April 26, 2017

فرزانا شاهين جي ڪتاب ”نيڻ آسائتا“ بابت تعارفي نوٽ


محمد سليمان وساڻ

مانائتي ليکڪا ۽ شاعره ادي فرزانه شاهين جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”نيڻ آسائتا“ منهنجي هٿن ۾ آهي. سندن اهي مهربانيون آهن جو ان کان ڪهاڻين جو ڇپيل ڪتاب ”وجود جي ڳولا“ پڻ موڪليو هين. مهربان دوستو ويجهي ماضي يا حال ۾سوشل ميڊيا جو فائدو وٺندي اسان جو کوڙ عورت شاعرائون پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي نروار ڪري رهيون آهن. رخسانا پريت ۽ روبينه ابڙو کانپوءِ فرزانه شاهين، سيما عباسي، فهميده شرف بلوچ، شبانه عالماڻي، صنم نجيب ۽ ماريه ڪنول سميت اسان جون ٻيون ڀينرون پڻ نه صرف شاعريءَ جا ڪتاب ڇپائي رهيون آهن پر سندن شاعري مختلف ادبي مخزنن ۽ اخبارن جي زينت بڻجندي رهي آهي. مردن جي حاوي معاشري ۾ عورتن لاءِ شاعري ڪرڻ ۽ ادبي ميدان ۾ اچڻ ڪو آسان ڪم ناهي، هنن لاءِ قدم قدم تي مسئلن جا انبار آهن پر پوءِ به فرزانه شاهين جهڙيون بهادر ۽ بيباڪ عورتون پنهنجي قلم ذريعي عورت جي احساسن ۽ آوازن کي سگهارو بڻائينديون رهيون آهن. 
فرزانه شاهين جي شاعريءَ ۾ مخلتف احساس سمايل آهن، عورتن سان ٿيندڙ نا انصافي، زيادتي ۽ انهن جي دٻيل آواز جا احساس آهن ته ساڳي وقت سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي سماج سان ڌارين جي ڪيل زيادتين جا احساس به سمايل آهن. فرزانه شاهين جي شاعريءَ جا مختلف پاسا آهن، هن جي شاعريءَ ۾ ست رنگي پوپٽن جا هزارين عڪس سمايل آهن، جيڪي دلڪشي سبب پڙهندڙ کي پاڻ سان ڏانهن ڇڪي وٺن ٿا. هوءَ مڊل ڪلاس معاشري جي شاعره آهي جنهن کي خبر آهي ته اسان جا نقاد تيز ڇرين بجاءِ مڏيون ڇريون استمال ڪرڻ جا ماهر آهن تڏهن ئي ته پاڻ عنوانن، پسمنظرن، لفظن جي چِٽائيءَ، جوڙجڪ ۽ حساب ڪتاب سان انصاف ڪندي نظر پئي اچي. هوءَ شاعريءَ جي سڳنڌ کي وکيري رهي آهي. سندس آسائتا نيڻ سهڻي سنڌ جي آسن ۽ اميدن جي آسري آهن. شاعره غزل جي صنف تي سڀ کان وڌيڪ لکيو آهي ۽ ان سان نڀاءُ به ڪيو اٿائين.


ملڻ جا ڏينهن ڀي توسان، وڇوڙا مينهن ڀي توسان،
مٺيون ڳالهيون به توسان ۽ ميارون زندگي توسان.

ڪڏهن مرڪن سندو ميلو، ڪڏهن سورن سندو ويلو،
هي ڳڻتيون زندگي توسان، هي هارون زندگي توسان.

بهترين وايون به ڪتاب ۾ شامل آهن. جيئن هڪ وائيءَ جون ڪجهه سٽون ڏسو:

سرد ويو ماحول ٿي،
شعرن سان گرماءِ!
ڳاءِ نئين ڌن ڳاءِ !

ڪنول پبليڪيشن قنمبر پاران 160 صفحن واري ٽي رنگي پيپر ۽ ڇپائي واري هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي. ڪتاب ۾ غزل، وايون ۽ نظم شامل آهن. مهاڳ امجد درانيءَ لکيو آهي، ڪتاب ۽ ليکڪا بابت سعيد سومرو، آسي زميني، ايوب کوسو، درد هوش محمد ابڙو، زاهده تاج ابڙو، مريم مجيدي، زبير سومرو ۽ امداد سهتو جا ليک ۽ رايا پڻ شامل آهن.

فرزانا شاهين جي ڪتاب ”پهڻ پير پِٿون ڪيا“ بابت تعارف


دليون ڊاهي آدمي، محل پيو ٺاهي،
                              ڪهڙو دور اچي ويو !

مانواري ڀيڻ فرزانا شاهين جي شاعريءَ جو ڪتاب ”پهڻ پير پٿون ڪيا“منهنجي هٿن ۾  آهي. مان سندن ٿورائتو آهيان جو پاڻ هي ڪتاب مونکي منهنجي سکر واري آفيس ۾ موڪلين. سندن هي ٽيون جڏهن ته شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب آهي. ان کان اڳ ڪهاڻين جو ڪتاب ”وجود جي ڳولا“ ۽ شاعريءَ جو ڪتاب ”نيڻ آسائتا“ ڇپجي چڪا آهن. مونکي خوشي آهي ته ٿوري ئي عرصي ۾ لکڻ جي منزل طرف پاڻ تيزي سان اڳتي وڌي رهيون آهن ۽ ان راهه تي هلندي سندس پير پٿون هجڻ باوجود هو ٿڪجن ڪونه ٿيون.
مان نه ته ڪو شاعر آهيان ۽ نه ئي ڪو نقاد تنهنڪري مان هميشه هر ڪتاب تي تعريفي  يا تعارفي نوٽ ئي لکندو آهيان، جيتوڻيڪ کوڙ دوست منهنجي ان عمل کي خوشامد سڏيندا آهن.
هن ڪتاب ۾ ميڊم فرزانا شاهين جون وايون ۽ بيت شامل آهن. وائي جي صنف کي سنڌ ۾ خوب لکيو ويو آهي. سندس شاعريءَ ۾ کوڙ سوال سمايل آهن، کوڙ جواب به آهن ته ساڳي وقت اندر جي پيڙا ۽ احساس به سمايل آهن. سندس هن وائيءَ کي ڏسو، جنهن ۾ سوچ به سمايل آهي ته لوچ به ته ساڳي وقت هڪ سوال جيڪو هوءَ پُڇي ٿي پاڻ کان، اسان جي ڏات ڌڻين کان، معاشري جي ذميوارن کان، اسان جي سُست ۽ ستل ضمير سياستدانن کان، اسان جي ويڪائو اديبن ۽ ڪامورن کان، معاشري جي ذميوار ماڻهن کان:

ويٺي ملندي ڪينڪي، جانيئڙا پرڀات،
                              ڇو تون سوچين ڪونه ٿو !

سچ ته جي اسان ڪونه سوچيو ۽ ڪونه جاڳياسين ته آزدي جي ڀرڀات اسان کي ڪٿي ڪونه ملندي ۽ سنڌ ڌرتيءَ جا وسيلا اسان جي هٿن مان هليا ويندا.

فرزانا شاهين جي شاعريءَ ۾ محنت ۽ جفاڪشي جو درس سمايل آهي ۽ هوءَ سمجهي ٿي ته منزل ماڻڻ آسان ناهي، ان لاءِ پٿرن جي راهه تان گذرڻو پندو. تڏهن ته هنن سٽن ۾ چوي ٿي:

ڏوريون پيا ڏوريون، پير نه روڪيو راهه ۾ !
                             
وقت چوي ٿو وائڙا ! ڪين وکون توريو،
                                             پير نه روڪيو راهه ۾.

فرزانا شاهين مايوسين ۽ ڏکين پيچرن تي پاڻ کي اڪيلو سمجهي لاچار ٿي روئڻ ۽ پِٽڻ کي سٺو نٿي سمجهي پر اهڙين حالتن ۾ وقت، ماڻهن ۽ ماحول کي سنگتي بڻائي ٿي:

توسان ڏات ڪٺي، هنجون هار نه هيکلي !

هو ڏس تارن سان ڀري، آهي رات ڪٺي،
                              هنجون هار نه هيکلي.


فرزانا شاهين بنيادي طور ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جي شاعره آهي، جنهن سنڌ کي ڳايو آهي، جنهن اسان جي ڪردارن، اسان جي معاشري جي نا انصافين، ڏاڍ ۽ ظلم کي لفظن جا روپ ڏنا آهن.

ڌرتيءَ لاءِ لکندي، منهنجي ڏات وڌي پئي !

ڳوڙها آيل ماءُ جا، چپڙن سان چمندي،
                              منهجي ڏات وڌي پئي !

اَڀرن جي ايذاوَ سان، ڌرتيءَ جان لُڇندي،
                              منهنجي ڏات وڌي پئي !

فرزانا جي خوبي اها آهي ته هوءَ شاعري يا ڪهاڻيءَ ۾ اجائي ڊيگهه، نه سمجهه ۾ ايندڙ فلسفي کي پاسيرو رکي سنئين سڌي ۽ آسان ٻوليءَ ۾ ڳالهه لکي ٿي. هن جي شاعريءَ جي ماپ تور يا وزن ڪرڻ يا مڏي ڪاتي کڻي تنقيد جي نالي ۾ اکيڙ ڪرڻ ڪنهن قابل نقاد جو ڪم آهي پر سندس شاعري اسان عام ماڻهن کي سوليءَ طرح سمجهه ۾ اچي پئي ۽ مقبوليت ماڻي پئي، اهائي سندس وڏي ڪاميابي آهي.
هن مرداڻي معاشري ۾ هڪ عورت شاعره لاءِ سندس راه ۾ بي انت رڪاوٽون، وک وک تي رنڊڪون، رستا روڪ ۽ مسئلا سامهون اچن ٿا، ان باوجود به فرزانا شاهين پنهنجي قلم ذريعي انهن سڀني رڪاوٽن کي منهن ڏنو آهي ۽ پنهنجي پاند ۾ سٺايون ۽ چڱا ڳُڻ ڪٺا ڪيا آهن جن کي لفظن جو روپ ڏئي ڪتاب جي ڪينواس تي چِٽيو آهي.

مرڪ پبليڪيشن پاران ڇپايل هن ڪتاب جو مهاڳ سائين امداد حسيني لکيو آهي جڏهن ته ڪتاب ۽ شاعريءَ بابت ادل سومري، اياز گُل ۽ مرتضا لغاريءَ جا رايا ۽ لکڻيون به شامل ڪيل آهن. ڊسٽ ڪور ۽ انڊونيشا جي بهترين پيپر تي ڇپائي ٿيل 144 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 200 رپيا آهي.

April 11, 2017

غزل

محمد سليمان وساڻ

منهنجو به نه لڳندو آ 
ڪنهنجو به نه لڳندو آ

ھو غير ته ناهي پر 
پنهنجو به نه لڳندو آ

اهنجو به نه هو آهي 
سهنجو به نه لڳندو آ

جو هن کي چوي پنهنجو 
تنهن جو به نه لڳندو آ


اردو غزل جي بند "وہ غير نہیں لیکن، اپنا بھی نہیں لگتا" کان متاثر ٿي لکيل....

ڦونڊڙو

محمد سليمان وساڻ

ڪجهه ڏينهن اڳ اسان واري اسرندڙ فيسبوڪي دانشور دوست جو، انباڪس ۾ نياپو مليو ته؛ ”جلدي چيٽ روم/ ڪچھري واري ڪوٺيءَ ۾ اچ.“
پاڻ وري، ڪچھري ڪوٺي سدائين بند رکون.
حڪم جي پيروي ڪندي، ڪچھري ڪوٺي کوليسين. نياپي واري پيتي پڻ چالو ڪئيسين.
”يار! منهنجو لکيل اسٽيٽس پڙهيو اٿئي؟“ سنيھو موڪليائين.
”يار! الائي ڪهڙو؟ تون روز ٻه ٽي درجن اسٽيٽس لکندو آهين. لڳ ڀڳ مڙني ۾ ٽئگ به ڪندو آهين!“ ورندي موڪليمانس.
”يار ڌمڪيءَ وارو اسٽيٽس!“ ورندي آئي.
”يار! ڌمڪيون ته روز ھونديون آھن. خاص طور سنڌي قوم، اديبن ۽ سياستدانن کي، ڌمڪيون ڇا گاريون به هونديون آهن.“ موٽ ڏنيمانس.
”يار! مان ان- فرينڊ ڪرڻ واري ڌمڪي جي ڳالهه ٿو ڪيان. تون به ان لاءِ تيار ٿي وڃ.“ ناراض ٿيندي، ڌمڪي آميز ٻوليءَ ۾، ڏنڊو ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين.
پڙھي، دل ۾ خوش ٿيس ته اجھا جان ڇُٽي.
يڪدم ياد آيو ته واقعي ان همراهه اهڙي پوسٽ لکي هئي؛ ”جيڪي دوست فيسبڪ تي سرگرم ناهن، انهن جو آپريشن ڪندي، کين ان- فرينڊ ڪري، ڪٽلي ڪبو.“
”يار! مون جيترو سرگرم ڪير هوندو؟!؟! روزانو ڪتابن جي پوسٽ، شاهه لطيف جا بيت، خبرون، چونڊ سنڌي شاعري، سالگرهه جا ڪارڊ، ورسيون..... وغيره وغيره ته ونڊيندو وتندو آھيان. انھن کي لائيڪ کان علاوھ مٿن پنھنجي راءِ پڻ ڏيندو رھندو آھيان.“ پنھنجي ٻي مصروفيت جا عذر ڏيڻ جي ڪوشش ڪيم.
”ان سان منهنجو ڇا؟ منهنجي پوسٽ تي ته؛ نه ڪمينٽ آ ۽ نه وري لائيڪ آ“. لکجي آيو.
”يار ڏس!! ھر ڪنھن جي پسند پنھنجي آ، سوچ جداري آ. ٻيو ته تو وانگر سڀئي واندا به ناهن. ٽيون ته تنهنجي هر ٻي پوسٽ سڙيل، مدي خارج يا نقل ٿيل ھوندي آهي. ان تي ڪهڙي راءِ ڏيون؟!؟!“ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي، ورنديءَ ۾ لکيومانس.
”ٻه ڏينھن اٿئي! سڌري وڃ ۽ پنهنجي سرگرمي ڏيکار. ٻي صورت ۾ ياري ختم.“
”يار تنهنجي مرضي.“ گد گد ٿيندي لکيومانس.
مان ته پنهنجي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويس.
هفتي کانپوءِ، همراهه جي ھڪڙي مدي خارج ۽ ردي، بي تڪي ۽ سڙيل پوسٽ ٽئگ ٿيل ملي. کيس ڪچھري ڪمري مان نياپو موڪلي، پوسٽ جي تعريف ڪيم. مٿئون راءِ واري خاني ۾ سوال ڪيومانس؛ ”ھيترا ڏينھن راءِ نه ڏنيمانءِ، تنھن ھوندي به تو ان- فرينڊ نه ڪيو. سو ڇو؟!“
”بس ادا! سوچي سوچي، ڇڏي ڏنم. ان خيال سان ته؛ فرينڊ لسٽ ۾ چار چڱا ته هجن!! ڪي دانشور ته هجن!! جي اھي به خارج ڪيم يا ان- فرينڊ ڪيم ته ٽائيم لائين ڏسڻ وارا ماڻهو، مون لاءِ ڇا تصور ڪندا ۽ مون لاءِ ڇا چوندا؟“
ھو ته اها ڳالهه لکي، موڪلي، ڳالھ ٻولھ وارو خانو بند ڪري، هليو ويو. مان ڦونڊ ۾ ڀرجي ويس. پاڻ کي چڱو به سمجھڻ لڳس ته دانشور به.