April 30, 2016

” وجود جي ڳولا“ فرزانه شاهين جون شاعريءَ جهڙيون ڪهاڻيون



” وجود جي ڳولا“ فرزانه شاهين جون شاعريءَ جهڙيون ڪهاڻيون
محمد سليمان وساڻ
اسان جي مانواري ڀيڻ، شاعره ۽ ليکڪا فرزانه شاهين جي ڪهاڻين جو ڪتاب “وجود جي ڳولا” منهنجي هٿن ۾ موجود آهي. خوبصورت ۽ دل کي وڻندڙ ٽائيٽل ۽ پوئين صفحي تي يعني بيڪ پيج تي منهنجي پسنديده ليکڪ رحمت الله ماڃوٺيءَ جو ڪتاب ۽ ليکڪا بابت رايو به وڻندڙ آهي. فرزانه شاهين بنيادي طور تي هڪ شاعره آهي، تنهنڪري سندس ڪهاڻين ۾ انتها درجي جي خوبصورت پسمنظرنگاري، احساسن ۽ جذبن جي جوڙجڪ، دلڪشي، حسناڪي ۽ خوبصورت لفظن جو سٽاءُ موجود آهي، جيڪو شاعريءَ وانگر لڳي ٿو. هوءَ بنيادي طور عورتن جي مسئلن، عورت جي ڌڪار، عورتن سان ڪيل ناانصافي، عورتن سان سماجي اڻ برابري، معاشرتي مسئلن، انا جي ور چڙهيل رشتن ۽ عورتن جي مسئلن تي ئي لکي پئي، سندس ڪهاڻين جو موضوع صرف عورت ئي آهي. هن بهترين انداز سان مختلف ڪهاڻين ۾ صرف عورت کي ئي مظلوم ڪري پيش ڪيو آهي. شايد انڪري جو هوءَ پاڻ به هڪ عورت آهي، يا انڪري جو اسان جو معاشرو عورتن کي حق ڏيڻ ۽ انهن جي آزادي جو حامي ناهي.
هوءَ بيباڪيءَ سان ناه نهاد ريتن رسمن خلاف لکي ٿي پر سندس اڪثر ڪهاڻين ۾ نا اميدي ۽ مايوسي ڀريل آهي. اڪثر ڪهاڻين جو انجام ۽ ڪلائيميڪس اهو نڪري ٿو ته پيار ڪندڙ هڪ ٻئي کي حاصل ڪري نه ٿا سگهن. ان بجاءِ جيڪڏهن هو معاشرتي براين، نا انصافي ۽ جهالت خلاف حوصلا افزا ۽ اميد ڀريل ڪهاڻيون به لکي ها ته سٺو لڳي ها. ڇو ته مايوسين ڀريي ماحول ۾ مايوسيون لکڻ جو مان حامي ناهيان. ” وجود جي ڳولا“ کان ويندي پردي پويان، آئيڊيل، سمجهوتو، رنگ رتول، يادون، محبت جي موٽ، يادن جا عذاب ۽ شال مَ ملان هوت سميت سڀ ڪهاڻيون بهترين آهن. فرزانه شاهين وٽ لفظن جي چونڊ، جملن جي جوڙجڪ، احساس ۽ جذبن جي رواني ڪمال جي آهي. هن وٽ ڪهاڻي جو فن ۽ فڪر ٻئي موجود آهن. هن جا مڪالما ته اهڙا آهن جو موهي وجهن ٿا. جهڙوڪ:

”جڏهن ڪنهن جي دل عشق ۾ ٽٽي وڃي ته سون جو ٽاڪو به ان کي جوڙي نه سگهندو“

”محبتون حاصلات جي نظريي کان مٿاهيون هونديون آهن. منهنجي لاءِ ته اهو احساس ئي ڪافي آهي ته ڪوئي منهنجو آهي ۽ مان ڪنهن جي سوچ جو محور آهيان .... ٻرندڙ جيون ۾ ٻيو کپي به ڇا؟“

”پر منهنجي يادن جا دروازا ته کليل آهن. هر لمحو مقدس امانت جيان يادن جي ٽجوڙيءَ ۾ سنڀالي رکيو اٿم. سڀئي لڙڪ ٽشو پيپر ۾ ويڙهي اکين تي پها رکي ڇڏيا اٿم. وڇڙيل وقت جا سمورا درد دل جي کوري ۾ دکائي پنهنجي اندر ۾ دونهين دکائي ڇڏي اٿم، جنهن جو دونهون هر وقت منهنجي اکين کي جلائيندو رهندو آ. وجود تي چٽيل پيار جا سمورا پوپٽ مٺين ۾ ڀڪوڙي سمورا رنگ لڪائي ڇڏيا اٿم. وسارڻ لاءِ ته صديون گهرجن ۽ مان ته اڃان ان لمحي جي سرحد تي بيٺي آهيان، جتان پاڻ ملي وڇڙيا آهيون. ان لمحي کي پار ڪرڻ لاءِ صديون درڪار آهن.“

هي ڪتاب جيترو سهڻو آهي ان کان به وڌيڪ ان ۾ پروف جون غلطيون آهن، جيڪي ڪهاڻيءَ جي رواني ۽ جملن کي سمجهڻ ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿيون ۽ ٻيهر ٻيهر پڙهڻو ٿو پوي. ڪجهه ڪهاڻين ۾ ته ڪٿي نه ڪو فل اسٽاپ آهي، نه ڪاما ۽ نه وري ڪوٽيشن مارڪ. ليکڪ سان گڏ پبلشر جي اهڙي رويي تي حيراني لڳي. پوپٽ پبلشنگ هائوس جو هڪ نالو آهي، هڪ برانڊ آهي، هڪ سڃاڻ آهي، تنهنڪري هنن کي خاص خيال رکڻ گهربو هو.
هن ڪتاب جي هڪ منفرد ڳالهه اها به آهي ته هر ڪهاڻيءَ جي مناسبت سان هارون چنا جا ٺهيل اسڪيچ موجود آهن، جن ڪتاب کي وڌيڪ سندر بڻائي ڇڏيو آهي. پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران ڇپايل 188 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ 27 ڪهاڻيون شامل آهن. مهاڳ اخلاق انصاريءَ لکيو آهي، جڏهن ته عطيه دائود جو ليکڪا ۽ ڪهاڻين تي تبصرو ۽ تسليم منگيءَ جو ليکڪا لاءِ لکيل خط پڻ شامل آهي.

April 04, 2016

مسرور پيرزادي جو ڪتاب ”سِپون سُوجهي ڪڍيون“ پرڏيهي شاعري سنڌيءَ ۾


” سِپون سُوجهي ڪڍيون“ پرڏيهي شاعريءَ سان سڃاڻ

محمد سليمان وساڻ

ڪجهه وقت اڳ مسرور پيرزادي پاران پرڏيهي ادب ۽ شاعريءَ جي عظيم نالن جي چونڊ شاعري سنڌي ۾ ترجمو ڪري سوشل ميڊيا تي پيش ڪئي وئي هئي. اهي چند شاهڪار ڪوتائون سچ ته ڪمال جون هيون. پوءِ مسرور سان ملاقات ۾ ان بابت پڇيم ته ڇا هو اهو سلسلو جاري رکندو؟ مسرور هميشه واري مرڪ منهن تي آڻيندي چيو ته هو جلد چونڊ پرڏيهي شاعري جو ترجمو ڪيل ڪتاب پيو آڻي. خوشيءَ جي حد ئي نه رهي، ڪتاب جو بيچيني سان انتظار ڪرڻ لڳس، ڇو ته هاڻي هن فيسبوڪ تي ترجمو شيئر ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ مسرور مليو ته ٻڌايائين ته ڪتاب ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي، ڪڏهن مارڪيٽ ۾ ايندو؟ مونکي ڪڏهن ملندو؟ ..... انهن سوالن تي مسرور جي منهن تي وري ساڳي مرڪ ڇانيل رهي جيڪا سدائين قائم دائم اٿس. چيائين بس ڪجهه ڏينهن انتظار ڪر. پوءِ ڪتاب ”سِپون سُوجهي ڪڍيون“ جي نالي سان ڇپجي ويو، مارڪيٽ ۾ به اچي ويو ۽ مسرور ڪتاب ڏيڻ منهنجي گهر سچل ڳوٺ پاڻ هلي آيو، اهي سندس مونتي وڙ آهن، جيڪي مان لاهي ڪونه سگهندس پر ڳايان پيو. هو سدائين مونتي مهربان رهيو آ، مونسان ملڻ ايندو رهندو آ، ڪراچي شهر ۾ رهندي گوناگون مصروفيتن مان وقت ڪڍي دوستن سان ملڻ اهو واقعي ئي جس لائق ڪم آ، مهرباني مسرور.
مسرور پيرزادي هن ڪتاب ۾ دنيا جي 12 عظيم شاعرن جي شاعريءَ جو ترجمو پابند، آزاد ۽ نثري شاعريءَ ۾ ڪيو آهي. ترجمو ڪرڻ ڪو آسان ڪم به ناهي. ڌاري ٻوليءَ جي شاعرن جي شاعري کي سنڌي ۾ آڻڻ ڏکيو ڪم آ. نثر جو ترجمو وري به آسان هوندو آهي پر شاعريءَ جو منظوم ترجمو مشڪل آهي. ڇو ته شاعري ڪهاڻي يا ڳالهه ناهي پر شاعري احساسن، جذبن، سوچن، لوچن، خوابن ۽ ساڀيائن جو اظهار هوندي آهي ۽ ترجمي ۾ اهي سڀ شيون اظهار ڪرڻ ڪمال آهي. مسرور پنهنجي پاران پوري ڪوشش ڪئي آ ۽ ان ۾ گهڻي ڀاڱي ڪامياب ويو آ، ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هو پاڻ به شاعر آهي ۽ شاعريءَ جي باريڪ بينين کان چڱيءَ طرح واقف آهي. هن گهڻو ڪري ترجمو انگريزي يا اردو ٻوليءَ کان ڪيو آهي ۽ هر شاعر بابت کنيل شاعريءَ جا حوالا ڏنا اٿس. مسرور جن شاعرن جي تخليقن کي چونڊيو آهي انهن مان ڪجهه سان ته اسان جو روحاني رشتو ۽ لڳاءُ رهيو آهي جيئن مولانا رومي جنهن جي مثنوي لطيف سرڪار سان پڻ ساڻ رهي آهي ۽ هو صوفين جو سرتاج آهي ۽ هڪ ٻيو صوفي منصور حلاج جنهن سچ تان سِر گهوريو. ان کانسواءِ عظيم انگريز شاعر وليم شيڪسپيئر، قديم دور جي شاعر ڀرتري هري، ترڪيءَ جي عظيم انقلابي ۽ رومانوي شاعر ناظم حڪمت، هند جي نوبل انعام يافته بنگالي شاعر ٽئگور، چليءَ جي نوبل انعام يافته شاعر پئبلو نرودا، بنگال جي انقلابي شاعر قاضي نذر الاسلام، جديد عربي شاعريءَ جي سرتاج عشق ۽ انقلاب جي شاعر نزار قاباني، داغستان جي وطن پرست شاعر رسول حمزاتوف، فلسطين جي انقلابي ۽ باغي شاعر محمود درويش سان گڏ قديم رومانوي سنسڪرتي شاعرن جي تخليقن جو منظوم ترجمو ڪيو اٿس.
هي ڪتاب سڀني ادب دوستن ۽ شاعرن خاص ڪري مون جهڙن پرڏيهي ادب کان اڻڄاڻ ماڻهن لاءِ گهڻو لاڀائتو ثابت ٿيندو. شاعري ۽ ادب لاءِ اهو ضروري آهي ته اوهان پرڏيهي ادب ۽ شاعرن کي پڙهو، انهن جي احساسن ۽ تخيل جي اڏار کان واقف ٿيو. مسرور پيرزادي کان اڳ مان اختر حفيظ پاران نزار قاباني جي شاعريءَ جو ترجمو پڙهيو هيو ۽ گهڻو متاثر ٿيو هيس، پر مسرور ته ڪمال ڪري ڇڏيو آ جو چونڊ عالمي شاعرن جي شاعري سا به سليس سنڌي منطوم ترجمي ۾ پيش ڪئي اٿس. هن ڪم تي مسرور کي ڀلي ڪو شاباس ڏي يا نه، ڀلي شاعريءَ جا بُت سندس تعريف ڪن يا نه پر سندس هي ڪم تعريف لائق آهي. اهڙو ڪم اسان وٽ صفا گهٽ ٿيو آ. وڏي ڳالهه ته هن هر شاعر جو تعارف ۽ تصوير به ڏني آهي ته جيئن ان عظيم شاعر بابت درست ڄاڻ به هجي. هتي نزار قابانيءَ جي هڪ نظم جو ترجمو مثال طور ڏجي ٿو:

ڪوبه مڇيءَ کي ڪين ترڻ سيکاريندو آ
ڪوبه پکيءَ کي ڪين اڏڻ سيکاريندو آ
پاڻهي تربو آهي
پاڻهي اُڏبو آهي
عشق سکڻ لئه ڪوبه ڪتاب نه هوندو آهي
۽ دنيا جي هيءَ تاريخ ٻڌائي ٿي
عاشق اُمي هوندا آهن.

امبر پبليڪيشن ڪراچي پاران ڇپايل هي ڇهون ڪتاب آهي، جيڪو 160 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ڪتاب جي قيمت ٽي سئو روپيا آهي. مهاڳ نامياري شاعر امداد حسينيءَ لکيو آهي.