August 30, 2015

ڪراچي کان ڪيٽي بندر تائين


ڪراچي کان ڪيٽي بندر تائين
محمد سليمان وساڻ

ڪافي عرصي کان اها خواهش پئي رهي ته سنڌ جي ڊيلٽا جي ڇوڙ واري علائقن، سامونڊي پٽي ۽ درياءَ ۽ سمنڊ جي سنگم جا نظارا ڏسجن. ٻيو ته فيسبوڪ تي شاهه لطيف جي پيغام واري روزاني سلسلي ۾ سُر سريراڳ ۽ سُر سامونڊي پيش ڪندي به سنڌ جي هن سُکيي ستابي ماڳن جي ڏسڻ جو ارادو ٿي پيو. هن دفعي جڏهن سنڌو پنهنجي موج ۾ آيو ۽ سنڌ جي ڪچي کي ٻوڙيندو پنهنجي آب تاب سان ڪاهيندو سمنڊ جي کاري پاڻي کي ڌڪيندي سمنڊ ۾ پهتو ته اسان به سنڌوءَ جي ديدار لاءِ نڪري پياسين.
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سچل ڳوٺ جي دوستن جو وفد سنڌ جي سامونڊي پٽي خاص ڪري سنڌو درياء جي ڇوڙ واري علائقن ڏانهن واءُ سواءُ وٺڻ لاءِ نڪتو. سچل ڳوٺ ڪراچي مان 16 دوستن جو سٿ هڪ هاءِ ايس ويگن ۾ صبح جو سوير نڪتو. دوستن ۾ تاج محمد وساڻ، ڪرم الاهي چنا، ربنواز ڀٽو،محمد سليمان وساڻ،صاحبڏنو ارباب،الهداد گوپانگ،عبد الڪريم چانڊيو،محمد سليمان آگرو،ڊاڪٽر عبدالحفيظ لغاري، غلام مرتضٰ وساڻ، سيد ارشاد شاهه، غلام شبير ميمڻ، محمد رفيق ڀٽو، پنهل لاکو، صحافي عبد الحميد جويو ۽ نويد آگروشامل هئا. چاچي الهداد گوپانگ هميشه وانگر هن دفعي به ڪتابن جا احوال پڙهي خوابن جي دنيا ۾ وڃي سنڌوءَ جي گجگوڙ محسوس ڪندي درياءَ جي ويرن سان ويڙهاند جو تصوراتي خاڪو پيش ڪندي اسان سڀني کي تيار ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو.
گهاري کان ڪيٽي بندر لڳ ڀڳ 90 ڪلوميٽرن جو مفاصلو آهي. جيتوڻيڪ اسان جي ويگن جي رفتار ڪا گهڻي ڪانه هئي پر دوستن جا ٽهڪڙا، هر هر بدلجندڙ موضوع جن ۾ سنڌ جون معاشي حالتون، سنڌ جو امن امان، سنڌ جي تعليم، سنڌ جي ترقي، سنڌ جي سياست وغيره ڄڻ ته تازو توانو پئي ڪيو. گهاري کان اڳتي هلياسين ته روڊ جي ٻنهي پاسي مختلف رنگ هئا. ڪٿي ساوڪ ۽ چهچ ساوا فصل جن ۾ ساريون، ڪيلا ۽ وونئڻ هئا ته ساڳي وقت ناريل جا وڻ به نظر پئي آيا، ڪٿي وري سم ۽ پاڻي سبب زمينون ويران پئي نظر آيون. روڊ جي ڀرسان ٻنهي پاسي ڪڪڙين جا فارم به هئا ته پري ڪٿي مڇيءَ جا فارم ۽ تلاءَ به نظر پئي آيا، ڪٿي ڪٿي ڪوئلي ٺاهڻ جون بٺيون به نظر آيون جن ۾ هتان جا رهيل وڻ يا تمر جا ٻيلا به ڪپي انهن مان ڪارو ڪوئلو تيار ڪيو پئي ويو جيڪو ماحول جي گدلاڻ وڌائي رهيو هو. روڊ جي ٻنهي پاسن کان ڪجهه ڍڪيل فصل به نظر آيا جيڪي پان جا هئا. اهي سڀ ۽ مڇي ئي هتان جي ماڻهن جي روزگار جا وسيلا آهن. پان سنڌ جي هن پاسي يعني ٺٽي ۽ بدين جي ماڻهن ۾ گهڻو واپرايو وڃي شايد ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ پان واپرائيندڙ ضلعا به اهي ئي آهن. پان ۽ گُٽڪي ۾ ملايل تماڪ ۽ زهريلا ڪيميڪل هتان جي ماڻهن ۾ وات جي بيمارين جو سبب پيا بڻجن ۽ وات جي ڪينسر جو مرض عام ٿي پيو آهي، پر ماڻهو انهن مان جان ڇڏائڻ بدران پان ۽ گٽڪي جي استعمال تي فخر محسوس پيا ڪن.
اسان ساڪري ٻاهران هڪ ڪلاسيڪل هوٽل تي پهچي پاڻ سان گڏ آندل کاڌن سان ناشتو ڪيو ۽ هتان جي بهترين کير پتي چانهه پيتي. هوٽل جو سهڻو سيٽ اپ ڏسي پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته هوٽل جو مالڪ هتان جو مقامي نه پر ڪراچي پاسي کان آيل ڪو گبول ذات جو آهي. اسان کي رستي جي خبر ته ڪانه هئي پر اندازو هيو ته ڪيڏاهن وڃڻو آهي. گهاري کان ساڪري تائين روڊ بهتر هيو پر اڳتي ڪيٽي بندر ۽ ذوالفقار آباد لاء روڊ جي نئين سر مرمت ۽ نئين رٿا بندي هلي رهي هئي جنهن جو ڪم لڳ ڀڳ بند ٿي چڪو آهي. خبر ناهي ڇو روڊ جي رٿا کي روڪيو ويو آهي.

جنگيسر:
ٻگهاڻ کان کاٻي طرف جنگيسر جي پوانٽ جي جيٽي تي پهتاسين. جنگيسر تائين جڏهن درياءَ لٿل هجي ته سامونڊي ويرون چڙهي اچن. جنگيسر ۾ درياء جي مٺي پاڻي جي وهڪري سمنڊ جي کاري پاڻي کي سمنڊ کان به پري ڌڪي ڇڏيو. جنگيسر ۾ سهڻا منظر هئا ٻيڙا ۽ هوڙا ڪي لنگر انداز هئا ته ڪي وڃڻ جي تيارين ۾ هئا. سهڻا منظر ڏسندي ايئن لڳو ڄڻ ڪو خواب ڏسندا هجون. سنڌ جا هي سهڻا منظر وسرڻ جهڙا ئي ناهن. هڪ طرف درياءُ ۽ ان ۾ موجود ٻيڙا ته ٻئي طرف باغ خاص ڪري ناريل جا وڻ سنڌوءَ جي سونهن کي ٻيڻو ڪري رهيا هئا. اهڙي سهڻي پوائنٽ جو اندازو به نه هيو پر درياءَ جي ميٽائين پاڻي، مٿان نيري آسمان ۽ اڇن ڪارن ڪڪرن، سنڌوءَ جي مٺي پاڻي، پري پري تائين نظر ايندڙ پاڻيءَ جي ڇر اسان جي اکين کي ٿڌو پئي ڪيو. هتان جي ماڻهن ۾ درياء جي وهڪرن خوشيءَ جا خزانا ۽ اکين ۾ اميدون سجايون آهن. جيئن مينهن ٿو وسي تيئن ماڻهن ۾ سرهائي ٿي اچي. مونکي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌي شاهه لطيف جي سُر سارنگ جون سٽون ياد اچي ويون:

آگَمَ ڪَيو اَچَنِ، سَڄَڻَ سانوَڻَ مِينھَن جِئن؛
پاسي تِنِ وَسَنِ، جي سَڀُ ڄَماندَرُ سِڪِيا.

کارو ڇاڻ:
اسان جي اڳلي منزل کارو ڇاڻ هئي. کارو ڇاڻ طرف ويندي رستي جي ٻنهي طرفن سنڌ جي هزارين ايڪڙ زرخيز زمين هاڻي سمنڊ جي کاري پاڻي جي ور چڙهيل هئي. ڊيلٽا ۾ سڄو سال پاڻي نه اچڻ بربادي ۽ تباهي جو سڀ کان وڏو سبب آهن ٻيو سبب سامونڊي ٻيلن يعني تمر جي ٻيلن جي ڪٽائي به آهي. کاري ڇاڻ جي جيٽي جا منظر خوبصورت ۽ جنت جي ڏيک جهڙا هئا. هي سهڻا دلفريب نظارا ڏسي سرويچ سجاولي جو گيت ”جنت الفردوس آهن ٻئي ڪنڌيون مهراڻ جون“ ياد ٿي آيو، ساڳي وقت لطيف سرڪار جي سُر سامونڊي جا بيت هڪ هڪ ڪري پئي ياد آيا. ٻيڙن جون لنگر انداز ٿيل قطارون ڏسي مونکي سنڌوء جا اهي ڏينهن ياد اچڻ لڳا جڏهن هتي ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر سبب پيهه هوندي، وڻجارن جون قطارون هونديون. ڪي خوش هوندا ته ڪي غمگين، ڪي وطن ورندا ته ڪي وطن کي ڇڏي پرڏيهه سفر جي تيارين ۾ هوندا. اهڙي ۾ جڏهن ڪا وڻجاري پنهنجي ور کي ويندي ڏسندي هوندي ۽ کيس روڪڻ جا جتن ڪندي هوندي ته عجيب ڪيفيت هوندس. اهڙي ڪيفيت کي لطيف سائين ڪيئن نه بيان ڪيو آهي:

سيئِي جوڀَنَ ڏِينهَن، جڏهن سَڄَڻَ سَفَرِ هَليا!
رُئان رَهنِ نه سُپرِين، آيَلِ! ڪَريان ڪِيئن؟
مُونکي چاڙهي چِيئَن، ويو وَڻِجارو اوهِري!


يا وري ڪو اهڙو نظارو ذهن ۾ اچي ويو جنهن ۾ هڪ وڻجاري پنهنجي ور جي انتظار ۾ ڪناري تي انتظار ڪندي چئي ٿي:

سَرَ نِسرِيا پاندَ، اُتَرَ لڳا، آءُ پِرِين!
مُون تو ڪارَڻَ، ڪانڌَ! سَهِسين سُکائُون ڪَيون.


اتي موجود ملاحن سان ڳالهين ۾ خبر پئي ته تيز وهڪري سبب مڇي جو شڪار ڏکيو ٿي پيو هئو. مڇي جو شڪار ڪندڙن ٻڌايو ته تيز دريائي وهڪرن ۾ وڻن جي بُنڊن سبب سندن رَڇ ۽ ڄار ڦاٽي پون ٿا پر ساڳي وقت هو خوش به هئا ته جڏهن سنڌو جا وهڪرا گهٽبا ته کوڙ مڇي جو شڪار ٿيندو. کارو ڇاڻ جيڪو درياء ۾ هڪ ٻيٽ جيان آهي جنهن جي ٻنهي پاسي هونئن ته سامونڊي کاري پاڻي جو گهيرو رهندو آهي پر سنڌوءَ جي موج سبب اهو پاڻي مٺو ٿي پيو آهي. هتي سولر سسٽم ذريعي ڪجهه پاڻي جا آر او پلانٽ به نظر آيا پر اسان جي خواهش هئي ته ڪنهن ٻيڙي ۾ چڙهي کاري ڇاڻ وڃون. پر هڪ ته ڪا ٻيڙي ان وقت تيار ڪانه هئي ٻيو ته اسان کي ٻه کان ٽي ڪلاڪ اچ وڃ ۾ لڳي وڃن ها. اسان جيٽي تي ئي هئاسين ته ڏکڻ اولهه پاسي يعني سمنڊ واري پاسي کان ڪڪرن ۽ بادلن نيري آسمان کي رنگ برنگي ڪري ڇڏيو ۽ ٿوري ئي دير ۾ هلڪي هلڪي برسات ماحول کي اڃان به چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ۽ درياءَ جي حُسن ۾ واڌارو اچي ويو. سنڌوءَ جي سونهن ٻيڻي ٿي پئي. دوستن جي گهڻائي سبب ڪٿي به اڪيلو بيهي ڪجهه سوچڻ ۽ تصويرن ڪڍڻ جو وقت گهٽ ئي پئي مليو. مون سميت سڀني دوستن کي تصويرن جو شوق گهڻو هيو. سڀڪو هنن يادگارن لمحن کي محفوظ ڪرڻ پيو چاهي. جيتوڻيڪ هي رنگ ۽ نظارا اسان جي ٿڪ لاهڻ لاءِ ڪافي هئا پر چاچي ڪريم سميت ڪجهه دوستن کي سمنڊ ۽ درياءِ جي سنگم جي تلاش هئي پر اهو سڀ ڏسڻ آسان ڪونه هو. ان لاء ٻيڙين ذريعي 16 کان 20 ڪلوميٽر اندر وڃڻ جي ضرورت هئي. اتان واپسي شروع ڪئيسين ۽ وري ٻگهاڻ طرف سفر جاري رکيوسين. روڊ جو اجڙيل هجڻ ۽ گاڏيء جي نه هجڻ برابر رفتار ڪجهه سُست پئي ڪيو ته وري لطيفن ۽ ڪچهرين جي شروعات پئي ٿي، ساڳي وقت سائين شبير ميمڻ پاران آندل وڙي، سون حلوي، ترن جي لڏُن مان لطف اندوز پئي ٿياسين.
ساڳي وقت اهو به محسوس ٿيو ۽ ماڻهن اها ڳالهه ٻڌائي ته هن دفعي ڊيلٽا واري ڇوڙ جا رستا يا ڪِريڪ گهڻو ڪري لٽ سبب ڀرجي ويا آهن جنهن ڪري درياءَ جي پاڻيءَ زمينن ۽ ڳوٺن تي ڪاهه ڪئي آهي، جنهن سبب گهڻا ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ فصل پڻ ٻڏي ويا آهن.

ڪيٽي بندر:

ٻگهاڻ پهچي اسان ڪيٽي بندر طرف ٺهندڙ روڊ تي روانا ٿياسين. ڪيٽي بندر جيڪو سنڌ جي سڃاڻ رهيو آهي، ڪيٽي بندر جنهن کي شاعرن ۽ فنڪارن ڳايو آهي. اسان شمن ميرالي جي ڪلام ”اچ ڪينجهر تي ڪيٽي بندر تي“ کي به جهونگاري رهيا هئاسين. ذهن ۾ هڪ سُکيو ۽ سهڻو ۽ شاندار تصور هيو ڪيٽي بندر جو. ڪيٽي بندر جيڪو ڪنهن زماني ۾ شاهه بندر سان گڏ ڪراچي جي بندرگاهن جي مقابلي جو هيو. ڪيٽي بندر جي نالي ۾ به اهو سحر آهي جنهن جو تصور صرف سئو سال اڳ ڪيو جڏهن هتي هزارين ٻيڙا هوندا هئا. ڪسٽم جو آفيسون، ڪالونيون، بينڪون، ڪاروباري ادارن جون بيٺڪون هونديون هيون. جتان روزانو هزارين ٽن چانور، کنڊ، مڇي، ڪڻڪ ۽ ٻيو اناج ڏيساور روانو ڪيو ويندو هو. جتي رات جو به بازارن ۾ ڏينهن لڳندو هو. هتان سوين سنڌي وڻجارا هتي پيدا ٿيندڙ شيون ململ جو ڪپڙو، سوٽِي ڪپڙو، ڪپھ، ڪڻڪ، چانور، ڀرت ڀريل گجَ، سُوسِيءَ جو ڪپڙو، کَيسَ، لويون، اجرڪ ۽ ٻئي سامان سان جهاز ۽ ٻيڙا ڀرائي واپار خاطر ڏيساور مسافري تي روانا ٿيندا هئا. هو مختلف ملڪن ۾ اسان جي شين جي مٽا سٽا ڪري دولتمند بڻجي واپس ورندا هئا. اهڙي منظر جي دلڪشي لطيف سائين هن بيت ۾ پڻ ڪئي آهي:

کاري کيڙائُو، مَٿي مِٺي موٽيا؛
سَودو ڪَنِ نه سونَ جو، وَڏا وِهائُو؛
موتِي جي مَهراڻَ جا، تِن جا طاماعُو؛
سامُونڊِي سائُو، لَنڪا لوپي آئِيا.


ڪيٽي بندر بابت مسٽر هُڊسن جنهن ڪمشنر آف سنڌ کي هن علائقي جي ريسيٽلمينٽ رپورٽ 1905ع ۾ پيش ڪئي هئي، جنهن ۾ لکيو هو ته: ”1848ع کان هي شهر امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ جو مرڪز رهيو آهي، هي اناج جي مشهور منڊي آهي هتي ڪراچي، ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات تائين اناج وڃي ٿو. ڪيٽي بندر جو ”زنجبار“ سان سڌو رابطو آهي، 1902-03 ۾ 92 هزار 7 سئو 5 مڻ اناج، 22 سئو ٽيهه مڻ ڪاٺ ۽ ٻيو سامان ٻاهر موڪليو ويو.“
1908-09ع ۾ بندر تي 382 جهاز، 8 هزار 20 ٽن سامان کڻي داخل ٿيا، جڏهن ته 260 جهاز ، 7 هزار 4 سئو 82 ٽن سامان کڻي ٻين ملڪن ڏانهن روانا ٿيا. 1923ع ۾ هتان 4 لک 23 هزار، 432 روپين جو مال امپورٽ ڪيو ويو جڏهن ته ، 2 لک 31 هزار 13 سئو روپين جو مال ايڪسپورٽ ڪيو ويو ۽ 1946ع ۾ 13 هزار چار سئو 15 روپين جو مال گهرايو ويو.
اسان ان پراڻي مالدار ڪيٽي بندر، هاڻوڪي سڃي ۽ تباهه ٿيل ڪيٽي بندر جڏهن ته مستقبل ۾ سنڌ جي نئين اڏجندڙ ڪيٽي بندر جي ويجهو پهتاسين ته هڪ دفعو وري سم ۽ سمنڊ جي ويرن ذريعي مٿي آيل پاڻي ۾ تباهه ٿيل ٻنين مان وچان ٿيندا سٺي روڊ تي پهتاسين. داخل ٿيڻ کان اڳ اسان ڪوسٽ گارڊ جي ملازمن کي اردو ۾ سڃاڻ ڪرائي ۽ ڌرتي ڌڻين جا ڪارڊ ڏسڻ کانپوءِ اڳتي وڃڻ جي اجازت ملي جڏهن ته اسان کي حيرت ان وقت ٿي جڏهن ڪيٽي بندر جي جيٽي تي مڇي صاف ڪندڙن اسان جي سنڌي ٻولي ڪونه پئي سمجهي ته معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته انهن مان ڪي برمي آهن ته ڪجهه بنگالي.
ڪيٽي بندر جي موجوده حالت ڪنهن به طرح تسلي بخش ڪانهي، بندر ويران آهي، شهر جي بازارن ۾ ڪا رونق ڪانهي، ٻار ۽ ماڻهن جي اڪثريت پيرين اگهاڙي ۽ ميرا ڪپڙا پاتل نظر آئي. شهر ۾ ڪابه صفائي ڪانه هئي. جيٽي تي ڌپ هئي جو نڪ تي ڪپڙو رکڻو پيو. ان وقت سمنڊ ۾ ڪا وير ڪانه هئي ۽ پاڻي لٿل هو. جيٽي وڃي خبر لڌي ته پتو پيو ته سمنڊ هتان کان 10 يا 12 ڪلوميٽر پري هوندو. ملاحن ٻڌايو ته هتي هاڻ مشڪل سان ڪي چاليهه کن ٻيڙا ئي هوندا جن جو ڪم مڇي مارڻ آهي. ملاحن مان هڪ کان پڇڻ تي خبر پئي ته هو ڪڏهن ڪڏهن طوفان جي ور چڙهي هندستاني حدن ۾ داخل ٿي ويندا آهن. مونکي ان وقت حيدر دريا جو ناول ”يار“ ياد اچي ويو جنهن ۾ سنڌ جي انهن ملاحن جو ذڪر آهي جيڪي هندستاني حدن ۾ اتان جي فوجين وٽ يرغمال ٿيندي ڪيئي سور سهن ٿا.
ڪيٽي بندر جي هجڻ جو هڪ سبب اها ديوار يا بند آهي جيڪو محترمه بينظير ڀٽو جي دور ۾ ڏنو ويو هيو نه ته جيڪر ڪيٽي بندر به روز پاڻي ۾ لڙهي ۽ جڙي. محترمه بينطير جي ڪوشش هئي ته ڪيٽي بندر منصوبو مڪمل ڪري هن نئين بندر کي سنڌ جي سکيي هجڻ جو وري ضامن ڪجي پر ٻئي دفعا سندس حڪومت وقت کان اڳ ڊهڻ ڪري هي منصوبو جڙي نه سگهيو ۽ محترمه پاڻ به الله کي پياري ٿي وئي. ڪيٽي بندر جي هي اجڙيل حالت ڄڻ ته لطيف سوين سال اڳ ئي محسوس ڪئي هئي. تڏهن ئي ته چيائين :

نه سي تڙِ هوڙاڪَ، نه وايُون وَڻِجارَنِ جُون!
سَرتيُون سامُونڊين جا، اَڄُ پِڻُ چِڪِيَمِ چاڪَ؛
مارِينِمِ فِراقَ، پاڙيچيُون پِريُنِ جا.


بندر جي اها حالت ڏسي، هتان جي سُکين ماڻهن جي هاڻوڪي ڏکيي حالت ڏسي سڀ مايوس هيا ۽ جلدي اچي گاڏي ۾ ويٺا. واپسي ۾ تبصرا هئا پنهنجن جي بيوسي، حڪومت جي نا اهلي تي. ساڳي وقت سڀ اهو به چئي رهيا هئا تي هاڻي به ٿورو خرچ ڪجي ته هنن سهڻن علائقن جي سونهن ۽ سوڀيا سان گڏ هتان جي غريبي به گهٽائي سگهجي ٿي. هتي پڪنڪ پوائنٽس جوڙائي سگهجن ٿيون پر جي روڊ ٺهي وڃي ۽ بندر جو منصوبو تيار ٿئي ته ڪيٽي بندر هڪ دفعو وري سنڌ جي معاشي بهتري جو ضامن بڻبو. ساڳي وقت اهو به خدشو رهندو ته جي هتي ترقي ٿي ته ڪٿي ڪراچي وانگر هتي به مقامي ماڻهو اقليت ۾ نه هليا وڃن ۽ ڌاريا هت واپار تي قابض ٿي وڃن، ڇو ته سکاري سنڌ سدائين ڌارين کي هرکائي سنڌ تي حملا ڪرايا آهن ۽ اسان جا اصلوڪا سنڌي سنڌ جي حفاظت ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن ۽ اگهور ننڊ ۾ ستل آهن، تڏهن ئي ته لطيف سرڪار سُر سامونڊي ۾ ان بابت اڳواٽ ئي هوشيار ڪيو آهي :

بَندَرِ جان ڀَــئِي، ته سُکاڻِيا مَ سُمهو؛
ڪَپَرُ ٿو ڪُنَ ڪري، جِئن ماٽي منجھ مَهِي؛
ايڏو سُورُ سَهِي، ننڊ نه ڪجي، ناکُـئا!


ڪيٽي بندر کان واپسي ڪئيسين ته بُک به پريشان ڪري رهي هئي ته سج به لهڻ وارو هيو. ڪي رستي تي ماني کائڻ جو چئي رهيا هئا ته ڪي گهر پهچڻ جو. پر آخر ۾ اهوئي ٿيو جو ڪٿي بيهڻ بجاء ڪراچي جي ڪروڙن جي آبادي ۾ پهتاسون، ڪراچي جيڪو سنڌ جي گادي جو شهر هوندي اسان لاء اوپرو ٿي رهيو آهي. اسان کي ڪيٽي بندر کي بچائڻ سان گڏ سنڌ جي مارئي ڪراچي جي وارثي ڪري ان ۾ سُڃاڻ برقرار رکڻي آهي.

August 29, 2015

سلطانا وقاصي جو ڪالم ڪتاب ڳالهيون پيٽ ورن ۾

سلطانا وقاصي جو ڪالم ڪتاب ڳالهيون پيٽ ورن ۾ 

تبصرو : محمد سليمان وساڻ


سنڌ جي نامور ليکڪا سلطانا وقاصي جي ڪالمن جو ڪتاب ”ڳالهيون پيٽ ورن ۾“ ٻن جُلدن ۾ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. سلطانا وقاصيءَ جو نالو سنڌ جي انهن چند عورت ليکڪائن مان هڪ آهي جن پنهنجي قلم جي نوڪ ذريعي معاشري جي نا انصافين، ڏاڍاين ۽ نا مناسب حالتن تي بي باڪي ۽ بهادريءَ سان لکيو آهي. سلطانا وقاصي جنهن جو تعلق سانگهڙ ضلعي جي ٽنڊي آدم شهر جي هڪ زميندار گهراڻي سان رهيو آهي ۽ لاڏ ڪوڏ سان پڙهي آهي، سندس گهر ۾ ادبي ماحول رهيو ۽ سڀ ڪتاب کيس دستياب مليا. ڳوٺ ۾ رهندي به هن علم حاصل ڪيو جنهن جو سهرو سندس والد خانصاحب عبدالحق وَڪي ڏانهن وڃي ٿو جيڪو پنهنجي دور جو ادب دوست، ترقي پسند انسان ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هيو. سلطانا وقاصي جي ناناڻي خاندان جو سنڌ جي ادبي حلقي ۾ وڏو نالو رهيو آهي. ناميارو عالم علامه علي خان ابڙو سندس نانو ۽ جديد سنڌي افساني جو مشهور ليکڪ جمال ابڙو سندس مامو آهي. اهڙي سکيي ستابي گهراڻي سان تعلق رکندڙ سلطانه وقاصي اڳتي هلي زندگيءَ جا ڪيئي ڏک ۽ تڪليفون سٺيون ۽ اڪيلي ئي انهن جو مقابلو به ڪيو ۽ ڪراچي جهڙي شهر ۾ جڏهن لساني فساد چوٽ چڙهيل هيا تڏهن به هن اڪيلي سر اتي ويهي حالتن سان مهاڏو اٽڪايو. سندس ڪردار ۽ تحريڪ ٻين عورتن لاءَ به اتساهه جو سبب بڻي ۽ اهڙي وقت ۾ هن قلم ذريعي ان وقت جي حالتن، ماضي ۽ مستقبل بابت سنڌي اخبارن ۾ گهڻو ڪجهه لکيو. هو هڪ جذباتي ۽ بهادر عورت آهي ۽ جذباتي عورتون هر جاءِ تي مصلحت پسندي کان ڪم ڪونه وٺنديون آهن. اهوئي سبب آهي جو سندس لکڻيون ڪيترن ادبي ۽ سياسي شخصيتن کي نه وڻيون. 
هي ڪتاب “ڳالهيون پيٽ ورن ۾” ڇهه سئو ٻاهتر صفحن تي مشتمل آهي جيڪو امبر پبليڪيشن ڪراچي پاران ڇپايو ويو آهي. ڪتاب ۾ جيڪي ڪالم شامل آهن سي اسان جي ئي معاشري، اسان جي ئي ماڻهن ۽ اسان جي ئي دنيا جا آهن. هنن ڪالمن ۾ ڪيئي ڪهاڻيون، ڪيئي واقعا موجود آهي، تاريخ جا ڪيئي واقعا درج آهن. هن ڪتاب ۾ هڪ عام ڪهاڻي ملي ٿي ، اها آهي عورت جي ڪهاڻي، جنهن تي ليکڪا تمام گهڻو لکيو آهي، ڪيترين ئي عورتن جون ڪهاڻيون شامل آهن. هن ڳوٺ جي عورت، شهرن جي عورت، اٻوجهه سادي سودي، اڻپڙهيل عورتن سان گڏ لکيل پڙهيل عورت تي به لکيو آهي. سندس ڪالمن مان گهڻا عورتن تي لکيل آهن. ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هوءَ پاڻ به عورت آهي، هڪ ماءُ آهي، هڪ ڌيءُ آهي، هڪ ڀيڻ آهي. هن بلڪل صحيح لکيو آهي اسان جو معاشرو جيڪو مردانه معاشرو آهي، جتي عورت کي ايتري اهميت ناهي ملي سگهي. پر ساڳي وقت هڪ شيءِ جي گهٽتائي نظر اچي ٿي ته هو ڪٿي به اهڙن عورت ڪردارن جي خلاف لکندي نظر ڪانه آئي جيڪي به عورت تي تشدد ۽ ڏاڍ جو حصو رهيا آهن. هوءَ وڏيرياڻين، ظالمن ۽ پئسي وارن جي زالن تي به ڪجهه ڪانه لکي سگهي آهي جيڪي پنهنجي مڙسن سان گڏ ظلم ۾ ڀائيوار آهن.
سلطانا وقاصي جي ڪالمن جو هڪ وڏو حصو سنڌ سان عشق ۽ سنڌ جي وحدانيت تي ڪيل وار تي لکيل آهي. پاڻ سنڌ کي سنڌ مُلڪ لکي اهو ثابت ڪري رهي آهي ته اسان جي ثقافت، ٻولي ۽ وجود هزارين سالن کان هلندو اچي، تنهنڪري سنڌ وارن کي پنهنجي ڌرتي کي هڪ ملڪ طور ثابت ڪرڻو ئي پوندو. پناهگيرن ۽ مهاجرن جي گهيري ۾ آيل سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي هاڻوڪي بيوسي تي ليکڪا جتي رنجيده آهي اتي سندس احساس، سندس سوچون ڀور ڀور ٿيندي نظر اچن ٿيون. پر پوءِ به هوءَ ڪٿي به اميد جو دامن ڪانه ٿي ڇڏي، ننڍڙيون ننڍڙيون ڪوششون به کيس اميد جا ڪرڻا پيون لڳن. سندس نوي جي ڏهاڪي ۾ لساني وڳوڙ ن ۾ قتل ۽ تشدد ٿيل سنڌين ۽ ان وقت جي حالتن تي لکيل ڪيئي ڪالم پڙهڻ جهڙا آهن. سياستدانن جي مايوسين تي عوام کي جاڳائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي اٿائين پر سنڌي عوام اگهور ننڊ مان اٿڻ کان قاصر ٿو نظر اچي. هو ءَ پناهگيرن جي روين ۽ سياست کان بيزار نظر اچي ٿي پر بيوس به نظر اچي ٿي جو اسان جا سياستدان ٽَڪي پيسي تي وڪامجي ، ڪرسي جي پويان هلندي سنڌ جي مفادن جا پل پل تي سودا ڪندا رهيا آهن. 
سلطانا وقاصي پاڻ اديبا، ليکڪا ۽ شاعره هجڻ ڪري سنڌي ادبي سنگت ۾ گهڻي متحرڪ رهي آهي، تنهنڪري پاڻ ادبي سنگت ۽ اديبن جي سياست، ڪردار ۽ تحريڪن تي خوب لکندي رهي آهي. هوء ڪافي جاين تي اديبن ۽ ادبي سنگت جي ڪردار کان مايوس لڳي ٿي، اهوئي سبب آهي جو تنقيدي ڪالم لکيا اٿس پر ساڳي وقت هو تنقيد براءِ تنقيد بجاءِ ڪيترائي حل پيش ڪندي رهي آهي. پر جڏهن ويڪائو اديب سنڌ جي مفادن خلاف نظر اچنس ٿا ته انهن خلاف بغير خوف ۽ ڊپ جي لکندي رهي ٿي. اهوئي سبب آهي جو ڪيترائي اديب کيس پسند ڪونه ٿا ڪن. ساڳي وقت هوءَ سنڌ جي علمي ۽ ادبي ادارن تي به لکي ٿي، انهن جي تبديلي تي لکي ٿي. اتي موجود شخصيتن جي منفي ۽ مثبت ڪردان تي لکي ٿي. هوءَ تعليم ، هنر، چٽاڀيٽي ۽ ميرٽ تي يقين رکندڙ آهي، اهوئي سبب آهي جو ڪيترين جاين تي هن ڪوٽا سسٽم جي مخالفت ۾ به لکيو آهي ۽ هوءَ چوي ٿي ته ڪوٽا بجاءِ چٽاڀيٽي ۽ قابليت جي بنياد تي اڳتي وڌجي. پر انهيءَ حقيقت کان به منهن موڙڻ ڏُکيو آهي ته شهر ۽ ڳوٺن جي تعليمي سرشتي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي جنهن کي ڪيئن ختم ڪجي.
سياسي حالتن ۽ شخصيتن تي چِٽو موقف رکي لکندڙ سلطانا وقاصي جا ايم ڪيو ايم جي هيڊ ڪوارٽر نائن زيرو تي وڃڻ وقت محترمه بينظير ڀٽو ۽ ڄام صادق علي جي دور ۾ ايم ڪيو ايم کي ڏنل ڍيل ۽ اختيارات بابت سندس ڪالم لاجواب آهن جن ۾ هن سانگهڙ، دادو ۽ لاڙڪاڻي جي شخصيتن تي ڪمال جي تنقيد نگاري ڪئي آهي. ان وقت جي اخبارن جي ايڊيٽرن کي به جس ڏيڻ گهرجي جن اهڙا بولڊ قسم جا ليک اخبارن ۾ شامل ڪيا.
جيتوڻيڪ ڪافي سارن ڪالمن ۾ يڪسانيت به آهي جيڪا پڙهندڙ کي بور ڪندي پر پوء به هي ڪالمن جو ڪتاب هڪ تاريخ آهي. جيڪا سنڌ جي ان وقت جي حالتن جي شاهد آهي. ڪالمن جي پنهنجي افاديت هوندي آهي، ڪيئي ڪالم وقت ۽ حالتن وقت لکبا آهن جيڪي پوء پنهنجو اثر وڃائي ويهندا آهن پر ساڳي وقت اهڙا لا تعداد ڪالم به موجود آهن جيڪي اهو ظاهر ڪن ٿا ته ليکڪا جو مشاهدو ڪيڏي ڪمال جو هيو جو اڄ جون حالتون ان وقت جي ڪالمن ۾ لکيون ويون آهن. سنڌ جي علمي ادارن، ادبي ادارن، درسگاهن، سنڌ جي ٻهراڙي ۽ شهرن، سنڌي عورتن، معاشرتي براين، ڪارو ڪاري جهڙي ريتن ۽ رسمن، بدلي جي شادين، سنڌ جي نوجوانن، سنڌ جي عورتن، سنڌ جي سياستدانن، سنڌي اديبن، سنڌ جي عوام ۽ ووٽرن، سنڌ جي جوڌن ۽ قومي هيرن، سنڌ جي سماجي خدمتن جي تنظيمن، ادبي تنظيمن، سياسي تنظيمن، بهارين، بنگالين، برمين ۽ افغانين سميت سنڌ ۾ آيل پناهگيرن سميت روز مره جي سڀني واقعن تي ليکڪا جا احساس ۽ سوچون پڙهڻ وٽان آهن.
جيتوڻيڪ اڄڪلهه سلطانا وقاصي تمام گهٽ لکي رهي آهي پر پوءِ به سندس هي ڪتاب سنڌ جي ادبي ۽ صحافتي حلقي ۾ ضرور مقبوليت ماڻيندو.
____