February 28, 2018

نظام الدين لغاريءَ جو ڪتاب ”پوروڇوٽ محبتون “


نظام الدين لغاريءَ جو ڪتاب ”پوروڇوٽ محبتون “ 

محمد سليمان وساڻ 

منهنجي ڪتابن جي دنيا سان دوستي پراڻي آهي. اها دوستي درسي ڪتابن سان هجي يا ادبي، روحاني، مذهبي ۽ سائنسي ڪتابن سان، ان ۾ ڪڏهن گهٽتائي ناهي آئي. انڪري جو مان ڄاڻان ٿو ته ”سُٺا ڪتاب ‘ذهن’ ۽ سٺا دوست ‘دلين’ جو ڏڍ ٿيندا آهن“. وري جڏهن کان سوشل ميڊيا ۽ سنڌ سلامت سان پيچ اڙيو آهي، تڏهن کان ڪتابن سان اڃان وڌيڪ ويجهڙائي ٿي آهي، خاص ڪري جڏهن کان اسان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ذريعي سنڌي ٻوليءَ جو سڀ کان وڏو آنلائين ڪتاب گهر جوڙيو آهي. سوشل ميڊيا جي ڪري کوڙ سارن سينيئر يا نوجوان دوستن سان دوستيءَ جو سڳو مضبوط ٿيو آهي. سڄي دنيا ۾ موجود سنڌي ڪنهن نه ڪنهن طرح رابطي ۾ رهن ٿا. ايئن ئي اسلام آباد ۾ رهندڙ بدين جي سڄاڻ شخصيت نظام الدين لغاريءَ سان به فيسبوڪ ذريعي دوستي ٿي جيڪا اڃان جاري آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته منهنجي ساڻس روبرو ڪا ملاقات ناهي ٿي، پر سوشل ميڊيا يا فون ذريعي هڪٻئي سان ڳنڍيل آهيون. 

هڪ دفعي پاڻ حڪم ڪين ته مان سندن شخصيت تي ڪجهه صفحا لکي موڪليان جيڪي هو پنهنجي ڇپجندڙ ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ پيا چاهين. مان کين ٻانهون ٻڌي انڪار ڪري ڇڏيو، سبب هڪ ئي هيو ته مان سندن شخصيت بابت اڻڄاڻ هيس ۽ اهو نه پئي چاهيم ته ڪجهه اهڙو لکي ڇڏيان جنهن تي ماڻهو کِلن. پر حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون تي لکيل سندن هڪ صفحو نياپي ۾ موڪلين. مونکي حيرت ٿي ته پاڻ ڪيڏي پرک رکن ٿا جنهن جي اسان جهڙن وٽ کوٽ آهي. ڪتاب بابت ڳالهيون ٿيون ۽ سندن ڪتاب جي ٽائيٽل پيج لاءِ صلاحون ۽ ڪجهه دوستن جا نمبر ورتن. پوءِ ڪتاب ڇپيو ته مونکي تجسس ٿيو ته ڪتاب پڙهان. پوءِ هڪ ڏينهن ميسيج موڪلين ته مان پنهنجي پوسٽل ايڊريس کين موڪليان. مان سمجهي ويس ته ڪتاب موڪلڻ لاءِ ئي ايڊريس پيا گهرن. پوءِ هڪ ڏينهن شام جو گهر پهتس ته سندن ڪتاب مون وٽ پهچي ويو هو. ڪتاب ”سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد“ وٽان ڇپرايل آهي ۽ سمبارا جو سرواڻ ساجد سنڌي منهنجو اهڙو دوست آهي جنهن پنهنجي پبليڪيشن جي سڀني ڪتابن جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪاپي مونکي تحفي طور ضرور موڪلي آهي. اهي پياري ساجد جون مهربانيون آهن. ساجد جا اهي ٿورا لاهي ته ڪونه سگهندس پر ڳائيندو ضرور رهندس. 
سائين نظام لغاريءَ جو ڪتاب ”پوروڇوٽ محبتون“ سندس جيون ڪٿا، خاڪن، يادگيرين، ڊائريءَ جي ورقن، خطن، سندس شخصيت تي لکيل راين ۽ تصويري البم تي مشتمل آهي. 320 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ڏاڍو دلچسپ ۽ وڻندڙ آهي. هو جيون ڪٿا جا وقعا جيئن جو تيئن سچ تي مشتمل اسان سان ونڊي رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ اوهان اهو پڙهي سگهندا ته ڪيئن بدين جي هڪ ڳوٺ جو نوجوان ڏکين حالتن سان مقابلو ڪندي اسلام آباد پهچي ٿو ۽ اهم سرڪاري عهدن تي پهچي ٿو. هي ڪتاب سچ پچ نوجوان نسل لاءِ اتساهه جو سبب بڻبو. هو ڪيئن نه اسلام آباد ۾ رهندي به سنڌ ۽ سنڌين سان سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سِگا) جي ذريعي سلهاڙيل رهي ٿو. هو کوڙ شخصيتن سان ڪچهرين ۽ انهن سان لاڳاپيل يادگيرين کي به سهيڙي ٿو. هو سنڌ جي مختلف حصن کي گهمندي انهي سفر کي سهڻي انداز سان قلمبند ڪري ٿو. سندس مشاهدو به ڪمال جو آهي. موسمن جو به ذڪر آهي ته سنڌ جي سونهن ۽ سنڌ جي مسئلن تي به قلم کنيو اٿس. هن سنڌ جي سفرن جي منظر ڪشي تمام سهڻي انداز ۽ خوبصورت سٽن ۾ ڪئي آهي، اهڙو جهڙو نثر ۾ شاعري پيو ڪري. 
نظام الدين لغاري کوڙ جاين تي ملڪ جي سياسي حالتن، زماني جي لاهن چاڙهن ۽ سماج جي روين تي به لکي ٿو. اهوئي سبب آهي جو هي ڪتاب اسان لاءِ کوڙ رخ سامهون آڻي ٿو. ڪتاب جي صفحي نمبر 291 تي هن منهنجي شخصيت خاص ڪري سوشل ميڊيا تي ڪيل منهنجي ڪم کي مان ڏيندي پورو صفحو مونکي ارپي ٿو. اها سندس مهرباني آهن. ڇو ته هتي اهڙي ڪمن ڪندڙن کي گهٽ مڃتا ملي ٿي ۽ هرڪو پنهنجي پاڻ کي پڏائڻ ۾ پورو رهي ٿو. نه صرف مونتي پر سوشل ميڊيا جي ٻين نوجوانن تي به لکيو اٿس.