January 08, 2015

عباس ڪوريجي جو ڪتاب ”پنهنجي ڌرتي“ ڪهاڻي گهر جي سونهن



عباس ڪوريجي جو ڪتاب ”پنهنجي ڌرتي“ ڪهاڻي گهر جي سونهن

محمد سليمان وساڻ 

پياري دوست عباس ڪوريجو جي ڪهاڻين جو نئون ڪتاب پنهنجي ڌرتي منهنجي هٿن ۾ آهي. بهترين مڪالمن، سهڻي منظر نگاري ۽ چونڊ، پر اسان جي معاشري جي عام ڪردارن سان سهڻي انداز ۾ نڀاء ڪندي عباس ڄڻ ته اسان جي اندر جي احساسن کي بيان ڪيو آهي. ڪهاڻي لکڻ ته آسان آهي پر ڪهاڻي سان نڀاءُ ڪرڻ، ڪهاڻي ڪردارن جي مڪالمن ۽ خاص ڪري ڪهاڻي جي ڪلائيميڪس کي احسن انداز سان پيش ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي جيڪو عباس نواڻ سان پيش ڪيو آهي. سندس ٻولي آسان ۽ عام جي سمجهه واري جڏهن ته ڪهاڻي جي عنوانن جي چونڊ به سگهاري آهي.


عباس ڪوريجي سان سوشل ميڊيا ذريعي ڪافي عرصي کان واقفيت آهي پر سندس سڃاڻ مون وٽ ڪمپيوٽنگ جي ميدان ۾ سنڌي ٻولي لاء پاڻ ارپيندڙ نوجوان طور ئي هئي. پر پوء سندس ڪهاڻيون ۽ شاعري به پڙهڻ لاء ملي. سندس هي ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب آهي، ان کان اڳ 2005ع ۾ سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ”چنڊ پيرن هيٺ“ ڇپيو هو. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جي چيئرمين انور فگار هَڪڙو لکيو آهي جڏهن ته جامي چانڊيي، اسحاق سميجو ۽ الطاف شيخ جا تاثر به ڏنل آهن. ڪنول پنبليڪيشن قنبر پاران ڇپايل هي ڪتاب 128 صفحن تي مشتمل آهي جنهن جي قيمت 150 روپيا رکي وئي آهي. 



ڪهاڻين کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي جن ۾ 15 مختصر ڪهاڻيون، 21 مختصر مختصر ڪهاڻيون، ڪجهه ٻڙي اکر ڪهاڻيون ۽ 6 تعليمي ڪهاڻيون شامل آهن. ڪاش مان ڪهاڻيڪار هجان هان ۾ هڪ هنڌ ڪمال جو جملو لکيو اٿائين ته ”ڪراچي ڪيڏو به وڏو شهر ڇو نه هجي پر منهنجي دل جي شهر کان ننڍو هوندو“. مختصر ڪهاڻيون لکڻ هڪ فن آهي ۽ ان فن کي عباس سمجهي ورتو آهي. سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن ان گڏ ننڍن ننڍن مسئلن تي ٿيل پنهنجي ماڻهن جي قتل ۽ وري قتل کانپوء بدلي ۾ ڪيل شادي، ان سان نڀاء ۽ وري اهڙين حالتن ۽ معاشي بي رحمي تي سندس ڪهاڻي ”ڳيت ڏنل سڏڪا“ الائي ڇو پڙهي اکين ۾ آب اچي وڃي ٿو ... شايد ان لاء جو اهڙا ڪردار اسان جي معاشري جو حصو ٿي ويا آهن ۽ آسپاس موجود آهن. ڪهاڻي آخري تعويذ اسان جي معاشري جي اصلي سوچ ۽ انڌن عقيدن جي عڪاسي ڪري ٿي ته ڪيئن نه اسان جا ماڻهو سچ کان انڪاري ٿي اجاين ڦيڻن ۽ تعويذن جي اثر هيٺ اچي ويا آهن. ان ئي ڪهاڻي ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ”کڻو پنهنجي ماءُ کي ... هتي ڪابه جنڙي ناهي رهندي، اهي لولا ۽ بسريون مان ئي کائيندو آهيان، ماڻهوءَ کان وڏو ڪوبه جنُ ناهي هوندو اهو فقط اوهان جي انڌي عقيدي جو جنُ هو.“ اهو چئي سنهڙو ڪهاڙو هٿ ۾ کڻي ڳوٺ ڏي نڪري ويو ۽ ڳوٺ وارا ان فقير جي ڳولا ۾ جنهن آخري تعويذ ڏنو هو.

سنڌ يونيورسٽي هجي يا ٻيون درسگاهون اڄڪلهه اتي ريگنگ سبب نون شاگردن لاء وڏا مسئلا ٿي رهيا آهن ۽ ريگنگ جي روپ ۾ هنن جي سر عام تذليل ٿي رهي آهي. سندس ڪهاڻي ”ريگنگ ڏوهه آهي“ اهڙي ئي حالتن جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪا نوجوان شاگردن کي ضرورپڙهڻ گهرجي. نفسياتي مريضن ۽ سائڪياٽرسٽ تي لکيل ڪهاڻي چريا منهنجا آئيڊيل آهن سندس هڪ لازوال ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي مان دودو آهيان جو هڪ جملو اوهان سان شيئر ڪيان ٿو جنهن ۾ لکي ٿو ”توکي چيم ته واپس وڃ ۽ سڀني کي ٻڌائي ڇڏ ته توهان وارو دودو مري چڪو آهي، آئون هاڻي فقط سومرن جو پير آهيان.“ ڪتاب جي ٽائيٽل واري ڪهاڻي ”پنهنجي ڌرتي“ اسان جي اڄوڪي حالتن جي ترجمان آهي جنهن ۾ اقليتن خاص ڪري هندن سان ٿيندڙ نا انصافين بابت آهي. ڪيئن نه هڪ سنڌي نا انصافين ۽ ڏاڍاين باوجود پنهنجي ڌرتي تي مرڻ کي لڏي وڃڻ تي ترجيح ڏئي ٿو. پيء پنهنجي اغوا ٿيل پُٽ سان فون تي ڳالهائيدي کيس دلجاء ڏئي چوي ٿو ”خير آهي پُٽ ! پنهنجي ڌرتي ماتا اگر ديش پرائو ٿي وئي آهي ! پوء به ڀونءِ ته پنهنجي آهي“.

منهنجي لاء هڪ نئين ۽ اتساهه واري ڳالهه اها به آهي ته عباس ڪوريجي تعليمي ڪهاڻيون به لکيون آهن جيڪا هڪ سٺي ڳالهه لڳي. هڪ جهرڪيء جي آکاڻي لکي اٿائين جيڪي اسڪول وڃي ٻارن جا گيت، انهن جون تعليمي سرگرميون ڏسي خوش ٿئي ٿي پر ساڳي جهرڪي ان وقت زخمي ٿي گهر اچي ماء وٽ پهچي ٿي جڏهن اسڪول بند ٿي وڃن ٿا ۽ ٻار راند ڪندي کيس غليل جو ڳوڙهو مٿي ۾ هڻي ڪڍن ٿا. جهرڪي پنهنجي ماءُ کي چوي ٿي ”امان ! واقعي ئي جڏهن اسڪول بند ٿيندا آهن ته ماڻهو وحشي ٿي پوندا آهن“. عباس ڪوريجو يقينن ادبي ميدان ۾ مڃتا ماڻيندو ۽ سندس هي ڪتاب هن جي سڃاڻپ بڻبو.