February 24, 2015

ڪراچي ۾ ٿيندڙ سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن (ساوا) جي چوٿين سالگرهه ۽ محفل مشاعرو

ڪراچي ۾ ٿيندڙ سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن (ساوا) جي چوٿين سالگرهه ۽ محفل مشاعرو

رپورٽ : محمد سليمان وساڻ

سوشل ميڊيا ذريعي چار سال اڳ وجود ۾ ايندڙ شاعرن ۽ اديبن جي عالمي تنظيم سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن (ساوا) جي چوٿين سالگرهه تقريب 6 فيبروري 2015ع تي ممتاز مرزا اسٽوڊيو ڪراچي ۾ ملهائي وئي. هن تقريب ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽڻ سان گڏ محفل مشاعرو به ٿيو. هن تقريب جي تقريرن جي نشست جي صدارت ساوا جي چيئرمين هدايت بلوچ ڪئي جڏهن ته ادل سومرو خاص مهمان هيو. مقررن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ سنڌي ماڻهن کي ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ڄاڻ ڏني وڃي ۽ اهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن جيئن صحتمند سماجي، تعليمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ واڌارو اچي. هدايت بلوچ پنهنجي تقرير ۾ تنظيم جي ڪيل ڪم بابت ٻڌائيندي چيو ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن دنيا خاص ڪري هند ۽ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن کي ملائي سنڌي ٻولي ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي. هن چيو ته نوجوان ٽيڪنالاجي جي فائدن کان واقف آهن ۽ اهي ئي وڌيڪ سرگرميون پيا ڪن. خاص مهمان ادل سومري چيو ته سوشل ميڊيا خاص ڪري فيس بوڪ کان پوء سنڌ، هند ۽ سنڌ کان ٻاهر ويل شاعرن ۽ ليکڪن جو پاڻ ۾ رابطو رهي ٿو ۽ هو ادبي ۽ سماجي سرگرمين کان با خبر رهن ٿا. ادل سومري چيو ته هن دفعي هند جي دوري وقت اها ڳالهه محسوس ٿي ته اتي اسڪول ته سٺا آهن پر اتي سنڌي ٻولي ڪانهي، سنڌي ٻولي پڙهڻ ۽ لکڻ جو رجحان اتي تيزي سان گهٽ پيو ٿئي، تنهنڪري ٽيڪنالاجي ذريعي سنڌي سکڻ جا موقعا ڪڍڻا پوندا. هن ساوا جي تعريف ڪندي چيو ته محدود سرگرمين باوجود ادب دوستن کي ملائڻ ۾ هن تنظيم سٺو ڪم ڪيو آهي. عبد الغفار تبسم چيو ته سنڌي شاعري، ڪهاڻين، وڊيوز ۽ ڪتابن کي تڪڙي ۽ سولي انداز ۾ پيش ڪرڻ ۾ سوشل ميڊيا اڳتي رهي ٿي، تنهنڪري اسانکي به ٽيڪنالاجي سان گڏ ترقي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اسان کي هن قسم جا ميڙاڪا جلدي جلدي ڪرڻ گهرجن. شاعر ۽ ٽي وي پروڊيوسر سميع بلوچ چيو ته اسان جو ڪم هاڻ صرف سالگرهون ملهائڻ يا ورسيون ملهائڻ کان اڳتي وڃڻ گهرجي ۽ دنيا جي سنڌين کي ملائي ڪا اهڙي سرگرمي ڪجي جيڪا تبديلي آڻي. هن چيو ته سچ اهو آهي ته سنڌ سلامت ۽ سليمان وساڻ جيڪو ڪم ڪري پيو اهو منفرد ڪم آهي، ان ۾ سندن مدد ڪڻ گهرجي. نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ اڪبر لغاري چيو ته دنيا ۾ ڪيتريون ئي عالمي ادبي تنظيمون آهن جن جا سڄي دنيا ۾ ميمبر رهن ٿا ۽ اهي سوشل ميڊيا تي به گهڻو سرگرم رهن ٿا پر افسوس جو اسان ان معاملي ۾ گهڻو پوئتي آهيون. اڪبر لغاري چيو ته اها خوشي جي ڳالهه آهي ته ساوا هر سال اسانکي گڏ ڪري پاڻ ۾ ملائي ٿي پر پوء به تنظيم کي تڪڙيون وکون کڻڻ ۽ تڪڙا پروگرام ڪرڻ جي ضرورت آهي. صحافي، ليکڪ ۽ ايڊيٽر ڊاڪٽر ايوب شيخ پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته خوشي آهي جو اسان جا نوجوان سوشل ميڊيا ۽ تنظيمن ۾ سرگرم آهن ۽ ڪراچي جي ادبي ميڙاڪن ۾ شامل هجن ٿا پر پوء به ڪم کي سائنٽيفڪ انداز سان ونڊي ورڇي پنهنجي حصي جو مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان سڀني کي لکڻ کپي ۽ اخبارون سڀني کي اسپيس ڏين پيون. پاڻ چيائون ته اسان کي ريڊرز ڪلب قائم ڪرڻ، ويبسائيٽس ۽ ادبي ڪم کي انٽرنيٽ تي سهيڙڻ جي ضرورت آهي. سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي چيئرمين حميد ڀٽو سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن کي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته جڏهن تازو هو هندستان جي دوري تي ويا ته اتي به هن تنظيم جون سرگرميون نظر آيون ۽ هتي ڪم ڪندڙ دوستن بابت نيڪ خواهشون ۽ تحفا مليا جيڪا اتساهيندڙ ڳالهه آهي. ان کان اڳ سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار بِهڻ تنظيم جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين ڪيل ڪم بابت تفصيل ڏنا ۽ سوشل ميڊيا ۽ عالمي ادب جي اهميت تي روشني وڌي. ساوا جي ترجمان محمد سليمان وساڻ ان موقعي تي تفصيلي طور سنڌي ٻولي، ٽيڪنالاجي، انٽرنيٽ ۽ درپيش چيلينجز بابت سڀني دوستن کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته جتي ٽيڪنالاجي تبديل ٿئي پئي، سمارٽ فونز، ٽيبليٽ جو دور اچي پيو اتي سنڌي ٻولي کي انهن جديد ڊوائيسز ۾ استعمال ڪرڻ لاء ڪيئي ڏکيايون درپيش آهن. انهن چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ هن ادبي ادارن ۽ دانشورن کان تڪڙا قدم کڻڻ جي گهر ڪئي. هن ٻڌايو ته ساوا ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام، آنلائين ڪتاب گهر، تاريخ جي دري، شاعري، ڪالم، ڪهاڻين ۽ سنڌي شخصيتن بابت تعارف کي سهيڙي پيش ڪرڻ سان گڏ سنڌي سيکارڻ ۾ پيش پيش آهن. ان موقعي تي اسد ممتاز رڏ شاهه جا بيت پيش ڪيا.
تقريرن جي نشست کانپوءِ ساوا جي چوٿين سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ مشاعري جي محفل ٿي. مشاعري جي محفل جي صدارت عبدالغفار تبسم ڪئي. ان موقعي تي عبد الغفار تبسم، ادل سومري، هدايت بلوچ، سميع بلوچ، گهوٽڪي مان آيل شاعر جميل سومري، سجاد ميراڻي، ذوالفقار بهڻ، رکيل مورائي، غوث پيرزادي، اظهر ٻانڀڻ، نصير سومري، رحمت پيرزادي ، شاهجهان سُميل ۽ مسرور پيرزادي پنهنجي شاعري پيش ڪئي. پروگرام ۾ هندستان مان ساوا چيئرپرسن اندرا شبنم پوناوالا آنلائين شرڪت ڪري پنهنجي شاعري پڻ پيش ڪئي. پروگرام ۾ شاعرن، اديبن، صحافين، سوشل ميڊيا جي دوستن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جن ۾ خيرپور کان ممتاز رڏ، دوبئي کان سارنگ سنڌي، پي ٽي وي نيشنل جو پروگرام مينيجر هارون جمالي، ساگر سهندڙو، حنيف انصاري، آصف علي جهتيال، سليم قريشي، حنيف ٻگهيو، ابراهيم صالح محمد هنڱورو، اظهار پيرزادو، غلام مرتضى وساڻ، شاهه محمد سڌايو، بخش مريد روجهاڻي ۽ ٻيا شامل هئا.

___

February 09, 2015

ڪراچي لٽريچر فيسٽيول، سنڌي ٻولي ۽ اسان جون ذميواريون

ڪراچي لٽريچر فيسٽيول، سنڌي ٻولي ۽ اسان جون ذميواريون

محمد سليمان وساڻ

ڪراچي جي بيچ لگزري هوٽل ۾ منعق ٿيندڙ ڇهين ٽن ڏينهن واري ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۾ وڃڻ ٿيو ۽ ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي. هن ايونٽ ۾ گهڻو ڪجهه سکڻ لاء مليو. ٻارن لاء پينٽنگ ۽ ٻين سرگرمين جا ڪيئي پروگرام هيا. ڪيترن ئي علمي، ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن سان گڏ صحافتي ۽ فن جي دنيا سان واڳيل اهم ماڻهن سان ملاقات ٿي ۽ ڪچهريون ٿيون.  اتي وڃي اهو محسوس ڪيم ته سنڌي ماڻهو هن دفعي هن ميلي ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ آيل آهن، جن ۾ فيمليز سان گڏ نوجوانن جو وڏو انگ شامل هيو، اها ڳالهه تمام گهڻو اتساهيندڙ هئي. هڪ ئي وقت ست ست پروگرام ملڻ سبب انتخاب ڪرڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿي. هن قسمن جي ميلن ۾ شرڪت ڪري ماڻهو علمي ۽ ادبي ڳالهيون سِکي ٿو ۽ گهڻو ڪجهه سمجهڻ لاء ملي ٿو جنهن سان دل ۽ ذهن جا دروازا کُلن ٿا.
هڪ وڏي مايوسي اها پڻ ٿي ته سنڌين جي هيڏي وڏي تعداد جي شامل ٿيڻ باوجود به ميلي ۾ هڪ به سنڌي ڪتابن جو اسٽال موجود ڪونه هيو. سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ علمي ۽ ادبي ميلو هجي ۽ اتي سنڌي ڪتابن جا دڪان موجود نه هجن ته ڪيڏي مايوسي ٿيندي. معلوم ڪرڻ تي اهو پتو پيو ته صرف 15 هزار روپين جي بوڪنگ سان اسٽال پئي مليا پر اسان جي ادارن ۾ ويٺل اديبن، دانشورن ۽ اسان جي نمائندن صرف مايوس ئي ڪيو. هتي نمائندگي ته سڀني پبلشرز کي ڪرڻ گهربي هئي جو هي ميلو سنڌي ٻوليء جي بقا لاء اهم هيو ۽ سڀ پبلشرز ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪتاب ڇپائي اسان تي احسان ڪندي نظر ايندا آهن ۽ اهو محسوس پڻ ڪرائيندا آهن پر اسان جي سرڪاري ادارن خاص ڪري ثقافت کاتي، سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ڪراچي ۾ موجود شاهه لطيف چيئر ته بلڪل مايوس ڪيو. هڪ ٻي مايوسي اها به ٿي ته 70 يا 72 پروگرامن مان صرف ٻه سنڌي ٻولي جا پروگرام ٿيا جن ۾ هڪ سنڌي ڪهاڻي جي هڪ صدي ۽ ٻيو امر جليل جي آتم ڪٿا جو پروگرام جنهن ۾ به انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي.
هن ميلي ۾ الائي ڇو اردو ٻولي وارا گهڻي احساس ڪمتري ۾ نظر آيا جو انگريزي ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ هنن دخل اندازي ڪندي اردو ۾ ڳالهائڻ جو مطالبو ڪيو. ان قسم جو هڪ واقعو مهتاب راشدي پاران ڪيل پروگرام ۾ ٿيو جنهن ۾ عابده حسين ۽ ٻيا مقررپاڪستان جي سياسي حالتن تي ڳالهائي رهيا هيا. ٻيو واقعو سنڌ ڄائي بينا شاهه پاران تصوف ۽ سنڌ جي شهيدن جي سار ۾ لکيل انگريزي ناول A Season for Martyrs ۾ پيش آيو، جڏهن انگريزي ۾ ٿيندڙ ان پروگرام ۾ هڪ شخص ساڳيوئي مطالبو ڪيو. بينا شاهه هر سوال کي سهڻي انداز سان سمجهايو ۽ جواب ڏنو، ساڳي وقت هن تنقيد کي به مڃيو. هڪ نوجوان ناصر سومري شاهه لطيف جي وائي “سُور انهيءَ ساڙي، هُو جي ويا هليا” مڌر آواز ۽ ترنم سان ڳائي خوب داد حاصل ڪيو.