جهرڪين جي آکيرن ۾ سگريٽ
تازو هڪ تحقيق سامهون آئي آهي ته جهرڪيون ۽ ٻيا پکي پنهنجي آکيرن ۾ سگريٽ جا
فلٽرز رکن ٿا. سينٽ اينڊريوز يونيورسٽي جي ماهرن ان تي پنهنجي تحقيق ڪئي آهي ۽ چيو
آهي ته سگريٽ جي ٽوٽن ۾ موجود نڪوٽين ڪيڙا شڪن جو ڪم ڪري ٿي ، جنهن سبب آکيرن ۾
جيت جڻا نه ٿا اچن. اهوئي سبب آهي جو پکي پنهنجي آکيرن ۾ سگريٽ جا ٽوٽا رکن ٿا. ان
کانسواء سگريٽ جا فلٽرز سرديء جي موسم ۾ به سيء کان بچائن ٿا.
چيو وڃي ٿو ته جن آکيرن تي تحقيق ڪئي وئي انهن ۾ سراسري 10 جڏهن ته وڌ کان وڌ
42 سگريٽن جا فلٽر به مليا آهن. سائنسدان تحقيق ڪري رهيا آهن ته پکين کي اهو سڀ ڪيئن
معلوم ٿيو.
No comments:
Post a Comment