April 05, 2015

مرحوم هدايت الله سمون جي شاعريءَ جو ڪتاب ”سڏڪا ۽ سارون“


مرحوم سائين هدايت الله سمون صاحب جي شاعريءَ جو ڪتاب ”سڏڪا ۽ سارون“ منهنجي هٿن ۾ آهي. هي ڪتاب سوشل ميڊيا جي پياري دوست ۽ علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ ڄام احمد سمون پاران سوکڙي طور موڪليو ويو آهي. هدايت الله سمون صاحب جي شاعريءَ ۾ مجازي عشق ته شامل آهي ئي آهي پر سڄي ڪتاب ۾ صوفياڻو رنگ رچيل آهي. سندس شاعري ۽ شخصيت سنڌ جي صوفي شاعرن کان گهڻو متاثر لڳي رهي آهي، خاص ڪري چيزل فقير، خوش خير محمد هيسباڻي، مصري شاهه، حمل فقير، سچل سرمست ۽ شاهه لطيف سندس شاعري، سوچ، فلسفي ۽ ادائيگي تي گهڻو اثر انداز آهن. ڪتاب ۾ موجود ڪافيون ۽ وايون اهڙي ته انداز سان چيل آهن جو سڀ جو سڀ ڳائي سگهجن ٿيون، يعني موسيقي جي چاشني ۽ موسيقي جا رنگ عيان نظر اچن ٿا. سائين هدايت الله پاڻ به سڄي عمر صوفياڻي رنگ جي موسيقي جا مشتاق رهيا آهن. سندس ڪافي جو نمونو ته ڏسو :

قرب ۾ ناهي ڪَسُ، ڪَسُ مڙئي آ ڪوڙن ڪنڌ ۾ !
قرب ۾ ناهي ڪَسُ !

سندس شاعري پڙهي لڳو ته هو سنڌي ٻولي جي اصليت کي برقرار رکڻ ۾ گهڻو ڪامياب ويو آهي ۽ ٻولي جو نج سنڌي هجڻ وڏن شاعرن جي نشاني آهي. سندس هي بيت ئي ان جو هڪ نمونو آهي.

ڏينهن جهڙا ڏينهنڙا، راتين جهڙيون راتيون،
ماڻهو اهي نه مُهڻا، مٺيون جن جون باتيون،
ڪڇ اندر ڪاتيون، لڪايو گهمن لوڪ ۾.

سندس غزل به لاجواب آهن، سهڻي نموني، سهڻي ۽ نج ٻولي جي گهاڙيٽي تي ٺهيل. سچ ته شاعري دل وٽان آهي:

اکيون ملائي اکڙين سان، پاڻ وڃائي ويٺو آهيان !
دنيا ڀلي ڇا به چوي، سر تي سهائي ويٺو آهيان !

سوين صلاحون ڏيڻ وارا، ڪيئي خوب کلڻ وارا،
چوڻ وارن کي جهل پل ناهي، تنهنجو چوائي ويٺو آهيان.

ڪتاب ۾ ڪيئي غزل وايون، بيت ۽ ڪافيون شامل آهن. ان کانسواءِ حمد، دعا، نعت، قصيده، مرشد جي ثنا شامل آهي. خاص ڪري لطيف جي رسالي جي مشهور سُرن سسئي، نوري، مارئي، سامونڊي، رامڪلي ۽ سهڻي جا به بيت ۽ ڪافيون شامل آهن. سر مارئي مان ڪافي جو هڪ نمونو:

وهائي نِير نيڻن مان، پهنوارن کي پڇائينديس،
سندا سانگين وليون واڙا، وري ور ور واجهائينديس.

سلام پرنٽرز ۽ پبلشرز جو هي ڪتاب سائين شمس الدين سمون پاران ڇپايو ويو آهي جنهن جو مهاڳ مير محمد پيرزادي لکيو آهي. ڪتاب 188 صفحن تي مشتمل آهي جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي. هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڄام احمد آزاد سمون ۽ شاهب الدين سمون جي ڪاوشن جو ثمر آهي. 
مونکي تمام گهڻي خوشي آهي ته سائين هدايت الله جي پُٽن، پوٽن ۽ ڏوهٽن سندس ادبي ميراث کي ڪتابي شڪل ۾ آڻي محفوظ ڪري ورتو آهي. سڀني کي جس هجي جن هن ڪم ۾ پاڻ ملهايو آهي. نيڪ اولاد مان والدين کي اهڙيون ئي اميدون هونديون آهن.
مان ٿورائتو آهيان ڄام احمد آزاد سمون جو جنهن هي تمام سٺو ڪتاب پڙهڻ لاء موڪليو جيڪو هميشه پڙهڻ تي مجبور ٿيندس.

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن(سِگا) جي 36هين سالياني ڪنونشن جي تقريب


ڪراچي ۾ سِگا جي 36 هين سالياني ڪنوينشن ۽ اوارڊ ورهائڻ واري تقريب جو احوال

رپورٽ: محمد سليمان وساڻ

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هندن جي لڏپلاڻ ۽ وري بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ سماجي ۽ تعليمي حوالي سان هڪ ماٺار ڇانيل هئي. ان دور ۾ سنڌ جو درد رکندڙ سڄاڻ شخصيتن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪرڻ جي جذبي سان لکيل پڙهيل ۽ گريجوئيٽ سنڌين جي هڪ تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سِگا) جو 1972ع ۾ بنياد رکيو. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اها تنظيم سنڌ ۾ سماجي جاڳرتا ۽ سماجي ڪم ۾ پاڻ ملهائيندي ٻين تنظيمن لاءِ هڪ مثال بڻجي وئي. سِگا جي هڏڏوکي ۽ جاکوڙي ڪارڪنن جي ڏينهن رات جي محنتن سبب هن تنظيم سنڌ ۾ وولنٽيئرزم جو نئون بنياد رکيو. ان دوران هن تنظيم کي ڪيترن ئي ڏکين ۽ سکين دورن مان گذرڻو پيو جن مان هڪ دور مارشلا وارو يعني جنرل ضياء الحق جو به هيو جنهن ۾ سنڌين جو آواز بڻيل هن تنظيم تي مڪمل پابندي لڳائي وئي. سگا سنڌ جي اها تنظيم آهي جيڪا سيڪيولر سوچ ۽ پر امن ۽ ترقي يافته سنڌ جي خواب کي اجاگر ڪرڻ لاء جاکوڙي پئي. توڙي جو اسان وٽ اهي روايتون آهن ته سنڌ جون تنظيمون ۽ ادارا مشڪل سان ڏهاڪو سال ئي گذاري سگهندا آهن پر سِگا اڄ به سنڌ ۾ پنهنجي ڪم سبب سڃاڻ بڻيل آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هي تنظيم ماڻهن جي سوچ مطابق اهي نتيجا ڏئي ڪانه سگهي آهي جنهن جي اميد ڪئي وئي هئي پر پوء به ڏيئو وساميو ناهي ۽ لاٽ ٻرندي رهي ٿي.

March 07, 2015

مسرور پيرزادي جو ڪتاب منفرد شاعريءَ جي سونهن

مسرور پيرزادي جو ڪتاب منفرد شاعريءَ جي سونهن
تحرير : محمد سليمان وساڻ


پئسو گهٽ ڪمايو ۽ مون شعر گهڻا لکيا،
ڳالهه انهيءَ تي آهه ندامت، ايئن به ناهي.

پياري دوست، ملنسار شخصيت ۽ بهترين شاعر مسرور پيرزادي جي شاعريءَ جو ڪتاب “منفرد” منهنجي هٿن ۾ آهي. ڪاري رنگ جي ٽائٽل ڪور ۾ مسرور جي هٿ ۾ ڪتاب آهي جيڪو هڪ منفرد اسٽائل آهي. مسرور جنهن سان ملاقات جو سفر سوشل ميڊيا ذريعي ٿيو ۽ پوءِ ڪراچيءَ جي ادبي ۽ ثقافتي گڏجاڻين ۽ ميڙن ۾ اڪثر ملاقاتون ۽ ڪچهريون ٿينديون رهن ٿيون. مسرور جي هڪ منفرد خاصيت آهي سندس مسڪراهٽ. سدائين سمارٽ نظر ايندڙ مسرور جڏهن به مليو آهي ته هو مسرور نظر آيو آهي ۽ سندس چهري تي مسڪراهٽ نظر آئي آهي. ڪراچي جي مشاعرن ۾ يا وري ٽي وي شوز ۾ سندس شاعري پڙهڻ جو انداز به وڻندڙ هوندو آهي. مسرور پيرزادي جي شاعريءَ جي رديف، قافيي يا وزن ۽ بحر بابت ته شاعر دوست ئي بهتر راءِ ڏيندا پر سندس ٻوليءَ جي سادگي، لفظن جي چونڊ ۽ عنوان، شاعريءَ جا خيال سچ ته دلچسپ ۽ وڻندڙ آهن. مسرور جا غزل ۽ نظم به لاجواب آهن. سندس شاعري پڙهندي حسن درس جي ڪجهه سٽن جو جواب يا وري انهن سان ڀيٽ ڏاڍي وڻي. حسن درس سنڌ کي پرينءَ جي پاڇي سان ڀيٽ ڪري سهڻيون سٽون سرجيون آهن:

ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو
جيڪو جَرَ تي جاڳي ٿو
ٿڌ وَسي ٿي واريءَ تي
ٿوهر ٿوهر ننڊ ڪري ٿو
هڪڙو خواب سهانو جيڪو
روز اکين ۾ کيپ ڀري ٿو

مسرور پيرزادي انهن سٽن جي جواب ۾ سنڌ سان بي انتها پيار جو ثبوت ڏيندي سنڌ کي ئي پنهنجو پرين لکيو آهي:

ساري سنڌ ته پاڻ پرين آ،
سنڌ پرينءَ جو جو پاڇو ناهي !
سنڌ ته پاڻ پرين سپرين آ !
ٿر، اتر ۽ لاڙ وچولو،
روپ سڄڻ جو ڪاڇو آهي.

February 24, 2015

ڪراچي ۾ ٿيندڙ سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن (ساوا) جي چوٿين سالگرهه ۽ محفل مشاعرو

ڪراچي ۾ ٿيندڙ سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن (ساوا) جي چوٿين سالگرهه ۽ محفل مشاعرو

رپورٽ : محمد سليمان وساڻ

سوشل ميڊيا ذريعي چار سال اڳ وجود ۾ ايندڙ شاعرن ۽ اديبن جي عالمي تنظيم سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن (ساوا) جي چوٿين سالگرهه تقريب 6 فيبروري 2015ع تي ممتاز مرزا اسٽوڊيو ڪراچي ۾ ملهائي وئي. هن تقريب ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽڻ سان گڏ محفل مشاعرو به ٿيو. هن تقريب جي تقريرن جي نشست جي صدارت ساوا جي چيئرمين هدايت بلوچ ڪئي جڏهن ته ادل سومرو خاص مهمان هيو. مقررن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ سنڌي ماڻهن کي ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا ذريعي ڄاڻ ڏني وڃي ۽ اهڙا موقعا فراهم ڪيا وڃن جيئن صحتمند سماجي، تعليمي ۽ ادبي سرگرمين ۾ واڌارو اچي. هدايت بلوچ پنهنجي تقرير ۾ تنظيم جي ڪيل ڪم بابت ٻڌائيندي چيو ته ڪنهن نه ڪنهن طرح سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن دنيا خاص ڪري هند ۽ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن کي ملائي سنڌي ٻولي ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي. هن چيو ته نوجوان ٽيڪنالاجي جي فائدن کان واقف آهن ۽ اهي ئي وڌيڪ سرگرميون پيا ڪن. خاص مهمان ادل سومري چيو ته سوشل ميڊيا خاص ڪري فيس بوڪ کان پوء سنڌ، هند ۽ سنڌ کان ٻاهر ويل شاعرن ۽ ليکڪن جو پاڻ ۾ رابطو رهي ٿو ۽ هو ادبي ۽ سماجي سرگرمين کان با خبر رهن ٿا. ادل سومري چيو ته هن دفعي هند جي دوري وقت اها ڳالهه محسوس ٿي ته اتي اسڪول ته سٺا آهن پر اتي سنڌي ٻولي ڪانهي، سنڌي ٻولي پڙهڻ ۽ لکڻ جو رجحان اتي تيزي سان گهٽ پيو ٿئي، تنهنڪري ٽيڪنالاجي ذريعي سنڌي سکڻ جا موقعا ڪڍڻا پوندا. هن ساوا جي تعريف ڪندي چيو ته محدود سرگرمين باوجود ادب دوستن کي ملائڻ ۾ هن تنظيم سٺو ڪم ڪيو آهي. عبد الغفار تبسم چيو ته سنڌي شاعري، ڪهاڻين، وڊيوز ۽ ڪتابن کي تڪڙي ۽ سولي انداز ۾ پيش ڪرڻ ۾ سوشل ميڊيا اڳتي رهي ٿي، تنهنڪري اسانکي به ٽيڪنالاجي سان گڏ ترقي ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اسان کي هن قسم جا ميڙاڪا جلدي جلدي ڪرڻ گهرجن. شاعر ۽ ٽي وي پروڊيوسر سميع بلوچ چيو ته اسان جو ڪم هاڻ صرف سالگرهون ملهائڻ يا ورسيون ملهائڻ کان اڳتي وڃڻ گهرجي ۽ دنيا جي سنڌين کي ملائي ڪا اهڙي سرگرمي ڪجي جيڪا تبديلي آڻي. هن چيو ته سچ اهو آهي ته سنڌ سلامت ۽ سليمان وساڻ جيڪو ڪم ڪري پيو اهو منفرد ڪم آهي، ان ۾ سندن مدد ڪڻ گهرجي. نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ اڪبر لغاري چيو ته دنيا ۾ ڪيتريون ئي عالمي ادبي تنظيمون آهن جن جا سڄي دنيا ۾ ميمبر رهن ٿا ۽ اهي سوشل ميڊيا تي به گهڻو سرگرم رهن ٿا پر افسوس جو اسان ان معاملي ۾ گهڻو پوئتي آهيون. اڪبر لغاري چيو ته اها خوشي جي ڳالهه آهي ته ساوا هر سال اسانکي گڏ ڪري پاڻ ۾ ملائي ٿي پر پوء به تنظيم کي تڪڙيون وکون کڻڻ ۽ تڪڙا پروگرام ڪرڻ جي ضرورت آهي. صحافي، ليکڪ ۽ ايڊيٽر ڊاڪٽر ايوب شيخ پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته خوشي آهي جو اسان جا نوجوان سوشل ميڊيا ۽ تنظيمن ۾ سرگرم آهن ۽ ڪراچي جي ادبي ميڙاڪن ۾ شامل هجن ٿا پر پوء به ڪم کي سائنٽيفڪ انداز سان ونڊي ورڇي پنهنجي حصي جو مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان سڀني کي لکڻ کپي ۽ اخبارون سڀني کي اسپيس ڏين پيون. پاڻ چيائون ته اسان کي ريڊرز ڪلب قائم ڪرڻ، ويبسائيٽس ۽ ادبي ڪم کي انٽرنيٽ تي سهيڙڻ جي ضرورت آهي. سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي چيئرمين حميد ڀٽو سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن کي واڌايون ڏنيون ۽ چيو ته جڏهن تازو هو هندستان جي دوري تي ويا ته اتي به هن تنظيم جون سرگرميون نظر آيون ۽ هتي ڪم ڪندڙ دوستن بابت نيڪ خواهشون ۽ تحفا مليا جيڪا اتساهيندڙ ڳالهه آهي. ان کان اڳ سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار بِهڻ تنظيم جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين ڪيل ڪم بابت تفصيل ڏنا ۽ سوشل ميڊيا ۽ عالمي ادب جي اهميت تي روشني وڌي. ساوا جي ترجمان محمد سليمان وساڻ ان موقعي تي تفصيلي طور سنڌي ٻولي، ٽيڪنالاجي، انٽرنيٽ ۽ درپيش چيلينجز بابت سڀني دوستن کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته جتي ٽيڪنالاجي تبديل ٿئي پئي، سمارٽ فونز، ٽيبليٽ جو دور اچي پيو اتي سنڌي ٻولي کي انهن جديد ڊوائيسز ۾ استعمال ڪرڻ لاء ڪيئي ڏکيايون درپيش آهن. انهن چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ هن ادبي ادارن ۽ دانشورن کان تڪڙا قدم کڻڻ جي گهر ڪئي. هن ٻڌايو ته ساوا ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام، آنلائين ڪتاب گهر، تاريخ جي دري، شاعري، ڪالم، ڪهاڻين ۽ سنڌي شخصيتن بابت تعارف کي سهيڙي پيش ڪرڻ سان گڏ سنڌي سيکارڻ ۾ پيش پيش آهن. ان موقعي تي اسد ممتاز رڏ شاهه جا بيت پيش ڪيا.
تقريرن جي نشست کانپوءِ ساوا جي چوٿين سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ مشاعري جي محفل ٿي. مشاعري جي محفل جي صدارت عبدالغفار تبسم ڪئي. ان موقعي تي عبد الغفار تبسم، ادل سومري، هدايت بلوچ، سميع بلوچ، گهوٽڪي مان آيل شاعر جميل سومري، سجاد ميراڻي، ذوالفقار بهڻ، رکيل مورائي، غوث پيرزادي، اظهر ٻانڀڻ، نصير سومري، رحمت پيرزادي ، شاهجهان سُميل ۽ مسرور پيرزادي پنهنجي شاعري پيش ڪئي. پروگرام ۾ هندستان مان ساوا چيئرپرسن اندرا شبنم پوناوالا آنلائين شرڪت ڪري پنهنجي شاعري پڻ پيش ڪئي. پروگرام ۾ شاعرن، اديبن، صحافين، سوشل ميڊيا جي دوستن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جن ۾ خيرپور کان ممتاز رڏ، دوبئي کان سارنگ سنڌي، پي ٽي وي نيشنل جو پروگرام مينيجر هارون جمالي، ساگر سهندڙو، حنيف انصاري، آصف علي جهتيال، سليم قريشي، حنيف ٻگهيو، ابراهيم صالح محمد هنڱورو، اظهار پيرزادو، غلام مرتضى وساڻ، شاهه محمد سڌايو، بخش مريد روجهاڻي ۽ ٻيا شامل هئا.

___

February 09, 2015

ڪراچي لٽريچر فيسٽيول، سنڌي ٻولي ۽ اسان جون ذميواريون

ڪراچي لٽريچر فيسٽيول، سنڌي ٻولي ۽ اسان جون ذميواريون

محمد سليمان وساڻ

ڪراچي جي بيچ لگزري هوٽل ۾ منعق ٿيندڙ ڇهين ٽن ڏينهن واري ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۾ وڃڻ ٿيو ۽ ڪيترن ئي پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي. هن ايونٽ ۾ گهڻو ڪجهه سکڻ لاء مليو. ٻارن لاء پينٽنگ ۽ ٻين سرگرمين جا ڪيئي پروگرام هيا. ڪيترن ئي علمي، ادبي، سياسي، سماجي شخصيتن سان گڏ صحافتي ۽ فن جي دنيا سان واڳيل اهم ماڻهن سان ملاقات ٿي ۽ ڪچهريون ٿيون.  اتي وڃي اهو محسوس ڪيم ته سنڌي ماڻهو هن دفعي هن ميلي ۾ تمام گهڻي تعداد ۾ آيل آهن، جن ۾ فيمليز سان گڏ نوجوانن جو وڏو انگ شامل هيو، اها ڳالهه تمام گهڻو اتساهيندڙ هئي. هڪ ئي وقت ست ست پروگرام ملڻ سبب انتخاب ڪرڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿي. هن قسمن جي ميلن ۾ شرڪت ڪري ماڻهو علمي ۽ ادبي ڳالهيون سِکي ٿو ۽ گهڻو ڪجهه سمجهڻ لاء ملي ٿو جنهن سان دل ۽ ذهن جا دروازا کُلن ٿا.
هڪ وڏي مايوسي اها پڻ ٿي ته سنڌين جي هيڏي وڏي تعداد جي شامل ٿيڻ باوجود به ميلي ۾ هڪ به سنڌي ڪتابن جو اسٽال موجود ڪونه هيو. سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ علمي ۽ ادبي ميلو هجي ۽ اتي سنڌي ڪتابن جا دڪان موجود نه هجن ته ڪيڏي مايوسي ٿيندي. معلوم ڪرڻ تي اهو پتو پيو ته صرف 15 هزار روپين جي بوڪنگ سان اسٽال پئي مليا پر اسان جي ادارن ۾ ويٺل اديبن، دانشورن ۽ اسان جي نمائندن صرف مايوس ئي ڪيو. هتي نمائندگي ته سڀني پبلشرز کي ڪرڻ گهربي هئي جو هي ميلو سنڌي ٻوليء جي بقا لاء اهم هيو ۽ سڀ پبلشرز ڪنهن نه ڪنهن طرح ڪتاب ڇپائي اسان تي احسان ڪندي نظر ايندا آهن ۽ اهو محسوس پڻ ڪرائيندا آهن پر اسان جي سرڪاري ادارن خاص ڪري ثقافت کاتي، سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ڪراچي ۾ موجود شاهه لطيف چيئر ته بلڪل مايوس ڪيو. هڪ ٻي مايوسي اها به ٿي ته 70 يا 72 پروگرامن مان صرف ٻه سنڌي ٻولي جا پروگرام ٿيا جن ۾ هڪ سنڌي ڪهاڻي جي هڪ صدي ۽ ٻيو امر جليل جي آتم ڪٿا جو پروگرام جنهن ۾ به انگريزي، اردو ۽ سنڌي ٻولين ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي.
هن ميلي ۾ الائي ڇو اردو ٻولي وارا گهڻي احساس ڪمتري ۾ نظر آيا جو انگريزي ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ هنن دخل اندازي ڪندي اردو ۾ ڳالهائڻ جو مطالبو ڪيو. ان قسم جو هڪ واقعو مهتاب راشدي پاران ڪيل پروگرام ۾ ٿيو جنهن ۾ عابده حسين ۽ ٻيا مقررپاڪستان جي سياسي حالتن تي ڳالهائي رهيا هيا. ٻيو واقعو سنڌ ڄائي بينا شاهه پاران تصوف ۽ سنڌ جي شهيدن جي سار ۾ لکيل انگريزي ناول A Season for Martyrs ۾ پيش آيو، جڏهن انگريزي ۾ ٿيندڙ ان پروگرام ۾ هڪ شخص ساڳيوئي مطالبو ڪيو. بينا شاهه هر سوال کي سهڻي انداز سان سمجهايو ۽ جواب ڏنو، ساڳي وقت هن تنقيد کي به مڃيو. هڪ نوجوان ناصر سومري شاهه لطيف جي وائي “سُور انهيءَ ساڙي، هُو جي ويا هليا” مڌر آواز ۽ ترنم سان ڳائي خوب داد حاصل ڪيو.

January 08, 2015

عباس ڪوريجي جو ڪتاب ”پنهنجي ڌرتي“ ڪهاڻي گهر جي سونهن



عباس ڪوريجي جو ڪتاب ”پنهنجي ڌرتي“ ڪهاڻي گهر جي سونهن

محمد سليمان وساڻ 

پياري دوست عباس ڪوريجو جي ڪهاڻين جو نئون ڪتاب پنهنجي ڌرتي منهنجي هٿن ۾ آهي. بهترين مڪالمن، سهڻي منظر نگاري ۽ چونڊ، پر اسان جي معاشري جي عام ڪردارن سان سهڻي انداز ۾ نڀاء ڪندي عباس ڄڻ ته اسان جي اندر جي احساسن کي بيان ڪيو آهي. ڪهاڻي لکڻ ته آسان آهي پر ڪهاڻي سان نڀاءُ ڪرڻ، ڪهاڻي ڪردارن جي مڪالمن ۽ خاص ڪري ڪهاڻي جي ڪلائيميڪس کي احسن انداز سان پيش ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي جيڪو عباس نواڻ سان پيش ڪيو آهي. سندس ٻولي آسان ۽ عام جي سمجهه واري جڏهن ته ڪهاڻي جي عنوانن جي چونڊ به سگهاري آهي.


عباس ڪوريجي سان سوشل ميڊيا ذريعي ڪافي عرصي کان واقفيت آهي پر سندس سڃاڻ مون وٽ ڪمپيوٽنگ جي ميدان ۾ سنڌي ٻولي لاء پاڻ ارپيندڙ نوجوان طور ئي هئي. پر پوء سندس ڪهاڻيون ۽ شاعري به پڙهڻ لاء ملي. سندس هي ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب آهي، ان کان اڳ 2005ع ۾ سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ”چنڊ پيرن هيٺ“ ڇپيو هو. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جي چيئرمين انور فگار هَڪڙو لکيو آهي جڏهن ته جامي چانڊيي، اسحاق سميجو ۽ الطاف شيخ جا تاثر به ڏنل آهن. ڪنول پنبليڪيشن قنبر پاران ڇپايل هي ڪتاب 128 صفحن تي مشتمل آهي جنهن جي قيمت 150 روپيا رکي وئي آهي. 



ڪهاڻين کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي جن ۾ 15 مختصر ڪهاڻيون، 21 مختصر مختصر ڪهاڻيون، ڪجهه ٻڙي اکر ڪهاڻيون ۽ 6 تعليمي ڪهاڻيون شامل آهن. ڪاش مان ڪهاڻيڪار هجان هان ۾ هڪ هنڌ ڪمال جو جملو لکيو اٿائين ته ”ڪراچي ڪيڏو به وڏو شهر ڇو نه هجي پر منهنجي دل جي شهر کان ننڍو هوندو“. مختصر ڪهاڻيون لکڻ هڪ فن آهي ۽ ان فن کي عباس سمجهي ورتو آهي. سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن ان گڏ ننڍن ننڍن مسئلن تي ٿيل پنهنجي ماڻهن جي قتل ۽ وري قتل کانپوء بدلي ۾ ڪيل شادي، ان سان نڀاء ۽ وري اهڙين حالتن ۽ معاشي بي رحمي تي سندس ڪهاڻي ”ڳيت ڏنل سڏڪا“ الائي ڇو پڙهي اکين ۾ آب اچي وڃي ٿو ... شايد ان لاء جو اهڙا ڪردار اسان جي معاشري جو حصو ٿي ويا آهن ۽ آسپاس موجود آهن. ڪهاڻي آخري تعويذ اسان جي معاشري جي اصلي سوچ ۽ انڌن عقيدن جي عڪاسي ڪري ٿي ته ڪيئن نه اسان جا ماڻهو سچ کان انڪاري ٿي اجاين ڦيڻن ۽ تعويذن جي اثر هيٺ اچي ويا آهن. ان ئي ڪهاڻي ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ”کڻو پنهنجي ماءُ کي ... هتي ڪابه جنڙي ناهي رهندي، اهي لولا ۽ بسريون مان ئي کائيندو آهيان، ماڻهوءَ کان وڏو ڪوبه جنُ ناهي هوندو اهو فقط اوهان جي انڌي عقيدي جو جنُ هو.“ اهو چئي سنهڙو ڪهاڙو هٿ ۾ کڻي ڳوٺ ڏي نڪري ويو ۽ ڳوٺ وارا ان فقير جي ڳولا ۾ جنهن آخري تعويذ ڏنو هو.

سنڌ يونيورسٽي هجي يا ٻيون درسگاهون اڄڪلهه اتي ريگنگ سبب نون شاگردن لاء وڏا مسئلا ٿي رهيا آهن ۽ ريگنگ جي روپ ۾ هنن جي سر عام تذليل ٿي رهي آهي. سندس ڪهاڻي ”ريگنگ ڏوهه آهي“ اهڙي ئي حالتن جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪا نوجوان شاگردن کي ضرورپڙهڻ گهرجي. نفسياتي مريضن ۽ سائڪياٽرسٽ تي لکيل ڪهاڻي چريا منهنجا آئيڊيل آهن سندس هڪ لازوال ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي مان دودو آهيان جو هڪ جملو اوهان سان شيئر ڪيان ٿو جنهن ۾ لکي ٿو ”توکي چيم ته واپس وڃ ۽ سڀني کي ٻڌائي ڇڏ ته توهان وارو دودو مري چڪو آهي، آئون هاڻي فقط سومرن جو پير آهيان.“ ڪتاب جي ٽائيٽل واري ڪهاڻي ”پنهنجي ڌرتي“ اسان جي اڄوڪي حالتن جي ترجمان آهي جنهن ۾ اقليتن خاص ڪري هندن سان ٿيندڙ نا انصافين بابت آهي. ڪيئن نه هڪ سنڌي نا انصافين ۽ ڏاڍاين باوجود پنهنجي ڌرتي تي مرڻ کي لڏي وڃڻ تي ترجيح ڏئي ٿو. پيء پنهنجي اغوا ٿيل پُٽ سان فون تي ڳالهائيدي کيس دلجاء ڏئي چوي ٿو ”خير آهي پُٽ ! پنهنجي ڌرتي ماتا اگر ديش پرائو ٿي وئي آهي ! پوء به ڀونءِ ته پنهنجي آهي“.

منهنجي لاء هڪ نئين ۽ اتساهه واري ڳالهه اها به آهي ته عباس ڪوريجي تعليمي ڪهاڻيون به لکيون آهن جيڪا هڪ سٺي ڳالهه لڳي. هڪ جهرڪيء جي آکاڻي لکي اٿائين جيڪي اسڪول وڃي ٻارن جا گيت، انهن جون تعليمي سرگرميون ڏسي خوش ٿئي ٿي پر ساڳي جهرڪي ان وقت زخمي ٿي گهر اچي ماء وٽ پهچي ٿي جڏهن اسڪول بند ٿي وڃن ٿا ۽ ٻار راند ڪندي کيس غليل جو ڳوڙهو مٿي ۾ هڻي ڪڍن ٿا. جهرڪي پنهنجي ماءُ کي چوي ٿي ”امان ! واقعي ئي جڏهن اسڪول بند ٿيندا آهن ته ماڻهو وحشي ٿي پوندا آهن“. عباس ڪوريجو يقينن ادبي ميدان ۾ مڃتا ماڻيندو ۽ سندس هي ڪتاب هن جي سڃاڻپ بڻبو.

June 09, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 18

فيس بوڪ رائونڊ اپ 18
محمد سليمان وساڻ

گذريل هفتي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان گڏ سوشل ميڊيا جو به سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ رهندڙ موضوع ايم ڪيو ايم قائد الطاف حسين جي گرفتاري ۽ ڪراچي جون حالتون ئي رهيون آهن. فيس بوڪ تي هر گذرندڙ لمحو هڪ نئين بحث جو آغاز ڪندو رهيو. ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ حڪومت جي نمائندن جو ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ به سخت تنقيد جو نشانو رهيو. اهو به نوٽ ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم قيادت سخت مونجهاري جو شڪار رهي ۽ فيصلا ڪرڻ ۽ انهن تي عمل ڪرائڻ به پنهنجي جاءِ تي ڏکيو رهيو، خاص طور تي ان وقت سخت مونجهارو رهيو جڏهن هڪ گروپ دڪان کولڻ جو سڏ ڏنو ته ٻئي طرف ڪجهه ماڻهن زوري دڪان ۽ پيٽرول پمپ بند ڪرايا. سنڌ جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ انهن قومپرست ڌرين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا رهيا جن ايم ڪيو ايم سان اظهار يڪجهتي طور ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. حيرت ته ٿي رهي هئي ته سنڌ جي لٽيل دولت جيڪا لنڊن مان پوليس کي ملي آهي ان تي سنڌ جا اڳواڻ نه صرف خاموش رهيا پر ان جي ابتڙ ايم ڪيو ايم سان همدردي ڪندا رهيا. ڪجهه جذباتي نوجوانن جسقم قيادت سان اختلاف رکندي فيس بوڪ تي کُلي عام پارٽي کان الڳ ٿيڻ جو اعلان پڻ ڪيو. برطانوي پارليامينٽ جي رڪن جارج گيلووي جي فيس بوڪ تي رکيل سندس ان اسٽيٽش کي تمام گهڻي پذيرائي ملي ۽ لکين ماڻهن ان کي شيئر ڪيو جنهن ۾ هن ان ڳالهه تي خوشي ڏيکاري ۽ لنڊن پوليس کي شاباش ڏني ته هنن هڪ ڏوهاري کي گرفتارڪيو آهي. جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم وقتي طور الطاف حسين جي ضمانت تي آزادي تي خوش آهي پر هو سمجهن ٿا ته هي ڪيس سندن لاءِ تمام ڏکيو ڪيس آهي جيڪو سندن پارٽي جي موت جو سبب به بڻجي سگهي ٿو انڪري هو اسٽيبليشمينٽ جي هر خواهش پوري ڪندي پارٽي کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندا.
عمران خان پاران نواز شريف خلاف هلايل تحريڪ ۽ ساڳي وقت طاهر القادري پاران پاڪستان اچي تحريڪ هلائڻ وارن سوالن تي به وفاقي حڪومت کي ڪجهه پريشاني ٿي رهي آهي پر فيس بوڪ تي سنڌ جي سڄاڻ ڌرين جا اسٽيٽس سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي تحريڪ جي نه هجڻ تي پريشان آهن ڇو ته هن وقت سنڌ ۾ ن ليگ، ف ليگ ۽ قومپرست ڌريون الڳ الڳ ڌارا ۾ بيٺيون آهن. سنڌ جو عوام اڃان به ڪو تبديلي وارو فيصلو ڪرڻ کان پرڀرو بيٺو آهي. ان حوالي سان نثار کوکر لکي ٿو “پنجابي ووٽرن کي شريف ڀائرن ۽ چوڌري ڀائرن به خوب نوازيو پر ان باوجود به پنجابي ووٽرن پنهنجي لاء عمران خان جي صورت ۾ متبادل قيادت ڳولهي ورتي آهي. پر افسوس جو سنڌي ووٽر اڃان تائين ڀٽي جي قرض لاهڻ ۽ ڀوتار جي بنگلي جا چڪر ڏيڻ تائين محدود آهي”. پنجاب سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي پر سنڌ جي ان اڀرندڙ اشوءَ تي فيس بوڪ جي خاموشي حيران ڪندڙ آهي. ان حوالي سان اهو ضروري هيو ته انگريزي، اردو ۽ سنڌي ۾ پيجز ٺاهي پنهنجو آواز اٿاريو وڃي ها پر افسوس جو ڪيئي سلجهيل، لکيل پڙهيل دوست ۽ نوجوان اڃان تائين مذهب ۽ سنڌ جي قومپرست ڌڙن جي روايتي بيان بازي ۽ الزام تراشيءَ مان ٻاهر نڪري ناهن سگهيا. سندن اهڙي رويي سبب سوشل ميڊيا تي ايندڙ نوان ماڻهو به الجهن ۽ پريشاني ۾ آهن.
ڀارت ۾ ٿيندڙ اَکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا تقريب ۾ سنڌ ۽ هند جي شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن کي اوارڊ ڏيڻ ۽ مڃتا واري تقريب ممبئي ۾ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ سنڌ مان شاعر ۽ ليکڪ ادل سومري ۽ موسيقار ۽ راڳي بادل راهي کي اوارڊ ڏني ويا آهن. هن تقريب جون تصيويرون هند ۽ سنڌ جي مختلف دوستن پاران سندن فيس بوڪ وال تي خوب شيئر ٿي رهيون آهن. ٻئي طرف سنڌي ٻوليء جي انٽرنيٽ تي سڀ وڏي فورم سنڌ سلامت پاران سنڌي مواد کي بهتر نموني ڳولهڻ لاء سنڌ سلامت سرچ انجڻ جوڙي آهي جنهن ۾ سنڌ سلامت سان گڏ گوگل ڳولها هڪ ئي پيج تي الڳ ڪالمن ۾ نظر اچي ٿي. سنڌ ۾ بد امني، صحت جي خراب حالت، تعليم جي تباهي، ادارن جي ناڪامي تي به گهڻو لکيو پيو وڃي پر پ پ پ حڪومت ڪنهن به بهتري يا منصوبه بندي ۾ مڪمل ناڪام نظر اچي رهي آهي. ان حوالي سان عبدالقدير ميمڻ لکي ٿو “پاڪستان پيپلز پارٽيء جي حڪومت سنڌ ۾ ثابت ڪيو آهي ته اُها سنڌ جي مجموعي انفرا اسٽرڪچر جي ترقي، تعليمي، سماجي، انتظامي، صحت ۽ رابطن وارن شعبن جي ترقيء ۾ زيرو پلس زيرو ثابت ٿي چڪي آهي”.
آچر واري رات جو ڪراچي ايئرپورٽ تي دهشتگردن پاران ڪيل منظم حملي جو به فيس بوڪ تي چرچو رهيو آهي ۽ لکندڙن لکيو آهي ته هاڻ اهو چٽو ۽ واضح آهي ته اهڙي قسم جي حملي جي منصوبه بندي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن پنهنجا ان ۾ ملوث هجن ۽ هي حملو بلڪل مهراڻ بيس واري حملي سان ملي ٿو. خبر ناهي ته ان وقت جي انڪوائري رپورٽ ۾ ڇا ظاهر ٿيو ۽ ڪهڙا فيصلا ڪيا ويا هيا پر هاڻ ظاهر ٿي چڪو آهي ته پورو پاڪستان محفوظ ناهي. جڏهن اسٽريٽجڪ هنڌ ئي دهشتگردن لاء سولو ٽارگيٽ هجن ته عام ماڻهو ڪيترو محفوظ هوندو.

روزانه عوامي آواز 10 جون 2014ع
____



June 04, 2014

ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ : موتيءَ جهڙو ماڻهو

ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ : موتيءَ جهڙو ماڻهو
محمد سليمان وساڻ

زندگيء ۾ ڪي اهڙا ماڻهو ملندا آهن جيڪي مايوس ماڻهن کي صرف هڪ ئي جملي يا هڪ ئي مرڪ سان محبت جي معنى سمجهائي زندگي بخشي ڇڏيندا آهن. اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ آهي ڊاڪٽر سليمان شيخ. هو پيشي جي حساب سان ته ڊاڪٽر آهي ۽ مسيحا آهي پر سندس سڃاڻ بڻي آهي سندس سماجي خدمت. هڪ اهڙي شخصيت ۽ سڀاء جو مالڪ جنهن سڄي زندگي سماجي شعبي سان وابسته رهي سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي. ان ڏکيي پيچري تي هن الائي ڪهڙا ۽ ڪيترا سور سٺا آهن، سندس واٽ ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون آيون آهن پر هن جو مقصد هڪ ئي رهيو آهي انساني زندگيء سان پيار ۽ انهن جي خدمت ۽ اڄ به هو ان سان ايتروئي سچائيءَ سان نڀائي رهيو آهي. ڊاڪٽر سليمان شيخ شاهه لطيف جي ان بيت جي مصداق آهي جنهن ۾ لطيف چيو آهي “ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي”. بهار جهڙي شخصيت ۽ سنڌ جي سڀ کان وڏي سماجي تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي باني ڊاڪٽر سليمان شيخ جو اڄ 4 جون تي جنم ڏينهن آهي. مان کين 9 فيبروري تي به جنم ڏينهن جون واڌايون ڏيندو آهيان، ڇو ته شناختي ڪارڊ ۽ اسڪول جي رڪارڊ ۾ سندن جنم جي تاريخ 9 فيبروري 1942ع لکيل آهي. مان خوشنصيب آهيان جو سنڌ گريجوئيٽس ۾ رهندي ڊاڪٽر صاحب سان ڪيترن ئي پروگرامن، گڏجاڻين ۽ ڪچهرين ۾ گڏ رهيو آهيان ۽ سندن علمي، ادبي ۽ فڪري ڳالهيون ٻڌي پاڻ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندي ڪجهه انساني خدمت لاء ڪم ڪندو رهيو آهيان. ڪيترن ئي پروگرامن ۾ صرف انڪري ويندو آهيان جو اتي ڊاڪٽر سليمان شيخ جي تقرير ٻڌڻي هوندي آهي.


June 02, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 17

فيس بوڪ رائونڊ اپ 17
محمد سليمان وساڻ

ملڪ ۾ موبائل فون ڪمپنين پاران شروع ڪيل 3 جي سروس کانپوء وڊيو ڪانفرنسنگ سان گڏ وڊيو شيئرنگ آسان ٿي پئي آهي ۽ ڪجهه پرڏيهه ۾ رهندڙ دوستن اهڙي قسم جي وڊيو ڪانفرنسنگ جو ذڪر به ڪيو آهي ته ڪيئن نه هو پنهنجي ڳوٺ ۾ رهندڙ دوستن سان مسلسل رابطي ۾ آهن. پر ڇا يوٽيوب جي پابندي سبب 3 جي لاء ڪمپنين کي ڪا سگهاري موٽ ملندي؟ اهي سوال فيس بوڪ جو موضوع بڻيا آهن. ساڳي وقت اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته سنڌ ۾ بدترين لوڊ شيڊنگ کانپوء موبائل نيٽ استعمال سبب سمارٽ فون جي وڪري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. پر ان مان فائدو ڇا سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو حاصل ڪري رهيا آهن؟ جواب ڪير ڏيندو يا اسان وٽ ڪهڙا ادارا آهن جيڪي سروي ڪري يا انهن جا جواب حاصل ڪري اسان لاء هن جديد ٽيڪنالاجي کي فائديمند بڻائي سگهندا؟ هن هفتي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ان تقريب جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي جنهن ۾ پهريون دفعو سرڪاري ڪامورن کي ڪنهن تنظيم پاران مڃتا اوارڊ ڏنا ويا آهن. سنڌ فنڪار ويلفيئر طرفان ايڇ بي اين ميڊيا جي سهڪار سان پهرين سنڌ سروسز اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي تقريب آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ پهريون دفعو سنڌ جي سرڪاري ڪامورن ۽ سياسي شخصيتن کي سندن سماجي، سياسي ۽ ادبي خدمتن عيوض سنڌ سروسز اوارڊ ڏنا ويا. ان موقعي تي ادب ۽ فن سان واڳيل شخصيتن کي به اوارڊ ۽ شيلڊ پيش ڪيون ويون. هن تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ سرڪاري ڪامورن، ادبي ۽ سياسي شخصيتن ۽ فنڪارن پنهنجي فيمليز سان گڏ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ناليواري فنڪارن گيت پيش ڪري محفل کي مچايو. جن شخصيتن کي اوارڊ ڏنا ويا انهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسيلر پروفيسر مظهر الحق صديقي،  آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو جنرل سيڪريٽري محمد احمد شاهه، اڳوڻو صوبائي وزير عبد الحق ڀرٽ، ايم پي اي سيد مراد علي شاهه، ايڊيشنل آءِ جي پوليس سائين رکيو ميراڻي، ڊي آءِ جي پوليس عاشق بوزدار، صدر پريس ڪلب ڪراچي امتياز خان فاران، اسپيشل سيڪريٽر رورل ڊولپمينٽ اڪبر لغاري، ايڪسائيز کاتي جو سيڪريٽري عبدالمجيد پٺاڻ، سيڪريٽري زڪوات ۽ عشر محمد رمضان اعواڻ، چيئرمين فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي بشير مورائي، اڳوڻو وي سي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اڪبر حيدر سومرو، ڊاڪٽر نذير ڪلهوڙو، ناميارو سفرناما نگار ۽ ليکڪ الطاف شيخ، شاعر ۽ ليکڪ ادل سومرو، ناميارو راڳي ۽ شاعر بيدل مسرور، اداڪار شهباز دراني، اداڪار صلاح الدين تنيو، گلوڪار شمن علي ميرالي، گلوڪار ظفر رامي ۽ اداڪار منير پٺاڻ شامل آهن.
گذريل رائونڊ اپ ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي کي عرض ڪيو هوم ته ميڊم مهرالنساء لاڙڪ جي سار لهي، جيڪا ڪراچي جي اسپتال ۾ موت ۽ زندگيء جي ڪشمش ۾ آهي. ثقافت کاتي جي وزير شرميلا فاروقي اسپتال پهچي سندن سار لڌي آهي اسان ثقافت کاتي جي ان عمل جي تعريف ڪيون ٿا. ساڳي وقت سوشل ميڊيا جي آواز کي ٻڌڻ لاء ثقافت کاتي کي گهرجي ته ڪو اهڙو سيل جوڙي جيڪو خبرن جي تصديق ڪندي اهڙن ماڻهن جي تڪڙي سار لهي، جيئن بشير سيتائي صاحب اسپتال ۾ آهن کين مدد جي ضرورت آهي. فيسبوڪ تي هن هفتي شهيد منير چولياڻي جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي، جيئي سنڌ متحده محاذ جي ميڊيا ڪنوينر منير چولياڻيءَ کي اغوا ڪرڻ بعد گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.  منير چولياڻي جو لاش بوبڪ ڀرسان درگاهه گنجڙي وٽان هٿ آيو، کيس مٿي ۾ 3 گوليون لڳل هيون. هوڏانهن اها ڳالهه اڃان به بحث هيٺ آهي ته آخر سنڌي ماڻهن جو پنهنجي سياسي، سماجي ۽ فڪري اڳواڻن تان ويساهه ڇو ٽُٽي رهيو آهي ۽ ڪنهن به اڳواڻ جي پٺيان هلڻ لاء تيار ناهن. ان سلسلي ۾ نثار کوکر لکيو آهي ته “اسي ۽ نوي وارن ڏهاڪن ۾ آيل سياسي شعور ۽ ترقي پسند لهرن سنڌ اندر هڪ اميد پيدا ڪئي ته ڀوتارڪو ڪلچر ختم ٿيندو پر پوءِ خبر پئي ته ان دور جي مها انقلابين جي رستي ۾ به ڪو نه ڪو ڀوتارڪو ڪلچر پيل هو.انهن پنهنجو اميج وڃايو پر سوين هزارين ڪارڪنن جو ويساھ وڃايو ۽ ماڻهو هاڻي ٻيهر ڀوتار کي بت ڪري پوڄڻ لڳا آهن.”

روزانه عوامي آواز 3 جون 2014

____

پهرين سنڌ سروسز اورڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيندڙ تقريب

پهرين سنڌ سروسز اورڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيندڙ تقريب

رپورٽ: محمد سليمان وساڻ

سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي طرفان ايڇ بي اين ميڊيا جي سهڪار سان پهرين سنڌ سروسز اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي تقريب آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ پهريون دفعو سنڌ جي سرڪاري ڪامورن ۽ سياسي شخصيتن کي سندن سماجي، سياسي ۽ ادبي خدمتن عيوض سنڌ سروسز اوارڊ ڏنا ويا. ان موقعي تي ادب ۽ فن سان واڳيل شخصيتن کي به اوارڊ ۽ شيلڊ پيش ڪيون ويون. هن تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ سرڪاري ڪامورن، ادبي ۽ سياسي شخصيتن ۽ فنڪارن پنهنجي فيمليز سان گڏ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ناليواري فنڪارن گيت پيش ڪري محفل کي مچايو.
جن شخصيتن کي اوارڊ ڏنا ويا انهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسيلر پروفيسر مظهر الحق صديقي،  آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو جنرل سيڪريٽري محمد احمد شاهه، اڳوڻو صوبائي وزير عبد الحق ڀرٽ، ايم پي اي سيد مراد علي شاهه، ايڊيشنل آءِ جي پوليس سائين رکيو ميراڻي، ڊي آءِ جي پوليس عاشق بوزدار، صدر پريس ڪلب ڪراچي امتياز خان فاران، اسپيشل سيڪريٽر رورل ڊولپمينٽ اڪبر لغاري، ايڪسائيز کاتي جو سيڪريٽري عبدالمجيد پٺاڻ، سيڪريٽري زڪوات ۽ عشر محمد رمضان اعواڻ، چيئرمين فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي بشير مورائي، اڳوڻو وي سي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اڪبر حيدر سومرو، ڊاڪٽر نذير ڪلهوڙو، ناميارو سفرناما نگار ۽ ليکڪ الطاف شيخ، شاعر ۽ ليکڪ ادل سومرو، ناميارو راڳي ۽ شاعر بيدل مسرور، اداڪار شهباز دراني، اداڪار صلاح الدين تنيو، گلوڪار شمن علي ميرالي، گلوڪار ظفر رامي ۽ اداڪار منير پٺاڻ شامل آهن. ان موقعي تي گلوڪاره مسڪان جي، گلوڪاره اربيشم مسينا، صوفي راڳي خان محمد چانڊيو، سنڌ آرٽس ڪائونسل جي صدر رميش ڪمار، صحافي سيد فدا حسين شاهه، مصطفى ملاح، اداڪاره نوشين شيخ، ۽ فريد خان يوسفزئي کي شيلڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. پروگرام جي آرگنائيزر، عهديدارن ۽ سرگرم رڪنن کي پڻ ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.
هن اهم تقريب ۾ ميمبر قومي اسيمبلي وسيم احمد، نثار مورائي، وزير اعلى جي صلاحڪار عبدالجبار، آرٽس ڪائونسل جي صدر اعجاز احمد فاروقي، برگيڊيئر مختيار شيخ، سلطان قمر صديقي، فريد خان ۽ ٻين ڪيترن ئي معزز شخصتين، صحافين، اداڪارن ۽ اديبن شرڪت ڪئي. هن گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي سريلن فنڪارن پنهنجي فن ذريعي ماڻهن کي موهيو. فنڪارن ۾ شمن علي ميرالي، ظفر رامي، واحد لاشاري، ديبا سحر، مسڪان جي، اربيشم، بادل راهي، نروڌا ماروي، نذير سمون ۽ شاهه جي راڳين فقير خان محمد چانڊيو ۽ ٻين سر وکيريا. حال ان وقت تاڙين جي گونج سان ٻهڪي اٿيو جڏهن ننڍڙي آرٽسٽ مريم وقار سنڌ توکي سلام تي شاندار پرفارمنس پيش ڪئي. زيبا بلوچ ۽ سويرا علي پڻ مختلف ڪلامن تي پرفارم ڪيو.

فيس بوڪ تي شهيد منير چولياڻي جي شهادت ۽  موقعي تي سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي چيئرمين حميد ڀٽو پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ هميشه فنڪارن جي پذيرائي لاء ڪوشان رهي آهي ۽ هن دفعي اسان هڪ نواڻ سان گڏ آيا آهيون ته انهن ڪامورن کي مڃتا ڏيون جن فن ۽ فنڪارن جو قدر ڪيو آهي ۽ سماجي ۽ ادبي ميدان ۾ سرگرم رهيا آهن. هن چيو ته هن وقت سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي اها ڪوشش آهي ته سنڌ جي انهن فنڪارن لاء ڪو آپريٽو سوسائٽي ٺاهيون جن وٽ پنهنجا گهر ناهن. هن اپيل ڪئي ته حڪومت، ڪامورا ۽ سرندي وارا ان ڏس ۾ اسان جي مدد ڪندي هن اهم اسڪيم کي مڪمل ڪرائڻ ۾ اسان جا ٻانهن ٻيلي ٿين. ايم پي اي سيد مراد علي شاهه چيو ته فنڪار ٻين کي خوش ڪن ٿا پر سندن گهرن ۾ فاقا آهن، هن چيو ته فنڪار ڪيڏو به مجبور ڇو نه هجي پر هو ڏوهاري ڪڏهن به ناهي ٿيندو. ايم اين اي وسيم احمد چيو ته فنڪار قومن جي عزت ۽ سڃاڻ هوندا آهن تنهنڪري انهن کي مڃتا ملڻ سان گڏ انهن جي مدد ڪئي وڃي. الطاف شيخ چيو ته مان والدين کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيندس ته هو پنهنجي نوجوانن کي تعليم سان گڏ ادب ۽ آرٽ به سيکارين ڇو ته اها به سندن سڃاڻ ٿئي ٿي. پروفيسر مظهر الحق صديقي چيو ته هن وقت اسانکي تعليم لاء پاڻ پتوڙڻو آهي، ڇو ته تعليم ئي اسان جي ٻڏندڙ ٻيڙيء کي پار پهچائيندي. بيدل مسرور ثقافت کاتي تي تنقيد ڪندي چيو ته ثقافت کاتو سنڌ جي ثقافت بجاءِ ان ثقافت تي ڪم پيو ڪري جيڪا اسان جي ناهي. هن چيو ته فنڪارن کي عزت ملڻ گهرجي. ان موقعي تي سائين رکيو ميراڻي سڀني کي چيو ته پنهنجي آسپاس ڏسو ۽ بي پهچ ماڻهن جي مدد ڪيو، هن چيو ته صرف پنهنجي لاء جيئڻ زندگي ناهي. پروگرام جي ميزباني سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي جنرل سيڪريٽري رشيد چارڻ ڪئي. ان ريت سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيء ۾ ٿيندڙ يادگار ثقافتي تقريب رات دير سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. 

وڌيڪ تصويرون هن لنڪ تي موجود آهن