January 09, 2016

ڀٽ شاهه ڏانهن ڀيرو



ڀٽ شاهه ڏانهن ڀيرو

محمد سليمان وساڻ

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سِگا) جو 37هون ساليانو ڪنوينشن هالا ۾ 25 ۽ 26 ڊسمبر 2015ع تي منعقد ٿي رهيو هو. اسان جي سچل ڳوٺ شاخ جي لڳ ڀڳ 20 دوستن ان ۾ شرڪت جي حامي ڀري هئي. مون سوچيو هو ته اتان وري ڳوٺ نڪري وڃبو جو موڪلون هيون. اسان سچل ڳوٺ مان نڪتاسين ته چئن گاڏين جو قافلو هو. سپر هاءِ وي تان گڏاپ ۽ گلشن حديد شاخ جا دوست به گڏيا ۽ ايئن هي قافلو هالا لاء روانو ٿيو.
کنڊو ۾ جمعي نماز پڙهيسين ۽ سڌو مخدوم محمد زمان طالب المولا لا ڪاليج هالا پهتاسين، رجسٽريشن ڪرائڻ کانپوء سڌو آڊيٽوريم وياسين. اسماعيل پنهنور اسٽيج کي سهڻي نموني سنواريو هو. دوستن سان گڏ ماني کائي، رجسٽريشن ڪرائي. مونکي تانگهه هئي ته لطيف سرڪار تي حاضري ڀريان. سائين ربنواز ڀٽو، مان، مرتضى وساڻ، چاچو الهداد گوپانگ ۽ ثناءُ الله راڄڙ گاڏي ۾ چڙِهي ڀٽ شاهه روانا ٿياسين.
الائي ڇو ڀٽائيءَ جا بيت ور ور ڪري پئي ذهن ۾ وسيا. ڀٽائي سنڌ جو اهو مفڪر، ڏاهو ۽ رهنما آهي جنهن پنهنجي بيتن ۾ رهنمائي وارا نقطا ڏسيا آهن ۽ اهڙا ته بيت سرجيا آهن جيڪي انقلاب جو اهڃاڻ آهن. ڀٽائي ڪنهن هڪ دور جو شاعر ناهي، هو ته هر دور جو شاعر آهي، هو ڪيڏو وطن پرست شاعر آهي اهو سندس هڪ بيت مان ئي واضح آهي ، جيڪا دعا به آهي.

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

پر اسان لطيف کي هڪ عظيم مفڪر ۽ عظيم قومي رهنما بدران هڪ تمام وڏو پير يا بزرگ ۽ مرشد بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙا منظر سندس روضي تي دعائون گهرڻ ۽ احاطي ۾ بيٺل ڪرڙ جي وڻ ۾ ٻڌل ڌاڳن مان پوي ٿي. جنهن قوم ۾ اهڙو ڏاهو ۽ مفڪر هجي جيڪو شاعري جي سٽن ۾ پنهنجي قوم جي بي فڪري ۽ لاپرواهي کي ڏسي پيغام ڏيندي چوي ته “جاڳو جاڙيجا، سما سک م سمهو”، جيڪو پنهنجي قوم جي عام ۽ سادن ماڻهن کي بُک ۽ بدحالي مان نڪرڻ جو درس ڏئي، جيڪو وڏي واڪي ڌرتي ڌڻين کي چوي ته مان ان کي پنهنجو سمجهندو آهيان اهڙي عظيم شاعر جي پيغام کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ اسان سڀني جو اولين فرض آهي.
دنبوري چوڪ تي پهتاسين ته اسانکي پوليس واري روضي طرف وڃڻ کان روڪيو. اسان گاڏي ساڄي طرف ڪانفرنس هال واري رخ ۾ موڙي روڊ تي هڪ طرف بيهاري. ان گهٽيءَ ۾ صفائيءَ جو نالو نشان به ڪونه هو. ڪيمرا کڻي ڀٽائيءَ جي روضي جي احاطي ۾ پهتاسين. چپلون لاهي اڳتي وڌياسين ته اسانکي روڪيو ويو، پڇڻ تي خبر پئي ته سجاده نشين وقار لطيفي صاحب حاضري پيا ڏين. اڳيان وقر صاحب هيو ۽ پويان ڪجهه ماڻهو هيس، شاهه صاحب ٻهاري هٿ ۾ کڻي علامتي طور ٻهاري گهمائي هيٺ ويٺو ۽ دعا گهريائين. اسان سڀ به دعا ۾ شامل ٿياسين. سائين وقار لطيفي سان ان کان اڳ سچل ڳوٺ ۾ ملاقاتون آهن، هڪ دفعي ته پاڻ اسحاق انصاري صاحب جي ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ لاجواب تقرير ڪئي هئائون. منهنجي خواهش هئي ته سائينءَ سان ملجي پر روڪيو ويو ته ساڻس بنگلي تي هلي ملاقات ڪيو.
هاڻي اسان لطيف سائينءَ جي روضي جي سامهون آهيون، هٿ مٿي کنيل آهن، نگاهون جهڪيل آهن. اسان دنيا جي عظيم شاعر جي احاطي ۾ موجود راڳين جو روايتي جهونگاريندڙ آواز ٻڌون ٿا. مان اهو راڳ ٻڌڻ لاءِ ڪيئي دفعا ويٺو آهيان پر سمجهي ناهيان سگهندو، صرف سُر ۽ آلاپ ٻڌندو آهيان. ڀٽائيءَ جو راڳ ته مان عابده پروين، محمد جمن ۽ محمد يوسف کان ٻڌو آهي، جيڪو سمجهه ۾ ايندو آهي. ڪجهه تصويرون ڪڍون ٿا ۽ پوءِ روضي ۾ اندر وڃون ٿا. اکيون پرنم آهن، هٿ دعا لاءِ کڄيل آهن :

ستر ڪر ستار آءُ اگهاڙي آهيان
ڍڪين ڍڪڻھار ڏيئي پاند پناهه جو.

وري شيخ اياز جون سٽون ياد ٿيون اچن:

ڀرسان تنهنجي ڀٽ ڌڻي جهلي بيٺس جهول
ڏنئي ٻه ٽي ٻول، سخي منهنجي ساهه کي

ڪڻا کنيم ڪيچ مان، کليا تنهنجا کيت،
مون وٽ مڙئي بيت، تو وٽ آهن آيتون !

سامهون نڪري سائين حبيب شاهه جي مزار تي نظر وجهون ٿا. دير به پئي ٿئي وري ٻاهر اچي راڳين سان گڏ ويهون ٿا ۽ احاطي ۾ سڪون ملي ٿو. پر اتي پنندڙن ۽ ڌاڳا ٻڌندڙن بيهڻ ئي نه پئي ڏنو. ان کان اڳ جو انهن تي ڪاوڙ ڪڍون اسان هاڻ پاڻ ئي واپس ورڻ چاهيو. مان سوچيان ته ڇا هنن ماڻهن لطيف جون هي سٽون ناهن پڙهيون:

پنڻ جي پورهيي مان ڪنهن نه ڀريا پَل
مانجهي اهي ملهه هر جنين جي هٿ ۾

هاڻي ٻاهر نڪري ڪراڙ طرف وڌون ٿا. رستي جي ٻنهي پاسي گندو پاڻي بيٺو آهي، گٽر اٿليل آهن، ڇيڻا گهٽين ۾ پيا آهن، ڌپ پئي اچي .... هي آهي لطيف جي نگري، هي آهي ڀٽ شاهه جي نگري .... مان سوچيم پئي ڪيڏي آس هئي اچڻ ۽ ڪيڏي مايوسي ٿي انتظام ڏسي وري به لطيف ياد آيو:

ڏورِيان ڏورِيان مَ لَهان !، شالَ مَ مِلان هوتَ
مَنَ اَندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻِ مِلَڻَ سان ماٺِي ٿِيَي

ڪراڙ جي هن ڪپ تي وڃڻ لاءِ نڪرون ٿا جتي سنڌ جو هڪ ٻيو عظيم شاعر، ليکڪ ۽ نثر نگار شيخ اياز مدفون آهي. اهو اياز جيڪو لطيف سائين مان اميدون ٿو رکي، ڇو ته هو سنڌ جي ماڻهن مان مايوس آهي.

جاڳ ڀٽائي گهوٽ! سنڌڙي ٿي توکي سڏي،
مرن پيون مارئيون، قابو آهن ڪوٽ،
اچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري وجهون.

شيخ اياز




مونتي ميڙو مچڻو آ : شيخ اياز جي مزار تي حاضري


مونتي ميڙو مچڻو آ : شيخ اياز جي مزار تي حاضري
محمد سليمان وساڻ
ڪجهه ڏينهن اڳ ئي حيدرآباد ۾ دوستن شيخ اياز جي ياد ۾ جشن اياز منعقد ڪرايو هو، اهو جشن سڄو سارو هڪ هفتو هو، سنڌ ميوزيم ۽ خانه بدوش ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان شيخ اياز جا چاهيندڙ، اياز جا دوست، اياز جي فيملي، اياز سان عشق ڪندڙ شامل ٿيندا رهيا هئا. مان به شامل ٿيو هوس ۽ مان اهو پهه به ڪيو ته هالا ۾ ٿيندڙ سِگا جي ڪنوينشن دوران ڀٽائي ۽ اياز جي مزارن تي وڃبو. 25 ڊسمبر 2015ع تي لطيف سائين جي مزار تي حاضري ڀري اسان ٽن دوستن سائين ربنواز ڀٽو صاحب، مان ۽ غلام مرتضى وساڻ ڪراڙ جي ڪپ جو پاسو وٺيو اتي پهتاسين جتي اياز دفن آهي. اهو اياز جنهن جي ڪلا، جنهن جي شاعري، جنهن جي نثر کي ڀيٽيون ته هو ڌرتيءَ جيڏو شاعر بڻجي وڃي ٿو. هن ڄاتو هو ته ڀلي سنڌ جا ڪجهه نام نهاد ايب، سياستدان سندس شاعريءَ کي نه مڃين پر سنڌ کيس ياد ڪندي ۽ هن تي ميلا مچندا، تڏهن ئي ته چئي ويو:

تون جي مون کي ڪو نه مڃيندين
مون کي ڪا پرواهه نه آهي
آءٌ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو
جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي
مون تي ميڙو مچڻو آهي.


شيخ اياز سنڌ جي اها هستي آهي جنهن اسان کي انقلاب جو دڳ ڏسيو، هن جي باغي ۽ انقلابي شاعريءَ نوجوانن ۽ سنڌ واسين کي نوان گس ڏنا، جوش ڏنو، هوش ڏنو ۽ سڃاڻ ڏني. هن جي رومانوي شاعري به ته غضب جي آهي ۽ سنڌ سان عشق ڪرڻ ته ڪو اياز کان سِکي. اياز صدين جو شاعر آهي، اياز کي چاهيندڙ ڪيترائي آهن.
اسان سان گڏ حاضري ڀريندڙ ٻيا به آهن. مان اياز جي شاعريءَ ۾ گم آهيان جو مرتضى مونکان ڪيمرا وٺي تصويرون ڪڍي ٿو. سامهون ڪراڙ ڍنڍ آهي، ڪراڙ جي هن پار لطيف جو روضو ڪر کنيو بيٺو آهي. ايئن پيو ڀاسي ڄڻ لطيف ئي سنڌ آهي. مان پاڻ کي گم سم پيو ڀانيان. اياز جون سٽون ياد ٿيون اچن:

ميلي ۾ تُون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
اک ۾ ڳوڙها، هٿ ۾ گجرا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
ڪوبه نه ايندو ، ڪوبه نه ايندو، ڪوبه نه تُنهنجي دُوار!
بند ڪري ڇڏ هي دروازا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
خاڪ اُڏاڻي، ڪاڪ ڪري پئي، پوئين پهر ’اياز‘!
ڪهڙي مُومل منهنجا راڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


شيخ اياز جي ڪلام ۾ سنڌ دوستي۽ وطن پرستي جابجا نظر اچي ٿي. ڪيئي گيت، غزل، نظم ۽ وايون آهن جيڪي وطن پرستي، حب الوطني ۽ سنڌ پرستيءَ سان ڀريون پيون آهن :

· مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦٽندا سرخ گلاب
· تو تان واريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌي.
· ڪڏهن ڪرندي ڪاڪ، ڪڏهن ملندو مينڌرو.
· ڌرتي منهنجو ديس، مگر مان سنڌڙي جندڙيءَ لايان وو.
· سنڌڙي تنهنجو ساهه اياز، مري نه ٿيڻو آهي.
· سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو.
· هي پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ پر سنڌ اياز نه مرڻي آ.
· جتي لڪ لڳي، جت اڪ تپن، سو ديس مسافر منهنجو ڙي،
· سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نوايان، مٺي ماٿي لايان.
· سهندو ڪيرميار او يار، سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو!

احاطي ۾ مٽي ۽ دز پئي اڏامي، اڇي پٿر تي هنڌ هنڌ ڌوڙ ڇانيل آهي پر اياز جا خيال اجرا آهن، هو هر سٽ ۾ جيئي ٿو، هو اڄ به جيئي ٿو اسان جي دلين ۾، شاعريءَ ۾ ۽ راڳين جي سدائن ۾ ......

ڪيئن ڪريان مان، ڪنھن به ريت
منھنجي من کي چين ناھي

ھاءِ، ڪھڙي رات آھي
چنڊ منھنجو ناھي ميت
منھنجي من کي چين ناھي

ھيءُ گلابي رُت ڇڏي
مون کان رسي ويا ڪيئن گيت
منھنجي من کي چين ناھي


سج لهڻ وارو آهي ۽ اسانکي هالا پهچڻو آهي جو سِگا جي 37هين سالياني ڪنونشن جو افتتاحي اجلاس شروع ٿيڻ وارو آهي ..... اياز جي قبر تي فاتح پڙهي ڪراڙ جي ڪنڌي تي هوريان هوريان واپس ورون ٿا.

تو لئه تڪيندي ڏيئا اجهاڻا
ڇو ڪونه آئين تون رات راڻا
هيءِ هيءِ بسنتو هي ڦول پنهنجا
ڪنهن لاءِ آندَوَ منهنجي پڄاڻان
مايوس آهين اي مينڌرا ڇو
مومل ڪندي آ ڪنهن وقت ماڻا
اڄڪلهه اياز آ مرهم مهانگي
۽ گهاوَ تنهنجا آهن پراڻا


اياز جي اڻ کُٽُ شاعري آهي جا هالا تائين ذهن تي ترندي ٿي رهي ....

سون جهڙي جواني اسان کان وٺي
وار چاندي ڪيئه عمر ايڏي ٺڳي
سور تو لئه سٺا سار تنهنجي رهي
زندگاني پرين تار تنهنجي تڳي


وڌيڪ تصويرون هن لنڪ تي

December 22, 2015

بوسنيا، ڪشمير، فلسطين ۽ برما وارن لاء روئيندڙ الائي ڇو هتي خاموش آهن .

بوسنيا، ڪشمير، فلسطين ۽ برما وارن لاء روئيندڙ الائي ڇو هتي خاموش آهن .


جڏهن ٻوليون مرڻ لڳنديون آهن ته اهي قومون به ختم ٿي وينديون آهن..



بو ٻولي ڳالهائيندڙ آخري عورت جي موت سان گڏ ئي سندن ٻولي ۽ قوم جو وجود به ختم ٿي ويو. جڏهن ٻوليون مرڻ لڳنديون آهن ته اهي قومون به ختم ٿي وينديون آهن...



اسان هاڻي ڪيترا مرثيا ڳائينداسين ۽ پيا ويڻ ڪندا رهنداسين ...


اسان هاڻي ڪيترا مرثيا ڳائينداسين ۽ پيا ويڻ ڪندا رهنداسين ...



يار اخلاق وڏي ڳالهه آ ...



فيسبوڪ تي ويهي گدڙ ڀڀڪين يا گارين ڏيڻ سان جي اوهان سمجهو ٿا ته سنڌ جو ڀلو ٿئي ٿو ته شاباس اٿو ......يار اخلاق وڏي ڳالهه آ ...


جڏهن مان چنڊ ڏانهن تڪيندو آهيان ته تنهنجي ياد اچي ويندي آهي




هن مونکان هڪ دفعي پڇيو هو ته ڪير وڌيڪ خوبصورت آهي ؟ 
چنڊ يا مان ؟؟؟
مان ڪجهه وقت لاء چپ رهيس ته هن جي به پريشاني وڌي وئي ۔۔۔۔۔ !!
مون کيس جواب ۾ چيو ته اها مونکي به خبر ناهي ته ڪير وڌيڪ خوبصورت آهي پر جڏهن مان چنڊ ڏانهن تڪيندو آهيان ته تنهنجي ياد اچي ويندي آهي ۽ جڏهن مان توکي ڏسندو آهيان ته مونکان چنڊ وسري ويندو آهي ۔۔۔۔ !!



نفرتن کان نفرتون ڪندڙ، محبتون وڃائڻ جي ڊپ کان اڪيلائي طرف هليو ويو


جڏهن مان مري وڃان ته منهنجي قبر جي ڪتبي تي اهو ضرور لکرائجان ته :


نفرتن کان نفرتون ڪندڙ، محبتون وڃائڻ جي ڊپ کان اڪيلائي طرف هليو ويو جيتوڻيڪ هن کي اڪيلائي کان سدائين خوف رهيو هو . 



مان به رات جو چنڊ ۽ ستارن سان گڏ گهٽين ۽ چوراهن تي گهمندو ٿو رهان



مان به رات جو چنڊ ۽ ستارن سان گڏ گهٽين ۽ چوراهن تي گهمندو ٿو رهان .... !!!
پر ماڻهو مونکي آواره ۽ رولاڪ جڏهن ته هنن کي چنڊ ۽ ستارا سڏين ٿا .... !!!



جڏهن هن جي تعريف ڪيم ته ان کي چاپلوسي چوڻ لڳا



جڏهن هن جي تعريف ڪيم ته ان کي چاپلوسي چوڻ لڳا... جڏهن هن تي تنقيد ڪيم ته ان کي ساڙ جو نالو ڏيڻ لڳا .... ۽ جڏهن خاموش رهيس ته ماڻهو مغرور چوڻ لڳا .... هاء ڙي دنيا تنهنجا رنگ....