائيءَ سان نڀائي رهيو آهي. ڊاڪٽر سليمان شيخ شاهه لطيف جي ان بيت جي مصداق آهي جنهن ۾ لطيف چيو آهي “ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي”. بهار جهڙي شخصيت ۽ سنڌ جي سڀ کان وڏي سماجي تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي باني ڊاڪٽر سليمان شيخ جو اڄ 4 جون تي جنم ڏينهن آهي. مان کين 9 فيبروري تي به جنم ڏينهن جون واڌايون ڏيندو آهيان، ڇو ته شناختي ڪارڊ ۽ اسڪول جي رڪارڊ ۾ سندن جنم جي تاريخ 9 فيبروري 1942ع لکيل آهي. مان خوشنصيب آهيان جو سنڌ گريجوئيٽس ۾ رهندي ڊاڪٽر صاحب سان ڪيترن ئي پروگرامن، گڏجاڻين ۽ ڪچهرين ۾ گڏ رهيو آهيان ۽ سندن علمي، ادبي ۽ فڪري ڳالهيون ٻڌي پاڻ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندي ڪجهه انساني خدمت لاء ڪم ڪندو رهيو آهيان. ڪيترن ئي پروگرامن ۾ صرف انڪري ويندو آهيان جو اتي ڊاڪٽر سليمان شيخ جي تقرير ٻڌڻي هوندي آهي.


June 02, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 17

فيس بوڪ رائونڊ اپ 17
محمد سليمان وساڻ

ملڪ ۾ موبائل فون ڪمپنين پاران شروع ڪيل 3 جي سروس کانپوء وڊيو ڪانفرنسنگ سان گڏ وڊيو شيئرنگ آسان ٿي پئي آهي ۽ ڪجهه پرڏيهه ۾ رهندڙ دوستن اهڙي قسم جي وڊيو ڪانفرنسنگ جو ذڪر به ڪيو آهي ته ڪيئن نه هو پنهنجي ڳوٺ ۾ رهندڙ دوستن سان مسلسل رابطي ۾ آهن. پر ڇا يوٽيوب جي پابندي سبب 3 جي لاء ڪمپنين کي ڪا سگهاري موٽ ملندي؟ اهي سوال فيس بوڪ جو موضوع بڻيا آهن. ساڳي وقت اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته سنڌ ۾ بدترين لوڊ شيڊنگ کانپوء موبائل نيٽ استعمال سبب سمارٽ فون جي وڪري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. پر ان مان فائدو ڇا سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو حاصل ڪري رهيا آهن؟ جواب ڪير ڏيندو يا اسان وٽ ڪهڙا ادارا آهن جيڪي سروي ڪري يا انهن جا جواب حاصل ڪري اسان لاء هن جديد ٽيڪنالاجي کي فائديمند بڻائي سگهندا؟ هن هفتي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ان تقريب جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي جنهن ۾ پهريون دفعو سرڪاري ڪامورن کي ڪنهن تنظيم پاران مڃتا اوارڊ ڏنا ويا آهن. سنڌ فنڪار ويلفيئر طرفان ايڇ بي اين ميڊيا جي سهڪار سان پهرين سنڌ سروسز اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي تقريب آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ پهريون دفعو سنڌ جي سرڪاري ڪامورن ۽ سياسي شخصيتن کي سندن سماجي، سياسي ۽ ادبي خدمتن عيوض سنڌ سروسز اوارڊ ڏنا ويا. ان موقعي تي ادب ۽ فن سان واڳيل شخصيتن کي به اوارڊ ۽ شيلڊ پيش ڪيون ويون. هن تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ سرڪاري ڪامورن، ادبي ۽ سياسي شخصيتن ۽ فنڪارن پنهنجي فيمليز سان گڏ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ناليواري فنڪارن گيت پيش ڪري محفل کي مچايو. جن شخصيتن کي اوارڊ ڏنا ويا انهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسيلر پروفيسر مظهر الحق صديقي،  آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو جنرل سيڪريٽري محمد احمد شاهه، اڳوڻو صوبائي وزير عبد الحق ڀرٽ، ايم پي اي سيد مراد علي شاهه، ايڊيشنل آءِ جي پوليس سائين رکيو ميراڻي، ڊي آءِ جي پوليس عاشق بوزدار، صدر پريس ڪلب ڪراچي امتياز خان فاران، اسپيشل سيڪريٽر رورل ڊولپمينٽ اڪبر لغاري، ايڪسائيز کاتي جو سيڪريٽري عبدالمجيد پٺاڻ، سيڪريٽري زڪوات ۽ عشر محمد رمضان اعواڻ، چيئرمين فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي بشير مورائي، اڳوڻو وي سي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اڪبر حيدر سومرو، ڊاڪٽر نذير ڪلهوڙو، ناميارو سفرناما نگار ۽ ليکڪ الطاف شيخ، شاعر ۽ ليکڪ ادل سومرو، ناميارو راڳي ۽ شاعر بيدل مسرور، اداڪار شهباز دراني، اداڪار صلاح الدين تنيو، گلوڪار شمن علي ميرالي، گلوڪار ظفر رامي ۽ اداڪار منير پٺاڻ شامل آهن.
گذريل رائونڊ اپ ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي کي عرض ڪيو هوم ته ميڊم مهرالنساء لاڙڪ جي سار لهي، جيڪا ڪراچي جي اسپتال ۾ موت ۽ زندگيء جي ڪشمش ۾ آهي. ثقافت کاتي جي وزير شرميلا فاروقي اسپتال پهچي سندن سار لڌي آهي اسان ثقافت کاتي جي ان عمل جي تعريف ڪيون ٿا. ساڳي وقت سوشل ميڊيا جي آواز کي ٻڌڻ لاء ثقافت کاتي کي گهرجي ته ڪو اهڙو سيل جوڙي جيڪو خبرن جي تصديق ڪندي اهڙن ماڻهن جي تڪڙي سار لهي، جيئن بشير سيتائي صاحب اسپتال ۾ آهن کين مدد جي ضرورت آهي. فيسبوڪ تي هن هفتي شهيد منير چولياڻي جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي، جيئي سنڌ متحده محاذ جي ميڊيا ڪنوينر منير چولياڻيءَ کي اغوا ڪرڻ بعد گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.  منير چولياڻي جو لاش بوبڪ ڀرسان درگاهه گنجڙي وٽان هٿ آيو، کيس مٿي ۾ 3 گوليون لڳل هيون. هوڏانهن اها ڳالهه اڃان به بحث هيٺ آهي ته آخر سنڌي ماڻهن جو پنهنجي سياسي، سماجي ۽ فڪري اڳواڻن تان ويساهه ڇو ٽُٽي رهيو آهي ۽ ڪنهن به اڳواڻ جي پٺيان هلڻ لاء تيار ناهن. ان سلسلي ۾ نثار کوکر لکيو آهي ته “اسي ۽ نوي وارن ڏهاڪن ۾ آيل سياسي شعور ۽ ترقي پسند لهرن سنڌ اندر هڪ اميد پيدا ڪئي ته ڀوتارڪو ڪلچر ختم ٿيندو پر پوءِ خبر پئي ته ان دور جي مها انقلابين جي رستي ۾ به ڪو نه ڪو ڀوتارڪو ڪلچر پيل هو.انهن پنهنجو اميج وڃايو پر سوين هزارين ڪارڪنن جو ويساھ وڃايو ۽ ماڻهو هاڻي ٻيهر ڀوتار کي بت ڪري پوڄڻ لڳا آهن.”

روزانه عوامي آواز 3 جون 2014

____

پهرين سنڌ سروسز اورڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيندڙ تقريب

پهرين سنڌ سروسز اورڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيندڙ تقريب

رپورٽ: محمد سليمان وساڻ

سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي طرفان ايڇ بي اين ميڊيا جي سهڪار سان پهرين سنڌ سروسز اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي تقريب آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ پهريون دفعو سنڌ جي سرڪاري ڪامورن ۽ سياسي شخصيتن کي سندن سماجي، سياسي ۽ ادبي خدمتن عيوض سنڌ سروسز اوارڊ ڏنا ويا. ان موقعي تي ادب ۽ فن سان واڳيل شخصيتن کي به اوارڊ ۽ شيلڊ پيش ڪيون ويون. هن تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ سرڪاري ڪامورن، ادبي ۽ سياسي شخصيتن ۽ فنڪارن پنهنجي فيمليز سان گڏ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ناليواري فنڪارن گيت پيش ڪري محفل کي مچايو.
جن شخصيتن کي اوارڊ ڏنا ويا انهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسيلر پروفيسر مظهر الحق صديقي،  آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو جنرل سيڪريٽري محمد احمد شاهه، اڳوڻو صوبائي وزير عبد الحق ڀرٽ، ايم پي اي سيد مراد علي شاهه، ايڊيشنل آءِ جي پوليس سائين رکيو ميراڻي، ڊي آءِ جي پوليس عاشق بوزدار، صدر پريس ڪلب ڪراچي امتياز خان فاران، اسپيشل سيڪريٽر رورل ڊولپمينٽ اڪبر لغاري، ايڪسائيز کاتي جو سيڪريٽري عبدالمجيد پٺاڻ، سيڪريٽري زڪوات ۽ عشر محمد رمضان اعواڻ، چيئرمين فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي بشير مورائي، اڳوڻو وي سي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اڪبر حيدر سومرو، ڊاڪٽر نذير ڪلهوڙو، ناميارو سفرناما نگار ۽ ليکڪ الطاف شيخ، شاعر ۽ ليکڪ ادل سومرو، ناميارو راڳي ۽ شاعر بيدل مسرور، اداڪار شهباز دراني، اداڪار صلاح الدين تنيو، گلوڪار شمن علي ميرالي، گلوڪار ظفر رامي ۽ اداڪار منير پٺاڻ شامل آهن. ان موقعي تي گلوڪاره مسڪان جي، گلوڪاره اربيشم مسينا، صوفي راڳي خان محمد چانڊيو، سنڌ آرٽس ڪائونسل جي صدر رميش ڪمار، صحافي سيد فدا حسين شاهه، مصطفى ملاح، اداڪاره نوشين شيخ، ۽ فريد خان يوسفزئي کي شيلڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. پروگرام جي آرگنائيزر، عهديدارن ۽ سرگرم رڪنن کي پڻ ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.
هن اهم تقريب ۾ ميمبر قومي اسيمبلي وسيم احمد، نثار مورائي، وزير اعلى جي صلاحڪار عبدالجبار، آرٽس ڪائونسل جي صدر اعجاز احمد فاروقي، برگيڊيئر مختيار شيخ، سلطان قمر صديقي، فريد خان ۽ ٻين ڪيترن ئي معزز شخصتين، صحافين، اداڪارن ۽ اديبن شرڪت ڪئي. هن گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي سريلن فنڪارن پنهنجي فن ذريعي ماڻهن کي موهيو. فنڪارن ۾ شمن علي ميرالي، ظفر رامي، واحد لاشاري، ديبا سحر، مسڪان جي، اربيشم، بادل راهي، نروڌا ماروي، نذير سمون ۽ شاهه جي راڳين فقير خان محمد چانڊيو ۽ ٻين سر وکيريا. حال ان وقت تاڙين جي گونج سان ٻهڪي اٿيو جڏهن ننڍڙي آرٽسٽ مريم وقار سنڌ توکي سلام تي شاندار پرفارمنس پيش ڪئي. زيبا بلوچ ۽ سويرا علي پڻ مختلف ڪلامن تي پرفارم ڪيو.

فيس بوڪ تي شهيد منير چولياڻي جي شهادت ۽  موقعي تي سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي چيئرمين حميد ڀٽو پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ هميشه فنڪارن جي پذيرائي لاء ڪوشان رهي آهي ۽ هن دفعي اسان هڪ نواڻ سان گڏ آيا آهيون ته انهن ڪامورن کي مڃتا ڏيون جن فن ۽ فنڪارن جو قدر ڪيو آهي ۽ سماجي ۽ ادبي ميدان ۾ سرگرم رهيا آهن. هن چيو ته هن وقت سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي اها ڪوشش آهي ته سنڌ جي انهن فنڪارن لاء ڪو آپريٽو سوسائٽي ٺاهيون جن وٽ پنهنجا گهر ناهن. هن اپيل ڪئي ته حڪومت، ڪامورا ۽ سرندي وارا ان ڏس ۾ اسان جي مدد ڪندي هن اهم اسڪيم کي مڪمل ڪرائڻ ۾ اسان جا ٻانهن ٻيلي ٿين. ايم پي اي سيد مراد علي شاهه چيو ته فنڪار ٻين کي خوش ڪن ٿا پر سندن گهرن ۾ فاقا آهن، هن چيو ته فنڪار ڪيڏو به مجبور ڇو نه هجي پر هو ڏوهاري ڪڏهن به ناهي ٿيندو. ايم اين اي وسيم احمد چيو ته فنڪار قومن جي عزت ۽ سڃاڻ هوندا آهن تنهنڪري انهن کي مڃتا ملڻ سان گڏ انهن جي مدد ڪئي وڃي. الطاف شيخ چيو ته مان والدين کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيندس ته هو پنهنجي نوجوانن کي تعليم سان گڏ ادب ۽ آرٽ به سيکارين ڇو ته اها به سندن سڃاڻ ٿئي ٿي. پروفيسر مظهر الحق صديقي چيو ته هن وقت اسانکي تعليم لاء پاڻ پتوڙڻو آهي، ڇو ته تعليم ئي اسان جي ٻڏندڙ ٻيڙيء کي پار پهچائيندي. بيدل مسرور ثقافت کاتي تي تنقيد ڪندي چيو ته ثقافت کاتو سنڌ جي ثقافت بجاءِ ان ثقافت تي ڪم پيو ڪري جيڪا اسان جي ناهي. هن چيو ته فنڪارن کي عزت ملڻ گهرجي. ان موقعي تي سائين رکيو ميراڻي سڀني کي چيو ته پنهنجي آسپاس ڏسو ۽ بي پهچ ماڻهن جي مدد ڪيو، هن چيو ته صرف پنهنجي لاء جيئڻ زندگي ناهي. پروگرام جي ميزباني سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي جنرل سيڪريٽري رشيد چارڻ ڪئي. ان ريت سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيء ۾ ٿيندڙ يادگار ثقافتي تقريب رات دير سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. 

وڌيڪ تصويرون هن لنڪ تي موجود آهن