ٻوسٽ وارو
ماحول ۽ ڇير جي ڇمڪار
محمد سليمان وساڻ

درد جي درسگاھَ ۾ آهيون!
عشق! تُنهنجي پناھَ ۾
آهيون!
وسيم آڪاش جي شاعريءَ ۾ سنڌ سان
عشق به سمايل آهي ته اتي مجازي عشق جي به جهلڪ نمايان آهي. سندس لفظ رولاڪ بڻجي در
در سدا هڻن ٿا ۽ سچائي جي ڳولها ڪن ٿا. سندس شاعريء ۾ اميد جي جهلڪ به عيان آهي، جتي
هو رواجي شاعري ڪري ٿو اتي هو سماج جي ڏاڍ کي به نندي ٿو. وسيم دلرباين، دلڪشين ۽
حسناڪين جي ڳولها جو شاعر آهي. دنيا جي اڪثر شاعرن وانگر آڪاش جي شاعريء جو بنيادي
محرڪ به عشق ئي آهي، اهو عشق جيڪو جيئڻ جو سبب آهي:
”آڪاش“ شاعري جي ڪهڙي خبر اسان کي،
هي روڳ عشق جو آ، جيڪو وڏو بحر آ!
سندس شاعريءَ جو هي سهڻو ۽ دلڪش رنگن سان سجايل ڪتاب ڪنول پبليڪيشن پاران
ڇپايو ويو آهي جنهن جو مهاڳ مهان شاعر امداد حسينيءَ لکيو آهي. سونهن، سندرتا، سچ،
محبت ۽ ڪائنات جي حسناڪين سان پيار ڪندڙ وسيم آڪاش سيتائي لاء دعاگو آهيان ته سدا
خوش هجي ۽ سندس قلم ۾ شاعرانه دلڪشي جو سحر سدائين سلامت ۽ قائم رهي.
No comments:
Post a Comment