Showing posts with label شخصيتون ۽ تاثر. Show all posts
Showing posts with label شخصيتون ۽ تاثر. Show all posts

August 09, 2016

علي بابا : ڌرتي ڌڪاڻن جي ليکڪ جي موڪلاڻي

علي بابا : ڌرتي ڌڪاڻن جي ليکڪ جي موڪلاڻي 

محمد سليمان وساڻ 

هو فقير منش ۽ درويش طبيعت ليکڪ هو. هن وٽ وڏائي يا ڪو ٺٺ ٺانگر ڪڏهن به نه ڏٺو، هو مصنوعيت سان نفرت ڪندڙ ماڻهو هو. مان سچل ڳوٺ جي گهٽين ۾ کيس ڪيترائي دفعا گهمندي ڏٺو، جتي هو مونکي سنڌ جو ڀٽڪندڙ روح لڳندو هو. هو عام پروگرامن ۾ به ماٺ ڪيو اچي ويهندو هو. سندس ڪهاڻين ۽ ڊرامن ۾ ڪمال ڪاريگري سان اهڙا ته ڪردار ۽ مڪالما ملندا هيا جيڪي سچا ۽ کرا، سادا ۽ اجائي پٽاڙ کان آجا هوندا هئا. هن جي لکڻين ۾ سنڌي ماڻهو ۽ سنڌ نظر ايندي هئي. ” دنگي منجهه درياء“ جو ليکڪ علي بابا اڄ اسان ۾ موجود ناهي، ڪالهه هو ان راهه رباني جو راهي ٿيو جتان ڪو واپس ناهي ورندو. پر علي بابا جون ڪهاڻيون ۽ ناول سندس ياد ڏياريندا رهندا. هي درويش صفت ماڻهو جنهن سان مليو اهو کيس سدائين ياد ڪندو. علي بابا جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ جي مهاڳ ۾ نثار حسيني لکي ٿو”علي بابا، سنڌي ساهت جو اهو اڻٿڪ، اربيلو ۽ مست الست ليکڪ آهي، جيڪو جُڳن کان ڪارونجهر کان ڪينجهر تائين، ڪيٽي کان ڪشمور تائين، موهن کان سون مياڻيءَ تائين ۽ کيرٿر کان کاري تائين سنڌ جي اتهاس کي کيڙيندو رهيو آهي.“ 
علي محمد ولد محمد رمضان بلوچ 1940ع ڌاري ڪوٽڙي ضلع دادوءَ ۾ پيدا ٿيو، علي محمد اڳتي هلي ”علي بابا“ جي نالي سان مشهور ٿيو. علي بابا جو تعلق”رند“ قبيلي سان آهي، علي بابا جا وڏا، اوڻيهين صدي ڌاري بلوچستان مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ ويٺا. علي بابا جو پيءُ محمد رمضان ريلوي ۾ شنٽنگ پائلٽ هو. هن پرائمري تعليم نانگو لائين ميونسپل اسڪول ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ميونسپل هاءِ اسڪول ڪوٽڙي ۾ داخل ٿيو. هو جڏهن مئٽرڪ جو امتحان ڏيئي رهيو هو ته امتحان هال ۾ هڪ ڇوڪر کي ڀونڊو ڏيڻ تي هڪ استاد کيس امتحان هال مان ڪڍي ڇڏيو، بس اهو ڏينهن وري علي بابا اسڪول جو منهن نه ڏٺو. هن ڪجهه عرصو ريلوي ۾ ڪلارڪ طور ڪم ڪيو، پوءِ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر ٿي ڪم ڪيو. 1965ع کانپوءِ نوڪري ڇڏي صرف لکڻ لڳو جيڪو سندس گذر سفر جو ذريعو به هيو. سندس شروعاتي ڪهاڻيون شمشيرالحيدري سنواري سڌاري ”نئين زندگي“ رسالي ۾ ڇپيون. هو شمشير الحيدري جي وفات وقت سندس تڏي تي وڏي واڪ اهو چوندو رهيو ته علي بابا کي علي بابا شمشير بڻايو. علي بابا، ٻارن لاءِ هڪ ناول ”سنڌباد جو سفر“ لکيو جيڪو 1993ع ۾ ڇپيو. 
علي بابا ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ 100 کان مٿي ڊراما لکيا. سندس ٽي وي ڊرامي ”دنگيءَ منجهه درياءُ“ کي ميونخ جرمنيءَ جي عالمي ميلي ۾ 79 ملڪن جي ڊرامن مان ٽيون نمبر بهترين ڊرامو قرار ڏيئي ”ايوارڊ“ سان نوازيو ويو، هي ڊرامو سنڌو درياءَ جي مهاڻن جي ڪهاڻيءَ تي مشتمل هوسندس مشهور ڊرامن ۾ ٻاليشاهي، موکي متارا، مومل راڻو، هوشو شيدي، رقص حيات (اهو موهن دڙي جي ناچڻي ۽ زندگي بابت هو) وغيره شامل آهن. 
سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1983ع ۾ ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ جي نالي سان ڇپيو، ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب ”آيل ڙي اولاڻا“ 1984ع ۾ ڇپيو ۽ ٽيون ڪتاب ”علي بابا جون ڪهاڻيون“ (ڀاڱو پهريون-1994ع) ۾ ڇپيو، هن ۾ علي بابا جون ڪُل 59 ڪهاڻيون شامل آهن. سندس لکيل ناول ”موهن جودڙو“ 1985ع ۾ شايع ٿيو. اهو ناول پهريان ماهوار ”روح رهاڻ“ ۽ پوءِ ”نئين زندگي“ ۾ قسطوار ڇپيو هو. ساڳي ناول جو ذڪر ڪندي غلام حسين رنگريز لکي ٿو: 
”علي بابا سندس ناول ”موهن جو دڙو“ (پهريون حصو) ۾ ڏات ۽ ڏانءُ جي بلندين کي ڇهي رهيو آهي. ٻوليءَ کان وٺي منظر نگاريءَ تائين ڪٿي به سندس گرفت ڪمزور پوندي محسوس نٿي ٿئي. ڪاش! علي بابا ”موهن جو دڙو“ جو ٻيو حصو به مڪمل ڪري سگهي. جيڪڏهن اهو ناول مڪمل ٿي وڃي ته هرمن هيس جي ”سڌارٿا“ کان به وڌيڪ مقبوليت ماڻهي سگهي ٿو.“ 
پر افسوس جو معاشي، مالي ۽ سماجي حالتن جي ابتري سبب هو ناول مڪمل ڪري نه سگهيو. ٻيو حصو لکي نه سگهيو. علي بابا اڄ اسان ۾ موجود ناهي پر سندس ڪهاڻيون زندهه آهن، سندس ڪردار زندهه آهن، هو پاڻ ئي چوندو هو ته ڪهاڻيڪار ته مري ويندا آهن پر ڪهاڻي ڪڏهن به نه مرندي. ڪهاڻين جي ڪردارن کي زندگي ڏيندڙ علي بابا اسان کان موڪلائي ويو. سندس زندگيءَ جو آخري حصو گمناميءَ وارو رهيو، جنهن ۾ نه ته اديبن ۽ نه وري ادبي تنظيمن سندس ڪا سار لڌي.

June 07, 2016

اڙي موت ميار ... !!! ...اياز جانيءَ جو وڇوڙو


اڙي موت ميار ... !!! ...اياز جانيءَ جو وڇوڙو
محمد سليمان وساڻ
ڏسُ اسان جو مٽي ڏئي نه ڏئي
پاڻ آڪاس کان پري ٿا وڃون
زندگي موت جي سواري آ
سا سواري اسان ڪري ٿا وڃون

ايازجاني

ڪالهه ئي اياز جانيءَ جو ذڪر نڪتو هو، جڏهن موري جو ڪوي امداد سولنگي ۽ شهداد ڪوٽ جو نوجوان شاعر ۽ پبلشر مرتضا سولنگي مون وٽ سچل ڳوٺ آيا هئا. موضوع ته گهڻا هيا پر اسان جي سٿ جي هڪ بهادر شاعر جو ذڪر نڪتو هو يعني اياز جانيءَ جو. مونکي فڪر ٿي رهيو هو ته اياز جاني طبيعت خراب هوندي ڪيئن ٿو سيوهڻ، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي وڃي سو به موت مار گرميءَ ۾. اهڙو ذڪر هڪ هفتو اڳ به نڪتو هو جڏهن اياز جانيءَ جي جوڙ جا لاڙڪاڻي جا شاعر رضوان گُل ۽ مسرور پيرزادو سچل ڳوٺ آيا هئا. اسان سڀ سندس صحت ۽ اياز جاني جي اهڙي رويي تي پريشان هياسين. هن کي مڪمل آرام جي ضرورت هئي. کيس دل جي تڪليف ته هئي ئي ان سان گڏ کيس ساهه کڻڻ ۾ تڪليف به ايندي هئي. هو اڳ به ڪيترا دفعا اسپتالن ۾ ڏاڍي سنجيده بيماري سبب داخل ٿيندو رهيو هو. پر هن کي شاعري، ادب ۽ ادبي محفلن سان بي انتها چاهه ۽ عشق هيو. هو ادبي محفلن جي جان هيو. اهي محفلون ڪراچيءَ ۾ هجن يا لاڙڪاڻي ۾ يا ڪٿي به جتي هن کي سڏيو ويو هجي، ضرور پهچندو هو. وڇوڙي کان هڪ ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ۾ اڪبر لغاريءَ جي ڪتاب جي مهورتي پروگرام ۾ موجود هيو. ان لاءِ ئي هن گلشن حديد کان لاڙڪاڻي جي راهه ورتي هئي. پر کيس خبر نه هئي ۽ نه ئي اسان کي اندازو هو ته اهو لاڙڪاڻي ڏانهن سندس آخري سفر آهي.
اياز جانيءَ سان فيسبوڪ تي ڪافي سال اڳ تعارف ٿيو هو. مان سندس جنم ڏينهن تي هڪ منفرد ڪارڊ جوڙي کيس واڌايون ڏنيون هيون. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ئي آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ هڪ ادبي محفل ۾ ڪنهن شخص منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي پڇيو هو ته تون سليمان وساڻ آهين؟ مون مرڪندي ها چيو هو ۽ کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهيم ته ڀاڪر ۾ ڀريندي چيائين مان اياز جاني آهيان. پوءِ ساڻس ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون، سنڌي ادب جي موجوده صورتحال کان ادبي ادارن، بيوروڪريٽس جي روين، شاعرن ۽ اديبن جي روين ۽ ادبي سياست کان ميڊيا تائين اسان الائي ڪيترن موضوعن تي ڪچهريون ڪندا هئاسين. ڪڏهن گلشن حديد ته ڪڏهن آرٽس ڪائونسل، ڪڏهن سچل ڳوٺ ته ڪڏهن منهنجي آفيس، ڪڏهن انيس انصاري اڪيڊمي ته ڪڏهن ڪنهن هوٽل ۾ چانهه جي ڪپ تي ..... هن کي ادبي محفلن، پروگرامن، مشاعرن ۾ شموليت جو عشق هو ۽ اهو عشق کيس اسپتال جي بستري تي وڌيڪ تڙپائيندو هو. حيدر آباد لٽريچر فيسٽيول جي کيس گهڻي خوشي هئي پر ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي کيس دل جي عارضي سبب اسپتال داخل ڪيو ويو. اسپتال مان به اسٽيٽس لکندو رهيو ۽ فيسٽيول ۾ شامل نه ٿيڻ تي کيس ڏک رسيو. ڪارڊيو اسپتال ۾ جڏهن ساڻس ملڻ لاءِ امداد حسيني ۽ مسرور پيرزادي سان گڏ ملڻ وياسين ته ان ڏينهن کيس اسپتال کان ٻاهر ڪنهن ٻئي هنڌان ڪجهه وڌيڪ چڪاسون ڪرڻ لاءِ نيو ويو. اسان ڏيڍ ڪلاڪ انتظار ڪري واپس ورياسين ته اسپتال جي بيڊ تي واپس پهچي اسان جو لکيل نياپو پڙهي فون ڪيائين ته يار ملي وڃو موت تي ڀروسو ناهي. مان کيس چيو ته يار دراوڙ جي دل ڪمزور ناهي هوندي، دل کي قابو رکُ، تون واپس وري اسان سان گڏ ملندين .... چيائين يار ڇا ڪيان مان ته وس ٿو ڪيان پر دل پاڻ ئي ٿي ڦٿڪي وري پاڻ ئي ٿي لُڇي.
هو مکڻ ماڻهو هو جيڪو شڪايتون اندر ۾ سانڍي انهن کي ساڙي ڇڏيندو هو. ڪمال جو ڪوي هو. سندس نظم هجي يا غزل يا وائي ڪمال جي دسترس هيس. ادائگي به وڻندڙ هيس جو هن جو مُک معصوم هيو ۽ معصوم ۽ خاموش مُرڪ سان سدائين آڌر ڀاءُ ڪندو هو. هڪ وڏو عرصو مختلف ادبي مخزنن لاءِ خدمتون ڏيندي گذاريائين. سندس شاعريءُ جو ڪتاب ”درواڙ دل جي تنهائي“ ڇپيو ته گهڻو خوش ۽ مطمعن نظر آيو. هو ننڍ وڏائيءَ کان مٿڀرو رهندو هو. مونکي ياد آهي ته گلشن حديد ۾ سائين ارشاد ڪٽپر فيسبوڪ فرينڊس جو ميڙ ڪوٺايو هو. هڪ ڪتاب جي مهورت جي سيشن ۾ مونکي صدارت ڪرڻ جو چيو ويو ۽ اسٽيج تي اياز جاني به موجود هيو. مونکي الائي ڇو شرمساري ٿي رهي هئي ته هيڏي وڏي ليکڪ، ايڊيٽر ۽ شاعر جي هوندي مان ڪيئن صدارت ڪيان، نيٺ ويجهو وڃي مرڪندي کيس عرض ڪيم ته صدارت اوهان ڪيو. اٿي بيٺو ڀاڪر ڀريندي چيائين ”يار تون نوجوانن جو ترجمان آهين، اسانکي توتي فخر آ، اسان به ته توکان سِکندا آهيون، مونکي خبر آ ته تون مون کان به سٺو ڳالهائيندو آهين، مونکي خوشي آهي ته سليمان وساڻ جي صدارت ۾ اسٽيج تي موجود آهيان“. سنڌ سلامت ڪتاب گهر پهرين جون يعني سندس وڇوڙي کان چار ڏينهن اڳ لانچ ڪيوسين ته سندس نياپو مليو، گهڻو خوش هيو پنهنجي راءِ ڏيندي لکيائين ته ”شاندار ڪم، ترتيب به سهڻي لڳي. آنلائين توڙي پي ڊي ايف ٻئي لاجواب، ڪربلا ڪهاڻي ڪتاب پڙهان پيو، هاڻي الائي ڇو اهڙيون ڪهاڻيون نه ٿيون ڇپجن.“
موت برحق آ، اسانکي به ان راهه جو راهي ٿيڻو آ پر ڪُمهلو موت، سو به جگري جاني دوست جو، سچ پچ ته جيءُ جهري پيو آ. سندس پُٽَ جو نياپو مليو آ ته بابا کي ڪراچيءَ ۾ دفنائڻ لاءِ لاڙڪاڻي کان نڪتا آهيون، گلشن حديد اچو .... مونکي شمشير الحيدري ۽ تاجل بيوس ياد ٿا اچن، جن ڪراچيءَ ۾ دفن ٿي ڪراچيءَ تي سنڌين جي مالڪي جي دعوا کي سچ ثابت ڪيو ۽ اڄ اياز جانيءَ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي مٽيءَ ۾ ملي پنهنجو قرض چڪايو آهي.

سهسين ڇڏي سنڌ ۾ سارون ــ پچارون،
لفظن ــ مهڪارون، ”جاني“ جوءِ ڇڏي ويو!
(قاضي منظر حيات)


June 04, 2014

ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ : موتيءَ جهڙو ماڻهو

ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ : موتيءَ جهڙو ماڻهو
محمد سليمان وساڻ

زندگيء ۾ ڪي اهڙا ماڻهو ملندا آهن جيڪي مايوس ماڻهن کي صرف هڪ ئي جملي يا هڪ ئي مرڪ سان محبت جي معنى سمجهائي زندگي بخشي ڇڏيندا آهن. اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ آهي ڊاڪٽر سليمان شيخ. هو پيشي جي حساب سان ته ڊاڪٽر آهي ۽ مسيحا آهي پر سندس سڃاڻ بڻي آهي سندس سماجي خدمت. هڪ اهڙي شخصيت ۽ سڀاء جو مالڪ جنهن سڄي زندگي سماجي شعبي سان وابسته رهي سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي. ان ڏکيي پيچري تي هن الائي ڪهڙا ۽ ڪيترا سور سٺا آهن، سندس واٽ ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون آيون آهن پر هن جو مقصد هڪ ئي رهيو آهي انساني زندگيء سان پيار ۽ انهن جي خدمت ۽ اڄ به هو ان سان ايتروئي سچائيءَ سان نڀائي رهيو آهي. ڊاڪٽر سليمان شيخ شاهه لطيف جي ان بيت جي مصداق آهي جنهن ۾ لطيف چيو آهي “ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي”. بهار جهڙي شخصيت ۽ سنڌ جي سڀ کان وڏي سماجي تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي باني ڊاڪٽر سليمان شيخ جو اڄ 4 جون تي جنم ڏينهن آهي. مان کين 9 فيبروري تي به جنم ڏينهن جون واڌايون ڏيندو آهيان، ڇو ته شناختي ڪارڊ ۽ اسڪول جي رڪارڊ ۾ سندن جنم جي تاريخ 9 فيبروري 1942ع لکيل آهي. مان خوشنصيب آهيان جو سنڌ گريجوئيٽس ۾ رهندي ڊاڪٽر صاحب سان ڪيترن ئي پروگرامن، گڏجاڻين ۽ ڪچهرين ۾ گڏ رهيو آهيان ۽ سندن علمي، ادبي ۽ فڪري ڳالهيون ٻڌي پاڻ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندي ڪجهه انساني خدمت لاء ڪم ڪندو رهيو آهيان. ڪيترن ئي پروگرامن ۾ صرف انڪري ويندو آهيان جو اتي ڊاڪٽر سليمان شيخ جي تقرير ٻڌڻي هوندي آهي.


March 10, 2014

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو: سنڌ جو امر ڪردار


ڪامريڊ تاج محمد ابڙو: سنڌ جو امر ڪردار
محمد سليمان وساڻ


سنڌ ڌرتي جي اها تاريخ رهي آهي ته هن ڌرتيء هميشه مهان انسانن کي جنم ڏنو آهي. اهڙا مهان انسان جن سچائي ۽ ايمانداري جي واٽ تي هلندي مشڪلن کي منهن ڏيندي به پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن سان وفاداري ڪئي آهي. موهن جي دڙي جي نگري سان واسطو رکندڙ اهڙي ئي هڪ مهان ۽ آدرشي هستي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي به آهي. جنهن ترقي پسند سوچ سبب صحافت، سياست ۽ ادب جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي پيدائش 8 آگسٽ 1924ع تي شهدادڪوٽ ۾ ٿي. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد جي وفات سبب سندس پرورش سندس ڀيڻ جي گهر ۾ ٿي. هن شروعاتي تعليم قنمبر ۽ مئٽرڪ لاڙڪاڻي مان ڪئي. هاء اسڪول جي دور کان ئي کيس سياست سان جذباتي لڳاء هيو. هي 1942ع جو زمانو هو ۽ سنڌ ۾ مسلم جي سياست زورن تي هئي جڏهن ته شهرن ۾ هندو ڪانگريس جا حامي هيا پر ان دور ۾ به ڪامريڊ تاج محمد ابڙو مزدور، غريب ۽ هاري جي ڳالهه ڪندو رهندو هو. هو انهن ئي ڏينهن ۾ اخبارن جو ڀرپور مطالعو ڪندو رهندو هو ۽ ماڻهن سان سياست تي دليلن سان بحث ڪندو هو.


October 24, 2013

جيجي زرينه بلوچ : هڪ استاد، ڪهاڻيڪار، سياسي ڪارڪن ۽ عظيم گلوڪاره


جيجي زرينه بلوچ : هڪ استاد، ڪهاڻيڪار، سياسي ڪارڪن ۽ عظيم گلوڪاره

محمد سليمان وساڻ

ٻي خبر ناهه پر مرڻ کان پوءِ،
تو سان گڏجڻ جو حسرتون رهنديون

هوء جنهن کي سموري سنڌ جيجي جي نالي سان سڏيندي هئي، سندس آواز ۾ ڄڻ ته ڪو جادو هو، مٺاس هو۔ هوء جيڪا هڪ استاد، هڪ سياسي ڪارڪن، اداڪاره ۽ سنڌ جي عظيم لوڪ گلوڪاره هئي، جي ها جيجي زرينه بلوچ جو شمار سنڌ جي انهن عورتن ۾ ٿئي ٿو جيڪي هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين جون مالڪ ۽ خالق آهن. 

سنڌ جي هن دلير عورت 29 ڊسمبر 1934ع جي هڪ سرد رات ۾ اڳوڻي تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ الهداد چند ۾ جنم ورتو. جيجي زرينه بلوچ جڏهن اڃان ڇهن سالن جي هئي ته سندس امڙ گلروز بلوچ وفات ڪري وئي. زرينه بلوچ جو 15 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي سوٽ سان نڪاح ٿيو. جنهن مان هن کي اختر بلوچ (صوبائي وزير سسئي پليجو جي ماءُ) زينه بلوچ ۽ اسلم پرويز جو اولاد ٿيو۔ 1958ع ۾ تعليم پرائڻ جي مسئلي تان هن پنهنجي مڙس کان علحدگي اختيار ڪري، حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتي هوءَ 1960ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي لوڪ فنڪاره طور آئي ۽ هڪ سال جي اندر هن ريڊيو تي پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو۔ هڪ سال اندر ئي کيس1961ع ۾ ريڊيو جي بهترين فنڪار جو ايوارڊ مليو. جيجي زرينه بلوچ 1964ع ۾ برک سياستدان ۽ قانوندان رسول بخش پليجي سان شادي ڪري زندگيء جي نئين بهار جي شروعات ڪئي، جنهن مان هن کي هڪ پٽ اياز لطيف پليجو ڄائو. جيجي زرينه بلوچ 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي جتان 1997ع ۾ رٽائر ٿي۔

جيجي زرينه بلوچ رسول بخش پليجو سان شاديء کانپوء عملي سياست ۾ حصو پڻ وٺڻ شروع ڪيو۔ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسيء ۽ جنرل ضياءُ الحق جي آمريت خلاف هن سخت احتجاج ڪيو ۽ عورتن جي هڪ احتجاج جي اڳواڻي پڻ ڪئي جنهن تي هن کي سکر ۽ ڪراچي جي جيل ۾ به وڃڻو پيو. جيجي زرينه بلوچ سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي باني اڳواڻن مان هڪ هئي. 

جيجي زرينه بلوچ تي جيجي نالو سندس لکيل ڪهاڻي جيجي تان پيو ۽ پوري سنڌي قوم هاڻي کيس جيجي جي نالي سان سڏي ٿي۔ هن ڊرامه پڻ لکيا ۽ پاڻ به اداڪاري ڪئي۔ جيجي زرينه بلوچ جو لکيل ڪتاب تنهنجي ڳولا تنهنجون ڳالهيون اڄ به سنڌ ۾ مقبول آهي. پر سندس اصل سڃاڻ سندس ڳائڻ ۽ خوبصورت ۽ مٺاس ڀريو آواز هو۔

سندس فن موسيقي تي ڪمال هيو ۽ هن لوڪ ڳيچ، وايون، گيت ۽ غزلن سان گڏ قومي گيت ڳائي خوب داد حاصل ڪيو۔ شيخ اياز جي شاعريء کي هن خوبصورت انداز سان ڳايو۔ سندس ڳايل لوڪ گيتن ۽ ڊرامي هٿين گل ميندي ۾ سچ ته هن سنڌي ثقافت کي خوب اجاگر ڪيو۔ سندس ڳيچن ۾ ، هٿين گل ميندي، ڀيڻ منهنجو ڇلڙو، منهنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو، مور ٿو ٽلي راڻا، سس سهري ڳل لايئه تمام گهڻو مقبول ٿيا۔

شيخ اياز جي شاعري : ٻي خبر ناهي پر مرڻ کانپوء، ٽڙي پوندا ٽارئين، ڪانگ لنوي ٿو، ڪيئن ڪيان مان ڪنهن به ريت کانسواء هن ڪيئي ڪلام ڳايا۔ هن شاهه لطيف کي پڻ خوب ڳايو۔

هن جي فن موسيقي، اداڪاري، ڊرامه نگاري تي هن کي لطيف ايوارڊ، سچل، قلندر، فيض احمد فيض ۽ وحيد مراد ايوارڊ سميت ڪيترائي قومي ايوارڊ مليا. جيجي زرينه بلوچ جي سڄي زندگي علم، ادب ۽ عوام جي خدمت ۾ گذري، سنڌ جي هي بيباڪ نياڻي پنهنجي اندر ۾ جيتريون خوبيون رکندڙ هئي شايد ٻي ڪا عورت ان وصف ۾ شامل ڪو نه ٿي ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو سياسي وابستگين جي باوجود اڄ به هر طبقو هر فرد جيجي زرينه بلوچ جي دلين جي گهراين سان احترام ڪري ٿو. اسين جڌهن سنڌ جي مهان انسانن جي ڳڻپ ڪنداسين ته جيجي زرينه بلوچ جو نالو به ان صف ۾ سرفهرست هوندو.

جيجي زرينه بلوچ برين ڪينسر جهڙي موذي مرض سبب 25 آڪٽوبر 2005 تي ڪراچيء جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪري وئي پر سندس فن کيس ڪڏهن به اسان کان الڳ ڪري ڪونه سگهندو۔ هوء اڄ به اسان جي دلين ۾ زندهه آهي.

August 15, 2013

ڊاڪٽر ادل سومرو : سنڌ جو ٻهڳڻو شاعر ۽ ليکڪ


ڊاڪٽر ادل سومرو : سنڌ جو ٻهڳڻو شاعر ۽ ليکڪ 

محمد سليمان وساڻ


پيار کان جي ڌار آهي شاعري
سا به ڪهڙي يار آهي شاعري

سنڌ جي موجوده دور جي شاعرن جو جڏهن ذڪر ڪبو ته سکر جي ڊاڪٽر ادل سومو جو نالو سڀني کان مٿانهون هوندو. ڊاڪٽر ادل سومرو پنهنجي شاعريء ۾ احساسن،امنگن، جذبن، سونهن ۽ سُريت کي سهڻي انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر ادل سومري جو اصلي نالو عبدالڪريم سومرو آهي ۽ سندس جنم سکر ۾ محمد صالح سومرو جي گهر 15 آگسٽ 1955 ع تي ٿيو. شروعاتي تعليم سکر مان ۽ پوء ميٽرڪ ۽ بي اي به اتان ئي ڪئي. ايم اي اقتصاديات ۾ سنڌ يونيورسٽيء مان 1977 ع ۾ فرسٽ ڪلاس سان پاس ڪرڻ سان گڏ سنڌ يونيورسٽيء مان ئي 1979ع ۾ سنڌي ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان ايم اي به پاس ڪيائون. 1999ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائون.

ڊاڪٽر ادل سومرو پنهنجي لکڻ جي شروعات ماء بنا ٻار نالي نظم لکي ڪئي جيڪو 1969 ع ۾ روزانه هلال پاڪستان ۾ ڇپيو. وقت سان گڏ سندس شاعريء ۾ نکار اچڻ لڳو جنهن جو هڪ سبب سندس هم عمر ساٿي اياز گُل سان گڏ سکر ۾ ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جي ادبي گڏجاڻين ۽ ڪچهرين ۾ اچڻ وڃڻ سبب پيدا ٿيو. جتي شيخ اياز، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ ۽ تنوير عباسي جهڙن عظيم شاعرن ۽ ليڪن کان سکڻ جو موقعو حاصل ٿين. ڊاڪٽر ادل سومرو ٻارن لاء شاعري ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب لکي سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ جي پورائي ڪرڻ جهڙو اهم ڪم پڻ ڪيو آهي. 

ادل سومرو سنڌي شاعريء ۾ غزل، هائيڪي ، نظم ، بيت، گيت ۽ وائي جو پختو شاعر ٿي اڀريو آهي ۽ سندس هاڪ سنڌ ۽ هند ۾ هر هنڌ آهي. ادل سومرو شاعريء سان گڏ ڪهاڻيون، مقالا، مضمون ۽ ريڊيو لاء اسڪرپٽ پڻ لکيا آهن. انکانسواء هن ڪيترائي ڪتاب مرتب ڪرڻ سان گڏ شاعريء کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ڪيو آهي. ڊاڪٽر ادل سومرو سنڌيء سان گڏ اردوء ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي. سندس شاعري سنڌ جي اهم فنڪارن ريڊيو ۽ ٽي وي سان گڏ اسٽيج تي ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. ريڊيو ۽ ٽي وي تي سندس 200 کان مٿي گيت، وايون ۽ غزل رڪارڊ ٿي چڪا آهن.

ڊاڪٽر ادل سومرو 1981ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ هن وقت شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور پنهنجون ذميواريون سنڀالي سنڌي ادب جي شاگردن لاء هڪ رهنما طور ڪم ڪري رهيو آهي. 

سندس ادبي ڪمن ۾ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:

وليون وڻ ڦلارئا (شاعري)، سمنڊ جاڳي ٿو (شاعري)، وساري نه ڇڏجو (شاعري)، اسين مسافر پيار جا (نثر)، روز ٽڙن رابيل (ٻارن لاءِ شاعري)، چنڊ پشم گولو (ٻارن لاءِ شاعري)، آچر جا احوال (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، پتلين جو تماشو (ٻارن لاءِ شاعري)، جيتن جي ڪانفرنس (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، نئين دؤر جا نوان سبق (ٻارن لاءِ ڪالم)، مٽيءَ جا رانديڪا (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) ڇپيل آهن. انهن کانسواء سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ سنڌالاجي ۽ ساميءَ جا مٽ (سگا مرڪز) مرتب، سنگت ڪهاڻي نمبر (مرتب)، سنگت شاعري نمبر (مرتب)، سنگت ڪارڪردگي نمبر (مرتب)، رنگ برنگي ڦوڪڻا (ٻارن لاءِ شاعري) سنڌالاجي ڄامشورو (مرتب)، ٻارن لاءِ چونڊ ڪهاڻيون ـ اڪيڊمي آف ليٽرز اسلام آباد (مرتب)، ٻارن لاءِ گيت (سگا روشن تارا اسڪول لاءِ) (مرتب)، سرمست (خيرپور) مرتب، نيروليءَ جو خواب (مضمون ۽ خاڪا)، ڏات جي ڏيهه مان (فنڪارن جا تعارفي خاڪا)، انقلاب، اسٽين گن ۽ ڪتو (ڪهاڻيون)، سنڌي ادبي سنگت، تاريخ ۽ ڪردار (ڊاڪٽريٽ جو مقالو) شامل آهن.

ڊاڪٽر ادل سومرو هڪ شاعر ۽ اديب هجڻ سان گڏ نفيس انسان پڻ آهي. سندس بي بها خوبين مان هڪ خاصيت سندس مرڪي ملڻ ۽ هر ننڍي يا وڏي کي عزت ۽ مان ڏيڻ ، ملنساري سان گڏ حوصلا افزائي ڪرڻ واري به آهي.


ادل سومرو کي سندس مڃتا عيوض هيٺيان ادبي ۽ مڃتا اوارڊ مليا آهن.

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ادبي انعام 1983ع ، ينگ رائٽرس گلڊ ايوارڊ 1979ع ، عبدالله هارون ادبي گولڊ ميڊل ايوارڊ 1983ع سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ، ڪينجھر اڪيڊمي ايوارڊ 1983ع ، هري دلگير ايوارڊ 1986ع سنڌي ادبي سنگت سنڌ ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ادبي انعام 1986ع ، پوپٽ ادبي ايوارڊ 1984ع سنڌ ٻالڪ تنظيم سنڌي اسپيڪرس فورم سنڌ جو ”شهيد ڀٽو“ ادبي گولڊ ميڊل ايوارڊ 1988ع ، سنڌ ثقافت کاتي جو ادبي ايوارڊ 1990ع ، استاد عبدالرشيد رڪ ادبي ايوارڊ 93 ـ 1992ع ، سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد جو ادبي ايوارڊ 1993ع ، استاد محبوب علي جوکيو مڃتا ايوارڊ 1994ع ،گولڊن جوبلي ايوارڊ 1999ع ماهوار نئين زندگي ، سچل سرمست يادگار ايوارڊ 1999ع بطور بهترين شاعر ، سنگت مڃتا ايوارڊ 1999ع (ڊاڪٽريٽ ڪرڻ تي) سنڌي ادبي سنگت ، ٻالڪ ساهت جو سج مڃتا شيلڊ 1991ع ماروئڙا ٻالڪ سنڌ ، وائس چانسلر ميڊل 1979ع سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ايم ـ اي (سنڌي ادب) فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن کڻن تي، نشان اعزاز و تحسين 1999ع (ڊاڪٽريٽ ڪرڻ تي) مهراڻ ايجوڪيشنل سوسائٽي سکر سنڌ پاران ، اعزازي شيلڊ 1994ع سيد الهندو شاهه جي ياد ۾ مدرسه نوشهرو فيروز ، اعزازي شيلڊ 1989ع بين الاقوامي سچل ڪانگريس ـ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سنڌ ، اعزازي شيلڊ 1995ع تاريخي ڪانفرنس سيوهڻ سنڌ ، شهيد دودو سومرو تعليمي ايوارڊ، 2000ع سومرا ويلفيئر ڪشمور سنڌ، اعزازي شيلڊ 1992ع سانگھڙ ثقافتي ميلو سنڌي ادبي سنگت گولڊن جوبلي ايوارڊ 1997ع ، شيلڊ آف آنر 2002ع سنڌ چلڊرين اڪيڊمي خيرپور ، تخليق فائونڊيشن ڪراچي ، شيخ اياز شيلڊ 2003ع، سائوٿ ايشيا پبليڪيشن گولڊ ميڊل 2003ع ، گوبند مالهي ايوارڊ 2004ع سنڌي ادبي سنگت نوشهرو فيروز ، سائوٿ ايشيا پبليڪيشن ملينيم ايوارڊ 2005ع ، سائوٿ ايشيا پبليڪيشن اسٽار ايوارڊ 2003ع ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ 2006ع، ڪاروان ادب ايوارڊ 2005ع ، سنڌ رويو، بيسٽ سيڪريٽري جنرل ايوارڊ 2003ع، اعزازي شيلڊ، سنڌ انٽرنيشنل ڪانفرنس 2006ع.

کيس 2011 ۾ سندس ادبي مڃتا عيوض حڪومت پاڪستان پاران صدارتي اوارڊ براء حسن ڪارڪردگي سان پڻ نوازيو ويو.

ادل سومرو جو گهڻو وقت سنڌي ادبي سنگت ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ گذريو آهي. ان کانسواء هو سماجي ڪم ۾ به اڳڀرو رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت سکر جو جنرل سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سڪريٽري جنرل، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سکر جو نائب صدررهڻ سان گڏ مختلف ادبي، علمي ۽ سماجي ادارن ۽ تنطيمن جو اعزازي ۽ صلاحڪاري بورڊ جو ميمبر رهندو اچي.

سنڌ جي هن ڏاهي ڏات ڌڻيء لاء دعا آهي ته زندگيء جو هي نئون سال شال سندس زندگيء ۾ خوشين جا خزانا ۽ نئين بهارن جا پيغام آڻي.
_______

July 30, 2013

ابراهيم منشي : سنڌ جي عاشق ۽ ترقي پسند شاعر

ابراهيم منشي  : سنڌ جوعاشق ۽ ترقي پسند شاعر

تحرير: محمد سليمان وساڻ

جنگ جنگ جنگ آ توسان منهنجي جنگ آ
پليت پير ڪر پري هي ڌرتي منهنجو ننگ آ


سنڌ جي انهن قومي شاعرن جو جڏهن به ذڪر نڪرندو جن ڌرتيء سان ڪيل عشق جي شاعري ڪندي پوري زندگي ڏاڍ جو مقابلو ڪيو انهن عظيم ڪردارن مان مرحوم ابراهيم منشي جو نالو به نمايان هوندو. تاريخ شاهد آهي ته سنڌ جا ڪيترائي سپوت ۽ جوڌا جن پنهنجي پوري حياتي سنڌ جي ڏکن، سورن ۽ جدوجهد لاءِ ارپي آهي. جيڪي سنڌي قوم جي اجتمائي مفادن ۽ سنڌ جي آجپي جي رکوالي ڪندي، تاريخ جو سنهري باب بڻجي ويا آهن. محمد ابراهيم منشي به انهن امر ڪردارن مان هڪ قومي شاعر آهي. ضلعي ٽنڊو محمدخان جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ جنهاڻ سومرو پورهيت ڪٽنب سان تعلق رکندڙ منشي محمد ابراهيم 15 جنوري 1934ع ۾ ديني عالم شاعر مولوي محمد اسحاق سومرو جي گھر ۾ جنم ورتو هو. سندن والد به ان وقت بهترين شاعرن مان هڪ ليکيو ويندو هو.

جيتوڻيڪ غربت ۽ غريب خاندان سان تعلق هجڻ ڪري هو وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو پر پوء به پرائمري تعليم حاصل ڪري ورتائين. انکانپوء هن پنهنجي پوري زندگي محنت مزدوري ۽ ٺيڪيدارن وٽ منشي گيري ڪندي گذاري جنهنڪجري سندس لقب به منشي ٿي ويو. ان وقت هن شاعري جي شروعات ڪئي ۽ گهڻو ڪري قومي شاعري ڪندو رهيو. سندس شاعريء ۾ ٺيٺ سنڌي ٻولي استعمال ٿيل آهي، سولي ۽ سادي. سندس شاعري فطرت ، سونهن ۽ عشق جي شاعري آهي.

هڪ مند چري آهي، ٻي جا رات ٺري آهي
اهڙي ۾ اچڻ تنهنجو ڀاڳن جي ڀري آهي


هو مارشلا هجي جا جمهوري دور پر سنڌ سان پنهنجي ازلي عشق کي نروار ڪندو رهيو خاص ڪري سنڌي ٻوليء کي . هن فوجي آمرن جي ڏهڪاء واري دورن ۾ به سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد تان دستبرداري ڪانه ڪئي.

ڪن رولن سمجھي راند هتي آ، ٻارڻ ٻاريو ٻوليءَ سان،
هي ٻولي ڪنهن جي گولي ناهي، گولي گڏبي گوليءَ سان


ابراهيم منشي 1972 ۾ حيدرآباد ۾ هڪ قومپرست پارٽي جي جلسي ۾ قومي شعر ۽ شاعري پرهي جنهن سبب هن کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو ۽ ان سان گڏ هن قومي ڪارڪن کي 6 مهينا ٽيپ ۽ 5 هزار روپيه ڏنڍ لڳايو ويو هو. پر اهي سڀ تڪليفون هن کي سنڌ ۽ سنڌ سان ٿيل زيادتين خلاف آواز اٿراڻ کان روڪي نه سگهيون ۽ ٻيهر هن 1973 ۾ جلسي ۾ قومي شاعري پيش ڪئي جنهن سبب کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. سائين جي ايم سيد سان هن جو عشق هو ۽ 1974 ۾ هن سائين جي ايم سيد جي سالگره ۾ لائوڊ اسپيڪر تي پابندي باوجود شاعري چئي. جنهن جي ڪري پورا 10 مهينا سخت پورهئي سان کيس جيل جي سزا ڏني ويئي. سندس شاعري ڪجهه هن طرح جي هئي:

نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙهي
سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي.


سندس پهرين آڊيو ڪيسيٽ 1975 ع ۾ مارڪيٽ ۾ آئي ۽ کيس ڀرپور عوامي موٽ ملي پر کيس ٻيهر جيل موڪليو ويو. ضياء الحق جي مارشلا خلاف 1983 واري هلچل ۾ حصو وٺي، گرفتاري ڏنائين.

سندس شاعري جو محور سنڌ، سنڌي ٻولي، غريب ماڻهو، هاري ، پورهيت ۽ شاگرد رهيا.هن کي جاگيرداري ۽ سرمايداري واري نظام کان تمام گهڻي نفرت هئي جنهن جو هن پنهنجي شاعريء ۾ کليو اظهار ڪيو آهي. ساندس شاعريء ۾ درد ۽ جذبا سمايل هئا، سندس شاعري ۾ نفرت ۽ چڙ هئي، سندس شاعري سچ ته سونهن ۽ سنڌ سان عشق جو سنگم هئي. هو قومپرست سياست جي اهم شخصيتن سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، شهيد فاضل راهو سان به گڏ رهيو. جيتوڻيڪ زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هن جو تعلق وقت جي حڪمرانن ممتاز ڀٽو ۽ ڄام صادق جي ويجهو رهيو پر هن ڪڏهن به ڪا رعايت نه ورتي ۽ نه ئي ڪو سرڪاري عهدو.

برابري، سراسري، اسان گھُرون ٿا ايتري،
پُڇي کڻي ڪو ڪيتري، اسان ٻڌايو هيتري


مرحوم ابراهيم منشي جي مشهوري جو هڪ سبب پنهنجي آواز ۾ شاعريء کي ڳائڻ ۽ پيش ڪرڻ به هو. شاعريء کي پڙهڻ ۽ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جو ڏانء کيس ڀلي نموني ايندو هو. هو شاعر هجڻ سان گڏ پاڻ به هڪ لوڪ فنڪار هو. هن پنهنجي شاعري پاڻ ڳائيڪي ۾ ڳائي آهي. هو اڪثر ڪري سنڌ جي قومپرست تنظيمن جي تقريبن ۾ پاڻ اچي پنهنجي شاعري پيش ڪندو هو. سندس شاعري سچ ته قومي تهريڪ کي هڪ سگهه ۽ طاقت ڏني هئي.

هو زندگيء جي آخري سالن ۾ اڪثر بيمار رهندو پئي آيو ۽ کيس ٻه دفعا دل جا دورا پيا. وقت جي حڪمرانن ته سندس ڪا سار نه لڌي پر سنڌ جي هڪ اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر انور علي عالماڻي سندس علاج ڪرائڻ ۾ سندس مدد ڪئي. 31 جولاء 2003ع تي دل جي دوري سبب حيدرآباد جي ديوان مشتاق اسپتال ۾ سندس ساهه جو ڌاڳو ٽٽي ويو ۽ منشي سنڌ جي مٽيء سان وڃي مليو.
____

July 02, 2013

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ - جديد سنڌي ادب جو بانيڪار

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ - جديد سنڌي ادب جو بانيڪار

تحرير : محمد سليمان وساڻ

اڄوڪو ڏينهن 3 جولاء جديد سنڌي ادب جي بانيڪار شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ورسيء جو ڏهاڙو آهي. مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جو سچو خدمتگار ۽ سنڌي ادب جي خزاني ۾ بي بها تخليقون ڏيندڙ شخصيت ٿي گذريو آهي.

مرزا قليچ بيگ جا وڏڙا اصل سنڌ جا ڪونه هئا پر اهي اصل جارجيا جا رهاڪو هئا. شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ولد فريدون بيگ، 4 محرم 1270ھ مطابق 1853ع ۾ ضلعي حيدرآباد سنڌ جي ڳوٺ “ٽنڊي ٺوڙهي” ۾ ڄائو. سندس ابتدائي تعليم ڳوٺ جي مدرسي ۾ آخوند محمد شفيع وٽان ٿي. جتان قرآن پاڪ ناظران پڙهي پورو ڪيائين. مرزا قليچ بيگ جو ڳوٺ حيدرآباد کان اٽڪل 2 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هوندو هو ۽ هو اتان کان روزانو پنڌ ڪري حيدرآباد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندو هو، ڳوٺان نڪرڻ بعد پهريان سنڌوءَ جي آخوند ولي محمد وٽ ويندو هو ۽ پوءِ آخوند صاحب کين اسڪول ۾ خود وڃي ڇڏي ايندو هو. نهايت ذهين هئڻ ڪري پهرين کان انگريزي تائين پهريون نمبر ايندو رهيو. سنڌ جي نالي واري ليکڪ قاسم ٻگهيو پنهنجي هڪ سنڌي ادبي ڪتاب “سنڌي ادب جو سدا روشن سج”  ۾ لکيو آهي ته جڏهن مرزا قليچ بيگ پنجين درجي ۾ پڙهندو هو ته ان وقت هڪ انگريز بهادر فلٽن سنڌ جو ايجوڪيشنل انسپيڪٽر هو ۽ هڪ ڀيري هن حيدرآباد هاءِ اسڪول جو دورو ڪيو ۽ ان اسڪول جو هيڊماستر “ڀنڊارڪر” هو جنهن ان انگريز آفيسر کي چيو ته هي ننڍڙو مرزا شاعري جو وڏو هوشيار آهي سو انگريز آفيسر به شاعرن جو قدردان هو تنهن هڪڙو ڪاغذ جو پنو ۽ پين کڻي مرزا کي ڏنائين ۽ چيائين ته هن تي ڪونئون شهر ٺاهي ڏيکار ٿورڙي دير بعد مرزا قليچ بيگ هڪ مناجات ٺاهي اچي فلٽن کي پيش ڪئي، اهڙي شاعري کان متاثر ٿيندي ان سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر فلٽن انهي پنجين درجي جي شاگرد مرزا قليچ بيگ کي هن ساڳي ئي حيدرآباد اسڪول ۾ چاليهه روپين جي ماهوار پگهار تي فارسي جو استاد مقرر ڪيو جيڪو پنجين درجي کان گهٽ وارن ڪلاسن کي باقاعده فارسي به پڙهائيندو هو.
  مرزا قليچ بيگ 1872ع ۾ بمبئي جي ايلفيسٽن ڪاليج ۾ دخلا ورتي جتي فارسي ۽ ترڪي زبانن ۾ وڏي مهارت حاصل ڪيائين. مرزا قليچ بيگ فارسي جو تمام گهڻو ماهر هو ان ڪري کيس هن ئي ڪاليج ۾ فارسي پڙهائڻ جو اعزاز مليو ان وقت کيس ترڪي زبان ۾ تمام گهڻي ڄاڻ هئڻ ڪري ساڻن ترڪي جي هڪ سفير بمبئي ڪاليج ۾ اچي ملاقات ڪئي.  پاڻ ترڪين سان ويجهو رهي ترڪي زبان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ هن مرهٽي، پارسي، عربي، گجراتي، سنڌي، هندي، انگريزي سان گڏ رهي اهي ٻوليون سکيون ۽ انهن ٻولين ۾ مهارت به حاصل ڪيائين اهڙين زبانن سکڻ بعد مرزا سنسڪرتن سان گڏ رهي سنسڪرت زبان سکيو پٺاڻ ۽ بلوچن سان گڏ رهي پشتو ۽ بلوچي زبان سکڻ ۾ ڪامياب ٿيو مرزا صاحب جنهن زبان، نسل يا مذهبن واري ماڻهو سان گڏ رهندو هو ته ان جي زبان سکڻ سان هن جي مذهب جو سمورو ڍانچو دماغ ۾ رکي اهو ان ٻولي ۾ ڪتابن جي صورت ۾ پيش ڪندو هو.
 مرزا صاحب پنهنجي سرڪاري نوڪريء جي شروعات روينيو کاتي ۾ ڪلارڪيء کان ڪئي ۽ جلد مئجسٽريٽ جو امتحان به پاس ڪيائين ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. پر پنهنجي ادبي کيتر ۾ به ڪم ڪندو رهيو. هي ذهين، سنجيده، صلح پسندي ۽ اورج انسان، طبعاً رلڻو ملڻو حاضر جواب ۽ خوش طبعي هو. سنڌي شاعريءَ جي سسلي ۾ سندس مڪمل ديوان آهي “ديوانِ قليچ” ان کانسواء شاعريء جي مختلف صنفن تي ڪم پڻ ڪيو اٿس. نظم کان علاوه نثر ۾ به هن سنڌي ادب جي بي لوث خدمت ڪئي آهي بالخصوص ناول، ڊراما (ناٽڪ) ادب، تنقيد ۽ صرف ونحو جهڙن اهم موضوعن تي تقريباً ساڍا ٽي سئو کن ڪتاب قلمبند ڪيا اٿس.

 پاڻ ادبي کيتر ۾ ڪم ڪندي سنڌيء سان گڏ مختلف ٻولين ۾ 350 کان مٿي ڪتاب لکيا آهن (ڪن هنڌن تي 450 کان مٿي ڪتابن جو ذڪر آهي) جن مان 42 ڪتاب هن انگريزي مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. سندس 76 ساله زندگيء ۾ لازمي آهي ته هن لکڻ جي شروعات 18 سالن کانپوء ئي ڪئي هوندي ، ان حساب سان هن اسان کي سراسري طور هر سال 7 ڪتاب ڏنا آهن جيڪو هڪ رڪارڊ هجڻ سان گڏ سنڌي ادب تي احسان پڻ آهي.
 سنڌ جي تاريخ، شاعري، لطيفيات، ناول، ٻولي، گرامر، لغت ۽ ٻاراڻي ادب سان گڏ هر رخ تي ڪم ڪيو اٿس. سنڌ جي تاريخ تي مرزا قليچ بيگ هيٺيان 8 ڪتاب لکيا، جن جي تاريخي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. (1) چچنامو (انگريزي) ، (2) سنڌ جي تاريخ (انگريزي) ، (3) سنڌ جي تاريخ تصويرن سان، (4) سنڌ جي مختصر تاريخ ، (5) سنڌ جا قديم شهر ۽ انهن ۾ وسندڙ ماڻهو ، (6) رياست خيرپور جي تاريخ ، (7) چچنامو (سنڌي).
ٻولي، لسانيات، لغت هڪ حساس ۽ اهم موضوع آهي، جنهن بابت مرزا قليچ جو ڪيل ڪم بنيادي حيثيت رکي ٿو. جيتوڻيڪ ٻولين جي نظرين ۾ جديد تحقيق جي حوالي سان وڏي تبديلي اچي چڪي آهي، پوءِ به مرزا صاحب جي ڪم کي ٻوليءَ ۽ لسانيات جا ماهر وساري نٿا سگهن. مرزا صاحب (1) لغات لطيفي،  (2) سنڌي وياڪرڻ (چار ڀاڱا)  (3) Philological curiosity،  4)  سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ،  (5) سنڌي لغات قديمي، (6) پهاڪن جي حڪمت (7) پارسي زبان جي تاريخ ۽  (8) Persian entomology  جهڙا ناياب ۽ قيمتي ڪتاب لکي، پنهنجي علميت ۽ ڏاهپ جي ڇاپ ڇڏي آهي.
لطيفيات جي موضوع تي ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ ايڇ ٽي سورلي کان سواءِ اوائلي لطيفي پارکن ۾ سنڌي عالمن مان مرزا قليچ بيگ ئي واحد اديب ۽ عالم هو، جنهن 8 ڪتاب لکيا. انهن ۾ (1) شاهه جو رسالو، (2)Life of Shah Abdullah  ، (3) ساڳئي ڪتاب جو سنڌي ترجمو: احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو، (4) شاهه جي مختلف سُرن جي تشريح تي مشتمل ڪتابڙا ، (5) لغات لطيفي،  (6) لطيفي لات ۽ (7) شاهه جي رسالي جي ڪنجي (هي ڪتاب اڃان اڻ ڇپيل آهي).
 مرزا قليچ بيگ زراعت جهڙي موضوع تي به  ٻه ڪتاب “باغ ۽ باغباني”  ۽  “زمين پوکڻ جو علم ۽ هنر“ لکيا آهن. ٻاراڻي ادب ۾ به سندن لکيل ڪتاب اهميت وارا آهن. ٻارن لاء لکيل سندن ڪتابن ۾ 1. ٻه جاڙا ڀائر 2. نيلو پکي 3. لبا خان درزي ۽ خليفو ڪھنگ 4. پائي وائي پائي وزو 5. پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون، 6. رستم، 7. شهزادي قدم برگ، 8. شھزادي محبوب جي آکاڻي ، 9. شمرانه عرف شيطان جي ناني ، 10. وامق عذرا ، 12. عجيب طلسم، 13. ٽي ديو يا راڪاس ۽ 14. شخصيتون.
        مرزا قليچ بيگ  تقريبن ڏهه ناٽڪ لکيا ۽ ٻارنهن ناول لکيا. سندس ناولن مان زينت، دلارام ، خودياوري، حاجي بابا اصفحاني ۽ جولئن هوم تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. سندس ناول زينت ۽ دلارام اهي ناول آهن جيڪي سماجي وهنوار تي ٻڌل هئا، جن ۾ نيڪي بدي جا اطوار ۽ اخلاقي نڪتا شامل هئا. هنن ناولن ۾ بنيادي طرح سيرت ۽ تقدير جو فلسفو موجود آهي. سندس علمي، ادبي ۽ تعليمي خدمتن جي عيوض کيس ان وقت جي سرڪار 1924 ع ۾ “شمس العلماءِ (عالمن جو سج)” جو خطاب ڏنو.
   مرزا قليچ بيگ جڏهن 19 آگسٽ  1928 ع   تي رٽائر ٿيڻ بعد بمبئي ويو ته اتي کيس گردي ۾ سور جي تڪليف ٿي ۽ ان دوران ڊاڪٽرن کيس لکڻ کان به روڪيو پر پاڻ لکڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ ادب سان محبت ڪندي ڪيترائي ڪتاب لکندو رهيو. بمبئي مان موٽڻ کانپوءِ پاڻ 1929ع اپريل جي پهرين تاريخ هالا جي مخدوم صاحب وٽ ويو اتان موٽندي کيس گردن ۾ ڏاڍي تڪيلف پيدا ٿي پئي نيٺ گردن جي سُور کيس لکڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ پهرين جولاءِ 1929ع  وارو سندس لکڻ جو آخري ڏينهن هو ان ڏينهن کانپوءِ قلم هٿ ۾ کڻي نه سگهيو ۽ آخر 2 جولاءِ 1929ع وارو سڄو ڏينهن کيس دل تي ڏاڍي مونجهه رهي آخرڪار رات جو  11 وڳي اڇي چادر تاڻي سڌو ٿي سمهي رهيو ۽ ان حالت ۾ ئي 3 جولاء 1929ع تي سندس روح جو پکي پرواز ڪري ويو ۽ پاڻ خالق حقيقي سان وڃي مليو.
         شمس العلماء مرزا قليچ بيگ اڄ اسان ۾ موجود ناهي پر هڪ صدي گذرڻ کانپوء به سندس سنڌي ادب ۽ ٻوليء لاء ڪيل بي لوث  خدمتن سبب سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو کيس وساري ناهن سگهيا ۽ هو سدائين سندن دلين ۾ موجود رهندو.

June 06, 2013

سونهن ۽ سچ جو شاعر هدايت بلوچ

جنم ڏينهن جي مناسبت سان
سونهن ۽ سچ جو شاعر هدايت بلوچ
محمد سليمان وساڻ

هن سان منهنجي پهرين ملاقات چوڪنڊي قبرستان ۾ تاجل بيوس جي پهرين ورسيء جي موقعي تي ٿي هئي. سندس شاعري، ڪالم پڙهيا هئا ۽ نالو به ٻڌل هئو. خاموش ، ماٺيڻو، قداور ، کلمک، دل جو صاف ۽ سهڻي سڀاء وارو اهو شخص هيو هدايت بلوچ. ساڳي شام ريجنت پلازا ۾ تاجل بيوس جي ورسيء جي مناسبت سان رکيل تقريب ۾ هن پنهنجا تاثر پيش ڪيا ۽ پوء فيسبوڪ ذريعي جڏهن کيس تقريب جون تصويرون موڪليم ته خوش ٿيا ۽ اتان دوستيء جي شروعات ٿي. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن سدائين، پيار ، مرڪون، پنهنجائپ ڏيڻ سان گڏ سدائين رهنمائي ڪندا رهيا آهن.

نامياري شاعر ، افسانه نگار ۽ صحافي هدايت بلوچ جو جنم 6 جون 1948 ع تي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو غلام نبي اداسي بلوچ آهي جيڪو به سنڌي ادب ۽ شاعري جو وڏو نالو رهيو آهي. پاڪستان جو ناليوارو براڊڪاسٽر ۽ شاعر عنايت بلوچ سندس وڏو ڀاءُ آهي. هدايت بلوچ جي تعليم ايم.اي پوليٽيڪل سائنس ۽ ايل ايل بي آهي. 1972 کان 1987 تائين ڪراچي شپ يارڊ ۾ مختلف انتظامي عهدن تي ڪم ڪيائين. 1987 کان 2008 تائين پي آئي اي ۾ مختلف عهدن تي خدمتون سر انجام ڏنائين. 1994 کان 1998 تائين سندس مقرري مئنيجر ڪارگو طور سنگاپور ۾ رهي 2005 کان 2008 تائين بنگلاديش ۾ پي آئي اي جو ڪنٽري مئنيجر رهيو. ٻاهرين ملڪن ۾ رهندي هو سنڌين سان ملاقاتون ڪندو رهيو ۽ لکڻ جو ڪم به جاري رکيائين.

ادبي حوالي سان سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. روزاني عوامي آواز ۾ سندس هفتيوار ڪالم ۽ ڪافي عرصي کان چئوسٽا به ڇپبا رهيا آهن. ان کانسواء روزاني هلال پاڪستان ، روزاني جاڳو ۽ روزاني خبرون ۾ به سندس چئوسٽا ڇپبا رهيا آهن. هن وقت پاڻ روزانه مومل جا ايڊيٽر آهن. سندس غزل گهڻو مشهور آهن.

فائدن حاصل ڪرڻ وارن جي ناهيون لسٽ ۾
پر قسم سان ٿا چئون، بي فائدا ناهيون اسين

پيار کان انڪار آهي ڪفر، ڪافر ڪير ٿئي
پر هدايت حاڪمن جي ها ۾ ها ناهيون اسين

هدايت بلوچ سنڌي ادبي بورڊ جا ٽن سالن لاء ميمبر به رهيا ۽ سدائين ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندا رهيا آهن. هن وقت پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۽ ڍاڪا ڪلب آف بنگلاديش جو ميمبر آهي. پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جا لائيف ميمبر ۽ سنڌي ادبي سنگت جا سرگرم رڪن آهن. ٻه دفعا سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي گڏجاڻين ۾ امريڪا ۾ به شرڪت ڪئي اٿس.

هدايت بلوچ جي هڪ ٻي خوبي آهي سوشل ميڊيا خاص ڪري انٽرنيٽ تي سنڌي ماڻهن، سنڌي شاعرن ۽ ليکڪن جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ. پاڻ سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جا چيئرمين ۽ روح روان آهن. سڄي سنڌ خاص ڪري ڪراچي ۾ ٿيندڙ ادبي سرگرمين ۾ باقائدگي سان حصو وٺندا رهن ٿا. هدايت لطيف جو پارکو آهي ۽ هو لطيف جي پيغام کي سمجهڻ سان گڏ دوستن کي سمجهائيندو رهندو آهي. ساڻس گڏ مختلف تقريبن ۾ شامل رهندي اها ڳالهه اڪثر محسوس ڪئي اٿم ته جڏهن به اسٽيج تان لطيف سائين جا بيت صحيح تلفظ سان پيش ناهن ٿيندا ته سندن چهري جي ڪيفيت تبديل ٿيندي آهي ۽ پاڻ افسرده ٿي ويندا آهن ته اسان اڃان تائين لطيف کي نه پڙهيو آهي نه سمجهيو آهي. سندس شاعري به سنڌ، سونهن، سچ ۽ پيار جي گرد گهمندي محسوس ٿيندي آهي.

اسان جو حال پڇي ڏس ڀلي ستارن کان،
توهان جي ياد ۾ شبِ روز ڇا چوان گذريا؛
ستِم ته پنهنجي جَڳهَه نيٺ يَرَ! سِتم آهن،
اسان تي تنهنجا ڪَرم ڀي مِٺا گِران گذريا!

June 03, 2013

استاد عطا محمد حامي : شاعر، اديب، تعليمدان ۽ محقق

استاد عطا محمد حامي : شاعر، اديب، تعليمدان ۽ محقق

محمد سليمان وساڻ

سنڌ ڌرتي تي هر دور ۾ تمام وڏن ليکڪن، اديبن ۽ شاعرن جو جنم ٿيندو رهيو آهي . وڏا شاعر ۽ اديب گهڻو ڪري پنهنجي لکڻين ۽ تخليقن سبب وڏا شمار ڪيا ويندا آهن، پر انهن مان ڪي اهڙا به هوندا آهن جيڪي پنهنجي تخليقن سان گڏ پنهنجي اعليٰ انساني گڻن سبب ماڻهن جي دلين تي نقش اڀاري ويندا آهن. اهڙن عظيم ليکڪن ۽ شاعرن مان استاد عطا محمد حامي به هڪ هيو. استاد عطا محمد حامي جو شمار سنڌ جي استاد شاعرن ۾ ٿئي ٿو . هو نه رڳو شاعري ۾ استاد تسليم ڪيو ويندو آهي پر درسي تعليم ۾ پڻ پاڻ بحيثيت استاد، ليڪچرار ۽ پروفيسر جي عهدي تائين رسائي حاصل ڪرڻ سان گڏ شاگردن جو محبوب استاد مڃيو ويندو هو.

سندس جنم پهرين جنوري 1919 ع ۾ خيرپور رياست جي ننڍڙي ڳوٺ سوهو قناصرا ۾ ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ جڏهن ته وڌيڪ تعليم ناز هاء اسڪول خيرپور مان، ايم اي 1951ع ۾ سنڌ يونيورستِ مان ۽ پي ايڇ ڊي 1955 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائون. شروعاتي ڏينهن ۾ انٽر ڪري لقمان خيرپور ۾ پرائمري استاد ٿيو. ان کانپوء هالا ۾ سنڌي جو ليڪچرر ۽ آخر ۾ ممتاز ڪاليج خيرپور مان 1978ع ۾ سنڌي جي پروفيسر طور رٽائر ٿيا. حامي صاحب 1955ع ۾ خيرپور رياست جو وجود ختم ٿيڻ وقت انهي آخري اسيمبلي جا ايم ايل اي رهندڙ حامي صاحب سائيڪل تي اليڪشن مهم هلائي وڏي اڪثريت سان سيٽ کٽي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جا اڳواڻ بڻيا.سياست ۾ هو سوديبازي جو قائل ڪونه هيو ۽ شهيد ذولفقار علي ڀٽو جو چاهيندڙ هو پر ڀُٽي صاحب جي بِهارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ واري اعلان تي سندس مخالفت ڪندي ڀُٽي تي تنقيد ڪندي چيائين:

ڏسون ٿا ڪم تنهنجا ڀٽڪا ، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا

پر حاميء جو ظرف ته ڏسو جو جڏهن ڀُٽي کي ڦاهي جو حڪم ٿيو ته پاڻ گهڻا ڏکارا ٿيا ۽ چيائون:

منصور زماني جو چڙهي ٿو ڦاهي

حامي صاحب ڪيترائي ڪشالا ڪري خيرپور جي تاريخ لکي، سندن پي ايڇ ڊي جو موضوع به خيرپور ئي هيو. پاڻ سچل جي فارسي مثنوي جو سنڌي ترجمو ڪيائون. حامي صاحب کهڙن جي مخدوم شهيدن تي تحقيق ۽ روحل فقير جي باري ۾ کوجنا پڻ ڪئي. پاڻ مير علي نواز ناز جي شاعري جي ترتيب به ڏنائون. انکانسواء پاڻ خيرپور جي مختلف قبيلن تي ڪتاب لکيائون جيڪو سندس شاگرد مقصود گل ڇپايو جنهن جو نالو آهي ”وکريل موتي“.

سندس شاعري علم عروض جي پابندين هيٺ پختي شاعري آهي ۔ جيتوڻيڪ ڪجه وقت فارسي اثر واري شاعري پڻ ڪيائون۔ ڊاڪٽر تنوير عباسي موجب ”حامي صاحب جي شاعري جو ٽيون دور 1962 کان شروع ٿيو جڏهن فارسي نمونو ڇڏي سليس سنڌي غزل چوڻ شروع ڪيائون. پاڻ شعر چيائون ته :

ڦٽا ڪر وصل و هجر جا سمورا داستان
ادا سارا سڻائج انقلابي داستان هاڻي

حامي صاحب جي جي نظر وسيع هئي، سندس مطالعو گهرو هو ۽ سندس نگاه سنڌ جو طواف ڪندي رهندي هئي۔ هو مذهبي ڪٽرپڻي ۽ شدت پسندي جو سخت مخالف هو. سندس مذهب محبت ۽ انسانيت هيو. سندس شاعري جي ڪتاب ”حامي جو ڪلام“ ۾ محمد علي حداد ، استاد حاميءَ تي انتهائي جاندار مهاڳ لکيو آهي. انهي مهاڳ ۾ هڪ جڳهه تي حداد، استاد حامي جي مذهب بابت لکي ٿو: “حاميء جو مذهب انسانيت هو، هر سٺو انسان کڻي ڪهڙي به قوم سان تعلق رکندڙ هجي عزت جو حقدار آهي. هر رياڪار ماڻهو، کڻي ڪيڏي به وڏي اقتدار جو مالڪ هجي، حامي صاحب لاءِ قابل نفرت هو. مظلوم جي حمايت سندس مسلڪ هو، رمضان شريف ۾ جمعي جي نماز اچي اثنا عشري شيعن سان گڏ پڙهندو هو ۽ عيد جي نماز پنهنجي ڳوٺ حنفي سنين سان گڏ پڙهندو هو. ڄائو ته اهلسنت واري آذان ڪنين پيس ۽ وفات ڪيائين ته ڪفن دفن اهل تشيعت واري طريقي موجب ٿيس، جيئرو هو ته ٻنهي فرقن جا ملان پنهنجو نه ڪندا هئس، گذاري ويو ته سندس سٺي سڀاءَ سبب هر ڪا اک آلي هئي، سچ پچ ته جن ماڻهن جو مذهب محبت هوندو آهي. سي استاد حاميءَ مثل هوندا آهن“. هو مذهب جي نالي تي نفرتن ۽ انساني قتل جو سخت مخالف هو تڏهن ئي ته هڪ هنڌ چيائين:

اسلام جي نالي ۾ نه ماريو ماڻهو
ڳڻتيءَ ۽ مصيبت ۾ نه ڳاريو ماڻهو
هي حال ڏسي دين ڇڏي هو ويندا
بي دين بڻائي ته نه کاريو ماڻهو!

سنڌ ڌرتيء جو هي پيارو ۽ سڀاڳو انسان 3 جون 1982 ع تي هزارين اکين کي آلو ڪندي اسان کان وڇوڙو ڪري ويو. هر سال سوهو قناصرا ۾ سندس ورسي تقريبون ٿينديون رهنديون آهن.

گهڻا منهنجا مٺڙا منٺار ماڻهون
دغاباز نڪرن ٿا دلدار ماڻهون

هنن جي ئي دم سان زمانو هلي ٿو
نه سڏ عشق وارن کي بيڪار ماڻهون

ٻڌائي مٺا ٻول حامي هليو ويو
هيو ڏاڍو مٺڙو مزيدار ماڻهون




May 29, 2013

فاطمه ڀٽو : ڀٽو خاندان جي شهزادي ۽ باغي شاعره

فاطمه ڀٽو : ڀٽو خاندان جي شهزادي ۽ باغي شاعره

محمد سليمان وساڻ

پاڪستان جي سياست ۽ پاڪستان جي ٺهيل دستور ۽ سياسي ريتن کان نفرت ڪندڙ ۽ گهري سوچ رکندڙ باغي شاعره ، ڀٽو خاندان جي شهزادي ۽ بين الاقوامي سياست تي ڳوڙها تجزيه ڪندڙ محترمه فاطمه ڀٽو کي سندس 31 هين سالگرهه تي سنڌ سلامت پاران واڌايون پيش ڪريون ٿا۔

29 مئي 1982 تي افغانستان جي شهر ڪابل ۾ مير مرتضى ڀٽو جي جلاوطنيء دوران جنم وٺندڙ فاطمه ڀٽو زندگيء ۾ خوشيون گهٽ ۽ ڏک گهڻا ڏٺا آهن۔ پُر اعتماد انداز سان ڳالهائيندڙ ۽ پنهنجي جذبن کي شاعري ۽ ڪالمن ذريعي بيان ڪندڙ فاطم ڀٽو جي لفظن ۾ تلخي ته ضرور هوندي آهي پر ان کي پيش ڪرڻ جو انداز شائسته هوندو آهي. هُن جنهن پنهنجي ڏاڏي ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت ته ڪانه ڏٺي پر ان کي عوام جي اکين ۾ آيل لڙڪن سان ضرور ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي. هوء جنهن جي شهزادن جهڙي چاچي شاهنواز ڀٽو کي جلاوطنيء دوران شهيد ڪيو ويو ۽ جنهن جي پيء مير مرتضى ڀٽو کي سندس گهر ڀرسان پنهنجي ئي ڀيڻ جي حڪومت ۾ بيدرديء سان قتل ڪري شهيد ڪيو ويو. هوء جنهن جي ڏاڏيِ ڏکن سان وڙهندي گذري هجي ۽ جيئري ئي موت جهڙي زندگي گذاريندي هجي، هوء جنهن جي ڏاهي پڦيء کي ملڪ جي قاتل اسٽيبلشمينٽ، لکن ماڻهن جي مجموعي ۾ شهيد ڪرائي ڇڏي ان جي لهجي ۾ تلخي ته ضروري هوندي. سندس ڏکن واري ڪيفيت شاهه لطيف جي هنن سٽن سان ڪيڏي ٿي ٺهڪي:

سِرجيس ته سور، سامائي ته سُک ويا،
اهي ٻئي پور ، مون نماڻيء نصيب ٿيا۔

سندس دردن جو داستان, سندس احساس، سندس جذبا سندس شاعريء جي مجموئي صحرا جون سرگوشيون Whispering of desert ۽ Songs of Blood & Swords مان واضح آهن. سندس شاعري ڪيڏي پختي آهي ، هن جا خيال ڪيترا گهرا آهن اهو صرف اهو ماڻهو ئي محسوس ڪري سگهي ٿو جنهن سندس ڪتاب ، مضمون ۽ ڪالم پڙهيا هجن.

اڄ سندس جنم ڏينهن تي ذهن جي يادگيرين تي ڀٽو خاندان سان ٿيل ظلمن جي داستان سان گڏ هنن جي دليري، ڏاهپ، ارڏائي ۽ اصول پرستي بار بار دل ۽ دماغ کي جهنجهوڙي رهي آهي. دعا آهي ته سنڌ جي هي نياڻي خوشيون ڏسي ۽ سندس نظريي وارو معاشرو قائم ٿئي۔

______

May 22, 2013

شهيد غزالا بتول کي سرخ سلام


شهيد غزالا بتول کي سرخ سلام
سليمان وساڻ

مونکي چٽي طرح ياد آهي ته انهن ڏينهن ۾ سنڌ جي وحدانيت خلاف ڳالهيون ڪرڻ ۽ مهاجر صوبي جي تحريڪ زورن تي هئي. ان تحريڪ ۾ سنڌ ۽ وفاق ۾ شامل ۽ ڪراچي جي شهري حڪومت جي ڪرتا ڌرتا تنظيم ايم ڪيو ايم جي مڪمل پٺڀرائي هئي. ان جو ثبوت ان وقت ديوارن تي لکيل نعرا هيا جيڪي شهري حڪومت جي گاڏين ۾ چڙهي لکيا ويا هئا. ان تحريڪ جي مخالفت ۾ سنڌ جي ماڻهن ۾ سخت نفرت هئي ۽ اهڙي وقت ۾ 22 مئي 2012 تي عوامي تحريڪ ۽ ٻين پارٽين گڏجي تحرير اسڪوائر مصر سان ڀيٽجندڙ لياري جي چيل چوڪ کان محبتِ سنڌ جي نالي سان هڪ ريلي ڪڍڻ جو پروگرام ترتيب ڏنو هو جنهن کي  پريس ڪلب تي پهچڻو هو. ان ريلي ۾ سنڌي، بلوچ، ڪڇي ۽ لاسي سڀ هئا، سڀني جي زبان تي جيئي سنڌ ۽ سنڌ جي وحدانيت جا نعرا هئا۔ ان ڏينهن آرٽس ڪائونسل ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي گڏجاڻي به رکيل هئي ۽ مان اهو پروگرام جوڙيو هو ته آرٽس ڪائونسل مان ٿيندو پريس ڪلب پهچي ريلي ۾ شرڪت ڪندس. اهڙو اظهار مان گلشن گحديد ۾ رهندڙ دوست آصف علي جهتيال سان فون تي به ڪيو کيس پريس ڪلب تي ملڻ جو چيو. مان اڄان صدر پهتو هيس ته ميسيج اچڻ لڳا ته ريلي تي فائرنگ ٿي آهي ۽ ڪجهه شهادتون به ٿيون آهن. هاڻي ٽٽريفڪ بري طرح جام ٿي چڪي هئي ۽ واپس ورڻ به ڏکيو هيو. تنهنڪري آرٽس ڪائونسل وڃڻ ۾ ئي بهتري سمجهيم. اتي ئي آصف جهتيال سان ٻيهر فون تي رابطو ڪيم ۽ گهر به فون ڪري پڇا ڪيم. خبر پئي ته بولٽن مارڪيٽ واري علائقي ۾ ريلي تي فائرنگ ٿي آهي.

ان ريلي ۾ سنڌ جي هڪ اهڙي نياڻي به شامل هئي جيڪا پي آء اي ۾ ايڊورٽائيزنگ آفيسر هئي ۽ سندس رڳ رڳ ۾ سنڌ امڙ جو خون سمايل هو۔ هوء جيڪا سنڌ سان پيار ڪندڙ هئي ۽ سنڌ تان فدا ٿيڻ جون ڳالهيون ڪندي هئي۔  11 مارچ 1969ع ۾ دادو ضلعي جي علمي ۽ ادبي شهر پاٽ شريف ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جي هن بهادر نياڻيءٰ شهيد غزالا بتول صديقي سان منهنجي ڪا ويجهڙائپ ته ڪانه هئي پر ٻوڏ متاثرين لاء سچل ڳوٺ ۽ ڀرپاسي ۾ جيڪي ڪيمپون لڳيون هيون انهن ۾ هن اڳتي وڌي ڪم ڪيو هو۔ پي آئي اي ۾ رهندي هن سنڌي اخبارن ۽ رسالن کي اشتهار ڏيڻ ۾ به خاص مدد ڪئي۔ هوء گهڻو سوشل ۽ قومي سوچ جي مالڪ هئي۔ پاٽ شريف ۾ جنم وٺندڙ غزاله جي شادي مظهر زرداري سان ٿيل هئي جيڪو به پي آء اي ۾ آفيسر آهي ۽ کيس چار ٻار هئا جن ۾ هڪ ننڍو پُٽ ته اڃان ستن مهينن جو مس هئس۔ هوء جلد اٽلي وڃڻ واري هئي ۽ کيس صرف ويزا جو انتظار هو ڇو ته سندس ور جي پوسٽنگ پي آء اي جي اٽلي واري آفيس ۾ آهي۔ سندس ڀاء شهاب صديقي اسان جو دوست ۽ سئي گيس ۾ اسان جي آفيسر ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري ۽ سماجي ورڪر آهي۔ غزالا بتول صديقي 1984ع ۾ اين جي وي اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪئي ۽ انٽر زبيده ڪاليج حيدرآباد مان ڪيو. ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ هن ڊبل ايم اي ڪئي، هڪ ماس ڪميونيڪيشن ۽ ٻي انٽرنيشنل رليشن ۾. 

ان ڏينهن هوء ريلي ۾ شامل ٿي ۽ ان دوران هن ڪي ٽي اين تي به پنهنجا تاثرات ڏنا ۽ چيو ته جيڪو به ماڻهو سنڌ تي ميري اک رکندو ، سنڌ جا پُٽ ته هن تي پوء وار ڪندا، سڀ کان پهرين ان جون ڌيئون ان تي وار ڪنديون۔ ۽ ها پوء سڀني ڏٺو ته هوء نه ته پُٺ ڏئي ڀڳي ۽ نه وري ڊني پر مقابلو ڪندي شهيد ٿي۔ چون ٿا ته هوء عورتن جي اڳواڻي ڪندي جڏهن اڳتي وڌي رهي هئي ته مٿان فليٽن مان ۽ سامهون کان ڪجهه ماڻهن فائرنگ ڪئي ته هن ٻين عورتن کي پويان ڪندي پاڻ اڳيان ٿي بيٺي ۽ فساد ڪندڙن کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي۔ جڏهن فائرنگ وڌڻ لڳي ته هن اتي بيٺل پوليس واري کي چيو ته شر پسندن تي فائرنگ ڪيو، ان تي پوليس واري کيس جواب ڏنو ته مونکي اهي اختيار ناهن۔ ان تي شهيد غزاله پوليس واري کان بندوق کسي پاڻ فائرنگ ڪندي چيو ته اسان وٽ ته اختيار آهن ۔۔۔۔۔ پوء هڪ گولي سندس مٿي ۾ لڳي ۽ مٿان کان هڪ پٿر به اچي کيس لڳو ۔ جنهن سبب هن جام شهادت نصيب ڪندي ڌرتيء جو قرض چڪايو۔ هزارين آلين اکين سان سندس اسٽيل ٽائون قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي۔

اسان شهيد غزالا بتول کي سندس ورسيءَ ڏينهن سرخ سلام پيش ڪيون ٿا ۽ ساڳي وقت شرمنده پڻ آهيون ته سندس قاتلن خلاف اسان ڪجهه ڪونه ڪري سگهيا آهيون۔

April 21, 2013

ماسٽر منظور جي ياد


ماسٽر منظور جي ياد

محمد سليمان وساڻ


مونکي ياد آهي ته گلستان جوهر جي حرمين ٽاور ۾ هيٺ دوست جو انتظار ڪري رهيو هوس ته سامهون ڪڙاهي ٿيل ڪڙتي ۾ هڪ شخص معصوم مرڪ سان نظر آيو، تيستائين منهنجو دوست به هيٺ اچي چڪو هو. مان ٿورو ذهن تي زور ڏنو ته ياد آيو ته هي ته ماسٽر منظور آهي ۽ پوء مان سندس ئي ڳايل ڪلام هر جاء پرين هر محفل ۾ مونکي تنهنجي ڪمي محسوس ٿي ڳائيندو ساڻس مليس ۽ هو اسان کان اڻ واقف هوندي به ڀاڪر پائي مليو. هر جاء پرين هر محفل ۾ مونکي تنهنجي ڪمي محسوس ٿي ٿئي، تنهنجون يادون سنڀالي رکيم دل ۾ پر تنهنجي ڪمي محسوس ٿي ٿئي سميت منهنجو ويڙهو ويران ڪري ويندڙ گيت سميت سوين گيت ڳائيندڙ ماسٽر منظور جو ڏکائيندڙ موت اهڙي ريت ٿيندو ان تي هينئر تائين يقين ئي ڪونه پيو اچي. منهنجو ويڙهو ويران ڪري ڳايل گيت کانپوء کيس ملڪي سطح جي پذيرائي ملي ۽ سوين گيت ۽ آڊيو ڪيسٽون ڪامياب ٿينديون رهيو.

سنڌ جو ناليوارو فنڪار ماسٽر منظور 22 اپريل 2012 واري رات قاسم آباد ۾ پنهنجي ئي گهر ۾ لوندڙي ۾ لڳل گولي سبب گذاري ويو. سندس وفات تي ڪيترائي سوال اٿيا ته هن کي قتل ڪيو ويو آهي يا هن خودڪشي ڪئي آهي. سندس ويجهن حلقن سندس قتل ۽ پوليس خودڪشي وارو موقف اختيار ڪندي سندس وفات تي ڪيترا مونجهارا آڻي ڇڏيا. سڀني سان پيار ڪندڙ ماستر منظور خودڪشي ڪرڻ جهڙو ڪونه هو، هو ته مک جي موت کان به ڊڄندو هو سو ڪيئن ٿو گولي هلائي پاڻ کي قتل ڪري سگهي. سندس اهڙي پر اسرار موت تي ان وقت جي داخلا جي وزير منظور وساڻ تحقيقات جو حڪم به ڏنو پر سندس وزارت ڇڏڻ کانپوء اها تحقيقات ٿي يا نه؟ اها ڳالهه راز ئي رهجي وئي.

قدر حسين جيڪو اڳتي هلي ماسٽر منظو جي نالي سان مشهور ٿيو، 8 جولاءِ 1974ع تي قمبر ۾ مکڻي فقير جي گهر ۾ جنم ورتو. هن پنهنجي شروعاتي تعليم ڳوٺ نئون ٺارو وڌو تعلقي ميرو خان مان حاصل ڪئي ڇو ته سندس ولادت بعد سندس وڏڙا نئين ٺارو وڌو ڳوٺ لڏي ويا هئا. ماسٽر منظور کي سنگيت ورثي ۾ ملي ڇو ته هن ننڍپڻ ۾ ئي پنهنجي والد کي ڳائيندي وڄائيندي ڏسي پاڻ به ڳائڻ جي شوق ڏانهن وڌيو. هن راڳ جي سکيا شروعات ۾ پنهنجي پيءُ مکڻي فقير کان ورتي ۽ 8 سالن جي ڄمار ۾ هن ڳائڻ جي باقائدي شروعات ڪئي ۽ 1992ع ڌاري سندس پهرين آڊيو ڪيسٽ رڪارڊ ٿي، جنهن ۾  آڊيو ڪمپني وارن کيس ماسٽر جو لقب عطا ڪيو، جيڪو اڄ تائين ساڻس لقب نالي ۾ شامل آهي.

ماسٽر منظور پي ٽي وي تي ڪچهري پروگرام ۾ 1995ع ڌاري پهريون دفعو پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ ايئن هن ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري پنهنجو نالو ڪمايو. اڳتي هلي هو عوام جو مقبول فنڪار بڻجي ويو ۽  آڊيو البمس جو وڏو نالو بڻجي ويو ۽ سندس 500 کان وڌيڪ ڪلام آڊيو ڪيسٽن ۾ رڪارڊ ٿي چڪو آهي. سال 2003ع ڌاري ماسٽر منظور دنيا جي پهرين سنڌي سيٽلائيٽ چينل ڪي.ٽي.اين تي هر جاءِ پرين هر محفل ۾ ڳايو ته کيس تمام گهڻي عوامي پذيرائي ملي. ماسٽر منظور جون ڏيڍ سئو کان وڌيڪ آڊيو ڪيسيٽون رڪارڊ ٿيون ۽ هن ڪيترائي وڊيو گيت  ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي ۽ ڌرتي ٽي وي لاءِ رڪارڊ ڪرايا آهن. پنهنجي وڌندڙ صروفيتن سبب ماسٽر منظور سال 2000 کان پنهنجي ڳوٺ کي ڇڏي حيدرآباد جي قاسم آباد ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي، هن شادي پنهنجي مائٽن مان ڪئي آهي. جنهن مان سندس اولاد به آهي.

سنڌ جي هن نوجوان ۽ مقبول فنڪار جي ڪمهلي موت کانپوء جڏهن سندس مڙهه وادي حسين قبرستان آندو ويو ته هر اک آلي هئي. اسان حميد ڀٽو ۽ عرفان سمون سان گڏ ڪراچي کان سندس تدفين ۾ شرڪت ڪئي ته اتي موجود فنڪار گهڻو ڏکايل نظر اچي رهيا هئا. اڄ سندس ورسي تي سنڌ کيس سندس ڳايل گيتن سان وري وري ياد ڪري رهي آهي.



January 25, 2013

استاد محمد جمن : سنڌي راڳ جو بادشاهه راڳي

استاد محمد جمن : سنڌي راڳ جو بادشاهه راڳي
محمد سليمان وساڻ

شاه عبدالطيف ڀٽائي جي ڪلام کي پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳائڻ وارن فنڪارن مان استاد محمد جمن به هڪ هو. سنڌ جي هن ڀلوڙ راڳي مرحوم استاد جمن 10 آڪٽوبر 1935ع ۾ بلوچستان جي لسٻيلي واري ڳوٺ ڪنڊ جهنگ جي حاجي احمد سنجراڻي جي سرن ۽ سازن واري گهر ۾ اک کولي هئي ، اهو ڳوٺ هن وقت يونين ڪائونسل گڏاپ، گڏاپ ٽائون ۾ آهي . ِ هن راڳ جي باقائده سکيا استاد نظر حسين کان ورتي، جيڪو مرحومه گلوڪاره نورجهان جو به استاد هو. شروع ۾ ڍولڪ وڄائيندو هو پوء محمد جمن ريڊيو تي بانسري وڄائيندو هو ۽ ريڊيو تي ملازم به هو. آگسٽ 1955ع ۾ جڏهن حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن ٺهي ته اتي موسيقار جي حيثيت سان موڪليو ويو. هن شاهه جي صوفياڻي رنگ ۽ شاهه کي ٺيٺ سنڌي رنگ ۾ پيش ڪيو. سندس آواز ۾ ڳايل 20 کان وڌيڪ آڊيو ڪيسٽون اڄ به مارڪيٽ ۾ موجود آهن. هن ٻن فلمن هڪ سنڌي فلم ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ“ ۾ گيت ”هو سهڻا يار سڄڻ“ ۽ ٻي اردو فلم ”ڪالو“ آءُ جيهائي ذات، تون پاڻ سڃاڻج سپرين“ ڳايو .

اُستاد محمد جُمن حاضر مجلس کي پرکي ۽ پروڙي راڳ ڳائندو هو، پوءِ ڇو نه نيم ڪلاسيڪي يا خيال ۽ ٺمري ڳائڻا پون، شاهه جي رسالي سان استاد جي عشق جي اها حالت هُئي جو رسالي جي سڀني داستانن کي ويهي راڳ ڪمپوز ڪيائين....جنهن لاءَ کيس ڏينهن رات نُور نچوئڻو پيو ۽ اهڙيءَ طرح ثابت ڪري ڏيکاريائين ته ڀٽائي جو هر داستان راڳ به آهي.

استاد محمد جُمن جا اهي شاگرد جيڪي عام تائين پهتا انهن جا نالا هن ريت آهن،شفيع محمد( استاد جو فرزند) علي محمد خاصخيلي، زيب النساء حُسين بخش خادم، روبينه قُريشي، زرينه بلوچ ، قادر علي، سشيلا مهتاڻي ۽ اُستاد جو ننڍي فرزند غلام اويس .

استاد محمد جمن کي 1980ع ۾”پرائيڊ آف پرفارمنس“ ايوارڊ ڏنو ويو جڏهن ته 2 ڀيرا شاهه لطيف ايوارد، سچل سرمست ايوارڊ، قلندر لعل شهباز ايوارد، مصري شاهه ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ايوارڊ ماڻيا. موسيقي جي حوالي سان 1960ع ۽ 1970ع ٻه ڏهاڪا مرحوم استاد محمد جمن جا عروج جا هئا. ملڪ جي اهم شخصيتن مرحوم صدر ايوب، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مرحوم صدر ضياءَ الحق جون محبتون ماڻي چڪو هو. ملڪ جا حڪمران جڏهن به ڪنهن موسيقي جي محفل ۾ شريڪ ٿيندا هئا ته کائنس سر راڻو ٻڌائڻ جي فرمائش ڪندا هئا .

مرحوم تقريبن 15 سال بيماري جي بستري تي گذاريا، هن سائي ۽ شگر جي بيماري سبب 24 جنوري 1990ع تي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو ۽ ميوا شاهه قبرستان ۾ دفن آهي،