October 18, 2012

18 آڪٽوبر 2007 ۔۔۔ جڏهن خوشيون غم ۾ تبديل ٿي ويون

18 آڪٽوبر 2007 ۔۔۔ جڏهن خوشيون غم ۾ تبديل ٿي ويون

محمد سليمان وساڻ


محترمه بينظير ڀٽو 18 آڪٽوبر 2007 تي پاڪستان اچڻ جو اعلان ڪيو هو۔ مايوس ۽ نا اميد ماڻهن جي چهرن تي چڻ ته ڪا مُرڪ ڇانئجي وئي هئي۔ هڪ ڊگهي جلاوطني ۽ پاڪستاني عوام جي 11 سالن تائين مايوسي محترمه کي پڻ پريشان ڪري رهي هئي۔ هن کي اها به خبر هئي ۽ کيس ڌمڪيون به ڏنيون ويون هيون ته کيس پاڪستان واپسي تي شهيد ڪيو ويندو پر ملير جي مارئي پنهنجي اباڻي وطن ۽ پنهنجي مارن کان پري رهي ڪانه پي سگهي۔

مونکي ياد آهي ته 17 آڪٽوبر جي ان ڏينهن مان ۽ مرتضى ڳوٺ کان واپس ڪراچي اچي رهيا هئاسين ته روڊ جي ٻنهي پاسن کان سوين گاڏين جا قافلا محترمه جي استقبال لاء ڪراچي وڃي رهيا هئا۔ ماڻهن ۾ عجيب خوشي ۽ اميد جي ڪا ڪرڻ نظر اچي رهي هئي۔ رات جو 9 بجي اسان ال آصف ڪراچي پهتاسين ته ڪراچي پ پ پ جي ٽرنگي جهنڊن سان سينگاريل ملي اتان ٽيڪسي ذريعي جڏهن سچل ڳوٺ پهتاسين ته عجيب ميلي جو منظر نظر آيو۔ مين روڊ تي ماڻهن جا انبوهه گڏ ٿيل هئا ۽ مرحوم ضمير هيسباڻي پنهنجي روايتي انداز سان ڊانس ڪري رهيو هو۔ هن سان گڏ پ پ پ جي ڊريس پاتل ڪيترائي نوجوان هئا۔ اسپيڪر تي محترمه بينظير جي استقبال وارا گيت هلي رهيا هئا ۽ ماڻهو گڏ هئا۔ اهي خوشي ڀريا گيت ۽ جهمريون ڪيستائين هلنديون رهيون مونکي خبر ناهي ڇو ته ٿڪاوٽ سببب مان 12 بجي رات جو گهر وڃي سمهي پيس۔

صبح جو آفيس پهتس ته آفيس ۾ حاضري نه هجڻ جي برابر هئي پر ڏسندي ئي ڏسندي سڄي ڪراچي محترمه جي استقبال لاء قافلن جي صورت ۾ ايئرپورٽ طرف ويندي نظر آئي۔ لکين ماڻهو شاهراهه فيصل ۽ ايئرپورٽ طرف وڃي رهيا هئا۔ محترمه شهيد ۽ ءٽو شهيد جون وڏيون تصويرون، اسپيڪر تي وڏي آواز ۾ هلندڙ گيت، ماڻهن جو رقص ۽ نعرا، اهو لڳي رهيو هو ته اڄ ڪراچي صرف پ پ پ جي آهي۔

سنڌي، بلوچ، پٺاڻ، پنجابي، سرائڪي، ڪشميري، گلگتي، سڀ نظر اچي رهيا هئا۔ نوجوان، ٻار ، ٻڍا، پٽڪي وارا، اجرڪن وارا، گوڏ وارا، سوٽ وارا مطلب ته هر رنگ ، هر عمر، هر قوم جا ماڻهو محترمه جي استقبال لاء موجود هئا۔ مان پنهنجي دوست لياقت شيخ سان گڏ سندس بائيڪ تي آفيس مان نڪري پيس ته جيئن محترمه جي استقبال لاء وڃان۔ اسان ڪارساز پهتاسون ته اڳتي وڃڻ لاء گاڏي جو رستو نه پي مليو۔ هزارين گاڏيون هيون ۽ لکين ماڻهو۔ مان گهڻو خوش هيس ۽ محترمه شايد سڀني کان وڌيڪ خوش هئي جو اڄ واپس پنهنجي ڌرتي تي اچي رهي هئي، ملير جي ماروي اڄ پنهنجي ڌرتي تي وري رهي هئي، ملير جي ماروي اڄ پنهنجي مارن سان ملي رهي هئي۔

مان ڪارساز پل تي چڙهي ويس پري پري تائين نظر ڊوڙايم ته ماڻهو ئي ماڻهو هئا، هن طرف بلوچ پل تائين نظر وئي ۽ هيڏان پي اي ايف تائين۔ ماڻهن جون ڊانس، نعرا۔ منارٽي ونگ جا قافلا، بزنس ڪميونٽي جا قافلا، سماجي تنظيمن جا قافلا، لياري جي ماڻهنجا پنهنجا رنگ۔ پوء مان اتان دوست سان گڏ واپس ٿيس ڇو ته اڳتي وڃڻ جو رستو ڪونه هئو۔ اسان اسٽيڊيم روڊ پهچي اتان پاڻي ۽ ڪجهه بسۡڪيٽن جا پئڪيٽ ورتا ۽ ڊالميا روڊ ذريعي اسان ڊرگ روڊ وڃڻ جو سوچيو جتي پل تي مرتضى پڻ موجود هو۔ پر گاڏي کي رستو ڪونه مليو ۽ منهنجو دوست مونکي ڇڏي گهر روانو ٿيو۔ مان مرتضى سان گڏ مٿي چڙهي ڊرگ روڊ تان جائزو ورتو ته ماڻهو ئي ماڻهو نظر آيا، پ پ پ جا جهنڊا نظر آيا۔ اسان گهڻو وقت اتي بيٺاسون ۽ اسٽار گيٽ طرف وڃڻ چاهيو پر گهڻي رش سبب اڳتي وڌي ڪونه سگهياسين۔

اسان جي ڳوٺ ۽ سچل ڳوٺ جا ڪيترائي دوست موجود هئا جيڪي رڪاوٽون ٽوڙي ايئرپورٽ اندر پهچي چڪا هئا۔ مان اتان نڪري گهر روانو ٿيس، مونکي سيڪيورٽي انتظامن جو ڪٿي به جوڳو بندوبست نظر نه آيو ۽ منهنجا خدشا وڌڻ لڳا۔ گهر اچي ٽي وي تي ويهي رهيس۔ محترمه اچي چڪي هئي ۽ هڪ وڏي ٽرڪ ۾ موجود هئي جنهن ۾ پ پ پ جي سموري اعلى قيادت پڻ موجود هئي۔ ماڻهن جو جوش، خوشي ڏسڻ وٽان هئي، ماڻهن جو ڇوليون هڻندڙ سمنڊ هو جيڪو محترمه جي گاڏي جي چوڌاري موجود هو ۽ گاڏي رڙهي رهي هئي۔ هر طرف پ پ جا ٽه رنگي جهنڊا، جيالن جي جسم تي پ پ جي رنگن سان اوڍيل ڪپڙا،مٿن تي پهريل رنگ برنگي ٽوپيون، اجرڪ ، هٿن ۾ ٽه رنگي جهنڊا ، شهيد راڻي جي آجيان لاءِ ڀتين ، روڊن ، رستن تي استقبالي پوسٽر، بينر،ويلڪم گيٽ هر طرف هڪ خوشي جو منظر هو. گاڏين تي پاڪستان، عوام جيئي، شهيد ڀٽو، جمهوريت زنده آباد تي مشتمل نغما، گيت ۽ انهن گيتن تي ناچ ۽ رقص جاري هو۔

جڏهن قافلو ڊرگ روڊ پهتو ته ڪراچي جي مک شاهراهه فيصل جون بتيون بند ڪيون ويون۔ محترمه جي گاڏي ۾ لڳل جامرس به ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو جنهن جي شڪايت ميڊيا سان گڏ پ پ پ جا ماڻهو به ڪرڻ لڳا۔ رات جو 12 بجي ماما تاج وساڻ ۽ سچل ڳوٺاڻهو ساهي پٽڻ لاء واپس آيا ته جيئن تازا ٿي ٻيهر قافلي کي وڃي سنڀاليون۔ دير سان جڏهن قافلو ڪارساز وٽ پهتو ته محترمه جي گاڏيء جي ويجهو هڪ ننڍو ڌماڪو ڪيو ويو جيئن ماڻهو محترمه کي ڇڏي ڀڄي وڃن پر ايئن ڪونه ٿيو پر جانثاران بينظير گاڏي جي چوڌاري ديوار ٺاهي بيهي رهيا ڪجهه دير کانپوء هڪ ٻيو زوردار ڌماڪو ٿيو ۽ هزارين ماڻهو ان جو شڪار ٿيا۔ ڪيترائي جيالا پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي محترمه کي حفاظت ۾ رکي ويا۔ هر طرف انساني عضوا وکريل هئا۔ ڪيئي لاش پيا هئا ۽ ماڻهن جو دانهون، آهون ۽ دونهون هيو۔

محبت جي قافلي کي نفرت سان ڏسندڙن پنهنجو نشانو بڻائي ڇڏيو۔ هن ڌماڪي ۾ محترمه محفوظ رهي پر سندس ڪنن مان رت وهي رهيو هو۔ پ پ پ جا ڪجهه اڳواڻ زخمي ۽ ڪيئي ڪارڪن شهيد ۽ زخمي ٿيا۔ ڌماڪي ۾ 164 ڪارڪن شهيد ۽ هزار کان مٿي زخمي ٿيا۔

مان ان وقت فون کڻي دوستن جي خيريت معلوم ڪرڻ شروع ڪئي ۽ دوستن کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو۔ محترمه جي خيريت جو پڇندا رهياسين، وساڻ هائوس مان اها تصديق ملي ته محترمه خيريت سان آهي۔ سچل ڳوٺ جا 3 نوجوان هن ڌماڪي ۾ شهيد ٿيا۔

اڄ هن واقعي کي چار سال گذري ويا آهن پر پر نه ته پ پ پ جي حڪومت ۽ نه ئي وري عدالتون هن ڪيس کي صحيح انداز سان پيون هلائن۔ هن ڌماڪي ۾ ڪير ملوث هو نه ته ڪا صحيح جانچ ٿي آهي ۽ نه ئي وري ڪو هن جانچ ۾ سنجيدهه آهي۔

پر جمهوريت ۽ سچ جي راهه جي شهيدن کي اڄ سندن چوٿين ورسيء تي سرخ سلام پيش ڪجي ٿو۔



هڻڻ،هڪلڻ، ٻيلي سارڻ، مانجهيان ايءُ مرڪ
وجهن تان نه فرق ، رڪ وهندي راند ۾