October 19, 2016

سکر سيئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾


سکر سيئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾ ... (شاهه لطيف)


اڄ اڪبر بهليم ياد اچي ويو. اها 1989يا 1990 جي ڳالهه آهي ... مان نائين درجي جو شاگرد هوس جو ڪنهن  ڪيس ۾ سينٽرل جيل خيرپور ۾ قيد ٿييس. مان عمر جو ته ننڍو هيس ئي قد به ننڍو هيو، جنهن سبب هٿڪڙي ته هڻايم پر ٻيڙي هڻائڻ کان صاف انڪار ڪيو هوم، جنهن سبب جيل جي سپاهين سان منهنجي وڏن مائٽن جو جهيڙو ٿيندي رهجي ويو، ڇو ته وچ ۾ ڌاڙيل اڪبر بهليم اچي ويو،  جنهن جي جيل اندر هلندي هئي ۽ هن ڊپٽي جيل سپرينٽنڊنٽ کي چيو ته هن ننڍڙي دوست کي ڪڏهن به ٻيڙي نه لڳندي . منهنجي ملاقات پهرين ڏينهن ئي جيل جي ماڙيءَ ۾ داخل ٿيندي  ان وقت جي مشهور ڌاڙيل اڪبر بهليم سان ٿي هئي. اڪبر وڏو ڌاڙيل هو، ان وقت جو گريجوئيٽ ۽ لکيل پڙهيل سهڻو شخص هيو ،  هن جيل ۾ مدد ته ڪئي هئي پر ساڻ اهو سبق به ڏنو هيائين ته قيدين خاص ڪري ڏوهاري قيدين سان دوستي نه رکجان، جي رکين ته  ڏوهن جي دنيا ۾ نه اچجان. ماڙيءَ ۾ داخل ٿيندي ئي قيدين کي ان وقت مٿي تي مڪون هڻي ڪنڌ هيٺ ڪرايو ويندو هو، نه صرف اهو پر هنن سان بيڪار رويو رکيو ويندو هو. اڪبر کي جيل ۾ موجود اسان جي هڪ سڃاڻڻ واري نموني اندر بئريڪس تائين آندو ويو هو ۽ جيل ۾ ۾ به پوليس وارن جو رويو سٺو هيو.

جيل مان نڪري اهو باب بند ڪري ڇڏيم، هڪ دفعو وري تعليم ڏانهن ڌيان ڏئي ڇڏيو هيم .... اڪبر بهليم جي خبر ناهي ڪٿي آهي، هو جيئرو به آهي الائي نه ... سندس لاءِ نيڪ تمنائون. پر جڏهن به جيل جو ذڪر نڪندو آهي ته اڪبر بهليم ياد اچي ويندو آهي. جيل جي دور جون وڏيون ڳالهيون، ڪيئي يادون ۽ قصا لکڻ پئي گهريم پر وري الائي ڇو لکي ڊاهي ڇڏيم .... اهي زندگيءَ جا بُرا ڏينهن هيا. پر انهن ڏينهن ۾ کوڙ ڪجهه سکڻ لاءِ به مليو هو .....