April 25, 2018

ارڙھين ترميم، سنڌ جون نيون يونيورسٽيون ۽ سنڌي شعبن کان انڪار


ارڙھين ترميم، سنڌ جون نيون يونيورسٽيون ۽ سنڌي شعبن کان انڪار

محمد سليمان وساڻ

ارڙھين ترميم کانپوءِ صوبن کي مليل اختيارن تي خوب سياست ٿي، دھل وڳا ۽ اسان جھڙا دوسو به خوب نچيا. تعليمي اختيار صوبن کي مليا ته اسان کي اھا اميد ٿي پئي ته اسان جي مادري ٻولي سنڌيءَ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ به کوڙ ساريون ڪوششون ورتيون وينديون. پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو مايوسيون پلئه پونديون رھيون.
سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبلي مان نون تعليمي ادارن خاص ڪري يونيورسٽين جا بِل پاس ڪيا، اھي ادارا جُڙيا ۽ حڪومت پنھنجي بجيٽ لڳائي. ادارن ۾ ويٺل سربراھن جي تعريف ٿي انھن کي ھار پاتا ويا، پر ڇا ٿيو جو ھنن مادري ٻولي سنڌيءَ کي پاسيرو رکيو، چون ٿا ترقيءَ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي ضرورت ناھي. اھڙن ادارن مان سنڌ مدرسو يونيورسٽي، بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري، بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاھ سرفھرست آھن. لياري يونيورسٽيءَ سان ته ڪراچي جي ٻھراڙي خاص ڪري گڏاپ جي ڪاليجن جو الحاق به آھي. خبر ناھي ڇو جڏھن انھن ادارن ۾ ويٺل چڱن مڙسن يا سندن ساٿارين کان سنڌي شعبي بابت اھو سوال ڪجي ٿو ته خفا ٿي چڙي پون ٿا.
وڏي ڳاله اھا ته انھن ادارن ۾ ويٺل سربراھ سنڌي ئي آھن. سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته آخر سڀني شعبن کي ھلايو ٿا ته پوءِ صرف سنڌي شعبي لاءِ اھڙي ٽال مٽول ڇو؟ ڪڏھن چون ٿا ته شاگرد ناھن، ڪڏھن چون ٿا ته فيڪلٽي ناھي، ڪڏھن وري چون ٿا ته ڪمرا ئي ناھن. انھن دوستن کي ڪير سمجھائي ته ٻوليين جا شعبا ان ٻوليءَ جي اوسر ۽ تحقيق لاءِ ھوندا آھن، ٻولين جا شعبا يونيورسٽين جو مان ھوندا آھن، مثال طور ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ھر ٻوليءَ جا شعبا آھن، ڪيترن ۾ ته شاگرد ئي ناھن مثال طور ھڪ بنگالي ٻوليءَ جو شعبو آھي جنھن ۾ صرف ھڪ شاگرد آھي، ڪنھن سال ته وري ھڪ به ناھي ھوندو. ڀلا ھتان جي يونيورسٽين کي ڇڏيو ٽوڪيو (جپان) جي يونيورسٽي سنڌي شعبو ڇو کوليو آھي؟ ڇا اتي ڪي سنڌي آباد آھن؟ ڇا اتان جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي ٻولي پڙھائي وڃي ٿي؟
ڪجھ ڏينھن کان اسان ڪجهھ دوست ميڊيا خاص ڪري پرنٽ ميڊيا يا سوشل ميڊيا ۾ مٿين يونيورسٽين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي شعبن جي گهر ڇا ڪئي ڄڻ ڪاريھر تي پير رکيو آھي. ڪجهھ ڏاھن کي ڇڏي باقي اسان جا اڪثر وڏا ليکڪ، اديب، ساڃاھ وند، مفڪر ۽ ڏاھا خاموش آھن، سنڌي ٻولي اٿارٽي ھجي يا سنڌي ثقافت جو کاتو الائي ڇو ڪن لاٽار کان ڪم پيا وٺن. اسان جا وزير، ڪامورا ۽ اسيمبلي ميمبر به چُپ ڪيو ويٺا آھن. کين ڪير سمجهائي ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي مالڪي ۽ وارثي ڪيئن ٿيندي؟ ڇا سنڌي ٻوليءَ جو شعبو کولڻ سان ڪنھن ٻيءَ ٻوليءَ جو استحصال ٿيندو؟ ڇا سنڌي شعبو کولڻ سان يونيورسٽين جي ترقيءَ جي راھ ۾ ڪي رڪاوٽون اينديون؟ ڀلا اوھان سنڌي شعبو کوليو آھي جو اڳ ئي پيا ڊڄو. اسان جي ڪراچي يونيورسٽي ۽ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ کي ئي ڏسو تہ ڪيئن نہ تحقيق جي ميدان ۾ ڪم پيو ٿئي. ٻوليءَ جي مختلف موضوعن، شاعرن جي ڪم ۽ ڪھاڻيڪارن ۽ اديبن تي تحقيقي ڪم پيو ٿئي. اوھان به پنھنجي ڌرتي ماءُ جي ٿڃ ملھايو ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ دروازا کوليو.اسان حڪومت سنڌ خاص ڪري وزير اعلا سنڌ کي نماڻي گذارش عرض رکون ٿا ته مھرباني ڪري سنڌ ۾ جيڪي به يونيورسٽيون قائم ڪيون ويون آهن تن ۾ سنڌي شعبا قائم ڪري سنڌي ماڻهن جي جذبات جو احترام ڪيو وڃي ۽ سنڌي ٻوليءَ سان ٿيندڙ ويساھ گھاتين طرف ڌيان ڏنو وڃي.
سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي ويجهڙ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي حيثيت ۽ اهميت کي نظر ۾ رکندي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري، استعمال ۽ تعليم لاءِ پنهنجن مختلف حڪومتي دؤرن ۾ قانون سازي ڪئي آهي، جيڪا واکاڻ جوڳي آهي، پر ڪيترن ئي قانونن تي اڃا تائين عمل ڪو نه ٿيو آهي. سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ نين جنرل يونيورسٽين سنڌ مدرسي يونيورسٽي، شهيد بينظير يونيورسٽي لياري ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاه ۾ سنڌي شعبا کوليا وڃن. بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ڪراچيءَ مان سنڌي شاگردن کي سنڌي لازمي مضمون پڙهائڻ جي منظوري ڏياري ان تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي.
سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972ع موجب يارهين درجي ۾ سنڌي لازمي مضمون جي تدريس شروع ڪرائي وڃي. ڪراچيءَ جي ڪاليجن مان سنڌي مضمون جي استادن جي بيدخلي روڪرائي وڃي. سنڌي ٻوليءَ ۾ سرڪاري پڌرناما ۽ اعلان جاري ڪرايا وڃن. ڪراچيءَ ۾ ڀليڪار جا بورڊ سنڌيءَ ۾ به لڳايا وڃن. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ سنڌيءَ ۾ به لکپڙهه ٿيڻ گھرجي. مختلف ادارن جا سائن بورڊ ۽ سنڌ بئنڪ جو نالو سنڌيءَ ۾ لکرايو وڃي.


روزانہ عوامي آواز 25 اپريل 2018ع