April 13, 2020

اقرار پيرزادي جي خاڪن جو ڪتاب "سامي سھاڳي"

اقرار پيرزادي جي خاڪن جو ڪتاب "سامي سھاڳي"

تعارف ۽ تاثر: محمد سليمان وساڻ

ڪورونا وائرس جي وبا سبب لاڪ ڊائون ٿيو، گهر ۾ قيد ٿياسين تہ پيل ڪتابن کي پڙھڻ شروع ڪيوسين جن مان ھڪ اقرار پيرزادي جو سوانحي خاڪن تي مشتمل ڪتاب ”سامي سھاڳي“ پڻ آھي.
اقرار پيرزادي جا ڪتاب ڇپجڻ بہ معجزي کان گهٽ ناھن. سندس پھريون ڪتاب ”جن سين لنئون لاڳي“ ڪيئن ڇپيو، ڪاڏي ويو خبر ئي نہ پئي ... اسان جو تہ خير آ پر کيس بہ پتو ناھي. جڏھن اھو ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪيوسين تہ پنج ھزار کن ماڻھن پڙھيو ۽ ڊائونلوڊ ڪيو ... اسان بہ ڪتاب پڙھيو ۽ سندس لکڻ جي فن کان متاثر ٿياسين. پوءِ اقرار سان ملاقاتون بہ ٿيون سي بہ موھن جي دڙي، ٻلھڙيجي ۽ سچل ڳوٺ ۾. ھو سچو کرو ماڻھو آھي. سندس ھي ڪتاب ”سامي سھاڳي“ پڙھي ايئن ٿو لڳي تہ سندس پھرين ڪتاب جو تسلسل آھي. اقرار جي نج ڳوٺاڻي ٻولي، پھاڪن جو استعمال، ڳوٺن جو لکيل ڳالھيون، يادون، اٿڻ ويھڻ، ميل ملاقاتون، سنڌ جي ريتن رسمن، ميلن ملاکڙن، ڀاڳين، چورن، ڌاڙيلن، استادن، شاگردن، موالين، راڳين، طبلي نوازن، سازندن، لطيف جي عاشقن، شاعرن، مولودين، سگهڙن، پوليس وارن، نانگ منڊيندڙن، جهاڙ ڪندڙن، ملاحن، پاتڻين، موھن جي دڙي، ٻلھڙيجي، سنڌ جي ڪچي ۽ پڪي، سنڌو درياءَ، سنڌ جي پوکن، فصلن، سنڌ جي دردن جا داستان آھن ھن ڪتاب ۾ .... ٻيو تہ ٺھيو پر ڳوٺن جي ڪلاسيڪي گارين، گاريل مردن ۽ ماين کي ھن ڪتاب ۾ پيش ڪيو اٿس جيڪا ليکڪ جي سچائي ظاھر ڪري ٿي.
ھن ڪتاب جي ھڪ ٻن کي ڇڏي باقي ڪنھن بہ ڪردار سان پنھنجي ملاقات ناھي ٿي، پر اقرار جو ڪتاب پڙھي ايئن ڀانيم ڄڻ انھن ڪردارن سان ڪو ٻاروتڻ کان واسطو رھيو آھي.
اقرار ڪجه اھڙن ڪردارن تي لکيو آھي جن سان نہ سندس ملاقات ٿي ۽ نہ ڪا ڪچھري ٿي .... پر اھي ڪردار پنھنجي دور ۾ پنھنجي فيلڊ جا ستاد رھيا آھن، اھي عظيم ڪردار رھيا آھن ، جيئن استاد مھدي حسن، شير ميربحر، مائي جيوڻي وغيرہ. اقرار جا ڪجه کي ڇڏي ٻيا سڀ ڪردار سندس تر جا ئي آھن ٻلھڙيجي ۽ ان جي ڀر پاسي جا، جن کي ھو ننٺي لاڪر سڃاڻي، تنھنڪري ھنن جا اڇا چٺا پڻ جاري ڪيا اٿس.
ھي ڪتاب پڙھي اوھان ٽھڪ بہ ڏيندا تہ ڪٿي ڪٿي روئي بہ پوندا، اھو سڀ اقرار جي قلم جو ڪمال آھي. اقرار کي لکڻ جو فن اچي ٿو. ھن کي خبر آھي تہ ڪيئن پڙھندڙ کي ليک سان جڙي رکجي. ڇو تہ جيسين مضمون پڙھي پورو نہ ڪبو تيسين اک ڪتاب مان نہ ڪڍبي .... ھن جي لکڻين ۾ عجيب رواني آھي، نغمگي آھي، سُر ۽ تال آھي، ٻوليءَ جي چاشني آھي. خاڪن يا سوانح ۾ ان قسم جو اثر علي احمد بروھي جي ڪتاب ”ڄام ڄام ۽ ڄامڙا“، علي محمد راشدي جي ڪتاب ”اھي ڏينھن اھي شينھن“ يا عبدالقادر جوڻيجي جي ڪتاب ”شڪليون“ ۾ رھيو ۽ گهڻي عرصي پڄاڻان اقرار جي ھن سوانحي خاڪن کي پڙھي سڳداسي چانورن جھڙو ھڳاءُ محسوس ٿيو.
اقرار سان ھڪ شڪايت مونکي رھندي آھي، اھا آھي تہ ھو روزمرھ جي معاملن تي ڪالم لکي، جيڪو يقينن منفرد ئي رھندو .... پر ھو شايد تڏھن ئي نٿو لکي جو ھو سڌو سنئون لکندڙ آھي ۽ پوءِ پاڻ بہ تڪليف ۾ ھوندو تہ کيس ڇاپيندڙ ادارو پڻ .... پر پوءِ بہ اقرار کي لکڻ کپي، سنڌ لاءِ، سنڌي عوام لاءِ .... ٻيو نہ تہ اسان لاءِ تہ لکي جيڪي اقرار جا عاشق جا آھيون.
ھن ڪتاب جو مھاڳ روبينہ ابڙو لکيو آھي. ڇا تہ سٺو لکيو اٿس ۽ جنھن مھاڳ پڙھيو اھو مڪمل ڪتاب ضرور پڙھندو. رسول ميمڻ پڻ خاڪن ۽ ليکڪ بابت سٺو لکيو آھي. مُرڪ پبليڪيشن پاران ڇپايل 272 صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب جي قيمت 450 روپيا آھي.

بانو محبوب جوکيو جو ناول ”اڌ ڏکوئي آھيان“

بانو محبوب جوکيو جو ناول ”اڌ ڏکوئي آھيان“ 

تعارف: محمد سليمان وساڻ 

ڪورونا وائرس جي وبا سبب لاڪ ڊائون واري حالتن ۾ گهر ۾ رھندي ڪتاب ئي بھترين دوست آھن جيڪي ھر وقت اڪيلي ھجڻ جو احساس نٿا ڏيارين. گهر ۾ ھوندي دوستن پاران موڪليل ڪتابن جو مطالعو جاري آھي. ادي بانو محبوب جوکيو پنھنجو ڇپايل نئون ناول ”اڌ ڏکوئي آھيان“ موڪليو ھيو. اسان وٽ ويجهي ماضي ۾ ڪيئي ناول لکجڻ لڳا آھن ۽ ترجمو پڻ ٿي رھيا آھن. ناولن جي ٽيڪنڪ، فن ۽ ڪھاڻيءَ تي ڪو نقاد ئي سٺو لکندو پر مان تہ صرف ٻولي ۽ ڪھاڻي ئي تعارف طور ڏيندو آھيان. 
محراب پور جي علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ بانو محبوب جوکيو 1990ع کان ڪھاڻيون لکندي اچي، جيڪي سگهڙين سٿ، مھراڻ، ھمرچو يا ٻين رسالن ۾ ڇپجنديون رھيون آھن پر سندس پھريون ڇپيل ڪتاب ڪھاڻين بجاءِ ھڪ ناول ئي آھي. ھي ناول ھڪ اھڙي مڊل ڪلاس گهراڻي جي ڪھاڻي آھي، جيڪو گهرو مسئلن ۾ ويڙھيل آھي، جنھن سبب ٻارن جي پالنا طرف نہ تہ ماءُ جو ڌيان وڃي ٿو ۽ نہ ئي پيءُ جو، ڇو تہ اھي روايتي رشتن جي تندن ۾ ڦاٿل آھن ۽ گهڻو ڪري ناول صرف ستن ڪردارن جي گرد گهمي ٿو. ھن ناول جو وڏو حصو گهر جي ڪروڌ ۽ جهيڙن جي حوالي آھي. پر ساڳي وقت کوڙ جاين تي محبت ۽ پنھنجائپ جا احساس اڀري ڪھاڻيءَ کي نئون موڙ ڏين ٿا. ڪردار ڪيئن محبتن مان نفرتن ۾ ۽ وري نفرتن کان پنھنجائپ ۾ موڙو کائين ٿا، ڪيئن نہ روين ۾ ۾ تبديلي اچي ٿي ۽ رت جا رشتا بہ جھڙو ڪر دشمن ٿي بيھن ٿا اھو پڻ ھن ناول ۾ ھر ھنڌ ملي ٿو. 
ناول ۾ عورت جي نفسيات جا سڀ رنگ چِٽي طرح نروار ڪري ڏيکاريا ويا آھن. بانو محبوب ”اڌ ڏکوئي آھيان“ ۾ عورت جي ڏکن، پيڙائن، دردن، نفرتن، محبتن کي سمويو آھي. ناول جو وڏو حصو اسان جي معاشرتي جھالت جي جهلڪ ڏيکاري ٿو تہ ساڳي وقت علم ۽ تعليم جي اھميت کي پڻ اجاگر ڪري ٿو. ناول ۾ ڳوٺ جون ڳالھيون آھن تہ سوشل ميڊيا ۽ موبائيل جو ڪردار پڻ نظر اچي ٿو. ھن ناول ۾ ساڙ، نفرت ۽ حسد سان گڏ محبت ۽ پنھنجائپ جا لطيف احساس بہ سمايل آھن. 
ناول ۾ ڪيترائي پھاڪا ۽ چوڻيون شامل آھن جن جو ڪو انت ئي ناھي. ھن دور ۾ جڏھن اسان شھرن ۾ اچي لنگرانداز ٿيا آھيون اھڙي وقت ۾ چوڻين ۽ پھاڪن جو ورجاءُ ۽ حفاظت سٺي ٿي لڳي. پر، گهڻن جاين تي تہ انھن پھاڪن جو استعمال اجايو پيو لڳي جيڪو ڪھاڻيءَ کي ئي سُست ٿو بڻائي ڇڏي. ايترا پھاڪا مان ڪنھن ناول يا ڪھاڻين جي ڪتاب ۾ اڳ ناھن پڙھيا. ناول ۾ شاھ لطيف سڀني جو محبوب شاعر ٿي پيو آھي ۽ ناول ۾ ھيرو ھجي يا ٻيا ڪردار انھن واتان شاھ لطيف جا ڪيترائي بيت درست موقعي جي مناسبت سان استعمال ڪيا ويا آھن ۽ کوڙ جاين تي ناول ۾ صوفي ازم جي اپٽار پڻ ٿيل آھي. شاھ لطيف کانسواءِ شاھ ڪريم بلڙي واري، شيخ اياز ، حمل فقير، استاد بخاري، طالب المولا (جنھن جو ھڪ شعر شيخ اياز جي نالي سان ڏنل آھي)، راشد مورائي ۽ ٻين جا پڻ ڪافي شعر شامل ڪيا ويا آھن. 
ناول جي ڪھاڻي صفا سست ھلي ٿي ۽ گهڻو ڪري گهريلو جهيڙن ۾ گهيريل آھي پر ناول جي آخري حصي ۾ اھا ڪھاڻي 160 ڊگري جو ڦيرو کائي ھڪدم محبت، رومانس، لطيف احساسن سان گڏ ٽريجڊي طرف وڃي ٿي ۽ ان ۾ تجسس وڌندو ٿو وڃي. ڪھاڻيءَ جو انت ٽريجڊي تي اختمام ڪري ٿو. 

ڪتاب مان ورتل ڪجه جملا: 

· پر ھوءَ پاڻ کي دنيا جي ڪنگال ۾ ڪنگال عورت سمجهندي آھي ۽ ھن جو اندر ھميشہ ”موئن جو دڙو“ بڻيل ھوندو آھي. 
· بابا ! بيوقوف دنيا ۾ نہ ھجن ھان تہ، دنيا کي ڪير جهلي بيھي ھا؟ چالاڪن جو بار بہ تہ بيوقوف جهلي بيٺا آھن. 
· تعليم نياڻيءَ لاءِ بيحد ضروري آھي. اھو توکي پوءِ احساس ٿيندو جڏھن تون زندگيءَ جو سفر اڳتي طئي ڪندين تہ توکي احساس ٿيندو تہ پڙھڻ ۽ پنھنجي ٻَل تي جيئڻ ۾ ڪھڙو مزو ۽ سرور آھي. 
· شاھ لطيف پنھنجي ڳالھ چوڻ لاءِ ڪمزور عورتن جي ئي وات کي زبان ڏني آھي. 
· تو ميگهہ ملھار وارا شعر پڙھيا آھن. الائي ڇو تنھنجي اکين ۾ سوين ميگهہ ملھار ٿا لڳن. اھي ڪڏھن نہ ڪڏھن تنھنجي اکين مان اُٿلي نڪرندا پر نہ ڄاڻان ان ويل .... 
· اسان جي پوري اڌ مِٽي، دُک جي مِٽي آھي ۽ ٻي اڌ وري وڇوڙي جي مِٽي آهي، انسان انهن ئي پسيل ۽ پيٺل مٽين جو جڙيل آهي 
· محبت ۽ سچائي رڳو رشتن کان ناھ ملندي. ڪڏھن ڪڏھن رشتا بہ رڳو ڏيکاوَ لاءِ ھوندا آھن. 
· پيار ۽ وفا اھو نمڪ آھي جو صدين تائين حرام نٿو ٿئي 
· زمين منھنجا پير پڪڙي ڇڏيندي آھي ۽ يادون زوري اچي منھنجي وجود سان چنبڙي پونديون آھن. 

پيڪاڪ پبلشرز ڪراچيءَ پاران ڇپايل 136 صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آھي. مھاڳ اياز ڀٽو لکيو آھي، ناول بابت قمر آفتاب جا تاثر ۽ پنھنجي پاران بانو محبوب جوکيو لکيو آھي.

April 08, 2020

منور سراج جي "خوابن جي سرحد"

منور سراج جي "خوابن جي سرحد"

محمد سليمان وساڻ

لاڪ ڊائون واري حالتن ۾ گهر ۾ رھندي ڪتاب ئي بھترين دوست لڳن ٿا، جيڪي ڪڏھن بہ اڪيلي ھجڻ جو احساس نٿا ڏيارين ڇو تہ ڪتاب ڪاوڙبا ناھن. منور سراج جي ڪھاڻين جو مجموعو ”خوابن جي سرحد“ پڙھي پورو ڪيم. مون ڪٿي لکيو ھو تہ منور سراج جي لکڻين ۾ لفظ ناچ ڪندا آھن، جيڪي دلين تي نقش ڇڏين ٿا ۽ خواب بڻجي راتين جو رلائين ٿا .... سندس لفظ احساسن جا روپ بڻجي وڃن ٿا. منور سراج جملن جو ڪاريگر آھي، ھن وٽ خيالن جي گھرائي آھي، سندس لکيل مڪالما دل ڇھڻ وٽان آھن. ھن ڪتاب ۾ بہ ايئن ئي آھي . 
ھا ياد آيم تہ منور سراج سان ملاقات نہ ٿي ھئي پر سندس ناول ”کاٻي اک جو خواب“، ڪھاڻين جو ڪتاب ”خوابن جا رستا“ ۽ ڪيمپس ناول ”پيراڊائيز پوائنٽ تي شام“ پڙھيا ھيم جيڪي منور سراج محبت مان موڪليا ھيا. تنھنڪري ھڪٻئي کان اڻ ڄاڻ يا اوپرا نہ ھئاسين پر ڀاڪر تہ ڀاڪر آھي نہ، ھڪ ئي اداري ۾ نوڪري ڪندي بہ ملاقات نہ ٿي سگهي ھئي. .... 17 جنوري 2020ع تي مونکي پنھنجي اداري جي اھم ڪم سان نوابشاھ ۽ سکر وڃڻو پيو . ٽول پلازا ڄامشورو ٽپي منور سراج کي فون ڪيم تہ اچان پيو نوابشاھ ريجنل آفيس، وقت گهڻو ناھي، نوابشاھ ۾ ڪم اُڪلائي سکر اُسھڻو اٿم، بس ملي ئي سگهبو. پوءِ نوابشاھ تائين ٻہ ٽي ڪالون ڪيائين، ڪجه ايس ايم ايس.... ڪٿي پھتا آھيو، ڪيتري دير لڳندي اڃان. نوابشاھ پھچي کيس ٻڌايم تہ پھتو آھيان ۽ ميٽنگ ۾ آھيان. پر اچي پھتو غني رند بہ گڏ ھيس. چيائين منھنجي آفيس ھلو .. انڪار نہ ڪري سگهيس. ڪلاڪ کن ڪچھري ھلي. چانھ ۽ بسڪيٽن جو دور بہ ھليو، ڪجه تصويرون ٿيون ۽ ڪتاب ”خوابن جي سرحد“ بہ ڏنائين. غني رند ۽ سندس اسرار تہ مانجهاندو ڪيون پر ان جو بندوبست اڳ ئي ڪٿي ٿيل ھيو .... موڪلايوسين، رستي ۾ گڏ سندس ڳالھيون ھيون ۽ ڪتاب ... 
”خوابن جي سرحد“ ۾ 13 ڪھاڻيون شامل آھن. ھي ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن آھي سمجهو تہ سندس خواب جو ٻيو جنم. پھريون ايڊيشن 2008ع ۾ سوجهرو پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي ڪھاڻي ۽ پبلشر جي رويي جو ڏک پاڻ ٻئي ايڊيشن لاءِ پنھنجي پاران ۾ ھيئن ڪيو اٿن: 

” پھريون ايڊيشن سوجهرو پبليڪيشن طرفان آيو ھو 
ڪتاب جي خوشي پنھنجي جاءِ تي 
ڪتاب جو غم پنھنجي جاءِ تي 
پياري پبلشر پورا پئسا وٺي اڻپورو ڪتاب آندو 
ڪتاب نہ پر ڪتابڙو آندو“ 

منور سراج جون ڪھاڻيون ڪي خلائي دنيا جون ڪھاڻيون يا طلسماتي ڪھاڻيون ناھن، اسان جون، اوھان جون ۽ سندس ڪھاڻيون آھن. اسان جا درد آھن، اسان جي وارتا آھي، اسان جون ڪٿائون آھن، اسان جي پيڙا آھي سندس ڪھاڻين ۾. ڪي ڪھاڻيون صفا ننڍيون نٿيون لڳن، ڀائنجي تہ ان موضوع ۽ ان ڪردار تي طويل ڪھاڻي ھجڻ گهرجي. منور سراج ڪھاڻيءَ جي فني ۽ فڪري پھلوئن سان ڪيئن نڀايو آھي ان تي ڪو وڏو نقاد ئي لکي سگهي ٿو، پر سندس ڪھاڻين ۾ آرٽسٽڪ مزاج نمايان آھي. سندس ڪھاڻين جا ڪردار اھڙا تہ مڪالما ٿا پيش ڪن جو اندر ڇيھون ڇيھون ٿي ٿو پوي. سندس ڪھاڻين ۾ ڇرڪائيندڙ جملا بہ آھن تہ سمنڊ جي اونھائي جھڙي سوچ رکندڙ سِٽون پڻ آھن. 
ڪجه ڪھاڻيون اھڙيون بہ آھن جن جو انت ناھي، اھي ڇو آھن ۽ ڇا معنيٰ ڇا پيغام ٿيون ڏين اھو غير واضح آھي. پر سندس ڪھاڻيون پڙھندي ھر ڪردار پنھنجو ٿو لڳي ۽ ماڻھو ماضيءَ جي يادن جي گھري ساگر ۾ گم ٿي وڃي ٿو ۽ ڪو جملو، ڪا سٽ وري کيس واپس ٿي آڻي .... سندس ڪھاڻي ”ترشنا“ ۾ روھي، مٺڻ ڪوٽ ۽ بابا فريد جي ديس ۽ وڃائجي ويل نوجوان جي ڇا تہ لفظي منظرڪشي ڪئي اٿس ۽ اھڙي ئي وارتا وري ڪھاڻي ”وڻجاري“ ۾ اٿس، جتي لطيف جي مزار جو آڳنڌ آھي، وڻجاري آھي ۽ شاھ جا سُر ۽ راڳي آھن ... 
ڪھاڻي ”ننڊ ۽ جاڳ“ ۾ الائي ڇو ايئن لڳو ڄڻ ادا پوڙھي جھڙا ڪردار ننڍي ھوندي ۽ اڄ بہ منھنجي ڳوٺ ۾ موجود آھن پر اسان ھاڻي تبديل ٿي ويا آھيون، اھي ڪردار اڄ بہ آھن پر اسان ڳوٺ ۽ ڳوٺن جون راويتون وساري ويٺا آھيون .. 
”ڪونج ڳليءَ جي شام“ پڙھندي پاڻ کي وري ساڌ ٻيلي ۾ موجود ڀانيم، جتي سکر بدلي ٿي تہ ھر مھيني ڀيرو ڀريندس ھيس. ساڌ ٻيلي جي پرسڪون شام ۾ عجيب ڪيفيت ھوندي آھي، جيڪي ھر ڀري ڇڪي ويندي ھئي ۽ اھي ئي احساس وري جاڳي پيا آھن ھي ڪھاڻي پڙھي جنھن ۾ مورن جي ڪسجڻ جو جملو جسم مان سيسراٽ ڪڍڻ لاءِ ڪافي آھي. 
”جوڳيءَ جو جنم“ پڙھي وري ڳوٺن جون ڳليون ياد پيون، جوڳي، انھن جون پاتل پڳون، گودڙيون، مُرليون، منڊيون، نانگ. ڍارا ۽ اسان جون روايتون .... سوچيم پئي ھاڻي اھي جوڳي آھن الائي نہ .... ڪراچي کائي وئي آھي اسان کي. پر جوڳين جا جنم ٿيندا رھندا .... ھن ڪھاڻيءَ ۾ مڪالما ۽ منظر لاجواب آھن . 
ڪھاڻي ڪچي قبر پڙھي الائي ڇو پاڻ کي واعدن جي گهيري ۾ ڀائنجي ٿو .... ”توھان جو پيٽ ڀريان، گهر جو خرچ ھلايان، اوکي سوکيءَ کي منھن ڏيان يا ماڻھي جي قبر پڪي ڪرايان پنھنجي ڪمائيءَ مان ڪرائجان قبر پڪي “ ..... پوءِ ھڪ واعدو، ڪيئي واعدا جيڪي وفا نہ ٿيا ... وعدا جيڪي زماني جي ذميوارين جي ور چڙھي ويا يا لاپرواھي جي حوالي ٿي ويا ...- 
”اعتراف جي ڪُنڊ“ پڙھندي اھو لڳم ڄڻ ھن اھا منھنجي ڪھاڻي گهڙي ھجي، ھڪ اھڙي شخص جي ڪھاڻي جنھن دوستن، آفيس، رولاڪين ۽ الائي جي ڪيترن قسمن جي ذميواري وٺي گهر ۽ گهروارن جي ذميواري وساري ڇڏي ھجي ..... 
منور سراج جون ڪھاڻيون ڪتاب ۾ گم ڪري ٿيون ڇڏين، ڪٿي اکين جا پاند پسائي ٿيون وجهن تہ ڪٿي دل چوي ٿي تہ ماڻھو رولاڪ بڻجي در در ۽ ديس ديس گهمي .... 

ڪتاب مان ورتل ڪجه جملا: 

· ھون ... ! جيڪي پاڻ مرڻ ڪنڌيءَ تي ھوندا آھن، انھن کي سڄي دنيا مئل نظر ايندي آھي. 
· مون سدائين تو سان غير مشروط محبت ڪئي آھي. تولاءِ زخمي آڱرين سان لفظن جو لباس اڻيندو رھيو آھيان صدين کان تنھنجو ساٿ ڏيندو آيو آھيان، مان زماني جي سرڪس ۾ ڪوڙا سچا ڪرتب ڏيکاري ٽوپيءَ ۾ سڪا گڏ ڪندڙ تاريخ جو مسخرو ناھيان .... مان درد جو سفير آھيان ديواني جو خواب آھيان تنھنجو ساٿ ڪيئن ڇڏيندس 
· سٺو ٿيو جو موھن ڪلپنا 65 کان اڳ جلاوطن ٿي ويو نہ تہ ڪلپنا جي ڪھاڻي لکڻ کان اڳ ۽ مورن جي ڪسجڻ کانپوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي ھا. 
· سچا سُک تي اندر نا قصا اي سانول سائين ... ٻاھر تہ خالي پاڇولي ھن 
· بھار جون شامون ماڻھوءَ کي بي سبب اداس ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن 
· مسافر مري ويندا آھن پر ڪنڌيءَ تي ويھي مسافرن جو انتظار ڪندڙ اکين جو اعتبار ڪڏھن بہ نہ مرندو آھي. 
· جيڪي ماڻھو انتظار نہ ڪري سگهندا آھن انھن جا ڪشڪول اڪثر خالي رھجي ويندا آھن. 

منور سراج جون ڪھاڻيون پڙھي لڳندو آھي تہ ھو رڃ جو راھي آھي، ھو تنھاين جي طوفانن ۾ رھندو آھي ۽ ھن وٽ سُک ورلي ئي لڙي اچن ٿا ..... پر ھڪ اختلاف رکندي اھو چوندس تہ ڀلي اسان جا دامن ڏکن، سورن، اڪيلاين، اونداھين ۽ بي واجبين سان ڀريل ھجن .... پر ڪي ڪھاڻيون اھڙيون لکجن جيڪي ڌٻڻ مان ڪڍن، جيڪي اڪيلاين مان ڪڍي ھجومن ڏانھن وٺي اچن ... ڪي اھڙيون ڪھاڻيون پڻ لکجن جيڪي سنڌ جي نوجوانن جي دامن ۾ اميد بڻجي ھنن کي ڏيئي جيان روشني ڏين .... 
ڪاڇو پبليڪيشن پاران ڇپايل 128 صفحن تي مشتمل ھن ڪھاڻين جي مجموعي جي قيمت 220 روپيا آھي. ڪتاب جي نئين ۽ پراڻي ايڊيشن لاءِ پنھنجي پاران جا ٻہ ليک منور سراج جا، منظور جوکيي جو مھاڳ، ھرھڪ ڪھاڻيءَ تي ميناب بخاري جو تفصيلي تعارف ۽ بئڪ ٽائيٽل تي امر جليل، تاج بلوچ، اخلاق انصاري، محمد صديق منڱيو ۽ امر لغاريءَ جا تاثر پڻ شامل آھن.

October 29, 2019

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ثقافت“ سوشل ميڊيا تي ٻوليءَ جي بقا لاءِ ڪيل منفرد ڪاوش


ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ثقافت“ سوشل ميڊيا تي ٻوليءَ جي بقا لاءِ ڪيل منفرد ڪاوش

تحرير: محمد سليمان وساڻ

نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو نئون ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ثقافت“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آھي. اسان وٽ سوشل ميڊيا خاص ڪري فيسبوڪ جتي ٽائيم پاس ڪرڻ، تفريح ۽ ھڪٻئي سان رابطي رکڻ ۽ منفي پروپيگنڊہ جو ذريعو آھي اتي الاھي دوستن ٻوليءَ جي بھتري، ثقافتي سرگرمين سان گڏ مثبت سياسي ۽ سماجي سرگرمين کي جاري رکيو آھي. اھڙن ماڻھن مان ھڪ ڊاڪٽر ڪامل ڄامڙو بہ آھي. ھو منھنجي ضلعي خيرپور جو ھجڻ ڪري پاڙيسري تہ آھي ئي پر منھنجي ساڻس سڃاڻ سندس ڪتاب پڙھي ٿي ۽ پوءِ سوشل ميڊيا خاص ڪري فيسبوڪ اسان کي پاڻ سان جڪڙي رکيو آھي. 
ليکڪ ھن کان اڳ 40 ڪتاب لکي چڪو آھي پر ھي ھڪ منفرد ڪتاب آھي. جنھن ۾ موجود مضمون ۽ ليک گھڻو ڪري سوشل ميڊيا جي زينت رھيا آھن. اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ادارن ۾ سنڌي ٻولي نہ پڙھائڻ يا سنڌي ٻوليءَ کي پاسيرو ڪرڻ ۾ ڌارين سان گڏ پنھنجن بہ ناھي گھٽايو. ادارن ۽ پنھنجن ماڻھن جي اھڙي روش خلاف ئي گذريل ٻن سالن کان ليکڪ خاص تحريڪ ھلائي، ڪيترائي مضمون لکيا ۽ سيمينار پڻ ڪرايا جن ۾ مون سميت ٻين سڄاڻ دوستن پڻ سندس ساٿ ڏنو. ان ئي سبب کيس تڪليفون ڏسڻيون پيون، سندس ڪردار ڪشي ٿي ۽ سندس خلاف سوشل ميڊيا تي لکيو ويو ۽ ڪجه ادارن ۾ سندس رستا روڪ ڪري دروازا پڻ بند ڪيا ويا. پر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جهُڪيو ناھي ۽ نہ ئي وڪاميو آھي، پر ھو مسلسل لکندو رھيو آھي، اڻٿڪ ڪوشش ڪندو رھيو آھي. ھو سنڌي ٻوليءَ جو عاشق آھي. ڊاڪٽر ڪمال ۽ سڄاڻ ڌرين جي مسلسل جدوجھد ۽ اخباري ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ساٿ ڪري ڪجھ ڪاميابيون پڻ مليون آھن. جن مان ڪجهه ڪاميابين جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي يونيورسٽيءَ ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نواب شاهه سنڌي شعبو کوليو، سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ ۽ بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياريءَ سنڌي مضمون پڙھائڻ جي شروعات ڪئي. ان ھلايل تحريڪ جنھن ۾ سنڌ جي اديبن، سياستدانن، سڄاڻ ڌرين ۽ سنڌين جي اٿيل آواز جي نتيجي ۾ سنڌ اسيمبلي ۽ وزير تعليم جي ڪوششن سان ڪجهه خانگي اسڪولن پڻ سنڌي پڙهائڻ جو اعلان ڪيو آھي. 
ھي ڪتاب چئن حصن ۾ ورھايل آھي پھرئين حصي ۾ ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ رنڊڪن، سنڌي ٻوليءَ جي مونجھارن ۽ ان جي حل، ڪجھ ادارن خاص ڪري سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ڪراچي، سنڌ مدرسي اسڪول مان سنڌي مضمون جي نيڪاليءَ ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري ۽ نواب شاهه ۾ سنڌي شعبن جي نہ کولڻ بابت مضمون شامل آھن. ان کان علاوہ انٽرميڊيٽ بورڊن ۾ سنڌيءَ جو مضمون نہ پڙھائڻ، شاھ لطيف تي ڪيل اجائي تنقيد، استادن جو اين جي اوز ۾ ڪم ڪرڻ ڪري تعليم متاثر ٿيڻ، تحقيق لاءِ ڪيل اڌورن ۽ اڻپورين سھوليتن بابت ليک سميت ٻيا بہ کوڙ مضمون شامل آھن. مون سڀ ليک اڳ بہ پڙھيا آھن ۽ وري پڙھيا آھن ۽ انھن تي ڪيل تنقيد ۽ ليکڪ بابت ڪيل منفي پروپيگنڊہ بابت بہ باخبر آھيان. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ڪمال دليلن سان پنھنجي ڳالھ مڃائي آھي. 
ٻئي حصي ۾ جاکوڙ جي نتيجي ۾ مليل ڪاميابين تي لکيل مضمون شامل آھن. جن ۾ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، نواب شاهه ۾ سنڌي شعبو کُلڻ، سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ سنڌي مضمون جي پڙهائڻ جي شروعات، ڪراچي گرامر اسڪول ۾ سنڌي مضمون جي شروعات ڪرڻ، خانگي اسڪولن ۾ سنڌي مضمون جي ترقي لاءِ کنيل قدمن جي واکاڻ وارا ليک شامل آھن. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو ھنن ادارن جي سربراھن سان ڪو ذاتي جھيڙو يا بغض تہ آھي ئي ڪونہ، پر سڀ ان کي ذاتي دشمني سمجھن ٿا. ليکڪ انھن ادارن پاران سنڌي ٻوليءَ جا دروازا کولڻ تي سندن ٿورا مڃيا آھن ۽ سندن واکاڻ ڪئي آھي. ھڪ مضمون ۾ ھو لکي ٿو:

”ڪيترن ئي سالن کان پوءِ سنڌي مضمون جي بحاليءَ ۾ سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي جي ڪوشش تي سچ پڇو ته تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. 

ان ۾ تعليم جي وزير سردار شاهه ۽ سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز جون هدايتون ته شامل آهن ئي پر ميدان تي جاکوڙڻ وارو ڪردار اديءَ رفيعه ملاح جو آهي. هُن خانگي اسڪولن جي انتظاميا سان مسلسل لک پڙهه ۽ گڏجاڻيون ڪيون آهن. نوڪريءَ کان وڌيڪ ذاتي دلچسپي وٺي هن سنڌي ٻوليءَ جي تعليم لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي. رفيعه ملاح صاحبه هن وقت سنڌ جي پرائيويٽ اسڪولن/ڪاليجن جي رجسٽرار آهي. ڪاش اسان جي تعليم کاتي جا ٻيا آفيسر به رفيعه ملاح وانگر سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪن. 
اميد آهي ته سائين سردار شاهه سرڪاري يونيورسٽين کي به سنڌي شعبن کولڻ جو حڪم جاري ڪندو. اسان سندس هر مثبت قدم کي ضرور واکاڻينداسين.“
ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ سنڌي ثقافت، ڪتبخانن، ريڊيي بابت دلچسپ مضمون، الطاف شيخ بابت ڪيل پي ايڇ ڊي تحقيق بابت، پي ٽي وي جي پروگرام ڪچھريءَ بابت مضمون، سنڌ مدرسي کي شاھ جي ڏينھن ملھائڻ بابت ۽ ڪجه متفرقہ مضمون شامل آھن.
ڪتاب جو چوٿون حصو انگريزي لکڻين تي مشتمل آھي جنھن ۾ ليکڪ جي ڪيل تحقيق، ھوجمالو بابت ڊان کي لکيل تعارفي خط ۽ ڊائريڪٽر آغا خان بورڊ کي سنڌي مضمون جي شروعات لاءِ لکيل خط شامل آھي.
ھي ڪتاب تعليم، ثقافتي مضمونن، تحقيق بابت لکڻين، تدريس بابت مضمونن، تنقيد جي راھن، ٻوليءَ جي ترقي، پاڻ ۾ اتحاد ۽ جدوجھد ذريعي ڪاميابي ماڻڻ، دلچسپين ۽ ڄاڻ سان سمايل آھي.
اميد تہ ھي ڪتاب پڙھندڙن جي ڄاڻ وڌائڻ سان گڏ انھن لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ رڪاوٽن بابت دلچسپ ڳالھيون اڳيان آڻيندو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ نوان گس فراھم ڪندو. ساڳي وقت سوشل ميڊيا تي وڏا وڏا تبصرا ۽ مضمون لکندڙن لاءِ اھا راھ ھموار ڪندو تہ ھو بہ سوشل ميڊيا تي پنھنجي لکڻين کي سھيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻن. مُرڪ پبليڪيشن پاران ڇپايل 144 صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب جو مُلھ 300 روپيا آھي.


عوامي آواز سنڊي ميگزين 27 آڪٽوبر 2019

September 22, 2019

سچار ڪردار، سچيون ڪھاڻيون: سلطانہ وقاصي جي ڪھاڻين جو مجموعو ”جانور“

سچار ڪردار، سچيون ڪھاڻيون: سلطانہ وقاصي جي ڪھاڻين جو مجموعو ”جانور“ 

محمد سليمان وساڻ 

نامياري ليکڪا ۽ شاعر سلطانا وقاصيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو ”جانور“ منھنجي هٿن ۾ آهي. جنھن ۾ ڪل 30 ڪھاڻيون ڏنل آهن. ھي ڪھاڻيون ڇا آھن؟ سنڌ جي معاشرتي، سياسي، علمي، ادبي ۽ سماجي حالتن جو ڄڻ تہ ڪيڏارو آھن. سندس ھن ڪتاب ۾ ڪجه تہ سندس ڄاڻ سڃاڻ وارن ڪردارن جا سچا واقعا پڻ ڏنل آھن ۽ ڪجه ڪردار اھي بہ آھن، جيڪي اسان جي چوڌاري موجود آھن. سندس شروعاتي لکڻيون جيڪي، 1970ع واري ڏھاڪي ۾ ڇپيون ھيون سي پڻ ھن ڪتاب ۾ شامل آھن. 
سلطانہ وقاصيءَ جون ڪجه ڪھاڻيون، ڪھاڻيون گهٽ پر ڪالم وڌيڪ لڳن ٿا، تنھن ڪري ھيءُ ڪتاب پڙھندي محسوس ٿيو تہ ليکڪا جي لکڻ جو انداز ڪالم_ڪھاڻيءَ وارو ئي آھي. سندس ڪھاڻين جا موضوع عورت، عورتن تي تشدد، عورتن تي لڳل الزام تراشيون، طعنا ۽ عورت کي نيچ سمجهڻ بابت آھن. پنھنجي ڌرتيءَ سان بيپناھ عشق پڻ سندس لکڻين ۾ موجود ملي ٿو، سندس ڪھاڻين ۾ شھرن ۽ ڳوٺن ۽ اسڪولن ۽ يونيورسٽين جا ڪردار ۽ ڪھاڻيون پڻ موجود آھن. 
سلطانا وقاصيءَ جو نالو سنڌ جي انھن چند سنڌي ليکڪائن مان هڪ آهي، جن معاشري جي نا انصافين، ڏاڍاين ۽ نا مناسب حالتن تي بيباڪيءَ ۽ بهادريءَ سان لکيو آهي. سندس تعلق سانگهڙ ضلعي جي ٽنڊي آدم شهر جي هڪ زميندار گهراڻي "وَڪا" سان آهي. سندس گهر ۾ ادبي ماحول ھيو جتي کيس علمي ۽ ادبي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ جو موقعو مليو. ڳوٺ ۾ رهندي بہ هن علم حاصل ڪيو، جنهن جو سھرو سندس والد خانصاحب عبدالحق وَڪي ڏانھن وڃي ٿو، جيڪو پنهنجي دور جو ادب دوست، ترقي پسند انسان ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هيو. سندس ناناڻو خاندان بہ سنڌ جو ھڪ مڃيل خاندان آھي. ناميارو تعليمدان، علامہ علي خان ابڙو سندس نانو ۽ جديد سنڌي افساني جو مشهور ليکڪ جمال ابڙو سندس مامو ھو. اهڙي سکيي ستابي گهراڻي سان تعلق رکندڙ سلطانہ وقاصي اڳتي هلي زندگيءَ ۾ ڪيئي ڏک ۽ تڪليفون سٺيون ۽ اڪيلي ئي انھن جو مقابلو بہ ڪيو. 
سلطانا وقاصي جيڪا گهڻو اڳ اڪرم سلطانہ جي نالي سان مشھور ھئي سا ھڪ باصلاحيت ۽ سجاڳ سرتي آھي. ھوءَ سنڌي ٻوليءَ سان ڪيل ٻہ اکيائيءَ ۽ ڌرتيءَ جي مسئلن جي حوالي سان جذباتي ٿي وڃي ٿي. ڪراچيءَ جھڙي شھر ۾ جڏھن لساني فساد چوٽ چڙھيل ھيا، تڏھن بہ سندس ادا ڪيل ڪردار ۽ تحريڪ ٻين عورتن لاءِ بہ اتساھ جو سبب بڻيا ھئا. اھڙي وقت ۾ ھن قلم ذريعي ان وقت جي حالتن، ماضي ۽ مستقبل بابت سنڌي اخبارن ۾ گهڻو ڪجه لکيو. ھوءَ ھڪ جذباتي ۽ بھادر عورت آھي ... ۽ اھو سمجهڻ گهرجي تہ جذباتي عورتون ڪنھن بہ صورت ۾ مصلحت پسنديءَ کان ڪم ناھن وٺنديون. اھوئي سبب آھي جو سندس جذباتي لکڻيون ڪيترن ادبي ۽ سياسي شخصيتن کي نہ وڻنديون ھيون، تنھن ھوندي بہ ھن لکڻ نہ ڇڏيو. سندس ڪالم، ڪھاڻيون ۽ شاعري مختلف اخبارن، رسالن ۽ ادبي مخزنن ۾ ڇپبيون رھيون. 
سلطانا وقاصي جي ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو مھاڳ نامياري ڪھاڻيڪارہ تنوير جوڻيجو لکيو آھي. پيڪاڪ پبلشرز پاران 131صفحن واري شايع ڪيل ھن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آھي.


May 16, 2019

منور سراج جو ناول پيراڊائيز پوائنٽ تي شام


منور سراج جو ناول پيراڊائيز پوائنٽ تي شام

محمد سليمان وساڻ

منور سراج جو ناول ”کاٻي اک جو خواب“ پڙھيو ھيم جنھن ۾ خواب ڇانيل رھيا، پر ھن وٽ لفظن، ڪردارن ۽ جملن جي اڻ کُٽ گھرائي ملي. تازو ئي سندس پاران موڪليل نڪور ناول ”پيراڊائيز پوائنٽ تي شام“ مليو. ڪجھ مصروفيت سبب ڪتاب پاسيرو رکيم جو مونکي خبر آھي تہ سندس ناول يڪساھي پڙھڻو پوندو آھي. اڄ جڏھن وقت مليو تہ ناول کي ھڪ ئي ڏينھن پڙھي پورو ڪيم. منور سراج جملن جو ڪاريگر آھي، ھن وٽ خيالن جي گھرائي آھي، ھن وٽ مڪالما دل ڇھڻ وٽان آھن.
پر ھڪ ڳالھ جيڪا سندس گذريل ناول ۾ بہ ھئي تہ ھو خوابن جو شھزادو آھي، ھن وٽ خوابن جا خزانا آھن جيڪي ناول ۾ جيئندا رھن ٿا ۽ ناول سان گڏ سفر ڪن ٿا. ھن جي ناول ۾ ڪٿائون آھن، قصا آھن، معاشري جا، گهُٽجي مرڻ جا، خواھشن جي قتلن جا، بيواجبين جا، يونيورسٽي ۾ رھندڙ بگهڙن ۽ چمڙن جا. سندس ھي ناول الائي ڇو مونکي اڌ کان وڌيڪ پنھنجي ڪھاڻي پئي لڳو .... شايد انڪري جو مان پڻ يونيورسٽيءَ مان ايم بي اي ڪئي آھي ۽ اھا بہ شام جي وقت ۽ مان بہ ساڳيي اداري ۾ نوڪري ڪيان ٿو جنھن ۾ منور سراج ڪري ٿو .... ساڳيا منظر، ساڳيا استاد، سخت، پنھنجي نالي ۽ سختي جي تعريف ٻڌندڙ پوءِ ڀلي خواھشن جو قتل ٿئي ۽ احساسن جون قبرون ٺھن. اسان وٽ يونيورسٽيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل ناول طارق عالم جو ”رھجي ويل منظر“، منير چانڊيي جو ”ڪيف ڌاران ڪوءِ“، اسحاق انصاري جو ”خالي بينچ“ ۽ ”پيار درياءُ“ مشھوري ماڻي چُڪا آھن ۽ پياري منور سراج جو ”پيراڊائيز پوائنٽ تي شام“ سنڌي ناول جي شيلف ۾ ھڪ خوبصورت اضافو آھي. ناول جا مڪالما خوابن جي گرد گھمن ٿا. ڇو تہ ھن معاشري ۾ محبتن تي پابندي جو آھي:
§      ”تون ڇاٿي سمجهين، خواب اکيون ڏسنديون آھن، چري .. !!“
”ٻيو نہ تہ باقي؟ ڪير ڏسندو آھي خواب؟“
”خواب دل ڏسندي آھي ۽ اکيون تعبير ڳولينديون آھن.  
۽ دل جا ڏٺل خواب ضرور ساڀيان ماڻيندا آھن.“

ھي ناول ان نوجوان شاعر جي ڪھاڻي آھي جيڪو ايم بي اي جي ڪلاسن ۾ اڪيلو ليکڪ آھي، جيڪو بلڪل الڳ سوچي ٿو، ھڪ اھڙي ماحول ۾ شاعريءَ ۽ ادب جي ڪتابن جي ڳالھ ڪري ٿو جتي شاگرد مشين بڻجي صرف نصاب ۾ منجهيل آھن. ھنن وٽ ڄڻ دل آھي ئي ڪا نہ، ڄڻ احساس سندن ڊڪشنريءَ جو حصو ئي ناھن. ھي جملو اھڙي ئي ماحول جي نشاني آھي:
§      ”ھا، جڏھن ماڻھو ڪو تماشو روڪي نہ سگهي تہ گهٽ ۾ گهٽ ان جو حصو نہ ٿئي“.

پر پيراڊائيز پوائنٽ پوءِ بہ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ملڻ جي پسنديدہ جڳھ آھي ۽ اھڙيون جايون يا خاص پوائنٽ ھر يونيورسٽي ۾ ٺھي ويندي آھي. ناول ۾ منور سراج جا جملا دل جي ترجماني ڪندي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا:
§      ”مينھن وسندو آھي تہ مان اداس ٿي ويندي آھيان ..... منھنجو منُ بہ ڄڻ موھن جو دڙو ھجي.“
§      ”يار مختيار، ھي محبت پنھنجي وس کان مٿي اٿئي يار. يار پاڻ لاءِ محبوبہ مسجد بڻجي ويندي آھي، مندر ٿي پوندي آھي. يار پاڻ بس ائين آھيون. پاڻ کان ماڻھن واري محبت ڪونہ پڄندي مختيار ..... يار مان ھن سان نٿو ڳالھائي سگهان ... الائي ڇو .... الائي ڇا آھي .... ڪجھ سمجھ ۾ نٿو اچي.“

منور سراج جو ھي ناول ھڪ شاعر، ھڪ شاگرد جي چوڌاري گهمي ٿو تنھنڪري ان ۾ شاعراڻا احساس ڀريا پيا آھن. ھن جا جملا، ھن جون ڳالھيون جھڙوڪ شاعري ئي آھن، نظم تہ ھر ھنڌ ملندو ئي ...
§      ”اداسيءَ جي موسم نظمن لاءِ رستو کوليندي آھي، الائي نظمن جي موسم اداسيءَ لاءِ رستو کوليندي آھي ! ڪيئن چئجي !“

منور سراج يونيورسٽيءَ جي انھن بگهڙ نما پروفيسرن جي پڻ ناول ۾ ندا ڪري ٿو، جن اسان جي نياڻين لاءِ يونيورسٽين جي ماحول کي اوپرو ڪيو آھي. جتي نياڻين جي عزت محفوظ ناھي ۽ يونيورسٽيون ڄڻ نياڻين جي عزتن جون قتل گاھ بڻجي ويون آھن.
ناول ۾ ڏُک ۽ منزل تائين نہ پھچڻ ۽ دل جي ڳالھ محبوب تائين پڄائڻ ڄڻ انتھائي ڏکيو ڪم ھجي ...
§      ”ھر محبت پاڻ سان گڏ ڏک، اداسيون ۽ امتحان بہ کڻي ايندي آھي. اھا محبت محبت ئي ناھي جنھن سان گڏ ڏُک نہ ھجن.“

ھن ناول ۾ ڪتابن جي دنيا، خوابن جي دنيا ۽ شاعريءَ جي دنيا جي ماڻھن جو انت محبت کان بغير ڄڻ سچ ۾ اڌورو اڌورو ٿو رھجي وڃي .... ڄڻ اھو واقعي ئي سچ ھجي.
§      ”خوابن خيالن جي دنيا ۾ رھندڙ ماڻھو حقيقي زندگيءَ سان نڀائي نہ سگھندا آھن.“
§      ”ھا پر اڪثر ماڻھو محبت جي آسمان تائين پھچڻ ۽ چنڊ کي ڇھڻ لاءِ ڪڏھن ڪڏھن چاھيندي نہ چاھيندي بہ جيڪي رستا چونڊيندا آھن، اھي کين آسمان تائين پھچڻ کان اڳ ٽٽل تاري وانگر رولي ڇڏيندا آھن.“

منور سراج واقعي ئي لفظن جو جادوگر آھي، جنھن جا لفظ ۽ جملا ناچ ڪن ٿا، دل تي نقش ڇڏين ٿا ۽ خواب بڻجي راتين جو رلائين ٿا .... ھن جا لفظ احساسن جا روپ بڻجي وڃن ٿا. جڏھن ماڻھو پاڻ بہ ناول جي پسمنظر جھڙي ماحول مان گذريو ھجي تہ ناول جا ڪي جُملا، ڪي مڪالما الائي ڇو ماڻھوءَ کي پنھنجا لڳن ٿا ...  ناول جو آخري صفحو بہ آخري بڻجي اداس ڪندو ٿو رھي:
§      رڳو آخري صفحو ئي نہ، آخري ملاقات، آخري فون، آخري ميسيج، آخري جُملو، آخري نھار، آخري سيميسٽر، آخري ڪلاس، آخري پيپر، آخري ڳالھ ۽ آخري خط بہ ماڻھوءَ کي اداس ڪندو آھي.

آخر ۾ ھڪ ڳالھ اھا بہ ڪندس تہ مون کي ناول  جي پڄاڻي ڪلائيميڪس کان خالي ملي. ناول جي پڄاڻي الائي ڇو اڻپوري ملي. ناول جي ھيرو ۽ ھيروئن جي ڪھاڻي اڌوري ئي رھي. يونيورسٽيءَ جي بگهڙن ۽ چمڙن جو ڪو انت ڪونہ ٿيو. ناول جي پڄاڻي ڇرڪائيندڙ ۽ ڪنھن طرح لوڏيندڙ ھجڻ گهرجي ھا .... پر اھا منھنجي راءِ آھي ۽ مان نہ تہ ڪو ناول نگار آھيان نہ ئي وري ڪو ڪھاڻيڪار .... مان ھڪ پڙھندڙ آھيان جيڪو ناولن جو شوقين آھي.

April 21, 2019

مخمور رضا جو شعري مجموعو ”مُرلي منھنجو من“


مخمور رضا جو شعري مجموعو ”مُرلي منھنجو من“ 

محمد سليمان وساڻ 

سانوري رنگت پر اُجري ۽ شيشي جھڙي دل، مُک تي معصوم مُرڪ سجايل مخمور رضا جو نئون شعري مجموعو ”مُرلي منھنجو مَن“ منھنجي ھٿن ۾ آھي. ھي ڪتاب مخمور جي 700 بيتن جو مجموعو آھي. بيت سنڌي شاعريءَ جي اوائلي ۽ منفرد صنف آھي. اسان وٽ قاضي قادن، شاھ ڪريم بُلڙِ ي واري کان شاھ لطيف ۽ وري سچل سرمست کان شيخ اياز، وسيم سومرو ۽ اھو سلسلو ھلندو پيو رھي ۽ مخمور پڻ ان سفر ۾ شامل ٿيو آھي. 
مخمور رضا ٽيويھن سالن جو نوجوان شاعر آھي، جنھن جا ننڍڙيءَ وَهيءَ ۾ ئي چار شاعريءَ جا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ غزلن جا ٻہ مجموعا ”ھينئڙي منجھ ھُڳاءُ“ ۽ ”درد جو آڪاس“، واين جو مجموعو ”صحرا جھڙا خواب“ ۽ ھاڻي بيتن جو مجموعو ”مُرلي منھنجو مَنُ“ جيڪو 700 بيتن تي مشتمل آھي. ھي ڪتاب ان ڪري بہ منفرد آھي جو ھن ۾ صرف بيت شامل آھن. ان کان اڳ سنڌي شاعريءَ جو نج بيتن تي مشتمل ڪتاب شايد شاھ ڪريل بُلڙي واري جو رسالو ۽ تاجل بيوس جو ھڪ ڪتاب آھي. 
مخمور هڪ معصوم شاعر آهي. ھو شاعريءَ جي روح کي سمجهي ٿو. شاعريءَ جي ڏات ديوي هن سان راضي آهي. هن وٽ شاعري محبوب جو درجو رکي ٿي. هو محسنن کي مان ڏيڻ ڄاڻي ٿو. مان سندس ٿورائتو آهيان جو منھنجي پرينءَ مونکي ڪتاب جو پورو هڪ صفحو يعني ستن بيتن سان ارپنا ڏني آهي. مخمور ننڍي وھي ۾ ئي دردن ۽ ڏکن ڏاجهرن ۽ بيمارين پاران ڏنل دردن جي پيڙا مان گذريو آھي، پر ھن ان پيڙا ۽ دردن کي لفظن جو ويس پارائي پنھنجي شاعريءَ جو ڏاج بڻايو آھي. 
ڪتاب ۾ صفحي نمبر 11 کان 90 تائين خوبصورت بيت سرجيل آھن، جيڪي پوپٽ جھڙا رنگ سجائي ڪتاب جي ورقن کي وڻندڙ بڻائين ٿا. صفحي 91 کان 109 تائين مختلف شخصيتن کي ڀيٽائون ڏنل آھن، اھي شخصيتون جن ڌرتيءَ وارن کي جيئڻ سيکاريو، يا اھي جن کان مخمور متاثر آھي ۽ اھي جن کي ھو پنھنجو محسن ٿو مڃي. ھو لطيف جي سٽ ”ڳنڍين سارو ڏينھن“ کان متاثر ٿي ھڪ بيت سرجي ٿو: 

زخمي زخمي آس کي، مُرڪي ٽاڪا ھڻُ، 
دل جي سُئي کڻ، ڀاڪر ڳوڙھن جا چمي. 

اسان سڀني سنڌين وانگر مخمور پڻ سنڌ ڌرتيءَ جو عاشق آھي ۽ ان کي ممتا سمجھي ٿو. ڌرتيءَ سان عشق سندس ھن بيتن ۾ موجود آھي: 

رنگيل ڏسي رت ۾ ، ڌرتيءَ جو احساس، 
پٿر جو آڪاس، پرزا پرزا ٿي ويو 

دل چوندي آ ھر گھڙي، سھڻي سرتيءَ کي، 
۽ ھن ڌرتيءَ کي، سجدا ڪريان ساھ سان. 

ھو پنھنجي سٽن ۾ اميد جو دامن نٿو ڇڏي ۽ سنڌ جي سُکيي مستقبل جا خواب اُڻي ٿو: 

آزاديءَ جي باک ڀي، ڦُٽڻي آھي نيٺ، 
کُٽڻي آھي نيٺ، غلاميءَ جي رات ھي، 

مخمور وٽ اظھار جو ذريعو شاعري ئي آھي. شاعري ھن جي ڏکن ۽ دردن جو درمان ڀاسجي ٿي. اھوئي سبب آھي جو ھو ڪنھن تعريف ۽ واھ واھ جي ڊوڙ کان ڪوھين ڏور بس لفظن جون مالھائون پوئي رھيو آھي. بُخاري پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپايل 112 صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آھي. اميد تہ مخمور جو ھي ڪتاب اھل ذوق وٽ پاڻ مڃائيندو. 

March 06, 2019

ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۽ رهجي ويل سوال



ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۽ رهجي ويل سوال

محمد سليمان وساڻ

هفتو اڳ ئي بيچ لگزري هوٽل ۾ ٽن ڏينهن جو سنڌ لٽريچر فيسٽيول ٿيو هيو ۽ ان ۾ سنڌين جي وڏي اڪثريت شامل ٿي فيسٽيول جي مالڪيءَ جو احساس ڏياريو هو. نورالهده شاهه، اعجاز منگي، ناجيه مير، نصير گوپانگ ۽ سڄي ٽيم ان تي جس لهڻي. هڪ هفتي کانپوءِ ساڳي ئي جاءِ تي، ساڳي ئي ماحول ۾ آڪسفورڊ پريس پاران ڏهين ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جو بندوبست ڪيو ويو هو. ظاهر آهي ڪي ايل ايف لاءِ فنڊ جام هوندا آهن ۽ ساڳي ئي وقت پنج سيشن هلندا آهن. پر الائي ڇو ”ڪي ايل ايف“ ۾ اڳيون چَس نه هيو. يا وري ”ايس ايل ايف“ ۾ سيشنز ۽ عنوانن جي چونڊ بهتر هئي، يا وري امينه سيد ۽ ڊاڪٽر آصف فرخي جي غير حاضريءَ ۾ ڪي ايل ايف کي سنواريندڙ ڪي خاص نه هيا. بين الاقوامي مبصر، ليکڪ ۽ مبصر ڪونه هيا، ٿي سگهي پاڪ هند جنگ جي گرمي سبب به نه هجن.... خير جيڪو به ٿيو پر وري به ادبي ميلو ۽ بحث ڪجهه ڏئي ويندا آهن.
مان سڀني سيشنز ۾ ته نه پر ڪجهه ئي سيشنز ۾ حصو ورتو. جن مان هڪ امر جليل سان ڪچهري به هئي، جنهن ۾ ماڻهن جو وڏو تعداد موجود رهيو. ڪراچي جي ڳالهه هلي، ڪراچي جي ٺاهه ۽ ڊاهه جي ڳالهه ٿي. انور مقصود جي سيشن ۾ به وڏي رش رهي ۽ ويهڻ لاءِ ڪرسيون ته ڇا بيهڻ جي جاءِ به ڪانه پئي ملي. جاويد جبار جي ڪتاب تي ياسر قاضيءَ جي سيشن ۾ 30 ڪرسين جي گنجائش جيترو به ڪمرو ڪونه هيو سو واپسي ڪرڻي پئي. بينا شاهه جي موڊريشن ۾ شفقت شاهه ڄاموٽ جو سيشن “Journey into Europe: Islam, Immigration & identity” هڪ بهترين سيشن هيو. بلوچستان جي حوالي سان رکيل سيشن “Sorrows of Baluchistan” ۾ ماڻهن خاص ڪري نوجوان نسل جي ايڏي تعداد ۾ حاضري قابل ديد هئي پر ساڳي وقت سيشن ۾ ڪنهن به بلوچ جو اسٽيج تي اسپيڪر جي حيثيت ۾ نه هجڻ سواليه نشان بڻجي ويو ۽ تنهنڪري سوالن جوابن جي نشست کان اڳ ئي لفظي گرما گرمي شروع ٿي وئي. تنهنڪري هما بقائي جيڪا سيشن جي ميزبان هئي ان کان پروگرام جو ڪنٽرول ڪونه پئي ٿيو. سوال ڪندڙ جذباتي انداز ۾ تلخ سوال ڪري رهيا هيا جن جو جواب يا بحث مجاهد بريلوي وڌيڪ متنازعه بڻائي ڇڏيو. ان سيشن ۾ تلخ حقيقتن کي قيصر بنگاليءَ وڌيڪ سهڻي نموني بيان ڪيو ۽ حقيقتون مڃيون . مجاهد بريلوي جي راين سبب ڪجهه بلوچ بزرگ ۽ نوجوان بائيڪاٽ ڪري اٿي ويا.
فيسٽيول جي هڪ خوبصورتي اها به هئي جو سنڌ جي ماڊرن اڪانامي تي لکيل ڪتاب جي مهورت ۽ بحث ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ شامل هيو. هڪ اهم سيشن رکيو ويو هيو جنهن جو عنوان هيو “Cultural Activism to Counter Extremism in Sindh” هن سيشن جو موڊريٽر اظهار سومرو هيو جڏهن ته اسپيڪرس ۾ سنڌ جو تعليم ۽ ثقافت جو وزير سيد سردار شاهه ۽ نورالهده شاهه شامل هيا. ٻنهي ڏاڍو سُٺو ڳالهايو. ميزبان ۽ نورالهده شاهه وزير صاحب جي تعريف به ڪئي ۽ تنقيد به ڪئي. سوالن هلندي اڳيان هجڻ باوجود به منهنجا سوال رهجي ويا، اهو ڄاڻي واڻي ٿيو يا اتفاقيه ان تي ڪا راءِ نه ڏبي ... پر سوال اهم هيا. سوچيم ته اهي سوال هتي ئي ڇڏي ڏيان متان وزير موصوف يا ان جو ڪو ڪامورو جواب ڏئي. هڪ سوال ميڊم نورالهده شاهه کان هيو ته ”هي جو اسان هيترو سارو ڳالهايون پيا ته اسان انتها پسندي جو مقابلو ثقافت ۽ تصوف ذريعي پيا ڪيون ۽ مثال آهن ميلا ۽ فن ۽ فنڪار يا صوفي ازم ..... ڇا اهو وڏو سبب ناهي جو اسان تعليم، سائنس ۽ تحقيق کان هٽي ويا آهيون ۽ ميلن ملاکڙن ۾ ڦاسي ويا آهيون؟“. منهنجو سوال وزير موصوف کان پڻ هيو ته اوهان هيترو خرچ ڪيو ٿا، ميلا ملاکڙا لڳرايو ٿا پر ساڳي وقت ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جي نمائش ۾ ثقافت کاتي يا ادبي بورڊ ۽ سنڌي ليئگيوئيج اٿارٽي پاران ڪتابن جو اسٽال نه هجي ته ان غير ذميواري تي ڪنهن کان پڇون؟ سوال ڪتابن جي فروخت جو نه پر مالڪي ۽ موجودگيءَ جي احساس جو هوندو آهي. جتي صوبي جو وڏو وزير، تعليم جو وزير، ثقافت جو وزير اچي ۽ ڪتابن جا اسٽال به گهُمي ۽ سواءِ ڪويتا پبليڪيشن جي ڪوبه سنڌي پبليڪيشن جو اسٽال نه هجي ته اها ڪيڏي وڏي ناڪامي ۽ افسوس واري ڳالهه چئبي. مون کي ياد ٿو اچي ته ڪجهه سال اڳ به ايئن ئي ٿيو هو ۽ مان ان تي عوامي آواز ۾ هڪ ڪالم لکيو هو. جنهن جي جواب ۾ ان وقت جي سنڌي ٻولي اٿارٽي جي چيئرپرسن صاحبه ڪالم لکيو هو جنهن جو عنوان هيو ”ڄڃ پرائي، احمق نچي“. متان هن دفعي به ڪامورا ساڳيو جواب ڏين ته اسان کي لکت م ڪونه چيو ويو هو يا دعوت ڪانه هئي .... جناب پوءِ هي وزير موصوف ڪيئن پهتا؟ سنڌ جي ڪامورا شاهي ۽ سنڌ جو شعور فيسٽيول ۾ ڇو هيو؟ هن دفعي به سنڌي گهراڻن خاص ڪري نوجوانن جو وڏو انگ ”ڪي ايل ايف“ ۾ موجود هيو، جيڪا هڪ اميد پيدا ڪندڙ ڳالهه آهي. اميد ته سنڌ حڪومت اڳتي اهڙن ميلن ۾ نه صرف ڪتابن جا اسٽال لڳائيندي پر سنڌي پبلشرن جي مدد به ڪندي جيئن هو اتي سنڌ جي علم ۽ ادب جي نمائش ڪري سگهن.

روزانه عوامي آاوز 6 مارچ 2019ع

January 15, 2019

مٺل جسڪاڻي ۽ سندس ڪتاب ”زرعي سونهون“

مٺل جسڪاڻي ۽ سندس ڪتاب ”زرعي سونهون“

محمد سليمان وساڻ

مٺل جسڪاڻيءَ سان سوشل ميڊيا تي ڊگهي عرصي کان سٺي ڄاڻ سڃاڻ آهي. هو فيسبوڪ تي گهڻو لکندڙن مان هڪ آهي. هن وٽ لکڻ جا ڪي ماپا ناهن. هو ادب، شاعري، ڪچهري، پروگرامن تي خوب لکندو آهي، جيڪو دل ۾ آيس لکندو آهي. پروفيسر مٺل جسڪاڻي هڪ زرعي ماهر، زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ هڪ بهترين استاد طور سڃاپجندڙ شخصيت سان گڏ، بهترين زرعي ڪارڪن به آهي جنهن جو ذڪر پي ٽي وي تي ”آبادگار“ پروگرام ڪندڙ ”اياز گاد“ ۽ ان وقت جي ٽي وي پروڊيوسر ”الطاف سومري“ ڪيئي ڀيرا مونسان ڪيو آهي. مٺل ورڪشاپس ۽ ليڪچرس ڏيڻ ۾ اڳڀرو رهندو آهي، ان سان گڏ زمينن تي پهچي آبادگارن کي زرعي معلومات ڏيڻ سان گڏ خوب صلاحون ڏيندو آهي ۽ ان تي لکندو رهندو آهي. منهنجي به ساڻس ڪجهه زرعي مسئلن تي ڪچهري ٿيندي رهندي آهي جنهن ۾ کجين جا مسئلا اوليت هوندا آهن.
هن دفعي حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ آچر ڏينهن 11 وڳي سندن سيشن هيو جنهن جو موضوع هيو ”زرعي ادب“، سيشن ليٽ ٿيو ۽ اسان جي نصيبن ۾ کيس ٻڌڻ هيو سو ڪراچيءَ مان پنهنجي سيشن لاءِ نڪتاسين جيڪو ليٽ ٿيو ته مٺل وارن جي پروگرام ۾ پهچي وياسين ۽ سندس راءِ ۽ خيال ٻڌاسين. ان بعد اسان جو سيشن هيو سو پاڻ ان ۾ اسان سان گڏ رهيو ۽ پنهنجو ڪتاب ”زرعي سونهون“ تحفي طور ڏنائين، جنهن ۾ لکيائين:

”سليمان وساڻ لاءِ
ڇو ته آبادگار به آهي
پڙهندڙ به آهي“

گهر اچي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيم ڇو ته واقعي ئي مان آبادگار به آهيان، ڪتاب جي قيمت ڏٺم ته حيرانگي ٿي. اهو پهريون ڀيرو هيو جو قيمت بجاءِ لکيل هو :
”اعزازي ڪاپي (لکت ۾ ڪتاب تي راءِ)“
تنهنڪري ضروري سمجهيم ته تڪڙي راءِ لکان. مان هڪ هاريءَ جو پُٽ آهيان جيڪو چوپائي مال ۽ زرعي زمينن جو شوقين هيو. مان پاڻ به لابارا ڪيا آهن، رونبا ڪيا آهن، کجين سان نڀايو آهي، ڪڻڪ، ڪمند، وونئنڻ، ساريون، برسيم، اڪڙ، جوئر ۽ ٻيا فصل پوکيا آهن ۽ زرعي فصلن سان ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏنو آهي. هي هڪ مختصر پر ڪارائتو ڪتاب آهي، جنهن جي ڇپجڻ ۽ قيمتي لکڻين تي مٺل سائينءَ کي جس ڏجي ٿو. ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرين حصي ۾ بنيادي زرعي ڄاڻ بابت 12 مضمون شامل آهن. جنهن ۾ بنيادي زرعي ڄاڻ، زراعت، جنهن ۾ زندگي، زمين، پاڻي، ٻوٽا، وڻ، موسم، جيت جڻيا ۽ انهن سان لاڳاپيل فصلن جي پيداوار، مسئلن ۽ انهن جي حل سان گڏ، نوجوانن لاءِ روزگار جا زريعا شامل آهي. 

جڏهن ته ٻئي حصي ۾ فصلوار ۽ ماهوار زرعي ڪم ڪار تي 10 مضمون لکيل آهن. جن ۾ سنڌ جا اهم فصل ڪڻڪ، ساريون، جوئر، ٻاجھر ۽ مڪئي، وونئڻ، ڪمند، تيلي ٻج، داليون، ڀاڄيون ۽ مصالحه، ميوا ۽ جانورن جي چاري وارا گاهه شامل آهن. 
هي ڪتاب آبادگارن، هارين، زميندارن لاءِ واقعي هڪ زرعي سونهون آهي، بس ڪتاب پڙهجي ۽ ان ۾ لکيل ڳالهين تي عمل ڪجي. اسان جيڪي زرعي دوائن نالي زهر استعمال ڪيون پيا يا ڀاڻ استعمال ڪيون پيا ان جا فائدا ۽ نقصان به ڪتاب ۾ لکيل آهن. اڃان به جي ضرورت پوي ته پروفيسر مٺل سان رابطو ڪجي ۽ کيس اچڻ جي دعوت به ڏجي ڇو ته هو گهمڻ جو به شوقين آهي. 

ليپٽاپ، موبائيل ۽ گهر

ان ڏينهن موبائيل ۽ ليپٽاپ کي بند ڪري گهر وارن سان ڪچهريءَ ۾ ويٺس .. امان هر هر پڇي رهي هئي ته ”پُٽ اڄ طبيعت خراب اٿئي ڇا؟“ ... ٻارن چيو بابا ”نيٽ پئڪيج ختم ٿي ويو اٿئي نه“ ۽ گهرواريءَ چيو ”لڳي ٿو اڄ گهر ۾ ڪنهن سان وڙهندين ....“
۽ مان اٿيس ۽ ليپٽاپ کولي گهروارن کان پري ۽ پري وارن سان ويجهو ٿيندو ويس ...