Showing posts with label ڪالم. Show all posts
Showing posts with label ڪالم. Show all posts

March 06, 2019

ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۽ رهجي ويل سوال



ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۽ رهجي ويل سوال

محمد سليمان وساڻ

هفتو اڳ ئي بيچ لگزري هوٽل ۾ ٽن ڏينهن جو سنڌ لٽريچر فيسٽيول ٿيو هيو ۽ ان ۾ سنڌين جي وڏي اڪثريت شامل ٿي فيسٽيول جي مالڪيءَ جو احساس ڏياريو هو. نورالهده شاهه، اعجاز منگي، ناجيه مير، نصير گوپانگ ۽ سڄي ٽيم ان تي جس لهڻي. هڪ هفتي کانپوءِ ساڳي ئي جاءِ تي، ساڳي ئي ماحول ۾ آڪسفورڊ پريس پاران ڏهين ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جو بندوبست ڪيو ويو هو. ظاهر آهي ڪي ايل ايف لاءِ فنڊ جام هوندا آهن ۽ ساڳي ئي وقت پنج سيشن هلندا آهن. پر الائي ڇو ”ڪي ايل ايف“ ۾ اڳيون چَس نه هيو. يا وري ”ايس ايل ايف“ ۾ سيشنز ۽ عنوانن جي چونڊ بهتر هئي، يا وري امينه سيد ۽ ڊاڪٽر آصف فرخي جي غير حاضريءَ ۾ ڪي ايل ايف کي سنواريندڙ ڪي خاص نه هيا. بين الاقوامي مبصر، ليکڪ ۽ مبصر ڪونه هيا، ٿي سگهي پاڪ هند جنگ جي گرمي سبب به نه هجن.... خير جيڪو به ٿيو پر وري به ادبي ميلو ۽ بحث ڪجهه ڏئي ويندا آهن.
مان سڀني سيشنز ۾ ته نه پر ڪجهه ئي سيشنز ۾ حصو ورتو. جن مان هڪ امر جليل سان ڪچهري به هئي، جنهن ۾ ماڻهن جو وڏو تعداد موجود رهيو. ڪراچي جي ڳالهه هلي، ڪراچي جي ٺاهه ۽ ڊاهه جي ڳالهه ٿي. انور مقصود جي سيشن ۾ به وڏي رش رهي ۽ ويهڻ لاءِ ڪرسيون ته ڇا بيهڻ جي جاءِ به ڪانه پئي ملي. جاويد جبار جي ڪتاب تي ياسر قاضيءَ جي سيشن ۾ 30 ڪرسين جي گنجائش جيترو به ڪمرو ڪونه هيو سو واپسي ڪرڻي پئي. بينا شاهه جي موڊريشن ۾ شفقت شاهه ڄاموٽ جو سيشن “Journey into Europe: Islam, Immigration & identity” هڪ بهترين سيشن هيو. بلوچستان جي حوالي سان رکيل سيشن “Sorrows of Baluchistan” ۾ ماڻهن خاص ڪري نوجوان نسل جي ايڏي تعداد ۾ حاضري قابل ديد هئي پر ساڳي وقت سيشن ۾ ڪنهن به بلوچ جو اسٽيج تي اسپيڪر جي حيثيت ۾ نه هجڻ سواليه نشان بڻجي ويو ۽ تنهنڪري سوالن جوابن جي نشست کان اڳ ئي لفظي گرما گرمي شروع ٿي وئي. تنهنڪري هما بقائي جيڪا سيشن جي ميزبان هئي ان کان پروگرام جو ڪنٽرول ڪونه پئي ٿيو. سوال ڪندڙ جذباتي انداز ۾ تلخ سوال ڪري رهيا هيا جن جو جواب يا بحث مجاهد بريلوي وڌيڪ متنازعه بڻائي ڇڏيو. ان سيشن ۾ تلخ حقيقتن کي قيصر بنگاليءَ وڌيڪ سهڻي نموني بيان ڪيو ۽ حقيقتون مڃيون . مجاهد بريلوي جي راين سبب ڪجهه بلوچ بزرگ ۽ نوجوان بائيڪاٽ ڪري اٿي ويا.
فيسٽيول جي هڪ خوبصورتي اها به هئي جو سنڌ جي ماڊرن اڪانامي تي لکيل ڪتاب جي مهورت ۽ بحث ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ شامل هيو. هڪ اهم سيشن رکيو ويو هيو جنهن جو عنوان هيو “Cultural Activism to Counter Extremism in Sindh” هن سيشن جو موڊريٽر اظهار سومرو هيو جڏهن ته اسپيڪرس ۾ سنڌ جو تعليم ۽ ثقافت جو وزير سيد سردار شاهه ۽ نورالهده شاهه شامل هيا. ٻنهي ڏاڍو سُٺو ڳالهايو. ميزبان ۽ نورالهده شاهه وزير صاحب جي تعريف به ڪئي ۽ تنقيد به ڪئي. سوالن هلندي اڳيان هجڻ باوجود به منهنجا سوال رهجي ويا، اهو ڄاڻي واڻي ٿيو يا اتفاقيه ان تي ڪا راءِ نه ڏبي ... پر سوال اهم هيا. سوچيم ته اهي سوال هتي ئي ڇڏي ڏيان متان وزير موصوف يا ان جو ڪو ڪامورو جواب ڏئي. هڪ سوال ميڊم نورالهده شاهه کان هيو ته ”هي جو اسان هيترو سارو ڳالهايون پيا ته اسان انتها پسندي جو مقابلو ثقافت ۽ تصوف ذريعي پيا ڪيون ۽ مثال آهن ميلا ۽ فن ۽ فنڪار يا صوفي ازم ..... ڇا اهو وڏو سبب ناهي جو اسان تعليم، سائنس ۽ تحقيق کان هٽي ويا آهيون ۽ ميلن ملاکڙن ۾ ڦاسي ويا آهيون؟“. منهنجو سوال وزير موصوف کان پڻ هيو ته اوهان هيترو خرچ ڪيو ٿا، ميلا ملاکڙا لڳرايو ٿا پر ساڳي وقت ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جي نمائش ۾ ثقافت کاتي يا ادبي بورڊ ۽ سنڌي ليئگيوئيج اٿارٽي پاران ڪتابن جو اسٽال نه هجي ته ان غير ذميواري تي ڪنهن کان پڇون؟ سوال ڪتابن جي فروخت جو نه پر مالڪي ۽ موجودگيءَ جي احساس جو هوندو آهي. جتي صوبي جو وڏو وزير، تعليم جو وزير، ثقافت جو وزير اچي ۽ ڪتابن جا اسٽال به گهُمي ۽ سواءِ ڪويتا پبليڪيشن جي ڪوبه سنڌي پبليڪيشن جو اسٽال نه هجي ته اها ڪيڏي وڏي ناڪامي ۽ افسوس واري ڳالهه چئبي. مون کي ياد ٿو اچي ته ڪجهه سال اڳ به ايئن ئي ٿيو هو ۽ مان ان تي عوامي آواز ۾ هڪ ڪالم لکيو هو. جنهن جي جواب ۾ ان وقت جي سنڌي ٻولي اٿارٽي جي چيئرپرسن صاحبه ڪالم لکيو هو جنهن جو عنوان هيو ”ڄڃ پرائي، احمق نچي“. متان هن دفعي به ڪامورا ساڳيو جواب ڏين ته اسان کي لکت م ڪونه چيو ويو هو يا دعوت ڪانه هئي .... جناب پوءِ هي وزير موصوف ڪيئن پهتا؟ سنڌ جي ڪامورا شاهي ۽ سنڌ جو شعور فيسٽيول ۾ ڇو هيو؟ هن دفعي به سنڌي گهراڻن خاص ڪري نوجوانن جو وڏو انگ ”ڪي ايل ايف“ ۾ موجود هيو، جيڪا هڪ اميد پيدا ڪندڙ ڳالهه آهي. اميد ته سنڌ حڪومت اڳتي اهڙن ميلن ۾ نه صرف ڪتابن جا اسٽال لڳائيندي پر سنڌي پبلشرن جي مدد به ڪندي جيئن هو اتي سنڌ جي علم ۽ ادب جي نمائش ڪري سگهن.

روزانه عوامي آاوز 6 مارچ 2019ع

May 13, 2018

زندگيءَ کي جياپو ڏيندڙ سنڌي سائنسدان خالد ٿيٻي جي انقلابي تحقيق



پاڻي الله تعالى جي سڀ کان وڏي نعمت آهي. پاڻي اسان جي زندگيءَ جو اهم جزو آهي. پاڻي کان سواءِ انسان جو زنده رهڻ ناممڪن آهي. جيتوڻيڪ پاڻيءَ مان غذائيت معلوم نه ٿي ٿئي پر پوءِ بہ حقيقت اھا آهي تہ اسان جي غذا جو اهم جزو آهي. انسان جي جسم ۾ 60 کان 70 سيڪڙو تائين پاڻي هوندو آهي. پاڻي ھڪ اھڙي قدرتي نعمت آھي جيڪا زندگين کي زندگي ڏيندي آھي. دنيا جي مڙني مذهبن توڙي فڪري ماخذن منجه پاڻيءَ کي مقدس حيثيت مليل آهي. ان ۾ ڪو شق ناھي تہ پاڪستان سميت سموري دنيا ھن وقت پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ جنگ وڙھي رھي آھي. دنيا ۾ ۽ خاص ڪري ٽين دنيا يا اسرندڙ ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ بيمارين جو سبب آلودہ پاڻي ئي آھي. پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ھن وقت سڄي ملڪ ۾ پاڻيءَ جي خراب حالت تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي تحقيق ڪري رھي آھي. سڄي دنيا زراعت ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ پريشان آھي. چون ٿا ايندڙ جنگيون پاڻيءَ جي ڪري بہ لڳي سگھن ٿيون. اھڙي صورتحال کي ڏسندي دنيا جا ڪيترائي سائنسدان ان تحقيق جي پويان ھئا تہ ڪيئن آلودہ، گندگي ڀريل، سامونڊي ۽ ملاوٽ واري پاڻيءَ کي سولي ۽ سَستي نموني صاف ۽ پيئڻ لائق بڻائي سگھجي. دنيا جون ڪيتريون ئي ڪمپنيون فلٽر ذريعي پاڻي صاف ڪري وڪرو ڪن ٿيون جنھن سبب اربين روپيا تہ ان تي ئي لڳي وڃن ٿا. جتي مٺو پاڻي ناھي اتي تہ پاڻي جو قدر اڃا بہ وڌي وڃي ٿو.
جيئن جيئن دنيا ترقي ڪري پئي ۽ صنعتي يا فني ترقي ٿئي پئي تيئن ئي پاڻيءَ جي آلودگي يا گدلاڻ وڌي رھي آھي. اھڙي پريشاني واري دور ۾ سوشل ميڊيا تي خبر ملي تہ سنڌ جي ھڪ نوجوان سائنسدان ھڪ انقلابي ڪم ڪري دنيا لاءِ صاف پاڻيءَ جي آساني پيدا ڪري ڇڏي آھي. ضلعي خيرپور جي ھڪ ننڍي شھر ٽالپر وڏا سان تعلق رکندڙ خالد حسين ٿيٻي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان 2005ع ۾ ڪيميسٽري ۾ ماسٽرس ڪري پھريون نمبر کڻندڙ خالد ٿيٻي مانچسٽر وڃي ايم فل ڪئي ۽ اسلام آباد جي ھڪ اداري ۾ نوڪري ڪندي، کاتي معرفت چائنيز اڪيڊمي آف سائنس جي مالي سھڪار سان پي ايڇ ڊي ڪرڻ چائنا جي ھڪ ٽاپ رينڪنگ يونيورسٽي ويو، جتي ھي تحقيق ڪري رھيو آھي. خالد ٿيٻو پاران Graphene گريفين مان ھڪ اھڙو تھہ/جھلي تيار ڪئي آھي جيڪا نہ رڳو سَستي پر پُر اثر بہ آھي ۽ صنعتي نيڪال سبب خراب ٿيل پاڻيءَ کي ٿوري وقت ۾ گهڻي مقدار ۾ صاف ڪرڻ جي بہ صلاحيت رکي ٿي. جنھن ذريعي غير ضروري لوڻياٺ، زھريلا مادا، غير ضروري ڪيميڪل، گٽر مليل گندگي ۽ بدبو ختم ٿي وڃي ٿي .
گريفين جي تھہ تي سڄي دنيا مان ڪيترن ئي سائنسدانن پاران مختلف شيون استعمال ڪندي اھڙي تھہ وارو سامان تيار ڪيو ويو آھن جيڪو لاڀائتو رھيو آھي، اڄڪلھہ جنھن مٽيريل جو چرچو عام آھي سو آھي گريفينGraphene . گريفين اصل ۾ عام عنصر ڪاربان جو ئي ٻھروپ آھي. ڪيميائي ٻھروپ جيڪي اسان کي مئٽرڪ ۽ انٽر جي سائنس ۾ پڙھايا ويا ٿا، جنھن جو مطلب آھي تہ ساڳيو ئي ائٽم مختلف بناوٽن سان الڳ الڳ شيون ٺاھي سگھي ٿو. ايئن جيئن ڪوئلو بہ ڪاربان ائٽم مان ٺھي ٿو ۽ ساڳي ڪاربان جي مختلف ڪيميائي بناوت سان اھو ھيرو بہ ٺھي پوي. ايئن ئي تھہ در تھہ ٿي ھڪي ٻئي سان ملي ڪاربان جي ھڪ بناوت جو نالو گريفائٽ پڻ آھي، جنھن جو عام مثال پينسل ۾ استعمال ٿيندڙ پٿر آھي. دنيا ۾ اڄڪلھ نينو ٽيڪنالاجي جو زور آھي، مطلب شين کي ننڍي سائز ۾ آڻي وڌيڪ فائدو حاصل ڪجي. مختلف سائنسدانن گريفائٽ جي ھڪ ائٽم جيترا سنھا تھہ تيار ڪري انھن کي ھڪ ٻئي مٿان چاڙھي فائدي جي قابل بڻايو جيئن بجلي جي اوزارن ۾ ۽ فلٽريشن لاءِ استعمال، ڇو تہ گريفين جو تھہ بجلي پسرائڻ جي انوکي قابليت رکي ٿو ۽ گريفين جي تھن ۾ موجود خال پاڻي کي گذاري ان ۾ موجود گدلاڻ وارا مادا روڪڻ جي وڏي صلاحيت پڻ آھي. گريفين ٺاھي ان کي نواڻ ڏيندڙ مانچيسٽر جي ٻن سائنسدانن کي 2010 ۾ ان ئي ڪم تي نوبل انعام پڻ ملي چڪو آھي، جيڪي ھن ڪم جو بنياد وجھندڙ آھن.
جيئن ئي گريفين جي انوکي استعمال جو دروازو کُليو تہ سڄي دنيا جا سائنسدان نئين انداز سان گريفين جي تھن ٺاھڻ ۾ لڳي ويا جيئن ان مان پاڻي گذاري سگھجي، پر ڪنھن کي بہ ڪو سولو ۽ آسان طريقو ڪونہ ملي سگهيو.، پر 2013 ۾ چين جي زيجانگ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر چائو گائو جي اڳواڻيءَ ۾ تحقيق ڪندڙ سائنسدانن جي ھڪ ٽولي ڪوشش ڪئي تہ گريفين جي تھن کي اھڙي ترتيب ڏجي جو انھن وچ ۾ نينو سائز فاصلو بہ برقرار رھي تہ گڏوگڏ اھي پاڻي کي رستو بہ ڏين ۽ پاڻيءَ جي گدلاڻ ۽ غير ضروري ميراڻ بہ ختم ڪن ھنن کي پوري ڪاميابي نہ ملي جو تھن کي ڳنڍڻ سبب پاڻيءَ جو مقدار بلڪل گهٽجي رھيو ھو. پر ھنن پنھنجو ڪم مڪمل ڪري ھڪ بين الاقوامي سائنس جي جرنل ۾ ڇپرايو جيئن ٻيا بہ رستو ڳولي سگهن. سندن ٺاھيل گريفين آڪسائڊ مان پاڻي گذري صاف ٿي رھيو ھو جنھن جا ماپا ھن ريت ھئا. جيڪڏھن ھڪ چورس ميٽر جي تھہ تيار ڪجي تہ ان مان ھڪ ڪلاڪ ۾ 21.8 ليٽر پاڻي صاف ٿي نڪري سگھيو ٿي ان دؤران ھوا جي داٻ کي پڻ ڪجھہ گھٽ رکڻو ٿي پيو.
ھوڏانھن خالد ٿيٻو بہ رات ڏينھن ھڪ ڪري تجربا ڪري رھيو ھيو تہ جيئن انسان جي جياپي جي سڀ کان وڏي بنيادي ضرورت جي پورائيءَ لاءِ ڪجه ڪري ڏيکارجي. ھن پروفيسر وينسي رين جي رھنمائيءَ ۾ آڪسيجن جا مختلف مرڪب مختلف ذريعن کان حاصل ڪندي تجربا جاري رکيا. نيٺ ھڪ ڏينھن ھن کي ڪاميابي ملي وئي. ھن چانھہ ۾ موجود آڪسيجن جا مرڪب ٿيونين ۽ ٽينن استعمال ڪندي گريفين آڪسائڊ جا تھہ ٺاھيا جيڪي نہ رڳو مددگار ثابت ٿيا پر اڳين تجربن جي ڀيٽ ۾ گھڻا مضبوط ۽ پر اثر ثابت ٿيا. وري وڏي مزي جي ڳالھہ اھا ٿي تہ چانھہ جي پتيءَ مان حاصل ڪيل آڪسيجن جا مرڪب بلڪل سستا ٿي ٺھيا. جڏھن خالد ٿيٻو پاران اھي تھہ ٺاھي ان مان گدلو پاڻي گذاريو ويو تہ پاڻي نہ رڳو صاف ٿيو پر ان جي رفتار بہ مٿي ذڪر ڪيل تھن توڙي اڳ ۾ ٻين سائنسدانن پاران ڪيل تجربن کان ھزارين دفعا وڌيڪ بھتر ھئي. خالد ٿيٻو پاران تيار ڪيل تھہ مان پاڻيءَ جي صاف ٿيڻ مھل وھڪرو ھڪ چورس ميٽر جي حساب سان ھڪ ڪلاڪ ۾ يارنھن ھزار ليٽر ھو، ۽ پوءِ بہ تھہ سلامت رھيو ٿي. تھن جي افاديت کي پرکڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ ھٿ سان ڪپڙي جي صنعت ۾ استعمال ٿيندڙ ٻہ رنگ ملايا ويا جيڪي صنعت ۾ استعمال ٿين ٿا ۽ گدلي پاڻيءَ ۾ نيڪال ٿي وڃي وھندڙ پاڻيءَ ۾ ملن ٿا جتي موجود آبي جيوت ۽ انسانن کي نقصان رسائين ٿا. اھي ٻئي رنگ پڻ ان تھہ ۾ جذب ٿي ويا ۽ وھي ويل پاڻيءَ ۾ انھن جو ڪو ذرو بہ نہ رھيو ھو. وڏي ڳالھ تہ سندس ڪيل ڪم ۽ سائنسي تحقيقي مقالو سائنس جي دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڇپجندڙ جرنل نيچر ڪميونيڪيشن ۾ شايع ٿيو جيڪا پڻ ھڪ وڏي فخر جوڳي ڳالھہ آھي. ڇو تہ انھي جرنل ۾ پاڪستان جي چند وڏن سائنسدانن جا مقالا ئي ڇپجي سگھيا آھن.
خالد ٿيٻي جي ھن انقلابي ڪم تي چين جي حڪومت پاران کيس ملڪ جي سڀ کان وڏي سول اعزا ز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. يقينن سندس نالو نوبل انعام لاءِ بہ نامزد ڪيو ويندو. ھن وقت جڏھن سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي اھليت تي سوال اٿاريا وڃن ٿا تہ اھڙي وقت ۾ نوجوان سائنسدان خالد حسين ٿيٻي جو ھي ڪم اھڙن ماڻھن جي منھن تي ھڪ چماٽ ثابت ٿي رھيو آھي جيڪي سنڌين کي نا اھل سمجھن ٿا. اسان سڀني سنڌ واسين کي خاڪ کي سون بڻائيندڙ ھن نوجوان تي فخر آھي. سنڌ جي مٽيءَ جو ھي ماڻھو وڏي مڃتا لھڻي جيڪا پاڪستان جي ميڊيا کيس ناھي ڏئي سگھي. مان سنڌ جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دوستن کي عرض ڪندس تہ خالد ٿيٻي کي خوبصورت ڀيٽا ڏيو جيڪا اصل ۾ سنڌ کي ڀيٽا آھي، انسانيت کي ڀيٽا آھي.


روزانہ عوامي آواز سنڊي ميگزين 13 مئي 2018ع







April 25, 2018

ارڙھين ترميم، سنڌ جون نيون يونيورسٽيون ۽ سنڌي شعبن کان انڪار


ارڙھين ترميم، سنڌ جون نيون يونيورسٽيون ۽ سنڌي شعبن کان انڪار

محمد سليمان وساڻ

ارڙھين ترميم کانپوءِ صوبن کي مليل اختيارن تي خوب سياست ٿي، دھل وڳا ۽ اسان جھڙا دوسو به خوب نچيا. تعليمي اختيار صوبن کي مليا ته اسان کي اھا اميد ٿي پئي ته اسان جي مادري ٻولي سنڌيءَ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ به کوڙ ساريون ڪوششون ورتيون وينديون. پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو مايوسيون پلئه پونديون رھيون.
سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبلي مان نون تعليمي ادارن خاص ڪري يونيورسٽين جا بِل پاس ڪيا، اھي ادارا جُڙيا ۽ حڪومت پنھنجي بجيٽ لڳائي. ادارن ۾ ويٺل سربراھن جي تعريف ٿي انھن کي ھار پاتا ويا، پر ڇا ٿيو جو ھنن مادري ٻولي سنڌيءَ کي پاسيرو رکيو، چون ٿا ترقيءَ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي ضرورت ناھي. اھڙن ادارن مان سنڌ مدرسو يونيورسٽي، بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري، بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاھ سرفھرست آھن. لياري يونيورسٽيءَ سان ته ڪراچي جي ٻھراڙي خاص ڪري گڏاپ جي ڪاليجن جو الحاق به آھي. خبر ناھي ڇو جڏھن انھن ادارن ۾ ويٺل چڱن مڙسن يا سندن ساٿارين کان سنڌي شعبي بابت اھو سوال ڪجي ٿو ته خفا ٿي چڙي پون ٿا.
وڏي ڳاله اھا ته انھن ادارن ۾ ويٺل سربراھ سنڌي ئي آھن. سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته آخر سڀني شعبن کي ھلايو ٿا ته پوءِ صرف سنڌي شعبي لاءِ اھڙي ٽال مٽول ڇو؟ ڪڏھن چون ٿا ته شاگرد ناھن، ڪڏھن چون ٿا ته فيڪلٽي ناھي، ڪڏھن وري چون ٿا ته ڪمرا ئي ناھن. انھن دوستن کي ڪير سمجھائي ته ٻوليين جا شعبا ان ٻوليءَ جي اوسر ۽ تحقيق لاءِ ھوندا آھن، ٻولين جا شعبا يونيورسٽين جو مان ھوندا آھن، مثال طور ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ھر ٻوليءَ جا شعبا آھن، ڪيترن ۾ ته شاگرد ئي ناھن مثال طور ھڪ بنگالي ٻوليءَ جو شعبو آھي جنھن ۾ صرف ھڪ شاگرد آھي، ڪنھن سال ته وري ھڪ به ناھي ھوندو. ڀلا ھتان جي يونيورسٽين کي ڇڏيو ٽوڪيو (جپان) جي يونيورسٽي سنڌي شعبو ڇو کوليو آھي؟ ڇا اتي ڪي سنڌي آباد آھن؟ ڇا اتان جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي ٻولي پڙھائي وڃي ٿي؟
ڪجھ ڏينھن کان اسان ڪجهھ دوست ميڊيا خاص ڪري پرنٽ ميڊيا يا سوشل ميڊيا ۾ مٿين يونيورسٽين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي شعبن جي گهر ڇا ڪئي ڄڻ ڪاريھر تي پير رکيو آھي. ڪجهھ ڏاھن کي ڇڏي باقي اسان جا اڪثر وڏا ليکڪ، اديب، ساڃاھ وند، مفڪر ۽ ڏاھا خاموش آھن، سنڌي ٻولي اٿارٽي ھجي يا سنڌي ثقافت جو کاتو الائي ڇو ڪن لاٽار کان ڪم پيا وٺن. اسان جا وزير، ڪامورا ۽ اسيمبلي ميمبر به چُپ ڪيو ويٺا آھن. کين ڪير سمجهائي ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي مالڪي ۽ وارثي ڪيئن ٿيندي؟ ڇا سنڌي ٻوليءَ جو شعبو کولڻ سان ڪنھن ٻيءَ ٻوليءَ جو استحصال ٿيندو؟ ڇا سنڌي شعبو کولڻ سان يونيورسٽين جي ترقيءَ جي راھ ۾ ڪي رڪاوٽون اينديون؟ ڀلا اوھان سنڌي شعبو کوليو آھي جو اڳ ئي پيا ڊڄو. اسان جي ڪراچي يونيورسٽي ۽ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ کي ئي ڏسو تہ ڪيئن نہ تحقيق جي ميدان ۾ ڪم پيو ٿئي. ٻوليءَ جي مختلف موضوعن، شاعرن جي ڪم ۽ ڪھاڻيڪارن ۽ اديبن تي تحقيقي ڪم پيو ٿئي. اوھان به پنھنجي ڌرتي ماءُ جي ٿڃ ملھايو ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ دروازا کوليو.اسان حڪومت سنڌ خاص ڪري وزير اعلا سنڌ کي نماڻي گذارش عرض رکون ٿا ته مھرباني ڪري سنڌ ۾ جيڪي به يونيورسٽيون قائم ڪيون ويون آهن تن ۾ سنڌي شعبا قائم ڪري سنڌي ماڻهن جي جذبات جو احترام ڪيو وڃي ۽ سنڌي ٻوليءَ سان ٿيندڙ ويساھ گھاتين طرف ڌيان ڏنو وڃي.
سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي ويجهڙ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي حيثيت ۽ اهميت کي نظر ۾ رکندي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري، استعمال ۽ تعليم لاءِ پنهنجن مختلف حڪومتي دؤرن ۾ قانون سازي ڪئي آهي، جيڪا واکاڻ جوڳي آهي، پر ڪيترن ئي قانونن تي اڃا تائين عمل ڪو نه ٿيو آهي. سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ نين جنرل يونيورسٽين سنڌ مدرسي يونيورسٽي، شهيد بينظير يونيورسٽي لياري ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاه ۾ سنڌي شعبا کوليا وڃن. بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ڪراچيءَ مان سنڌي شاگردن کي سنڌي لازمي مضمون پڙهائڻ جي منظوري ڏياري ان تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي.
سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972ع موجب يارهين درجي ۾ سنڌي لازمي مضمون جي تدريس شروع ڪرائي وڃي. ڪراچيءَ جي ڪاليجن مان سنڌي مضمون جي استادن جي بيدخلي روڪرائي وڃي. سنڌي ٻوليءَ ۾ سرڪاري پڌرناما ۽ اعلان جاري ڪرايا وڃن. ڪراچيءَ ۾ ڀليڪار جا بورڊ سنڌيءَ ۾ به لڳايا وڃن. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ سنڌيءَ ۾ به لکپڙهه ٿيڻ گھرجي. مختلف ادارن جا سائن بورڊ ۽ سنڌ بئنڪ جو نالو سنڌيءَ ۾ لکرايو وڃي.


روزانہ عوامي آواز 25 اپريل 2018ع

March 12, 2016

ڪمپيوٽر تي آيل سنڌي ٻولي وڌيڪ ترقي ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟


ڪمپيوٽر تي آيل سنڌي ٻولي وڌيڪ ترقي ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟

محمد سليمان وساڻ

دنيا جي لاتعداد ٻولين مان سنڌي به هڪ قديم ٻولي آهي، جنهن جو اندازو موهن جي دڙي مان مليل آثارن مان پڻ لڳائي سگهجي ٿو. 1011 هجريء ۾ ٺٽي جي عالم مخدوم ابوالحسن سنڌيء ۾ پنهنجو ڪتاب “مقدمه الصلوات” متعارف ڪرايو جيڪو درسگاهن ۾ نصاب طور پڙهايو ويندو هو.ننڍي کنڊ تي جڏهن انگريزن قبضو ڪيو ته سنڌي ٻوليءَ جي قدامت کي ڏسي ان کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ۽ ڪمشنر “سر بارٽل فريئر” 1857ع ۾ اهڙو پڌرنامو پڻ جاري ڪيو هو، جنهن ۾ واضح طور ڄاڻايل هو ته سنڌ ۾ سموري دفتري لکپڙهه سنڌي ٻوليء ۾ ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڪو شخص عربي يا ڪنهن ٻي ٻوليء ۾ لکپڙهه ڪندو ته ان جو لازمي سنڌي ترجمو پڻ شامل ڪندو ٻيءَ صورت ۾ اها لکپڙهه قابل قبول نه هوندي.
ورهاڱي کان اڳ سنڌي ٻوليء ۾ ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا ڇپندا رهيا ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوء به اهو سلسلو جاري رهيو. ويهين صديء ۾ جڏهن ڪمپيوٽر ايجاد ٿيو ته ان جي مقبوليت سنڌ ۾ پڻ وڌي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪمپيوٽر هر گهر ۽ آفيس جي ضرورت بڻجي ويو. ڪمپيوٽر تي پڻ سنڌي ٻولي آڻڻ هڪ چئلينج هيو ۽ ان لاء محترم سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء 1987 ۾ “مئڪنٽاش” ڪمپيوٽر تي شروعات ڪئي ۽ تمام سهڻا ۽ معياري فونٽ پڻ ٺاهيا جنهن سان خانگي ڪتاب ڇاپگاهن ۾ سنڌي ادب کي وڌائڻ لاء ڄڻ ته چٽا ڀيٽي شروع ٿي وئي. “مئڪنٽاش” جي دور کانپوء سنڌي ٻوليء کي آئي بي ايم ڪمپيوٽر تي آندو ويو ان جو سَهرو محترم اياز شاهه کي سونهي ٿو، جنهن عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جي مئڪنٽاش وارو سمورو پروگرام آئي بي ايم تي منتقل ڪيو ۽ ونڊوز 3.11 ۽ ونڊوز 95 تي سنڌي پروگرام هلڻ لڳو. نت نون مونجهارن کي محسوس ڪندي ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته مختلف ريجن جون ٻوليون هجڻ ڪري صرف انگريزيءَ تائين محدود نه هئڻ گهرجي جنهنڪري مختلف ٻولين ڪمپيوٽر ڪوڊ جي شڪل ۾ آڻڻ لاء يونيڪوڊ آرگنائيزيشن جو بنياد وڌو ويو . جڏهن عربيء جو يونيڪوڊ متعارف ٿيو ته هڪ وڏو مسئلو ساڄي کان کاٻي لکڻ حل ٿي ويو ۽ جيئن ته سنڌي الفابيٽ بنيادي طور عربيء سان ملندڙ آهي ان ڪري سنڌيء کي عربيء سان ڳنڍڻ سولو ٿي پيو. محترم عبدالماجد ڀرڳڙيء (جيڪو ان وقت آمريڪا ۾ رهيل هو) هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي زبان کي يونيڪوڊ سان ڳنڍي هڪ انقلابي قدم کنيو. جنهن کي اڳتي هلي msn گروپ تان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي پليٽ فارم تي جاري ڪيو ويو.
اڳتي هلي جڏهن انٽرنيٽ متعارف ڪرايو ويو ته سائين عبدالماجد ڀرڳڙيءَ سنڌي ٻوليء کي انٽرنيٽ تائين آسان بڻائي ڇڏيو ۽ بهترين سنڌي ويب سائيٽون ٺهڻ لڳيون. پر ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته بحث مباحثي ۽ معلومات کي هڪ ٻئي سان ونڊڻ جي لاء سنڌي فورم جي شروعات ڪجي ڇو ته ڪوبه سنڌي فورم انٽرنيٽ تي موجود ڪونه هئو. پر سنڌ سلامت فورم اهو خال به ڀري ورتو. ساڳي وقت ڪيترن ئي دوستن سهڻا سنڌي فونٽ به تخليق ڪيا جيڪي ڪيلگرافڪ، ٽيڪسٽ يعني پرنٽ جي لکائي ۽ ويب فونٽ سڀ الڳ ڏيک ڏين ٿا. فونٽ جي دنيا ۾ عبد الماجد ڀرڳڙي، اياز شاهه، ستار زرگر، شبير ڪنڀار، ايس ايم صاريم، عرفان شڪارپوري ۽ ٻين دوستن جو ڪم قابل تعريف آهي. هن وقت سنڌيءَ جا ساڍا چار سئو کان مٿي فونٽ ٺهي چڪا آهن.
سنڌ سلامت پاران جڏهن نوجوانن جي لاءِ سنڌي بلاگ ٺاهڻ جي سکيا ڏيڻ سان گڏ سنڌي بلاگن جا ٽيمپليٽ جوڙيا ويا ته ان هڪ نئون انقلاب آندو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترائي سنڌي بلاگ نيٽ جي دنيا ۾ اچي ويا. نه صرف اهو پر سوشل ميڊيا تي سنڌي ٻوليءَ ۾ نوان بحث، نيون ڊزائينون ۽ تخليقون سامهون اچڻ لڳيون. آصف نظاماڻي، آفتاب کوهاري ۽ آفتاب سرهيي جهڙي دوستن ڪمپيوٽر تي السٽريشن ذريعي ڊجيٽل پينٽنگ ۽ ڊزائننگ جا نوان در کوليا.

سنڌي ڪمپيوٽنگ جون ڪجهه ڪاميابيون:

1. يونيڪوڊ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سموري الفابيٽ جو شامل ٿيڻ.
2. مائڪروسوفٽ پاران ونڊوز ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شامل ڪرڻ.
3. گوگل ٽرانسليشن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو شامل ٿيڻ جنهن ذريعي دنيا جي 103 ٻولين کي سنڌي ۾ يا سنڌيءَ کان 103 ٻولين ۾ ترجمو ڪري سگهجي ٿو.
4. سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي پاران ڇهه لک چوٽيهه هزار لفظن جو لغت (ڊڪشنري) پورٽل آڻڻ.
5. آنلائين سنڌي ڪتاب گهر ۾ سنڌ سلامت پاران 800 سنڌي ڪتاب آڻڻ.
6. سوين خوبصورت سنڌي فونٽن کي هڪ جاءِ تي رکڻ لاءِ ”سنڌ سلامت فونٽ سرور“ جي تخليق.
7. اينڊرائيڊ فون تي ڪيترن ئي سنڌي ڪيبورڊز جي تخليق جنهن سان سمارٽ فون تي پڻ سنڌي ۾ لک پڙهه جو آسان ٿي پوڻ.
8. ڪيتريون ئي سنڌي ڊڪشنريون، سنڌي ڪتاب ۽ سنڌي اپليڪيشنز جيڪي سمارٽ فون ۽ ڊيسڪٽاپ يا ليپٽاپ لاءِ مفت موجود آهن.
9. هزارين سنڌي بلاگز، ويب سائيٽس ۽ فورمس جو ٺهڻ.
10. ايپل جي ميڪ سسٽم ۽ آءِ فون تي سنڌي ڪيبورڊ جو ٺهڻ.

انکانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي ڪاميابيون شامل آهن جنهن سبب هر ڪم جيڪو انگريزي ۾ٿئي سو سنڌي ٻوليءَ ۾ به آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿو. ڪيتريون ئي اخبارون آنلائين موجود آهن جن مان ڪيتريون ئي هر گهڙي اپڊيٽ ڪيون وڃن ٿيون ۽ هر خبر کان با خبر رهي سگهجي ٿو. شاعريءَ جا ڪيترائي گروپ ۽ ويب سائيٽون ٺهي چڪيون آهن. اليڪٽرانڪ ميڊيا جي چينلز پاران سمارٽ فون اپليڪيشنز پڻ متعارف ٿي چڪيون آهن جن مان ڪي ٽي اين سرفهرست آهي.

هاڻي ڪجهه ذڪر انهن ڳالهين جو جيڪي سنڌي ڪمپيوٽنگ لاءِ لازمي آهن.

1. سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود ڪجهه اکرن جي بيهڪ جو مسئلو جنهن ۾ جهه ۽ گهه شامل آهن انهن جو حل ڪڍڻ.
2. سنڌي او سي آر (Optical Character Recognition) ٺاهڻ جيئن لکت واري تصويرن، فوٽوڪاپي يا اسڪين ڪيل مواد کي ترميم ٿيندڙلکت ۾ تبديل ڪري سگهجي. جيڪڏهن اهو ڪم ٿيو ته اسان پنهنجو سمورو پراڻو ادبي ۽ علمي ڪتابن جو ذخيرو ڪمپيوٽر تي آنلائين ڪري سگهنداسين.
3. سنڌي اسپيل چيڪر جي سافٽويئر جي سخت ضرورت آهي جيئن پروف ريڊنگ جي غلطين کي گهٽائي سگهجي.
4. گوگل ترجمي کي 100 فيصد مڪمل ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي وڏي ٽيم جي ضرورت جيئن گوگل جو معياري سنڌي ترجمو ڪري ان کي آوازن ۾ به آڻجي.
5. هڪ اهڙي اداري جو قائم ٿيڻ ۽ سرگرم هجڻ جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي جديد ٽيڪنالاجي سان گڏ گڏ هلڻ لاءِ سامهون ايندڙ مسئلن جو حل ڳولي، ٻولي ماهرن سان ويهي انهن جو تڪڙو حل ڪري سگهي ۽ پنهنجا فيصلا مڃائي سگهجي.
6. ٻولي ماهرن کي سنڌي الف ب مان مخرجن کي گهٽائڻ يا ختم ڪرڻ لاءِ تڪڙي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جيئين لکت کان آواز ۽ آواز کان لکت واري اپليڪيشنز ۾ پريشاني نه ٿئي.
7. يونيورسٽين ۽ ٻين اهڙن ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جا پروجيڪٽس لازمي ڪرڻ جيئن ڪمپيوٽر جا گريجوئيٽس سنڌي ڪمپيوٽنگ کي سمجهي سگهن ۽ ان جي بهتري لاءِ ڪم ڪندا رهن.
8. اخبارن کي ان ڳالهه تي راضي ڪرڻ ته هو پنهنجيون ويبسائيٽس اميج يعني تصويرن بجاءِ ٽيڪسٽ ۾ ٺاهن ته جيئن سنڌي لفظن ۽ سنڌي مضمونن جو ذخيرو نيٽ تي موجود ٿي سگهي.
9. ڪتاب گهر ۽ ڇاپي گاهن جي مالڪن کي گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ جي وسيع مفاد ۾ پنهنجا ڪتاب آنلائين ڪن يا انهن ادارن کي موڪلين جيڪي ڪتاب آنلائين ڪرڻ جو ڪم پيا ڪن.

سوشل ميڊيا ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ان اميد کي جيئاريو آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي ختم ٿيڻ جا جيڪي خطرا هيا اهي گهٽ ضرور ٿيا آهن. هي ڪم ڪنهن ادارن يا رياست نہ پر سنڌي ٻوليءَ جي عاشقن اڪيلي سِر ڪيو آهي جنهن مان اڪثريت نوجوانن جي آهي. سائين عبدالماجد ڀرڳڙي، اياز شاهه، رشيد سمون، امر فياض، عباس ڪوريجو، علي حسن ملاح، شبير ڪنڀار، عبيد الله ٿهيم، سجاد چنا، عامر ضياء چارڻ، جاويد احمد سولنگي، جاويد رحمان ميمڻ ۽ ٻيا دوست اڻٿڪ ڪوششون ڪري رهيا آهن. اسان مان سڀني کي گهرجي ته موبائل فون ۽ ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻوليءَ کي استعمال ۾ آڻيون، سنڌي ويبسائيٽس ۽ اپليڪيشنز جو استعمال وڌايون، ڪمپيوٽر کي استعمال ڪرڻ سکون ۽ پنهنجن ٻارن کي بہ ان جي ترغيب ڏيون. ياد رکو سنڌي ٻولي اسان جي ٻولي آهي، اسان کي ئي ان جي ترقي ۽ جيئدان لاءِ پاڻ پتوڙڻو آهي.
ڪاوش سنڊي ميگ 13 مارچ 2016ع

February 09, 2015

ڪراچي لٽريچر فيسٽيول، سنڌي ٻولي ۽ اسان جون ذميواريون

ڪراچي لٽريچر فيسٽيول، سنڌي ٻولي ۽ اسان جون ذميواريون

محمد سليمان وساڻ

ڪراچي جي بيچ لگزري هوٽل ۾ منعق ٿيندڙ ڇهين ٽن ڏينهن واري ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۾ وڃڻ ٿيو ۽ ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي. هن ايونٽ ۾ گهڻو ڪجهه سکڻ لاء مليو. ٻارن لاء پينٽنگ ۽ ٻين سرگرمين جا ڪيئي پروگرام هيا. ڪيترن ئي علمي، ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن سان گڏ صحافتي ۽ فن جي دنيا سان واڳيل اهم ماڻهن سان ملاقات ٿي ۽ ڪچهريون ٿيون.  اتي وڃي اهو محسوس ڪيم ته سنڌي ماڻهو هن دفعي هن ميلي ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ آيل آهن، جن ۾ فيمليز سان گڏ نوجوانن جو وڏو انگ شامل هيو، اها ڳالهه تمام گهڻو اتساهيندڙ هئي. هڪ ئي وقت ست ست پروگرام ملڻ سبب انتخاب ڪرڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿي. هن قسمن جي ميلن ۾ شرڪت ڪري ماڻهو علمي ۽ ادبي ڳالهيون سِکي ٿو ۽ گهڻو ڪجهه سمجهڻ لاء ملي ٿو جنهن سان دل ۽ ذهن جا دروازا کُلن ٿا.
هڪ وڏي مايوسي اها پڻ ٿي ته سنڌين جي هيڏي وڏي تعداد جي شامل ٿيڻ باوجود به ميلي ۾ هڪ به سنڌي ڪتابن جو اسٽال موجود ڪونه هيو. سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ علمي ۽ ادبي ميلو هجي ۽ اتي سنڌي ڪتابن جا دڪان موجود نه هجن ته ڪيڏي مايوسي ٿيندي. معلوم ڪرڻ تي اهو پتو پيو ته صرف 15 هزار روپين جي بوڪنگ سان اسٽال پئي مليا پر اسان جي ادارن ۾ ويٺل اديبن، دانشورن ۽ اسان جي نمائندن صرف مايوس ئي ڪيو. هتي نمائندگي ته سڀني پبلشرز کي ڪرڻ گهربي هئي جو هي ميلو سنڌي ٻوليء جي بقا لاء اهم هيو ۽ سڀ پبلشرز ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪتاب ڇپائي اسان تي احسان ڪندي نظر ايندا آهن ۽ اهو محسوس پڻ ڪرائيندا آهن پر اسان جي سرڪاري ادارن خاص ڪري ثقافت کاتي، سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ڪراچي ۾ موجود شاهه لطيف چيئر ته بلڪل مايوس ڪيو. هڪ ٻي مايوسي اها به ٿي ته 70 يا 72 پروگرامن مان صرف ٻه سنڌي ٻولي جا پروگرام ٿيا جن ۾ هڪ سنڌي ڪهاڻي جي هڪ صدي ۽ ٻيو امر جليل جي آتم ڪٿا جو پروگرام جنهن ۾ به انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي.
هن ميلي ۾ الائي ڇو اردو ٻولي وارا گهڻي احساس ڪمتري ۾ نظر آيا جو انگريزي ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ هنن دخل اندازي ڪندي اردو ۾ ڳالهائڻ جو مطالبو ڪيو. ان قسم جو هڪ واقعو مهتاب راشدي پاران ڪيل پروگرام ۾ ٿيو جنهن ۾ عابده حسين ۽ ٻيا مقررپاڪستان جي سياسي حالتن تي ڳالهائي رهيا هيا. ٻيو واقعو سنڌ ڄائي بينا شاهه پاران تصوف ۽ سنڌ جي شهيدن جي سار ۾ لکيل انگريزي ناول A Season for Martyrs ۾ پيش آيو، جڏهن انگريزي ۾ ٿيندڙ ان پروگرام ۾ هڪ شخص ساڳيوئي مطالبو ڪيو. بينا شاهه هر سوال کي سهڻي انداز سان سمجهايو ۽ جواب ڏنو، ساڳي وقت هن تنقيد کي به مڃيو. هڪ نوجوان ناصر سومري شاهه لطيف جي وائي “سُور انهيءَ ساڙي، هُو جي ويا هليا” مڌر آواز ۽ ترنم سان ڳائي خوب داد حاصل ڪيو.

March 09, 2014

ٿر اوهان کي پڪاري ٿو


ڪنهن در ڏجي دانهن
ٿر اوهان کي پڪاري ٿو
محمد سليمان وساڻ 

ميڊيا تي ٿر جي تازي ڏڪار واري صورتحال ۽ لڳ ڀڳ 150 جانين جي وڃڻ واري خبر ڏسي سچ پڇو ته ڏاڍو ڏکارو ٿي وڃجي ٿو. سوچي رهيو هوس ته هي ڏڪار واري صورتحال هڪدم ته نه آئي هوندي ۽ خبر به پئي ته ٽي مهينا اڳ کان ان قسم جي صورتحال سامهون اچڻ شروع ٿي چڪي هئي. پر افسوس جو نه ته پرنٽ ميڊيا ۽ نه ئي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ۽ نه وري حڪومتي سطح تي ان قسم جي حالتن جي ڪا صحيح نموني نشاندهي ٿي سگهي. ٻيو ته ٺهيو پر سوشل ميڊيا جيڪا خبرن جي معاملي ۾ تيز آهي اها به ڪا اڳواٽ صورتحال بابت آگاهي نه ڏئي سگهي. جڏهن فوتي ٻارن جو انگ سينچري جو اسڪور ڪري چڪو هو ته پوء اها خبر باهه وانگيا پکڙجي وئي. ڏک اهو ٿيو ته اهڙي صورتحال هوندي به اسان جي پارٽين پاران ڪا منصوبه بندي تحت ڪم جي شروعات ڪرڻ کان اڳ تنقيدي نشستون شروع ٿي چڪيون آهن ۽ اسڪورنگ پوائنٽ حاصل ڪري بهتر تنقيد جا رستا ڳوليا پيا وڃن.
مان اهو به سوچي رهيو هوس ته شايد اسان وٽ تنظيمن ۽ صحافي لڏي ۾ اهڙن ماڻهن جي کوٽ ٿي وئي آهي ڇا جو خبرن تي تڪڙي انداز جي رپورٽنگ ڪندي اهڙي ڏکيي صورتحال جو ڪو اڳواٽ جائزو پيش ڪن. افسوس واري ڳالهه اها به آهي ته حڪومت ۽ انتظامي معاملا ڄڻ ته سنڌ ۾ آهن ئي ڪونه ... ٻيو ته ٺهيو پر ٿر جي ماڻهن تي قابض گادين وارا، عوامي نمائنده به گم رهيا ... ڀلا اهو سڀ به ڇڏيو ٽئٽر جي شهنشاهه بلاول ڀٽي جو ڪو پيغام جيڪڏهن سڀني ميمبرن ڏانهن ئي هجي ته اهي سڀ ڪم ڇڏي ماڻهن جي واهر ڪن ته به ان کي سٺي ڪاوش سمجهجي ها. وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت ۽ ملڪ رياض جا اعلان ڪاش اعلان نه هجن ۽ ماڻهن جي صحيح نموني پرگهور لڌي وڃي.

ٿر جي آبادي ايڏي گهڻي به ناهي جو اتي پهچي معاملن کي سلجهائي نه سگهجي پر ڳالهه آهي نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻ جي. سوشل ميڊيا جي انهن سڀني دوستن کي به جس هجي جيڪي عملي ڪم ۾ لٿا آهن. جس هجي انهن سڀني ماڻهن کي جيڪي عملي طور ٿر پهچي ماروئڙن جي مدد لاء پهتا آهن. مان سوچيان پيو ته هاڻي ڪنهن در دانهن رکجي ... بس دوستن کي سلام جيڪي سندرا ٻڌي سچائي ۽ نيڪ نيتي سان خدمت جي ميدان ۾ لٿا آهن. مان سڀني سڄڻن کي اپيل ڪندس ته هي مهل ڪنهن ڏوراپن ڏيڻ ۽ ڳالهين ڪرڻ جي ناهي، دوستن جو ساٿ ڏيو ۽ ٿر جي سونهن ٿري عوام کي بچايو ، ٿري هوندا ته ٿر جي سونهن به رهندي، ته محبت ۽ سڪ به رهندي ۽ جڏهن سونهن رهندي ته سنڌ به سلامت رهندي.

January 24, 2014

تعليم جي سڌاري جي هاڻ ته اميد به ختم پئي ٿئي

تعليم جي سڌاري جي هاڻ ته اميد به ختم پئي ٿئي

محمد سليمان وساڻ

گذريل دور ۾ پير مظهر الحق جڏهن تعليم جو وزير هيو ته سنڌ ۾ تعليم جو نظام ۽ انتظام بري طرح تباهه ٿيندو رهيو. انتظامي امور کان وٺي تدريس جي عمل تائين ۽ ان کانسواء کاتي ۾ ڪيل ڀرتين ۾ به بنا ڪنهن ميرٽ جي ڀرتيون ٿينديون رهيون. نه صرف اهو پر راشي عملدارن پنهنجي وزير ۽ وڏي وزير کي بغير ٻڌائڻ بنا ئي هزارين ماڻهو ڀرتي ڪري ڇڏيا. نتيجي ۾ وزيرن ۽ آفيسرن جي الڳ الڳ ڀرتي ڪيل ماڻهن جو انگ خالي پيل جاين کان به ٽيڻ تي ويو. جعلي ڀرتيون ڪيترن ئي ضلعن ۾ ٿيون جڏهن ڪراچي ۾ سنڌي لينگيوئيج استادن جي ڀرتين ڪرڻ وقت به ڪجهه آفيسرن ۽ ڪجهه وزيرن جي ڪرپشن سبب ماڻهو ته ڀرتي ٿي ويا پر نه ته انهن کي پگهارون مليون نه ئي انهن جو مستقبل سنوريو.

نثار کهڙو تعليم جو وزير ٿيو ته مايوس قوم ۾ هڪ اميد پيدا ٿي هئي ته شايد هاڻ سنڌ جي تعليم جي ٻڏل ٻيڙي کي ڪناري رسائڻ جون ڪوششون ٿينديون، پر سڀ ڪجهه خوابن کانسواء ڪجهه ثابت ڪونه ٿيو. هاڻ ته سيڪريٽري تعليم پيچوهو صاحب ۽ وزير جي جهيڙي ۽ آفيسرن ۽ سيڪريٽري تعليم جي جهيڙي سبب سڄو نظام ختم ٿي چڪو آهي. وزير وٽ وزارت جي طاقت آهي ۽ سيڪريٽري کي وري پارٽي قيادت جي پٺ آهي، نتيجي ۾ وڙهن سان ۽ کُسن ٻوڙا وارو حساب ڪتاب لڳو پيو آهي. نه استاد پيا پڙهائن ۽ نه وري انتظامي امور پيا هلن. وزير آفيسرن ۽ استادن جي تنظيمن کي ذميوار ڄاڻائي جان پيا ڇڏائين ته هوڏانهن سنڌ جي تعليم بي يارو مددگار آخري پساهه پئي کڻي.

ايس ايل ٽي استادن کي 18 مهينن کان پگهارون ناهن مليون ۽ انهن مان ڪيترا ته باقائدگي سان اسڪول به وڃن ٿا ۽ ڪلاس به وٺن ٿا. هوڏانهن پارٽي قيادت وري ثقافتي شو جي چڪر ۾ اچي سڀ پئسا اوڏانهن لڳائڻ جي چڪر ۾ نئين ڪرپشن جي بازار کولڻ ٿي چاهي. ايترا سارا پئسا جيڪڏهن ڪنهن تعليمي اداري کي کولڻ ۾ لڳائجن ته هوند اسان وٽ هڪ بهترين ادارو کلي پوي. پر يار اسان ته هاڻي صرف رينگٽ ۾ خوش آهيون.

سنڌ حڪومت جي گذريل ۽ هاڻوڪي ڪارڪردگي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جو عوام ان ڌڻ مثل آهي جنهن جو ڪو ڌڻي نه هجي. پنجاب ۽ خيبر پخونخواهه ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن ۽ پلاننگ کي ڏسي اهو پيو سوچيان ته ڀلا پوء ڇو نه انهن سان گڏجي ڪو گڏيل نعرو هڻجي، ڇو ته هتي اسان وارن ته ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. پر جڏهن اهڙي ڳالهه ڪبي ته سڀ آڱريون کڻندا ۽ غداري ۽ نائون مل جا نوان لقب ملندا. هاڻ اسان سان اها ڪار آهي ته ماٺ رهان ته مشرڪ ٿيان ڪڇان تان ڪافر. دنيا جا ترقي يافته ملڪ تحقيق ۽ تعليم ذريعي ئي جنگيون پيا لڙن پر اسان جي روايتي جاگيرداري ۽ وڏيرائپ واريون حڪومتون وري به پاڻ ڏي گوڏا سوري ڪمائڻ جي چڪر ۾ آهن. هاڻ ته اسان وٽ سنڌ ۾ ڪا اپوزيشن به ناهي جيڪا ڪو آواز اٿاري. ڇو ته هڪڙا وفاق جي ونگار پيا وهن ته ٻيا صوبي جي ڀيل پيا ڪن. الائي ڇو اهڙين حالتن ۾ تعليم جي سڌاري جي اميد به ختم پئي ٿئي.

August 23, 2013

ڇا سانگهڙ ۾ ٿيندڙ اليڪشن سنڌ ۾ سياسي تبديلي جي شروعات آهي؟

ڇا سانگهڙ ۾ ٿيندڙ اليڪشن سنڌ ۾ سياسي تبديلي جي شروعات آهي؟

محمد سليمان وساڻ

سنڌ جي سياست تي نظر وجهبي ته ڪجهه سيٽون ڄڻ ته خاص اڳواڻن جون اباڻيون سيٽون هجڻ سان گڏ انهن کي ڏاج ۾ مليل سيٽون لڳنديون آهن. اهڙي ئي صورتحال سانگهڙ جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 235 جي پڻ آهي. اها سيٽ فنڪشنل ليگ جي ملڪيت سمجهي پئي وئي ۽ ڪڏهن به ڪنهن ٻي پارٽي ان سيٽ تي ڪاميابي نه ماڻي. پر مئي ۾ ٿيندڙ عام اليڪشن ۾ پ پ پ پاران نامزد اميدوار شازيه عطا مري پهريون دفعو 60 هزار کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. جيتوڻيڪ هوء ڪاميابي ته حاصل نه ڪري سگهي پر هن فنڪشنل ليگ جي اميدوار ۽ پير پاڳاري جي ڀاء صدرالدين شاهه ۽ حر جماعت کي اهو باور ڪرايو ته هاڻ سانگهڙ جا ماڻهو پنهنجي ووٽ ذريعي تبديلي چاهين ٿا. مئي ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ صدرالدين شاهه 72 ووٽ جڏهن شازيه عطا مري 62 هزار ووٽ حاصل ڪيا هئا.

تجزيا نگار حيرت ۾ هئا ته اها سيٽ جتي پ پ پ کي ڪڏهن به ڪو مظبوط اميدوار نه مليو، اتي شازيه ايترا ووٽ ڪيئن حاصل ڪيا؟ سانگهڙ حر جماعت جو مرڪز هجڻ ڪري اڳ ڪڏهن به هنن اليڪشن ورڪ کي سنجيده نه ورتو هو. نه صرف اهو پر تڪ جي ماڻهن لاء اڻ پوريون سهولتون هيون. روڊن جي حالت به بهتر نه هئي. اسپتال ن ۾ سهولتون ناهن. فنڪشنل ليگ گذريل 15 سالن کان اقتدار ۾ رهندي به علائقي کي ڪا ترقي نه وٺرائي. هي سيٽ کپري، ڄام نواز علي ۽ ڪنڊياري تي مشتمل هجڻ ڪري گهڻو ڪري حر جماعت ۽ ڄام خاندان جي گهڻي اثر هيٺ رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو هتان فنڪشنل ليگ سدائين ڪامياب ٿيندي رهي آهي. پير صدرالدين شاهه جيڪو خيرپور جي ناري واري سيٽ تان به ڪامياب ٿيو هو، تنهن کي هي سيٽ خالي ڪرڻي پئي ۽ ننڍي چونڊ ۾ اليڪشن جو اعلان ٿيو. پ پ پ هڪ دفعو وري شازيه مري کي پنهنجو اميدوار نامزد ڪندي فنڪشنل لاء ڏکايون پيدا ڪيون جو هنن وٽ به ان سيٽ لاء ڪو مضبوط اميدوار ڪونه هئو، ڇو ته شازيه اڳ ئي ايترا گهڻا ووٽ حاصل ڪري خطري جي گهنٽي وڄائي چڪي هئي. شازيه پنهنجي ڀرپور اليڪشن مهم هلائيندي گهر گهر وئي ۽ خاص ڪري اقليتن ۽ عام ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪندي رهي. علائقي جي غريب عوام اهو محسووس ڪيو ته سندن قسمت جيڪا 60 سالن ۾ ڪانه بدلي آهي سا شايد شازيه جي ڪاميابيء سان ٿوري گهڻي تبديل ٿئي. آخرڪار تڪ جي ڏتڙيل عوام 60 سالن جي هڪ هٽي کي ٽوڙي هن ننڍي چونڊ ۾ شازيه عطا مري کي واضح برتري سان کٽرايو. شازيه کي 68 هزار ووٽ مليا جڏهن ته فنڪشنل ليگ جي خدا بخش درس کي 54 هزار ووٽ مليا.
مون علائقي جي ڪجهه روشن خيال ماڻهن کان پڇيو ته شازيه جي ڪاميابي جا ڪهڙا سبب هئا؟ ڪجهه دوستن ٻڌايو ته شازيه جي ڪاميابي ۾ جتي سنڌ حڪومت جون ڪوششون شامل آهن، پ پ پ جي ڪيترن ئي اهم شخصيتن خاص دلچسپي وٺي ماڻهن کي ووٽ لاء قائل ڪيو، اتي سڀ کان وڌيڪ شازيه جي پنهنجي حڪمت عملي ۽ جدوجهد آهي جنهن کيس ڪامياب ڪيو. هنن چيو ته شازيه کي ملندڙ ووٽ نه ته ڀٽي جو ووٽ هيو ۽ نه ئي محترمه جو ڇو ته هنن به پنهنجي دورن ۾ اها سيٽ نه کٽي هئي، پر عوام جي سوچ جي تبديلي جو ووٽ هيو. هو سمجهن پيا ته خدا بخش درس جي مقابلي ۾ شازيه وڌيڪ روشن خيال، ترقي پسند ۽ امن پسند آهي.

هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته عوام جي ان اهم ۽ بغاوت واري فيصلي جي پ پ پ ڪيئن ٿي موٽ ڏئي؟ جيڪڏهن پيپلز پارٽي تڪ جي عوام لاء ٿورا به چڱا ڪم ڪيا ته پوء فنڪشنل ليگ کي پنهنجي سيٽ موٽائڻ لاء وڏا جتن ڪرڻا پوندا. سانگهڙ جي سياست ۾ آيل اها تبديلي ماڻهن ۾ نئين اميد پيدا ڪري چڪي آهي ته شايد ايندڙ وقت ۾ عوام سياسي پنڊتن کي شڪست ڏئي کين مجبور ڪندو ته هو عوامي ڀلائي جي ڪم ڏانهن ڌيان ڏين. هن تبديلي کانپوء  اها به اميد قائم ٿي رهي آهي ته شايد هاڻ سنڌ جي سياست ۾ به تبديليون اچن ۽ عام ماڻهو جي ووٽ جو قدر ٿئي.

July 30, 2013

سچل سچي ڳالهه عشق دي



سچل سچي ڳالهه عشق دي ..........

محمد سليمان وساڻ

جڏهن به تصوف جي ڳالهه ڪبي ته سنڌ جي انهن صوفي شاعرن جو نالو ايندو جن پنهنجي فڪر ۽ شاعريء ذريعي محبت جي سرهاڻ ۽ مهڪ سان دنيا کي واسيو آهي. اهڙي ئي تصوف جي مڪتبن مان هڪ درازا شريف به آهي. درازن جي دولهه سچيڏني جيڪو سچو ۽ سچل جي نالن سان به مشهور آهي پنهنجي صوفي فڪر ذريعي دنيا جي سڀني انسانن کي محبت ۽ پيار جو سبق ڏنو آهي.

تصوف جو اهو تسلسل شاهه لطيف جي سلسلي جي ئي ڪڙي آهي جڏهن لطيف درازن ۾ اچي چوي ٿو ته اسان جيڪو ڪنو چاڙهيو آهي ان جو ڍڪڻ هي نينگر لاهيندو. دنيا ڏٺو ته اهو نينگر ميان عبدالوهاب سچل ۽ سچو ني نالي سان نروار ٿيو ۽ سندس شاعري ستن زبانن ۾ ڪيل آهي انڪري ئي کيس هفت زبان شاعر سڏيو وڃي ٿو. تصوف ۾ وحدت الوجود جو نظريو رکندڙ سنڌڙيء جي هن سر موڙ شاعر جي دور ۾ مذهبي انتها پسندي، ناقص پيري ۽ تصنع سان مُزين فقيري عام هئي. پر هن پنهنجو آواز سچائي سان پيش ڪيو ۽ سندس ڳالهه وقت جا ملا ۽ پنڊت سمجهي ڪونه سگهيا. مذهبي انتها پسندي جي ان رجهان کي ڏسي سچل چيو ته :

مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا
شيخي پيري بزرگي بيحد ڀُلايا
آڏو ڪين آيا عقل وارا عشق کي.


سندس شاعريء ۾ تصوف جا رنگ هجن ۽ موسيقي نه هجي اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. سندس شاعري اها سرائيڪي هجي يا سنڌي يا وري اردو مختف فنڪارن اهڙي ته رنگ ۽ سرور سان ڳائي آهي، جو ٻڌندڙ جهومندا رهندا آهن. سچل جي عشق ۽ رمز جو پيغام ڪنهن ڪتابن يا لائيبريرن ۾ قيد ناهي پر سنڌ ۽ هند کانسواء دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ڳايو وڃي ٿو ۽ سچل جي سڃاڻ به سندس فلسفي ۽ فڪر جي ڪري آهي.

انسان ذاتِ پات ۽ درجه بندي واري ويڇن ، وڇوٽين، فرقن ، تڪرارن هڪ ٻئي تي برتري جهڙن ڪُڌين جبلتن جو شڪار آهي. انتها پسندي جو لاڙو وڌي رهيو آهي، مذهبي ڪٽرپڻي ۾ واڌارو اچي رهيو آهي. فرقي پرستي جا بنياد مضبوط ٿي رهيا آهن. مذهب جي نالي تي انتها پسندي ۽ ٻين اڳراين سان گڏ الله تعالى جي عظيم تخليق کي جهاد جي نالي تي انسان دشمني جو زهر ڀريو پيو وڃي پر سچل ان کي رد ٿو ڪري:

نا مين هندو نا مين مومن سچل نانءُ سڏايان
*
ڪاٿَئِين ڪافر ڪاٿَئِين مومن، ڪاٿَئِين سوري سر هلائي
ڪاٿَئِين گُسائين ، ڪاٿَئِين سنياسي ڪاٿَئِين بت بنائي.


انسانيت، انسان ذات ۽ مخلوق سان بي پناھ پيار سچل سائين جي شاعريء مان نروار آهي. سندس شاعري ۽ فڪر کي سمجهڻ لاء به سچل جهڙي ذهن جو ماڻهو کپي پر هن تي تهمتون ۽ فتوائون جاري ڪيون ويو پر پوء هو محبت، سچائي ۽ پيار جو درس ڏيندو رهي ٿو ۽ سندس اندر ۾ مٺـڙن مـاروئڙن جي سُک ۽ سلامتي جون سَڌون سمايل آهن.

سدا هئن سکيا ، ماروئڙا ملير ۾
شل نه ڏينهن ڏکيا ، اچن آجڙين تي !


سچل سرمست لاء عشق وڏي اهميت رکي ٿو. عشق کي انساني زندگي لاءِ سڀ کان اهم ٿو سمجهي ۽ فرمائي ٿو ته عشق انسان جو رهبر آهي جيڪو انسان ذات کي حقيقت تائين پهچائي ٿو. انسان کي جيڪڏهن ڪنهن رهبر جي ضرورت آهي ته اهو عشق ئي آهي :

عشق هي امام ميرا، ديگر امام ڪيا هي،
ميخانه مين هوا، جرعه يا جام ڪيا هي،
بغير عشق دي، ڏوجها ڪوئي ڪمال نهين،
نهين جو عشق، ته اي دوست تيڏا حال نهين.


سچل عشق کانسواء ٻيو ڪجهه ڪونه ٿو سمجهي ۽ ٻين ڪمن کي اجايو ٿو سمجهي. سندس خيال ۾ عشق حقيقيءَ ۾ عاشق کي هر قسم جي قرباني ڏيڻي پوي ٿي. ايتريقدر جو عشق جي باهه ۾ سڙي خاڪ به ٿيڻو پوي ٿو. سچل سرمست انهن عاشقن جي خاڪ پنهنجي اکين ۾ به وجهڻ لاءِ تيار آهي. چوي ٿو:

خاڪ عاشق دي اکيان وچ، سرمه جوڙڪي پويسون
عاشق سو جو سرمه ٿيوي، ڳالهه اهين دي ڪيهي ايهي عجب جيهي.


رمضان جي 14 کان سچل جي نگري سندس عشق جي فلسفي ۽ محبت جي پرچار ڪرڻ لاء گڏ ٿيل عاشقن ۽ سندس ڪلام سان پئي گونجي. سنڌ جي مختلف واهڻن ۽ وستين کان هلندي ماڻهن جو پنڌ درازا ڏانهن آهي. سچل جي نگري سچ جي نعرن ۽ سچائيء جي فڪر سان واسيل آهي. انسانيت جا نعرا سچل جي نگري ۾ گونجي رهيا آهن ۽ اهو پيغام ڏئي رهيا آهن :

سچ ٿا مرد چون ڪنهن کي وڻي نه وڻي !
______

June 09, 2013

ڪنب کي قتل گاهه بڻجڻ کان بچايو

ڪنب کي قتل گاهه بڻجڻ کان بچايو

محمد سليمان وساڻ


ڪوٽڏجي ۽ ڪنب نيشنل هاء وي تي هجڻ ڪري خيرپور ضلعي جا اهم شهر ڳڻيا وڃن ٿا. انهن تاريخي شهرن جي پسگردائي ۾ ڳوٺن جو ڄار وڇايل آهي، جيڪي گهڻو ڪري سر سبز ۽ سکيا ستابا آهن. کجين جي باغن ۽ ٻين ڪيترن ئي بهترين فصلن سبب هتان جا ماڻهو سکيا ستابا آهن. ڪنب شهر گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ تيزي سان ترقي ڪئي آهي ۽ هي شهر تعليمي ۽ ڪاروباري حوالي سان اڳتي اچي چڪو آهي. گذريل اليڪشن ۾ سياسي پارٽين جي پنهنجي رسا ڪشي ۽ ڪجهه ڏوهاري قسم جي ماڻهن جي پاڻ ۾ دشمني سبب هي شهر ۽ ان جو ڀرپاسو قتل گاهه بڻجي ويو آهي. هڪ ئي ڏينهن ڪنب ۾ جڏهن چار ڪونڌر گولين جو کاڄ بڻيا جن مان ٻن جو تعلق گوپانگ قبيلي سان جڏهن ته ٻن جو تعلق وساڻ قبيلي سان هيو جن مان هڪ ايڊووڪيٽ شمس وساڻ هتان جي چونڊيل ايم پي اي منظور حسين وساڻ ۽ ايم اين اي نواب خان وساڻ جو ويجهو رشتيدار هيو. ان ڏينهن ڪنب جون گهٽيون رت سان ريٽيل هيون. مڇريل ماڻهن شهر جي ڪيترن ئي دڪانن کي ڦريو ۽ ڪنب ۾ لڳندڙ مال پڙي جي واپارين کي ڦريو ۽ لٽيو. جيتوڻيڪ رينجرز ۽ پوليس علائقي ۾ موجود رهي پر پوء به ڌريون مورچا بند ۽ هٿيارن سان ليس ٿي هڪ ٻئي جي ڳولا ۾ هيون.

حيرت ٿي ته هيڏي وڏي واقعي کانپوء به هتان جي سياسي ڌرين بجاء افهام تفهيم ۽ ڳالهين يا فيصلي جي ان کي سياسي حربي طور استعمال ڪيو. نتيجي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ تمراڻي برادري سان تعلق رکندڙ نوجوان کي يونيورسٽي جي بس مان لاهي ڪيترن ئي شاگردن اڳيان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. ان واقعي کانپوء صورتحال اڃان به وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. ڪنب ۽ ان جي ڀرپاسي جي ڳوٺن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم کان محروم آهن، اسڪول بند آهن، بازارون بند آهن، روزگار تباهه ٿي رهيو آهي، اسپتالون بند آهن، مريض پريشان آهن. ڪنب ۽ هن علائقي جي آسودگي جي ضامن مال پڙي گذريل ڪجهه هفتن کان بند آهي. پر پوء به نه ته سياسي ۽ نه ئي ڪي سماجي ڌريون هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاء ڪي سنجيده ڪوششون وٺي سگهيون آهن. وڏن جي لڙائي ۾ هتان جو عوام تباهه ٿي رهيو آهي. ڪنب شهر ۾ رهندڙ ماڻهو خوف ۾ مبتلا آهن ۽ پنهنجي ئي پاڇي کان ڊڄي رهيا آهن. سنڌ جي هن ٻرندڙ اشو تي نه ته پرنٽ ميڊيا ۽ نه ئي اليڪٽرانڪ ميڊيا حل يا ٽياڪڙي طرف ڪابه سنجيدگي ناهي ڏيکاري سواءِ سياسي خبرن جي. 

مونکي ڪنب ۾ رهندڙ ڪيترن ئي دوستن، پرين پيارن جا ميسيج ۽ فون موصول ٿيا آهن ته معاملي کي ميڊيا تي اٿاريو. پر مان سواء هي سٽون لکڻ جي ڪجهه به ڪرڻ کان قاصر آهيان. مان سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ميڊيا کي اها اپيل ٿو ڪيان ته سنڌ جي هن خوبصورت علائقي جي امن جي بحالي لاء پنهنجي مهم هلائن ۽ حڪومت تي دٻاء پيدا ڪن. مان اپيل ڪندس هتان جي ئي با اثر سياستدانن منظور حسين وساڻ ۽ پير سائين پاڳاري کي ته امن جي بحالي لاء سياسي انائن کي ٿڏي سنجيده ڪوشش وٺندي علائقي جي ماڻهن ۾ سرچاء ڪرائي فوري امن بحال بحال ڪرايو، هي اوهان جا ئي ماڻهو آهن، هي پنهنجا ئي سنڌي آهن.

April 16, 2013

سنڌ سلامت : جتي سنڌ گڏجي ٿي



سنڌ سلامت : جتي سنڌ گڏجي ٿي

محمد سليمان وساڻ

دنيا جي لاتعداد ٻولين مان سنڌي به هڪ قديم ٻولي آهي، جنهن جو اندازو موهن جي دڙي مان مليل آثارن مان پڻ لڳائي سگهجي ٿو. 1011 هجريء ۾ ٺٽي جي عالم مخدوام ابوالحسن سنڌيء ۾ پنهنجو ڪتاب “مقدمه الصلوات” متعارف ڪرايو جيڪو درسگاهن ۾ نصاب طور پڙهايو ويندو هو.
ننڍي کنڊ تي جڏهن انگريزن قبضو ڪيو ته سنڌي ٻوليء جي قدامت کي ڏسي ان کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ۽ ڪمشنر “سر بارٽل فريئر” 1857 ع ۾ اهڙو پڌرنامو پڻ جاري ڪيو هو ، جنهن ۾ واضح طور ڄاڻايل هو ته سموري دفتري لکپڙهه سنڌي ٻوليء ۾ ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڪو شخص عربي يا ڪنهن ٻي ٻوليء ۾ لکپڙهه ڪندو ته ان جو لازمي سنڌي ترجمو پڻ شامل ڪندو ٻي صورت ۾ اها لکپڙهه قابل قبول نه هوندي.
سنڌي ٻوليء ۾ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ به ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا چپجندا رهيا ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوء به اهو سلسلو جاري رهيو. ويهين صديء ۾ جڏهن ڪمپيوٽر ايجاد ٿيو ته ان جي مقبوليت سنڌ ۾ وڌي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪمپيوٽر هر گهر ۽ آفيس جي ضرورت بڻجي ويو. ڪمپيوٽر تي پڻ سنڌي ٻولي آڻڻ هڪ چئلينج هيو ۽ ان لاء محترم سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء 1987 ۾ “مئڪنٽاش” ڪمپيوٽر تي شروعات ڪئي ۽ تمام سهڻا ۽ معياري فونٽ پڻ ٺاهيا جنهن سان خانگي ڪتاب ڇاپگاهن ۾ سنڌي ادب کي وڌائڻ لاء ڄڻ ته چٽا ڀيٽي شروع ٿي وئي. “مئڪنٽاش” جي دور کانپوء سنڌي ٻوليء کي آئي بي ايم ڪمپيوٽر تي آندو ويو ان جو سَهرو محترم اياز شاهه کي سونهي ٿو ، جنهن عبدالماجد ڀرڳڙيء جي مئڪنٽاش وارو سمورو پروگرام آئي بي ايم تي منتقل ڪيو ۽ ونڊوز 3.11 ۽ ونڊوز 95 تي سنڌي پروگرام هلڻ لڳو. انهن ونڊوز جي کوٽ ۽ نت نون مونجهارن کي محسوس ڪندي ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته مختلف ريجن جون ٻوليون هجڻ ڪري صرف انگريزيء تائين محدود نه هئڻ گهرجي جنهنڪري مختلف ٻولين ڪمپيوٽر ڪوڊ جي شڪل ۾ آڻڻ لاء کي يونيڪوڊ آرگنائيزيشن جو بنياد وڌو ويو . جڏهن عربيء جو يونيڪوڊ متعارف ٿيو ته هڪ وڏو مسئلو ساڄي کان کاٻي لکڻ حل ٿي ويو ۽ جيئن ته سنڌي الفابيٽ بنيادي طور عربيء سان ملندڙ آهي ان ڪري سنڌيء کي عربيء سان ڳنڍڻ سولو ٿي پيو. محترم عبدالماجد ڀرڳڙيء (جيڪو ان وقت آمريڪا شفٽ ٿيل هو ) هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي زبان کي يونيڪوڊ سان ڳنڍي هڪ انقلابي قدم کنيو. جنهن کي اڳتي هلي msn گروپ تان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي پليٽ فارم تي جاري ڪيو ويو.
اڳتي هلي جڏهن انٽرنيٽ متعارف ڪرايو ويو ته سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء سنڌي ٻوليء کي انٽرنيٽ تائين آسان بڻائي ڇڏيو ۽ بهترين سنڌي ويب سائيٽون ٺهڻ لڳيون. پر ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته بحث مباحثي ۽ معلومات کي هڪ ٻئي سان ونڊڻ جي لاء سنڌي فورم جي شروعات ڪجي ڇو ته ڪوبه سنڌي فورم انٽرنيٽ تي موجود ڪونه هئو. لڳاتار جدوجهد کانپوء اڪبر لاکو صاحب سنڌ فورم جي نالي سان هڪ سنڌي فورم آندو پر اهو ڪو خاص مقام حاصل ڪري نه سگهيو.
اهڙي وقت ۾ سنڌ جي نوجوان ۽ سرگرم دوستن جو هڪ گروپ ڏينهن رات هڪ ڪري پنهنجي هڙان وڙان ڪوششون وٺي لڳاتار جدوجهد سان 15 اپريل 2009 تي سنڌ سلامت جي نالي سان هڪ مڪمل سنڌي فورم شروع ڪيو جنهن سموري سنڌ سان گڏ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ سنڌين ۾ بيپناه مقبوليت ماڻي ورتي. هن فورم جو مقصد دنيا ۾ سنڌي ٻوليء کي عام ڪرڻ ۽ انٽرنيٽ تي گهڻي کان گهڻي معلومات سنڌيء ۾ پهچائڻ آهي. سنڌ سلامت هن وقت انٽرنيٽ جي دنيا جو سڀ کان مقبول ۽ سڀ کان وڏو سنڌي فورم آهي، جنهن تائين رسائي بلڪل آسان آهي ۽ پنهنجي سنڌي ٻوليء ۾ هجڻ ڪري ڪنهن به مونجهاري جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي. سنڌ سلامت جي مقبوليت جو هڪ اهم سبب اظهار جي آزادي آهي، اوهان پنهنجا احساس سنڌ سلامت ذريعي دنيا جي سڀني سنڌين تائين آسانيء سان پهچائي سگهو ٿا.
سنڌ سلامت تي سنڌي ٻوليء ۾ اڻکٽ موضوع ونڊ ٿيل آهن جن کي مختلف ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويو آهي.اسلامي سيڪشن ، اقوال زرين، تازه ترين خبرون ۽ تبصرا ، سنڌ جا تاريخي ماڳ مڪان ، سنڌ جون وسنديون، سنڌ جون سرتيون ، سنڌي شخصيتون ، سنڌي ادب ، مقالا ، ڪهاڻيون ، سنڌي شاعري ، ڊزائن ڪيل سنڌي شاعري، مزاحيه شاعري ، صحت بابت تحريرون ، سنڌ سلامت روزگار ، انگريزي سکڻ جو سيڪشن ، ڪمپيوٽر جي سکيا سنڌيء ۾ ، سنڌي ۽ معلوماتي ويب سائيٽس ، سافٽويئرس ۽ ڊائونلوڊز جو تازه ترين ۽ اڻ کُٽ خزانو ، ڊرائيورز ، گيمز ، سنڌي ڪتابن جو وڏو ذخيرو ، موبائل جي دنيا جي معلومات ، آئي ٽي بابت تازيون خبرون ، قانوني صلاح مشورا، دلچسپ خبرون ، دلچسپ وڊيوز ۽ تصويرون، سنڌي آڊيو ۽ وڊيو موسيقي ، کِل ڀوڳ ۽ ٻيا لاتعداد موضوع شامل آهن.
سنڌ سلامت پنهنجي چئن سالن جي سفر ۾ ڪيئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن پر سڀ کان اهم ڳالهه آهي سنڌي ڪيبورڊ ايڊيٽر جنهن ذريعي دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ مان بغير سنڌي سافٽويئر انسٽال ڪرڻ جي سنڌي لکي سگهجي ٿي. سنڌ سلامت جي ٻي وڏي ڪاميابي آهي قرآن شريف جي سنڌي سرچ انجڻ، جنهن ذريعي ڪنهن به سنڌي لفظ جي ڳولها ڪري سگهبي ته اهو قرآن پاڪ ۾ ڪٿي ۽ ڪيترا دفعا ۽ ڪهڙين آيتن ۾ بيان ڪيل آهي. سنڌ سلامت جي ٽين اهم ڪاميابي آهي پڇڻا نه منجهڻا سيڪشن جنهن ۾ ڪمپيوٽر، سافٽويئرس ۽ انٽرنيٽ بابت پڇيل سوالن جا تفصيلي جواب ۽ حل پيش ڪيا ويندا آهن. سنڌ سلامت جو هڪ ٻيو اهم پراجيڪٽ آهي سنڌي شخصيتن تي انسائيڪلوپيڊيا سيڪشن جيڪو سنڌي شخصيتن جي نالي سان آهي. سنڌ سلامت ٽيم جي هميشه اها اهم ڪوشش رهي آهي ته سنڌي ماڻهن کي ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ ڏانهن مائل ڪجي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ سلامت جي ٽيم فيسبوڪ ۽ ٻين سماجي ميڊيا جي ذريعن تي هميشه پنهنجون خدمتون پيش ڪندي رهي آهي.
سنڌ جا سڄڻ دوستو ! اچو ته سنڌي زبان کي نئين دنيا جي نون علمن سان سنواريون ۽ سنڌ سلامت سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايون. سنڌ سلامت جو فورم اوهان لاء سنڌ جي تاريخ، ثقافت ، شهرن ، واهڻن ۽ سنڌ جي ڪارائتي معلومات دنيا جي سڀني سنڌين تائين پهچائڻ لاء هڪ اهم، سولو ۽ آسان ذريعو آهي . اچو ته سنڌ سلامت جي ميدان ذريعي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي سنڌي ماڻهن تائين پهچون .

 .