March 07, 2015

مسرور پيرزادي جو ڪتاب منفرد شاعريءَ جي سونهن

مسرور پيرزادي جو ڪتاب منفرد شاعريءَ جي سونهن
تحرير : محمد سليمان وساڻ


پئسو گهٽ ڪمايو ۽ مون شعر گهڻا لکيا،
ڳالهه انهيءَ تي آهه ندامت، ايئن به ناهي.

پياري دوست، ملنسار شخصيت ۽ بهترين شاعر مسرور پيرزادي جي شاعريءَ جو ڪتاب “منفرد” منهنجي هٿن ۾ آهي. ڪاري رنگ جي ٽائٽل ڪور ۾ مسرور جي هٿ ۾ ڪتاب آهي جيڪو هڪ منفرد اسٽائل آهي. مسرور جنهن سان ملاقات جو سفر سوشل ميڊيا ذريعي ٿيو ۽ پوءِ ڪراچيءَ جي ادبي ۽ ثقافتي گڏجاڻين ۽ ميڙن ۾ اڪثر ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون رهن ٿيون. مسرور جي هڪ منفرد خاصيت آهي سندس مسڪراهٽ. سدائين سمارٽ نظر ايندڙ مسرور جڏهن به مليو آهي ته هو مسرور نظر آيو آهي ۽ سندس چهري تي مسڪراهٽ نظر آئي آهي. ڪراچي جي مشاعرن ۾ يا وري ٽي وي شوز ۾ سندس شاعري پڙهڻ جو انداز به وڻندڙ هوندو آهي. مسرور پيرزادي جي شاعريءَ جي رديف، قافيي يا وزن ۽ بحر بابت ته شاعر دوست ئي بهتر راءِ ڏيندا پر سندس ٻوليءَ جي سادگي، لفظن جي چونڊ ۽ عنوان، شاعريءَ جا خيال سچ ته دلچسپ ۽ وڻندڙ آهن. مسرور جا غزل ۽ نظم به لاجواب آهن. سندس شاعري پڙهندي حسن درس جي ڪجهه سٽن جو جواب يا وري انهن سان ڀيٽ ڏاڍي وڻي. حسن درس سنڌ کي پرينءَ جي پاڇي سان ڀيٽ ڪري سهڻيون سٽون سرجيون آهن:

ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو
جيڪو جَرَ تي جاڳي ٿو
ٿڌ وَسي ٿي واريءَ تي
ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري ٿو
هڪڙو خواب سهانو جيڪو
روز اکين ۾ کيپ ڀري ٿو

مسرور پيرزادي انهن سٽن جي جواب ۾ سنڌ سان بي انتها پيار جو ثبوت ڏيندي سنڌ کي ئي پنهنجو پرين لکيو آهي:

ساري سنڌ ته پاڻ پرين آ،
سنڌ پرينءَ جو جو پاڇو ناهي !
سنڌ ته پاڻ پرين سپرين آ !
ٿر، اتر ۽ لاڙ وچولو،
روپ سڄڻ جو ڪاڇو آهي.