February 21, 2016

هن کي عاشقي ئي زندگي ٿي لڳي : حسن وساڻ جي ڪتاب ”شام صحرا جي“ تي تبصرو

ڪتاب ”شام صحرا جي“ (شاعري)، شاعر : حسن وساڻ

هن کي عاشقي ئي زندگي ٿي لڳي

محمد سليمان وساڻ

مائيڪ آندري لکيو آهي ته “شاعري درد ۽ پيڙا جي پيٽ ڄائي آهي، هر اهو شخص جيڪو ڀوڳي ٿو ۽ درد سهي ٿو سو شاعر آهي هن جو هر هڪ لڙڪ هڪ شعر ۽ هر دک هڪ نظم آهي”. سنڌي شاعريءَ جا هر دور ۾ مختلف الڳ الڳ رخ رهيا آهن، هڪڙا ترقي پسند شاعريءَ ذريعي نالو ڪمائين ته ڪي وري انقلابي شاعري ذريعي ڇانئجي ويندا آهن. پر هڪ طبقو جنهن کي روايتي شاعري جو لقب ڏيندا آهن سو سدائين متحرڪ رهندو آهي ۽ هنن جي سونهن، سچ، چاهتن ۽ محبتن سان گڏ حُسن تي ڪيل شاعري پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي آهي. اهڙو شاعر معاشري جي بي راهه روي، ماڻهن جي اڍنگن روين، ڏک ۽ پيڙا مان گذري دردن جي ڪوتا تخليق ڪندو آهي. اهڙن ئي خوبصورت شاعرن مان هڪ حَسن وساڻ به آهي. خيرپور ضلعي جي هڪ ننڍي ڳوٺ جهنگي سان تعلق رکندڙ حسن وساڻ سهڻا غزل پيش ڪري پنهنجو نالو ڪمايو آهي. تازو ئي سندس شاعريءَ جو پهريون مجموئو “شام صحرا جي” ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. خيرپور ضلعو جتان تنوير عباسي، تاجل بيوس، عطا محمد حامي جهڙا شاعر پيدا ٿيا آهن جن سنڌي شاعريءَ کي نوان رخ ڏنا آهن، ان جو تسلسل مشتاق ڦل کان حسن وساڻ تائين ساڳيي جوڀن ۽ آب تاب سان شاعريءَ جي افق تي موجود آهي.
شاعري جذبن ۽ احساسن جي اظهار جو سڀ کان سگهارو ذريعو آهي جنهن ذريعي دل جي ڳالهه قلم جي نوڪ ذريعي ٻين تائين پهچي انهن جي دلين کي به جهومائي وجهي ٿي. اهائي ڳالهه حَسن وساڻ جي شاعريءَ مان ظاهر پئي ٿئي. حَسن جا غزل پڙهي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ماڻهن جي روين، محبوب جي روين، محبوب جي نخرن ۽ معشوق جي دلرباين جو ڪيڏي نه سندرتا سان لفظن ۾ بيان ڪري ٿو. حسن وساڻ ڳوٺ ۾ رهندي اتان جا حسين منظر ۽ پنهنجي دلربا جي تشبيهه ڇا ته سهڻي نموني پنهنجي شاعريءَ ۾ ڏيکاري آهي:

ڪيڏو نازڪ ادائن ۾ ويڙهيل هئا،
نيڻ تنهنجا حجابن ۾ ويڙهيل هئا.

مون ڇهڻ ٿي گهريا، هٿ رت ٿي ويا،
ڪيڏا ڪنڊا گلابن ۾ ويڙهيل هئا.


هو محبوب ۽ ان جي دوستيءَ کي ئي زندگي ٿو سڏي ڇو ته هو محبتن ۽ امن جو شاعر آهي، هن کي عاشقي ئي زندگي ٿي لڳي، هن کي چاهتون ئي نئين اميد ٿو ڏين:

موت ڏي ڪيئن وڃي، زندگيءَ کي ڇڏي،
ڪير تنهنجي پرين دوستيءَ کي ڇڏي.


حسن وساڻ جي شاعريءَ کي گهرائيءَ سان پڙهو ته ان ۾ فطرتي حسناڪيون ۽ فطرت سان پيار ڀريو پيو آهي. خوبصورت منظر ۽ فطرت جي سونهن جي ساراهه هو ايئن ئي ٿو ڪري جيئن وليم ورڊس ورٿ يا وري سنڌي شاعريءَ ۾ تنوير عباسي ڪئي آهي. هو اهڙي ڳوٺ ۾ رهي ٿو جتي شام جو سج لهڻ جا منظر، پکين جون لاتيون، مال جا ڌڻ، رات جي چانڊوڪي، تارن ڀري آسمان جي رم جهم، ماڪ جا قطرا، رات جا ٽهڪ، هير جهڙي هڳاءِ جهڙي هوا، مينهوڳي ۾ مٽيءَ جي خوشبو، ٻنين ۾ اميدن جي آسري هارين جون زندگيون، ڀٽن تي لهندڙ سج جا منظر ۽ صحرا ۾ گذرندڙ درد ڀريون شامون ڄڻ ته هن کي مست ڪري شاعر بڻايو ڇڏين ۽ اهڙي منظرن کي ئي هن شاعريءَ جي سونهن بڻايو آهي:

رات به تنهنجي ٽهڪن کان پوءِ،
گل ٽڙيا ها چانڊوڪيءَ ۾.

هير هڳاءُ ٿي وئي، هن جا،
وار ڇڙيا ها چانڊوڪيءَ ۾.


حسن وساڻ حسناڪين، محبتن، چاهتن، اميدن، آسرن، عشق ۽ عاشقي، ڌيمي لهجي، محبتي مرڪن جهڙو شاعر آهي، جنهن سنڌي شاعريءَ جي شيلف ۾ هڪ سندر ڪتاب جو اضافو آهي. حَسن جي شاعريءَ ۾ انسانيت جو درد ۽ انسان دوستي جو پيغام سمايل آهي، هن جي شاعريءَ ۾ اهڙا احساس سمايل آهن جيڪي پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿا وجهن. يقينن سندس شاعري پڙهندڙ هي ڪتاب پڙهي کيس داد ڏيڻ کان ڪونه رهندا. سندس خيالن جي گهرائي ۽ سادن لفظن سان ڪيل آسان شاعري کيس ادبي دنيا ۾ پنهنجو مقام ٺاهڻ ۾ سولايون پيدا ڪندي.
سندس شاعريءَ جو هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران ڇپايو ويو آهي. 112 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي. مهاڳ ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ لکيو آهي جڏهن ته مشتاق ڦل ۽ وفا حاڪم وساڻ جا شاعر ۽ شاعريءَ بابت رايا پڻ ڇپيل آهن.

ڪاوش سنڊي ميگ 21 فيبروري 2016ع

February 08, 2016

”هٽيو پاند رُخ تان“ گلاب سولنگيءَ جي خوشبو جهڙي شاعري


”هٽيو پاند رُخ تان“ گلاب سولنگيءَ جي خوشبو جهڙي شاعري
محمد سليمان وساڻ
وليم ورڊس ورٿ لکي ٿو ته ”شاعر هڪ انسان آهي. جيڪو انسانن سان ڳالهائي ٿو، جنهن کي عام ماڻهن کان وڌيڪ شعور، جوش ۽ نازڪ احساس مليل آهن. سندس روح وسيع آهي، هن جو جذبو ٻين کان وڌيڪ لطف حاصل ڪري ٿو ۽ چاهي ٿو ته سڄي ڪائنات به انهن جذبن ۽ امنگن سان ٽمٽار هجي“. وليم ورڊس ورٿ جي اهڙين خوبصورت سٽن تي گلاب سولنگي خوب لٿو. گلاب سولنگي جنهن کي اسان کان وڇڙيي ڇهه مهينا به مس گذريا هوندا پر سندس شاعري بلڪل ان گلاب جي پتين جيان آهي جيڪي پاڻ وِکري به خوشبو ڦهلائي وينديو ن آهن. گلاب سولنگيءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب “هٽيو پاند رُخ تان” مونکي سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن قاضي احمد جي سرگرم دوست ممتاز خادم ميمڻ تحفي طور هالا ۾ ڏنو هو. مان ڳوٺ ويندي پورو ڪتاب پڙهي ويو هوس. گلاب سولنگي جي شاعري ۾ درد سمايل آهن ته خوشين جا خزانا به آهن، هو بهارن جو ذڪر ڪندي خزان کي به دل سان ڳائي ٿو. گلاب سولنگيءَ جي غزل جو هڪ بند پڙهندي مونکي فارسيءَ جي عالمي شهرت يافته شاعر حافظ شيرازيءَ جو هڪ مشهور شعرياد اچي ويو ”بخال هندوش بخشم سمرقند و بخارا“ يعني محبوب جي ڳل جي ڪاري تر تان سمرقند ۽ بخارا گهوري ڇڏيان ها. ان ئي تر لاءِ گلاب سولنگي چئي ٿو:

تنهنجي ڳل جو تِرُ او سائين،
منهنجو نيندو سِرُ او سائين.

گلاب سولنگي پنج درجا پاس هو ۽ درزڪو ڪم ڪندو پر سندس شاعريءَ ۽ ادبي دنيا سان لاڳاپو ائين ئي هيو جيئن مڇيءَ جو پاڻيءَ سان. اهوئي سبب هيو جو نواب ولي محمد ۾ سندس درزڪي ڪم جو ننڍڙو دڪان اتان جي ادبي اوطاق بڻجي ويو. هو جديد ۽ روايتي شاعريءَ جو سيبتو ۽ سلڇڻو شاعر هو. سندس شاعري رومانوي رنگن سان ڀريل آهي:

دل گهريو دلبر مليو، ٻيو ڇا کپي،
درد ويو دل جو هليو، ٻيو ڇا کپي.

گلاب سولنگيءَ جي شاعري فني حوالي سان پختي شاعري آهي، جنهن ۾ فڪري حسناڪين سان گڏ انڊلٺي رنگ موجود آهن. هن قافيي، رديف، ترڪيبن، تشبيهن ، محاورن جو ڪمال ڪاريگري سان استعمال ڪيو آهي. گلاب جي شاعري محبت، پيار ۽ امن جو پيغام آهي. ٻهراڙيءَ جي سادي زندگي ۽ عام رواجي ماحول جو اثر به سندس شاعريءَ تي پيو آهي. هو حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ کان نه ٿو گهٻرائي. هن جو قلم ڪنهن جي ونگار وهڻ يا اجائي تعريف کان ڪوهين ڏور ٿو ڀڄي، تڏهن ئي ته چوي ٿو :

هر قدم پرکيو زماني آ مگر،
ڪانه آ پنهنجي جهڪڻ سان دوستي.

گلاب سنڌ جي صوفياڻي رنگ ۾ رچيل شاعر آهي جيڪو مذهبي انتها پسندي کي ڌڪاري انسانيت جو پرچارڪ بڻيو رهيو. گلاب سولنگي جسماني طور اڄ اسان ۾ موجود ناهي پر سندس شاعريءَ جي خوشبوءِ جي مهڪ جو احساس سدائين محسوس ڪيو ويندو.

جڏهن گلاب تي تو گهور ڪئي،
دل منهنجي هٿن مان يار وئي،
جي وار ڪيئي سي وار عجب.

هي ڪتاب 128 صفحن تي مشتمل آهي جنهن ۾ غزل، ڪافيون ۽ وايون شامل آهن. هن ڪتاب جو مرتب معشوق ڌاريجو آهي. سنڌي ادبي سنگت قاضي احمد پاران هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر وٽان ڇپايو ويو آهي جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.

February 03, 2016

مهراڻو : جهنگلي جيوت جي نرالي پناهه گاهه

مهراڻو : جهنگلي جيوت جي نرالي پناهه گاهه 

محمد سليمان وساڻ 

خيرپور جي هڪ مشهوري ان جي رياست وارو دور به آهي. جڏهن سنڌ تي ٽالپرن جو قبضو ٿيو ته هو پاڻ ۾ به ڪونه ٺهيا ۽ نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ جي ونڊ ورڇ ڪري ان کي ٽن حصن ۾ ورهائي کنين. هڪ حصو حيدرآباد جي ميرن وٽ آيو، ٻيو ميرپور خاص ۽ ٽيون خيرپور جي ميرن جي حصي ۾ آيو. جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته خيرپور جي ميرن ڪابه مزاحمت ڪانه ڪئي ۽ انگريزن سندن رياست به برقرار رکي. اقتصادي حوالي سان خيرپور رياست جو دور خوشحالي وارو رهيو سواءِ مير علينواز ناز جي جنهن رياست جو ناڻو هڪ ڳائڻيءَ جي عشق ۾ لُٽائي ڇڏيو. انهن ڏينهن ۾ رياست خيرپور مالي حوالي سان گهوٽالي جو شڪار رهي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به خيرپور جي رياست واري حيثيت برقرار رهي پر اڳتي هلي 1955ع ۾ زبردستي يا ڌمڪائي رياست جي حيثيت ختم ڪري ان کي پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو. مير شڪار جا به شوقين هئا، تنهنڪري اڳتي هلي سندن هي شوق جهنگلي جيوت جي حفاظت ۾ تبديل ٿيو ۽ وائيلڊ لائيف جي بين الاقوامي حيثيت ماڻي چڪو، اهو حصو آهي مهراڻي جو. 
هن دفعي ڳوٺ موڪلن ۾ ويس ته مهراڻي گهمڻ جو پروگرام رٿيم. گذريل سال ڪوٽڏجي جو قلعو گهميو هيم. ان سلسلي ۾ هن سال به استاد سائين بخش وساڻ کي عرض رکيم. استاد سائين بخش اسان جو عزيز به آهي ته ڀائرن جهڙو دوست پڻ آهي، اڄڪلهه استادن جي تنظيم گسٽا جو سرگرم عهديدار پڻ آهي. ٻئي ڏينهن استاد سائين بخش جي پوٽوهار جيپ ۾ استاد ارشاد چني ۽ مرتضى وساڻ سان گڏ مهراڻو گهمڻ لاءِ نڪتاسين. ڪوٽڏجي پهچي اتان هڪ سونهون ماڻهو گڏ وٺڻو هو جيڪو اڳتي رڻ پٽ ۽ ٻيلي ۾ اسان جي رهنمائي ڪري. جنهن دوست کي رهنما طور کنيوسين سو مهراڻي پاسي جو ئي رهندڙ آهي. هو ٽريڪٽر جو مشهور ڊرائيور آهي تنهنڪري جيپ جي ڊرائيونگ سيٽ به استاد ارشاد سندس حوالي ڪئي. مان اڳيان ويٺس ۽ اسان ڪوٽڏجي شهر جي ڏکڻ اوڀر ۾ هلڻ لڳاسين. ڪوٽڏجي شهر کان لڳ ڀڳ 8 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي مهراڻي جون حدون شروع ٿين ٿيون. اندر سندس ڊيگهه ۽ ويڪر تمام گهڻي آهي ۽ ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. اندر زمينون ۽ فصل به آهن ته هڪ ڍنڍ به آهي ته رڻ پٽ سان گڏ هڪ حصو ٻيلي جهڙو به آهي جنهن ۾ ڪيئي پراڻا، ڊگها ۽ ويڪرا وڻ آهن. خيرپور فيڊر ايسٽ (ميرواهه) مهراڻي جي ڏاکڻي پاسي کان گڏ هلي ٿو. ٻئي طرف وارياسي ڀِٽُن ۽ ٽڪرين جو حصو آهي. مهراڻي کي کوڙ سارين جاين کان چوڌاري ڪوٽ يا وري تارون لڳايون ويون آهن. خيرپور رياست جي اڳوڻي والي مير سهراب خان ٽالپر 1790ع ۾ ڪيترن ئي ميلن تي مشتمل علائقي کي جنگلي جيوت جي محفوظ پناهه بڻايو جنهن کي بين الاقوامي وائلڊ لائف جي حيثيت حاصل آهي. هتي هزارين ناياب ڪارا هرڻ، ڳاڙها هرڻ، ڦاڙها، ٻارنهن سڱا،جهنگلي سوئر، جهنگلي ٻليون، گدڙ، تتر ۽ ڪيترائي ٻيا ناياب پکي ۽ جانور موجود آهن. پهريان هي علائقو رياست جي والين جي شڪار گاهه هيو پر اڳتي هلي هاڻوڪي والي هز هاءِ نيس علي مراد ٻئي ان کي شگار گاهه ختم ڪري جهنگلي جيوت جي محفوظ پناهه گاهه بڻايو. نه صرف اهو پر مير صاحب ڪجهه ناياب هرڻ ٻاهرين ملڪن مان به کڻائي آيو جيڪي هاڻي دنيا ۾ ته ناياب آهن پر مهراڻي ۾ موجود آهن. 
اسان جي گاڏي پهريان ڪڻڪ جي فصلن مان ٿيندي هلي ۽ پوءِ وري هڪ گيٽ آيو، ان مان اڳتي وڌياسين ته ٻيلو نظر آيو جنهن ۾ پراڻا ۽ وڏا وڏا وڻ نظر آيا، ڪٿي ڪٿي باغ نظر آيا جيئن زيتون، ليما وغيره. پکين جا ڪيئي آواز، ٿڌڪار ۽ قدرتي منظر سچ ته عجيب پئي لڳا. اتان ٿيندا هڪ ٻئي ڪوٽ ٻاهران آياسين جنهن کي لوهو گيٽ لڳل هو . ان کي کولي اندر وياسين، وري هڪ ٻيو ڪوٽ نظر آيو، ان دروازي تي پهچي واقفيت ڪرائيسين ۽ پوء دروازو کوليو ويو. اڳتي اک ڦيرائي ته ڪيئي هرڻ، ٻارنهن ســڱا، ڦاڙها، ٽاڪرو هرڻ نظر آيا، جيڪي گاڏي کي ڏسي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا. اهڙا منظر اڳ صرف نيشنل جاگرافڪ تي ڏٺا هياسين ۽ اڄ اسان جي ٻنهي طرفن کان هرڻ ۽ ڦاڙها هيا. ڪيمرا جي ڪلڪ کان ڪوهين ڏور ٿي ڀڳا. اسان کي گاڏي مان لهڻ کان روڪيو ويو هو. هتي گهڻو ڪري جانورن کي ڏسڻ لاءِ لڪل جايون ٺاهيون ويون آهن جيئن جانورن کي ڊڄ نه اچي. مان گاڏي مان ئي ڪجهه تصويرون ڇڪيم. پٿريلي زمين تي گاهه وڇايل نظر آيو جنهن کي کائڻ لاءِ پهتا هيا. 
هاڻي اسان اتان واپسي ڪري وري ٻئي ڪچي واٽ تي ورياسين ۽ ڪجهه اڳتي هلي چهچ ساون ڊگهن وڻن مان ٿيندا اڳتي وڌياسين. ڪٿان ڪٿان شاخون ڀريل پاڻي سان گڏ گڏ پئي هليون. جنهن جي پاسن تي ڪيئي ساوا ٻوٽا ۽ گل بيٺا هيا. ڪٿي گدڙ ۽ ڪٿي وري ڪجهه سوئر نظر پئي آيا. وچ ٻيلي ۾ هڪ جاءِ تي گاڏي روڪيسين، سامهون وچ تي هڪ جاءِ ٺهيل هئي، ڪجهه ماڻهو هٿيارن سان بيٺا هيا ۽ ڪجهه وري ڪچهري ڪري رهيا هئا. مٿي هڪ ڊگهو چبوترو ٺهيل هو. اسان ڏاڪڻيون چڙهي مٿي وياسين جتان ڍنڍ جو نظارو پئي نظر آيو، هڪ طرف ٻيلا هيا ته ٻئي طرف وري واريءَ جا دڙا نظر پئي آيا. هي جاءِ ۽ چبوترو گهڻو مٿي هيا. هيٺ لٿاسين ته اسان جي رهنمائي ڪندڙ بشير بڙدي هڪ ٻئي همراهه کي سڏيو جيڪو رکوالو هيو سوئرن واري طرف جو. سندس نالو گهنور بڙدي هيو. هتي مهراڻي پاسي بڙدي ذات جا ماڻهو گهڻا رهن ۽ اوسي پاسي جون زمينون به آباد ڪن ته ٽريڪٽر ۽ ٽرالين تي پٿرن جو ڪم به ڪن. مهراڻي جي رکوالي به هنن حوالي آهي. غوث علي شاهه جي وزارت اعلى واري ڏينهن ۾ هتي سرڪاري رکوالا به رکيا ويا پر اڳتي هلي اهي غير قانوني شڪار ۾ ملوث رهيا جن کي بعد ۾ هٽايو ويو. 
اسان وڻن ۽ ٻيلي مان ٿيندا هڪ هنڌ پهتاسين ۽ گهنور پنهنجي مخصوص آواز ۾ سوئرن کي سڏڻ لڳو. اهو وقت سندن چاري جو نه هيو پر رکوالي جي سڏڻ تي 12 کن سوئر گڏ ٿيا. اسان هڪ مٿاهين جڳهه تي لڪي ويٺاسين. هو پاڻ ۾ وڙهي به رهيا هئا. ڪجهه دير اتي رهي اسان بوزاڪر ڍنڍ طرف روانا ٿياسين. اتي وڃڻ لاءِ اسان کي واهه جي ٻئي پاسي کان وڃڻو پئي پيو، جنهن ۾ ڪلاڪ کن لڳي ها پر بشير ڊرائيور جي اها ضد هجي ته وچان ڀِٽُن مان هلون. آخر ڊرائيور اڳيان مجبور ٿياسين جنهن گاڏيءَ جي ٽائرن مان ڪجهه هوا ڪڍي ۽ وچ دڙن ۽ وڻن مان ٿيندو اڳتي وڌيو. منهنجو ته خير هيو باقي پوين سيٽن تي ويٺلن سان واهه جي ٿي، ڪڏهن هيڏي ته ڪڏهن هوڏي ..... الله الله ڪري ڍنڍ تي پهتاسين. پري کان ئي اُٺن جا وڳ، ٻڪرين ۽ رڍن جا ڌڻ نظر آيا ۽ کوڙ سارا پکي به هئا جيڪي ڍنڍ جي ٻئي طرف هيا. اڳيان ئي پاتن جا ڳوٺ هيا. اسان هاڻي واپسي ڪئي ۽ سڌو بشير جي ڳوٺ پهچي چانهه پيتي. ڪجهه گهڙيون ڪچهري ڪري واپس ٿياسين. 
مان سوچي رهيو هوس ته جيڪڏهن هن ماڳ کي ڪجهه وڌيڪ ترقي وٺرائي ان ۾ ٻيا به جانور رکرايا وڃن، ڍنڍ ۾ ڪجهه ٻيڙيون هلن ته جيڪر هي ماڳ به هڪ سياحتي هنڌ بڻجي وڃي. پر نه ته رياست جي واليءَ ۽ هن وقت جي وارثن ۾ ان قسم جي ڪا دلچسپي آهي ۽ نه ئي وقت جي حڪومتن ان طرف ڪو ڌيان ڏنو آهي ۽ نه ئي ڪنهن اين جي او ان ۾ ڪا دلچسپي ورتي آهي. ڪاش هنن ماڳن کي وڌيڪ ترقي وٺرائي انهن کي سياحتي ماڳن ۾ تبديل ڪري نه صرف مشهوري ماڻجي پر هتان جي مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا نوان موقعا فراهم ڪجن.