September 22, 2019

سچار ڪردار، سچيون ڪھاڻيون: سلطانہ وقاصي جي ڪھاڻين جو مجموعو ”جانور“

سچار ڪردار، سچيون ڪھاڻيون: سلطانہ وقاصي جي ڪھاڻين جو مجموعو ”جانور“ 

محمد سليمان وساڻ 

نامياري ليکڪا ۽ شاعر سلطانا وقاصيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو ”جانور“ منھنجي هٿن ۾ آهي. جنھن ۾ ڪل 30 ڪھاڻيون ڏنل آهن. ھي ڪھاڻيون ڇا آھن؟ سنڌ جي معاشرتي، سياسي، علمي، ادبي ۽ سماجي حالتن جو ڄڻ تہ ڪيڏارو آھن. سندس ھن ڪتاب ۾ ڪجه تہ سندس ڄاڻ سڃاڻ وارن ڪردارن جا سچا واقعا پڻ ڏنل آھن ۽ ڪجه ڪردار اھي بہ آھن، جيڪي اسان جي چوڌاري موجود آھن. سندس شروعاتي لکڻيون جيڪي، 1970ع واري ڏھاڪي ۾ ڇپيون ھيون سي پڻ ھن ڪتاب ۾ شامل آھن. 
سلطانہ وقاصيءَ جون ڪجه ڪھاڻيون، ڪھاڻيون گهٽ پر ڪالم وڌيڪ لڳن ٿا، تنھن ڪري ھيءُ ڪتاب پڙھندي محسوس ٿيو تہ ليکڪا جي لکڻ جو انداز ڪالم_ڪھاڻيءَ وارو ئي آھي. سندس ڪھاڻين جا موضوع عورت، عورتن تي تشدد، عورتن تي لڳل الزام تراشيون، طعنا ۽ عورت کي نيچ سمجهڻ بابت آھن. پنھنجي ڌرتيءَ سان بيپناھ عشق پڻ سندس لکڻين ۾ موجود ملي ٿو، سندس ڪھاڻين ۾ شھرن ۽ ڳوٺن ۽ اسڪولن ۽ يونيورسٽين جا ڪردار ۽ ڪھاڻيون پڻ موجود آھن. 
سلطانا وقاصيءَ جو نالو سنڌ جي انھن چند سنڌي ليکڪائن مان هڪ آهي، جن معاشري جي نا انصافين، ڏاڍاين ۽ نا مناسب حالتن تي بيباڪيءَ ۽ بهادريءَ سان لکيو آهي. سندس تعلق سانگهڙ ضلعي جي ٽنڊي آدم شهر جي هڪ زميندار گهراڻي "وَڪا" سان آهي. سندس گهر ۾ ادبي ماحول ھيو جتي کيس علمي ۽ ادبي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ جو موقعو مليو. ڳوٺ ۾ رهندي بہ هن علم حاصل ڪيو، جنهن جو سھرو سندس والد خانصاحب عبدالحق وَڪي ڏانھن وڃي ٿو، جيڪو پنهنجي دور جو ادب دوست، ترقي پسند انسان ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هيو. سندس ناناڻو خاندان بہ سنڌ جو ھڪ مڃيل خاندان آھي. ناميارو تعليمدان، علامہ علي خان ابڙو سندس نانو ۽ جديد سنڌي افساني جو مشهور ليکڪ جمال ابڙو سندس مامو ھو. اهڙي سکيي ستابي گهراڻي سان تعلق رکندڙ سلطانہ وقاصي اڳتي هلي زندگيءَ ۾ ڪيئي ڏک ۽ تڪليفون سٺيون ۽ اڪيلي ئي انھن جو مقابلو بہ ڪيو. 
سلطانا وقاصي جيڪا گهڻو اڳ اڪرم سلطانہ جي نالي سان مشھور ھئي سا ھڪ باصلاحيت ۽ سجاڳ سرتي آھي. ھوءَ سنڌي ٻوليءَ سان ڪيل ٻہ اکيائيءَ ۽ ڌرتيءَ جي مسئلن جي حوالي سان جذباتي ٿي وڃي ٿي. ڪراچيءَ جھڙي شھر ۾ جڏھن لساني فساد چوٽ چڙھيل ھيا، تڏھن بہ سندس ادا ڪيل ڪردار ۽ تحريڪ ٻين عورتن لاءِ بہ اتساھ جو سبب بڻيا ھئا. اھڙي وقت ۾ ھن قلم ذريعي ان وقت جي حالتن، ماضي ۽ مستقبل بابت سنڌي اخبارن ۾ گهڻو ڪجه لکيو. ھوءَ ھڪ جذباتي ۽ بھادر عورت آھي ... ۽ اھو سمجهڻ گهرجي تہ جذباتي عورتون ڪنھن بہ صورت ۾ مصلحت پسنديءَ کان ڪم ناھن وٺنديون. اھوئي سبب آھي جو سندس جذباتي لکڻيون ڪيترن ادبي ۽ سياسي شخصيتن کي نہ وڻنديون ھيون، تنھن ھوندي بہ ھن لکڻ نہ ڇڏيو. سندس ڪالم، ڪھاڻيون ۽ شاعري مختلف اخبارن، رسالن ۽ ادبي مخزنن ۾ ڇپبيون رھيون. 
سلطانا وقاصي جي ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو مھاڳ نامياري ڪھاڻيڪارہ تنوير جوڻيجو لکيو آھي. پيڪاڪ پبلشرز پاران 131صفحن واري شايع ڪيل ھن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آھي.


May 16, 2019

منور سراج جو ناول پيراڊائيز پوائنٽ تي شام


منور سراج جو ناول پيراڊائيز پوائنٽ تي شام

محمد سليمان وساڻ

منور سراج جو ناول ”کاٻي اک جو خواب“ پڙھيو ھيم جنھن ۾ خواب ڇانيل رھيا، پر ھن وٽ لفظن، ڪردارن ۽ جملن جي اڻ کُٽ گھرائي ملي. تازو ئي سندس پاران موڪليل نڪور ناول ”پيراڊائيز پوائنٽ تي شام“ مليو. ڪجھ مصروفيت سبب ڪتاب پاسيرو رکيم جو مونکي خبر آھي تہ سندس ناول يڪساھي پڙھڻو پوندو آھي. اڄ جڏھن وقت مليو تہ ناول کي ھڪ ئي ڏينھن پڙھي پورو ڪيم. منور سراج جملن جو ڪاريگر آھي، ھن وٽ خيالن جي گھرائي آھي، ھن وٽ مڪالما دل ڇھڻ وٽان آھن.
پر ھڪ ڳالھ جيڪا سندس گذريل ناول ۾ بہ ھئي تہ ھو خوابن جو شھزادو آھي، ھن وٽ خوابن جا خزانا آھن جيڪي ناول ۾ جيئندا رھن ٿا ۽ ناول سان گڏ سفر ڪن ٿا. ھن جي ناول ۾ ڪٿائون آھن، قصا آھن، معاشري جا، گهُٽجي مرڻ جا، خواھشن جي قتلن جا، بيواجبين جا، يونيورسٽي ۾ رھندڙ بگهڙن ۽ چمڙن جا. سندس ھي ناول الائي ڇو مونکي اڌ کان وڌيڪ پنھنجي ڪھاڻي پئي لڳو .... شايد انڪري جو مان پڻ يونيورسٽيءَ مان ايم بي اي ڪئي آھي ۽ اھا بہ شام جي وقت ۽ مان بہ ساڳيي اداري ۾ نوڪري ڪيان ٿو جنھن ۾ منور سراج ڪري ٿو .... ساڳيا منظر، ساڳيا استاد، سخت، پنھنجي نالي ۽ سختي جي تعريف ٻڌندڙ پوءِ ڀلي خواھشن جو قتل ٿئي ۽ احساسن جون قبرون ٺھن. اسان وٽ يونيورسٽيءَ جي پسمنظر ۾ لکيل ناول طارق عالم جو ”رھجي ويل منظر“، منير چانڊيي جو ”ڪيف ڌاران ڪوءِ“، اسحاق انصاري جو ”خالي بينچ“ ۽ ”پيار درياءُ“ مشھوري ماڻي چُڪا آھن ۽ پياري منور سراج جو ”پيراڊائيز پوائنٽ تي شام“ سنڌي ناول جي شيلف ۾ ھڪ خوبصورت اضافو آھي. ناول جا مڪالما خوابن جي گرد گھمن ٿا. ڇو تہ ھن معاشري ۾ محبتن تي پابندي جو آھي:
§      ”تون ڇاٿي سمجهين، خواب اکيون ڏسنديون آھن، چري .. !!“
”ٻيو نہ تہ باقي؟ ڪير ڏسندو آھي خواب؟“
”خواب دل ڏسندي آھي ۽ اکيون تعبير ڳولينديون آھن.  
۽ دل جا ڏٺل خواب ضرور ساڀيان ماڻيندا آھن.“

ھي ناول ان نوجوان شاعر جي ڪھاڻي آھي جيڪو ايم بي اي جي ڪلاسن ۾ اڪيلو ليکڪ آھي، جيڪو بلڪل الڳ سوچي ٿو، ھڪ اھڙي ماحول ۾ شاعريءَ ۽ ادب جي ڪتابن جي ڳالھ ڪري ٿو جتي شاگرد مشين بڻجي صرف نصاب ۾ منجهيل آھن. ھنن وٽ ڄڻ دل آھي ئي ڪا نہ، ڄڻ احساس سندن ڊڪشنريءَ جو حصو ئي ناھن. ھي جملو اھڙي ئي ماحول جي نشاني آھي:
§      ”ھا، جڏھن ماڻھو ڪو تماشو روڪي نہ سگهي تہ گهٽ ۾ گهٽ ان جو حصو نہ ٿئي“.

پر پيراڊائيز پوائنٽ پوءِ بہ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي ملڻ جي پسنديدہ جڳھ آھي ۽ اھڙيون جايون يا خاص پوائنٽ ھر يونيورسٽي ۾ ٺھي ويندي آھي. ناول ۾ منور سراج جا جملا دل جي ترجماني ڪندي سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا:
§      ”مينھن وسندو آھي تہ مان اداس ٿي ويندي آھيان ..... منھنجو منُ بہ ڄڻ موھن جو دڙو ھجي.“
§      ”يار مختيار، ھي محبت پنھنجي وس کان مٿي اٿئي يار. يار پاڻ لاءِ محبوبہ مسجد بڻجي ويندي آھي، مندر ٿي پوندي آھي. يار پاڻ بس ائين آھيون. پاڻ کان ماڻھن واري محبت ڪونہ پڄندي مختيار ..... يار مان ھن سان نٿو ڳالھائي سگهان ... الائي ڇو .... الائي ڇا آھي .... ڪجھ سمجھ ۾ نٿو اچي.“

منور سراج جو ھي ناول ھڪ شاعر، ھڪ شاگرد جي چوڌاري گهمي ٿو تنھنڪري ان ۾ شاعراڻا احساس ڀريا پيا آھن. ھن جا جملا، ھن جون ڳالھيون جھڙوڪ شاعري ئي آھن، نظم تہ ھر ھنڌ ملندو ئي ...
§      ”اداسيءَ جي موسم نظمن لاءِ رستو کوليندي آھي، الائي نظمن جي موسم اداسيءَ لاءِ رستو کوليندي آھي ! ڪيئن چئجي !“

منور سراج يونيورسٽيءَ جي انھن بگهڙ نما پروفيسرن جي پڻ ناول ۾ ندا ڪري ٿو، جن اسان جي نياڻين لاءِ يونيورسٽين جي ماحول کي اوپرو ڪيو آھي. جتي نياڻين جي عزت محفوظ ناھي ۽ يونيورسٽيون ڄڻ نياڻين جي عزتن جون قتل گاھ بڻجي ويون آھن.
ناول ۾ ڏُک ۽ منزل تائين نہ پھچڻ ۽ دل جي ڳالھ محبوب تائين پڄائڻ ڄڻ انتھائي ڏکيو ڪم ھجي ...
§      ”ھر محبت پاڻ سان گڏ ڏک، اداسيون ۽ امتحان بہ کڻي ايندي آھي. اھا محبت محبت ئي ناھي جنھن سان گڏ ڏُک نہ ھجن.“

ھن ناول ۾ ڪتابن جي دنيا، خوابن جي دنيا ۽ شاعريءَ جي دنيا جي ماڻھن جو انت محبت کان بغير ڄڻ سچ ۾ اڌورو اڌورو ٿو رھجي وڃي .... ڄڻ اھو واقعي ئي سچ ھجي.
§      ”خوابن خيالن جي دنيا ۾ رھندڙ ماڻھو حقيقي زندگيءَ سان نڀائي نہ سگھندا آھن.“
§      ”ھا پر اڪثر ماڻھو محبت جي آسمان تائين پھچڻ ۽ چنڊ کي ڇھڻ لاءِ ڪڏھن ڪڏھن چاھيندي نہ چاھيندي بہ جيڪي رستا چونڊيندا آھن، اھي کين آسمان تائين پھچڻ کان اڳ ٽٽل تاري وانگر رولي ڇڏيندا آھن.“

منور سراج واقعي ئي لفظن جو جادوگر آھي، جنھن جا لفظ ۽ جملا ناچ ڪن ٿا، دل تي نقش ڇڏين ٿا ۽ خواب بڻجي راتين جو رلائين ٿا .... ھن جا لفظ احساسن جا روپ بڻجي وڃن ٿا. جڏھن ماڻھو پاڻ بہ ناول جي پسمنظر جھڙي ماحول مان گذريو ھجي تہ ناول جا ڪي جُملا، ڪي مڪالما الائي ڇو ماڻھوءَ کي پنھنجا لڳن ٿا ...  ناول جو آخري صفحو بہ آخري بڻجي اداس ڪندو ٿو رھي:
§      رڳو آخري صفحو ئي نہ، آخري ملاقات، آخري فون، آخري ميسيج، آخري جُملو، آخري نھار، آخري سيميسٽر، آخري ڪلاس، آخري پيپر، آخري ڳالھ ۽ آخري خط بہ ماڻھوءَ کي اداس ڪندو آھي.

آخر ۾ ھڪ ڳالھ اھا بہ ڪندس تہ مون کي ناول  جي پڄاڻي ڪلائيميڪس کان خالي ملي. ناول جي پڄاڻي الائي ڇو اڻپوري ملي. ناول جي ھيرو ۽ ھيروئن جي ڪھاڻي اڌوري ئي رھي. يونيورسٽيءَ جي بگهڙن ۽ چمڙن جو ڪو انت ڪونہ ٿيو. ناول جي پڄاڻي ڇرڪائيندڙ ۽ ڪنھن طرح لوڏيندڙ ھجڻ گهرجي ھا .... پر اھا منھنجي راءِ آھي ۽ مان نہ تہ ڪو ناول نگار آھيان نہ ئي وري ڪو ڪھاڻيڪار .... مان ھڪ پڙھندڙ آھيان جيڪو ناولن جو شوقين آھي.

April 21, 2019

مخمور رضا جو شعري مجموعو ”مُرلي منھنجو من“


مخمور رضا جو شعري مجموعو ”مُرلي منھنجو من“ 

محمد سليمان وساڻ 

سانوري رنگت پر اُجري ۽ شيشي جھڙي دل، مُک تي معصوم مُرڪ سجايل مخمور رضا جو نئون شعري مجموعو ”مُرلي منھنجو مَن“ منھنجي ھٿن ۾ آھي. ھي ڪتاب مخمور جي 700 بيتن جو مجموعو آھي. بيت سنڌي شاعريءَ جي اوائلي ۽ منفرد صنف آھي. اسان وٽ قاضي قادن، شاھ ڪريم بُلڙِ ي واري کان شاھ لطيف ۽ وري سچل سرمست کان شيخ اياز، وسيم سومرو ۽ اھو سلسلو ھلندو پيو رھي ۽ مخمور پڻ ان سفر ۾ شامل ٿيو آھي. 
مخمور رضا ٽيويھن سالن جو نوجوان شاعر آھي، جنھن جا ننڍڙيءَ وَهيءَ ۾ ئي چار شاعريءَ جا ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن ۾ غزلن جا ٻہ مجموعا ”ھينئڙي منجھ ھُڳاءُ“ ۽ ”درد جو آڪاس“، واين جو مجموعو ”صحرا جھڙا خواب“ ۽ ھاڻي بيتن جو مجموعو ”مُرلي منھنجو مَنُ“ جيڪو 700 بيتن تي مشتمل آھي. ھي ڪتاب ان ڪري بہ منفرد آھي جو ھن ۾ صرف بيت شامل آھن. ان کان اڳ سنڌي شاعريءَ جو نج بيتن تي مشتمل ڪتاب شايد شاھ ڪريل بُلڙي واري جو رسالو ۽ تاجل بيوس جو ھڪ ڪتاب آھي. 
مخمور هڪ معصوم شاعر آهي. ھو شاعريءَ جي روح کي سمجهي ٿو. شاعريءَ جي ڏات ديوي هن سان راضي آهي. هن وٽ شاعري محبوب جو درجو رکي ٿي. هو محسنن کي مان ڏيڻ ڄاڻي ٿو. مان سندس ٿورائتو آهيان جو منھنجي پرينءَ مونکي ڪتاب جو پورو هڪ صفحو يعني ستن بيتن سان ارپنا ڏني آهي. مخمور ننڍي وھي ۾ ئي دردن ۽ ڏکن ڏاجهرن ۽ بيمارين پاران ڏنل دردن جي پيڙا مان گذريو آھي، پر ھن ان پيڙا ۽ دردن کي لفظن جو ويس پارائي پنھنجي شاعريءَ جو ڏاج بڻايو آھي. 
ڪتاب ۾ صفحي نمبر 11 کان 90 تائين خوبصورت بيت سرجيل آھن، جيڪي پوپٽ جھڙا رنگ سجائي ڪتاب جي ورقن کي وڻندڙ بڻائين ٿا. صفحي 91 کان 109 تائين مختلف شخصيتن کي ڀيٽائون ڏنل آھن، اھي شخصيتون جن ڌرتيءَ وارن کي جيئڻ سيکاريو، يا اھي جن کان مخمور متاثر آھي ۽ اھي جن کي ھو پنھنجو محسن ٿو مڃي. ھو لطيف جي سٽ ”ڳنڍين سارو ڏينھن“ کان متاثر ٿي ھڪ بيت سرجي ٿو: 

زخمي زخمي آس کي، مُرڪي ٽاڪا ھڻُ، 
دل جي سُئي کڻ، ڀاڪر ڳوڙھن جا چمي. 

اسان سڀني سنڌين وانگر مخمور پڻ سنڌ ڌرتيءَ جو عاشق آھي ۽ ان کي ممتا سمجھي ٿو. ڌرتيءَ سان عشق سندس ھن بيتن ۾ موجود آھي: 

رنگيل ڏسي رت ۾ ، ڌرتيءَ جو احساس، 
پٿر جو آڪاس، پرزا پرزا ٿي ويو 

دل چوندي آ ھر گھڙي، سھڻي سرتيءَ کي، 
۽ ھن ڌرتيءَ کي، سجدا ڪريان ساھ سان. 

ھو پنھنجي سٽن ۾ اميد جو دامن نٿو ڇڏي ۽ سنڌ جي سُکيي مستقبل جا خواب اُڻي ٿو: 

آزاديءَ جي باک ڀي، ڦُٽڻي آھي نيٺ، 
کُٽڻي آھي نيٺ، غلاميءَ جي رات ھي، 

مخمور وٽ اظھار جو ذريعو شاعري ئي آھي. شاعري ھن جي ڏکن ۽ دردن جو درمان ڀاسجي ٿي. اھوئي سبب آھي جو ھو ڪنھن تعريف ۽ واھ واھ جي ڊوڙ کان ڪوھين ڏور بس لفظن جون مالھائون پوئي رھيو آھي. بُخاري پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپايل 112 صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آھي. اميد تہ مخمور جو ھي ڪتاب اھل ذوق وٽ پاڻ مڃائيندو. 

March 06, 2019

ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۽ رهجي ويل سوال



ڪراچي لٽريچر فيسٽيول ۽ رهجي ويل سوال

محمد سليمان وساڻ

هفتو اڳ ئي بيچ لگزري هوٽل ۾ ٽن ڏينهن جو سنڌ لٽريچر فيسٽيول ٿيو هيو ۽ ان ۾ سنڌين جي وڏي اڪثريت شامل ٿي فيسٽيول جي مالڪيءَ جو احساس ڏياريو هو. نورالهده شاهه، اعجاز منگي، ناجيه مير، نصير گوپانگ ۽ سڄي ٽيم ان تي جس لهڻي. هڪ هفتي کانپوءِ ساڳي ئي جاءِ تي، ساڳي ئي ماحول ۾ آڪسفورڊ پريس پاران ڏهين ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جو بندوبست ڪيو ويو هو. ظاهر آهي ڪي ايل ايف لاءِ فنڊ جام هوندا آهن ۽ ساڳي ئي وقت پنج سيشن هلندا آهن. پر الائي ڇو ”ڪي ايل ايف“ ۾ اڳيون چَس نه هيو. يا وري ”ايس ايل ايف“ ۾ سيشنز ۽ عنوانن جي چونڊ بهتر هئي، يا وري امينه سيد ۽ ڊاڪٽر آصف فرخي جي غير حاضريءَ ۾ ڪي ايل ايف کي سنواريندڙ ڪي خاص نه هيا. بين الاقوامي مبصر، ليکڪ ۽ مبصر ڪونه هيا، ٿي سگهي پاڪ هند جنگ جي گرمي سبب به نه هجن.... خير جيڪو به ٿيو پر وري به ادبي ميلو ۽ بحث ڪجهه ڏئي ويندا آهن.
مان سڀني سيشنز ۾ ته نه پر ڪجهه ئي سيشنز ۾ حصو ورتو. جن مان هڪ امر جليل سان ڪچهري به هئي، جنهن ۾ ماڻهن جو وڏو تعداد موجود رهيو. ڪراچي جي ڳالهه هلي، ڪراچي جي ٺاهه ۽ ڊاهه جي ڳالهه ٿي. انور مقصود جي سيشن ۾ به وڏي رش رهي ۽ ويهڻ لاءِ ڪرسيون ته ڇا بيهڻ جي جاءِ به ڪانه پئي ملي. جاويد جبار جي ڪتاب تي ياسر قاضيءَ جي سيشن ۾ 30 ڪرسين جي گنجائش جيترو به ڪمرو ڪونه هيو سو واپسي ڪرڻي پئي. بينا شاهه جي موڊريشن ۾ شفقت شاهه ڄاموٽ جو سيشن “Journey into Europe: Islam, Immigration & identity” هڪ بهترين سيشن هيو. بلوچستان جي حوالي سان رکيل سيشن “Sorrows of Baluchistan” ۾ ماڻهن خاص ڪري نوجوان نسل جي ايڏي تعداد ۾ حاضري قابل ديد هئي پر ساڳي وقت سيشن ۾ ڪنهن به بلوچ جو اسٽيج تي اسپيڪر جي حيثيت ۾ نه هجڻ سواليه نشان بڻجي ويو ۽ تنهنڪري سوالن جوابن جي نشست کان اڳ ئي لفظي گرما گرمي شروع ٿي وئي. تنهنڪري هما بقائي جيڪا سيشن جي ميزبان هئي ان کان پروگرام جو ڪنٽرول ڪونه پئي ٿيو. سوال ڪندڙ جذباتي انداز ۾ تلخ سوال ڪري رهيا هيا جن جو جواب يا بحث مجاهد بريلوي وڌيڪ متنازعه بڻائي ڇڏيو. ان سيشن ۾ تلخ حقيقتن کي قيصر بنگاليءَ وڌيڪ سهڻي نموني بيان ڪيو ۽ حقيقتون مڃيون . مجاهد بريلوي جي راين سبب ڪجهه بلوچ بزرگ ۽ نوجوان بائيڪاٽ ڪري اٿي ويا.
فيسٽيول جي هڪ خوبصورتي اها به هئي جو سنڌ جي ماڊرن اڪانامي تي لکيل ڪتاب جي مهورت ۽ بحث ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ شامل هيو. هڪ اهم سيشن رکيو ويو هيو جنهن جو عنوان هيو “Cultural Activism to Counter Extremism in Sindh” هن سيشن جو موڊريٽر اظهار سومرو هيو جڏهن ته اسپيڪرس ۾ سنڌ جو تعليم ۽ ثقافت جو وزير سيد سردار شاهه ۽ نورالهده شاهه شامل هيا. ٻنهي ڏاڍو سُٺو ڳالهايو. ميزبان ۽ نورالهده شاهه وزير صاحب جي تعريف به ڪئي ۽ تنقيد به ڪئي. سوالن هلندي اڳيان هجڻ باوجود به منهنجا سوال رهجي ويا، اهو ڄاڻي واڻي ٿيو يا اتفاقيه ان تي ڪا راءِ نه ڏبي ... پر سوال اهم هيا. سوچيم ته اهي سوال هتي ئي ڇڏي ڏيان متان وزير موصوف يا ان جو ڪو ڪامورو جواب ڏئي. هڪ سوال ميڊم نورالهده شاهه کان هيو ته ”هي جو اسان هيترو سارو ڳالهايون پيا ته اسان انتها پسندي جو مقابلو ثقافت ۽ تصوف ذريعي پيا ڪيون ۽ مثال آهن ميلا ۽ فن ۽ فنڪار يا صوفي ازم ..... ڇا اهو وڏو سبب ناهي جو اسان تعليم، سائنس ۽ تحقيق کان هٽي ويا آهيون ۽ ميلن ملاکڙن ۾ ڦاسي ويا آهيون؟“. منهنجو سوال وزير موصوف کان پڻ هيو ته اوهان هيترو خرچ ڪيو ٿا، ميلا ملاکڙا لڳرايو ٿا پر ساڳي وقت ڪراچي لٽريچر فيسٽيول جي نمائش ۾ ثقافت کاتي يا ادبي بورڊ ۽ سنڌي ليئگيوئيج اٿارٽي پاران ڪتابن جو اسٽال نه هجي ته ان غير ذميواري تي ڪنهن کان پڇون؟ سوال ڪتابن جي فروخت جو نه پر مالڪي ۽ موجودگيءَ جي احساس جو هوندو آهي. جتي صوبي جو وڏو وزير، تعليم جو وزير، ثقافت جو وزير اچي ۽ ڪتابن جا اسٽال به گهُمي ۽ سواءِ ڪويتا پبليڪيشن جي ڪوبه سنڌي پبليڪيشن جو اسٽال نه هجي ته اها ڪيڏي وڏي ناڪامي ۽ افسوس واري ڳالهه چئبي. مون کي ياد ٿو اچي ته ڪجهه سال اڳ به ايئن ئي ٿيو هو ۽ مان ان تي عوامي آواز ۾ هڪ ڪالم لکيو هو. جنهن جي جواب ۾ ان وقت جي سنڌي ٻولي اٿارٽي جي چيئرپرسن صاحبه ڪالم لکيو هو جنهن جو عنوان هيو ”ڄڃ پرائي، احمق نچي“. متان هن دفعي به ڪامورا ساڳيو جواب ڏين ته اسان کي لکت م ڪونه چيو ويو هو يا دعوت ڪانه هئي .... جناب پوءِ هي وزير موصوف ڪيئن پهتا؟ سنڌ جي ڪامورا شاهي ۽ سنڌ جو شعور فيسٽيول ۾ ڇو هيو؟ هن دفعي به سنڌي گهراڻن خاص ڪري نوجوانن جو وڏو انگ ”ڪي ايل ايف“ ۾ موجود هيو، جيڪا هڪ اميد پيدا ڪندڙ ڳالهه آهي. اميد ته سنڌ حڪومت اڳتي اهڙن ميلن ۾ نه صرف ڪتابن جا اسٽال لڳائيندي پر سنڌي پبلشرن جي مدد به ڪندي جيئن هو اتي سنڌ جي علم ۽ ادب جي نمائش ڪري سگهن.

روزانه عوامي آاوز 6 مارچ 2019ع

January 15, 2019

مٺل جسڪاڻي ۽ سندس ڪتاب ”زرعي سونهون“

مٺل جسڪاڻي ۽ سندس ڪتاب ”زرعي سونهون“

محمد سليمان وساڻ

مٺل جسڪاڻيءَ سان سوشل ميڊيا تي ڊگهي عرصي کان سٺي ڄاڻ سڃاڻ آهي. هو فيسبوڪ تي گهڻو لکندڙن مان هڪ آهي. هن وٽ لکڻ جا ڪي ماپا ناهن. هو ادب، شاعري، ڪچهري، پروگرامن تي خوب لکندو آهي، جيڪو دل ۾ آيس لکندو آهي. پروفيسر مٺل جسڪاڻي هڪ زرعي ماهر، زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ هڪ بهترين استاد طور سڃاپجندڙ شخصيت سان گڏ، بهترين زرعي ڪارڪن به آهي جنهن جو ذڪر پي ٽي وي تي ”آبادگار“ پروگرام ڪندڙ ”اياز گاد“ ۽ ان وقت جي ٽي وي پروڊيوسر ”الطاف سومري“ ڪيئي ڀيرا مونسان ڪيو آهي. مٺل ورڪشاپس ۽ ليڪچرس ڏيڻ ۾ اڳڀرو رهندو آهي، ان سان گڏ زمينن تي پهچي آبادگارن کي زرعي معلومات ڏيڻ سان گڏ خوب صلاحون ڏيندو آهي ۽ ان تي لکندو رهندو آهي. منهنجي به ساڻس ڪجهه زرعي مسئلن تي ڪچهري ٿيندي رهندي آهي جنهن ۾ کجين جا مسئلا اوليت هوندا آهن.
هن دفعي حيدرآباد لٽريچر فيسٽيول ۾ آچر ڏينهن 11 وڳي سندن سيشن هيو جنهن جو موضوع هيو ”زرعي ادب“، سيشن ليٽ ٿيو ۽ اسان جي نصيبن ۾ کيس ٻڌڻ هيو سو ڪراچيءَ مان پنهنجي سيشن لاءِ نڪتاسين جيڪو ليٽ ٿيو ته مٺل وارن جي پروگرام ۾ پهچي وياسين ۽ سندس راءِ ۽ خيال ٻڌاسين. ان بعد اسان جو سيشن هيو سو پاڻ ان ۾ اسان سان گڏ رهيو ۽ پنهنجو ڪتاب ”زرعي سونهون“ تحفي طور ڏنائين، جنهن ۾ لکيائين:

”سليمان وساڻ لاءِ
ڇو ته آبادگار به آهي
پڙهندڙ به آهي“

گهر اچي ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيم ڇو ته واقعي ئي مان آبادگار به آهيان، ڪتاب جي قيمت ڏٺم ته حيرانگي ٿي. اهو پهريون ڀيرو هيو جو قيمت بجاءِ لکيل هو :
”اعزازي ڪاپي (لکت ۾ ڪتاب تي راءِ)“
تنهنڪري ضروري سمجهيم ته تڪڙي راءِ لکان. مان هڪ هاريءَ جو پُٽ آهيان جيڪو چوپائي مال ۽ زرعي زمينن جو شوقين هيو. مان پاڻ به لابارا ڪيا آهن، رونبا ڪيا آهن، کجين سان نڀايو آهي، ڪڻڪ، ڪمند، وونئنڻ، ساريون، برسيم، اڪڙ، جوئر ۽ ٻيا فصل پوکيا آهن ۽ زرعي فصلن سان ٿيندڙ مسئلن کي منهن ڏنو آهي. هي هڪ مختصر پر ڪارائتو ڪتاب آهي، جنهن جي ڇپجڻ ۽ قيمتي لکڻين تي مٺل سائينءَ کي جس ڏجي ٿو. ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرين حصي ۾ بنيادي زرعي ڄاڻ بابت 12 مضمون شامل آهن. جنهن ۾ بنيادي زرعي ڄاڻ، زراعت، جنهن ۾ زندگي، زمين، پاڻي، ٻوٽا، وڻ، موسم، جيت جڻيا ۽ انهن سان لاڳاپيل فصلن جي پيداوار، مسئلن ۽ انهن جي حل سان گڏ، نوجوانن لاءِ روزگار جا زريعا شامل آهي. 

جڏهن ته ٻئي حصي ۾ فصلوار ۽ ماهوار زرعي ڪم ڪار تي 10 مضمون لکيل آهن. جن ۾ سنڌ جا اهم فصل ڪڻڪ، ساريون، جوئر، ٻاجھر ۽ مڪئي، وونئڻ، ڪمند، تيلي ٻج، داليون، ڀاڄيون ۽ مصالحه، ميوا ۽ جانورن جي چاري وارا گاهه شامل آهن. 
هي ڪتاب آبادگارن، هارين، زميندارن لاءِ واقعي هڪ زرعي سونهون آهي، بس ڪتاب پڙهجي ۽ ان ۾ لکيل ڳالهين تي عمل ڪجي. اسان جيڪي زرعي دوائن نالي زهر استعمال ڪيون پيا يا ڀاڻ استعمال ڪيون پيا ان جا فائدا ۽ نقصان به ڪتاب ۾ لکيل آهن. اڃان به جي ضرورت پوي ته پروفيسر مٺل سان رابطو ڪجي ۽ کيس اچڻ جي دعوت به ڏجي ڇو ته هو گهمڻ جو به شوقين آهي. 

ليپٽاپ، موبائيل ۽ گهر

ان ڏينهن موبائيل ۽ ليپٽاپ کي بند ڪري گهر وارن سان ڪچهريءَ ۾ ويٺس .. امان هر هر پڇي رهي هئي ته ”پُٽ اڄ طبيعت خراب اٿئي ڇا؟“ ... ٻارن چيو بابا ”نيٽ پئڪيج ختم ٿي ويو اٿئي نه“ ۽ گهرواريءَ چيو ”لڳي ٿو اڄ گهر ۾ ڪنهن سان وڙهندين ....“
۽ مان اٿيس ۽ ليپٽاپ کولي گهروارن کان پري ۽ پري وارن سان ويجهو ٿيندو ويس ...

October 28, 2018

ڪتاب ”پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“

ڪتاب ”پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ 

محمد سليمان وساڻ 

سنڌ جي هر وستي، واهڻ ۽ شهر جي پنهنجي تاريخ آهي. هر شهر مان سنڌ جا اڏيندڙ جنم وٺندا رهيا آهن. تنهنڪري ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته هر شهر جي تاريخ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي اچي جيئن اتان جي شخصيتن، تنظيمن ۽ وسندڙ ماڻهن جي ماضي ۽ حال سان انهن وسندين بابت ٻي لاڳاپيل ڄاڻ ٻين تائين پهچي سگهي ۽ اهو سڀ ڪجهه محفوظ به ٿي وڃي. دادو ضلعي ۾ موجود ننڍڙي پر تاريخي شهر ”پاٽ شريف“ مان سنڌ جي شعور جي آبياري ڪندڙ شخصيتون پيدا ٿيون آهن، جن سنڌ جي علمي، ادبي، معاشي، سماجي ۽ سياسي کيتر ۾ پاڻ ملهايو آهي. ان تاريخي شهر پاٽ شريف سان تعلق رکندڙ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي مقامي اڳواڻ گلزار ڪلهوڙو پاٽائي ڏينهن رات محنت ڪري هڪ تحقيقي ڪتاب ”پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ شايع ڪرايو آهي. هي ڪتاب ان ڪري به اهم آهي جو هاڻي جيڪو به پاٽ شريف تي لکندو ته هي ڪتاب ان جي رهنمائي ڪندو. 
هن ڪتاب ۾ پاٽ شريف جي جاگرافيائي بيهڪ، ارغونن، ترخانن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ پاٽ جي سياسي حالتن، پاٽ پراڻي جا تاريخي واقعا ۽ قصا (جن ۾ 284 شهيدن جو واقعو به شامل آهي)، پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾، پاٽ پراڻي جا روحاني بزرگن جا نالا، پاٽ شريف جو نالو پوڻ ۽ ان بابت، پاٽ شريف جا ماڳ مڪان، عُلماءَ ۽ بزرگ، ماڻهن جا هٿ جا هُنر ۽ مشهور شيون، پاٽ شريف جا پورهيت، پتڻ ۽ ڍنڍون، پاٽائي شخصيتون، هتان جا هندو خاندان، اهم عهدن تي رهندڙ پاٽائي شخصيتون، پاٽ شريف جا ميلا، ملاکڙا ۽ رانديگر، هتان جون تنظيمون، شاعر، اديب، سُگهڙ ۽ فنڪار، مختلف مڪتبِ فڪر جي ماڻهن جي هتي آمد، اسڪول، اسپتالون بازارون ۽ مسجدون، هن شهر بابت مشهور چوڻيون ۽ پهاڪا، سگا شاخ پاٽ شريف جي ڪارڪردگي ڏني وئي آهي. 2010ع جي مها ٻوڏ جو واقعو به هن ڪتاب ۾ شامل آهي، جنهن سنڌ جي ساڄي پاسي کي ٻوڙِ ي تباهه ڪيو هو. ڪتاب ۾ پاٽ شريف شهر کي شاعر حميد ميمڻ جي شاعري ذريعي ڏنل ڀيٽا پڻ شامل آهي. 
علامه آءِ آءِ قاضي جو اباڻو شهر هئڻ سان گڏ اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر اي جي اين قاضي (جنهن پاڪستان جي معاشي بهتري لاءِ پاڻ ملهايو)، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير اختر علي جي قاضي ۽ صديقي خاندان جنهن ۾ محقق ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، عبدالغفار صديقي، جسٽس عبدالوحيد صديقي ۽ ٻيا شامل آه، جو به ذڪر آهي. پاٽ شريف جو چنا خاندان جنهن ۾ خانصاحب عبدالله چنا، جسٽس زيڊ اي چنا ۽ ٻيا شامل آهن، انهن پڻ علمي، ادبي ۽ سماجي شعبن ۾ وڏيون خدمتون انجام ڏنيون آهن. ڪراچيءَ ۾ ٻٽي نظام خلاف آواز اٿارڻ دوران شهيد ٿيندڙ غزالا بتول صديقيءَ جو تعلق پڻ پاٽ شريف سان ئي هو. 
هن ڪتاب جو مهاڳ نامياري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ لکيو آهي، جڏهن ته سِگا جي باني اڳواڻ ڊاڪٽر سليمان شيخ، چيئرمين سگا رفيق احمد جعفريءَ ۽ ٻين مختلف ليکڪن، سماجي ڪارڪنن ۽ اديبن جا ڪتاب ۽ ليکڪ بابت رايا به هن ڪتاب ۾ ڏنل آهن. 288 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاٽ شريف شايع ڪرايو آهي.

September 09, 2018

واين جي روپ ۾ احساسن جو عڪس


واين جي روپ ۾ احساسن جو عڪس 


تحرير : محمد سليمان وساڻ 
نوجوان شاعر مخمور رضا جي شاعري ڊگهي عرصي کان پيا پڙهون. سانوري رنگت پر اُجري دل رکندڙ هن شاعر جي پختي شاعري سندس ٽين مجموعي جي صورت ۾ ظاهر ٿي آهي. ان کان اڳ سندس غزلن جا ٻه مجموعا ”هينئڙي منجھ هڳاءُ“ ۽ ”درد جو آڪاس“ ڇپجي چڪا آهن. سندس هن نئين مجموعي ۾ وايون ڏنل آهن. 

ڪانئر بزدل جي هٿان 
ٽڪرا ٿي مرنديون 
ڪيسين ٻاگهيون ديس جون ! 

هيسيل هيسيل هر گهڙي 
ساهه پيون کڻنديون 
ڪيسين ٻاگهيون ديس جون ! 

مخمور رضا جي شاعري سندس اند جو آواز آهي. هن زماني ۽ دوستن جي جفائن ۽ عشق جي سزائن کان ڏور ڀڄندي اچي شاعريءَ جي جهان ۾ پناه ورتي آهي. جتي لفظ ۽ احساس سندس محبوبائون آهن. هن لاءِ شاعري ئي پناه ۽ سڪون گاه آهي. هن وٽ شاعريءَ جي ڪينواس تي چِٽڻ لاءِ اڻ ڳڻيا رنگ موجود آهن، جن سان هو درد جا احساس چٽي ”صحرا جهڙن خوابن“ کي اسان تائين پهچائي ٿو. خبر ناهي ڇو لڳندو آهي ته مخمور وٽ دردن جو خزانو آهي جيڪو لفظن جو خزانو بڻجي شاعريءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. 
اسان وٽ وائيءَ جي صنف ڪافي پراڻي آهي. شاه لطيف، سچل سر مست، روحل فقير، بيدل ۽ بيڪس، مصري شاه ۽ حمل فقير کان وٺي جديد دور جي ڪافي شاعرن بهترين وايون لکيون آهن. جن مان مخمور رضا به هڪ آهي، جنهن پنهنجي واين ۾ سنڌ، دردن، عشق، قدرت، فطرت، دنيا جي رنگينين، معاشري جي نا انصافين، سونهن ۽ سوڀيا کي بيان ڪيو آهي. سندس وايون معاشري جو چِٽو عڪس ۽ موجوده دور جو آئينو آهن، جيڪي فني طور به پختيون آهن. 

منهنجي مُرڪن کي سدا 
دُکيءَ دلڙيءَ جون 
روئارن ٿيون ڳالهڙيون. 

رندن سان گڏ جام کي 
وڇڙيل ساقيءَ جون 
روئارن ٿيون ڳالهريون. 

144 صفحن وارو هيءُ مجموعو سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد طرفان ڇپايو ويو آهي، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي. 

ڪاوش سنڊي ميگزين 9 سيپٽمبر 2018ع.

May 13, 2018

زندگيءَ کي جياپو ڏيندڙ سنڌي سائنسدان خالد ٿيٻي جي انقلابي تحقيق



پاڻي الله تعالى جي سڀ کان وڏي نعمت آهي. پاڻي اسان جي زندگيءَ جو اهم جزو آهي. پاڻي کان سواءِ انسان جو زنده رهڻ ناممڪن آهي. جيتوڻيڪ پاڻيءَ مان غذائيت معلوم نه ٿي ٿئي پر پوءِ بہ حقيقت اھا آهي تہ اسان جي غذا جو اهم جزو آهي. انسان جي جسم ۾ 60 کان 70 سيڪڙو تائين پاڻي هوندو آهي. پاڻي ھڪ اھڙي قدرتي نعمت آھي جيڪا زندگين کي زندگي ڏيندي آھي. دنيا جي مڙني مذهبن توڙي فڪري ماخذن منجه پاڻيءَ کي مقدس حيثيت مليل آهي. ان ۾ ڪو شق ناھي تہ پاڪستان سميت سموري دنيا ھن وقت پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ جنگ وڙھي رھي آھي. دنيا ۾ ۽ خاص ڪري ٽين دنيا يا اسرندڙ ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ بيمارين جو سبب آلودہ پاڻي ئي آھي. پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ھن وقت سڄي ملڪ ۾ پاڻيءَ جي خراب حالت تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي تحقيق ڪري رھي آھي. سڄي دنيا زراعت ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ پريشان آھي. چون ٿا ايندڙ جنگيون پاڻيءَ جي ڪري بہ لڳي سگھن ٿيون. اھڙي صورتحال کي ڏسندي دنيا جا ڪيترائي سائنسدان ان تحقيق جي پويان ھئا تہ ڪيئن آلودہ، گندگي ڀريل، سامونڊي ۽ ملاوٽ واري پاڻيءَ کي سولي ۽ سَستي نموني صاف ۽ پيئڻ لائق بڻائي سگھجي. دنيا جون ڪيتريون ئي ڪمپنيون فلٽر ذريعي پاڻي صاف ڪري وڪرو ڪن ٿيون جنھن سبب اربين روپيا تہ ان تي ئي لڳي وڃن ٿا. جتي مٺو پاڻي ناھي اتي تہ پاڻي جو قدر اڃا بہ وڌي وڃي ٿو.
جيئن جيئن دنيا ترقي ڪري پئي ۽ صنعتي يا فني ترقي ٿئي پئي تيئن ئي پاڻيءَ جي آلودگي يا گدلاڻ وڌي رھي آھي. اھڙي پريشاني واري دور ۾ سوشل ميڊيا تي خبر ملي تہ سنڌ جي ھڪ نوجوان سائنسدان ھڪ انقلابي ڪم ڪري دنيا لاءِ صاف پاڻيءَ جي آساني پيدا ڪري ڇڏي آھي. ضلعي خيرپور جي ھڪ ننڍي شھر ٽالپر وڏا سان تعلق رکندڙ خالد حسين ٿيٻي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان 2005ع ۾ ڪيميسٽري ۾ ماسٽرس ڪري پھريون نمبر کڻندڙ خالد ٿيٻي مانچسٽر وڃي ايم فل ڪئي ۽ اسلام آباد جي ھڪ اداري ۾ نوڪري ڪندي، کاتي معرفت چائنيز اڪيڊمي آف سائنس جي مالي سھڪار سان پي ايڇ ڊي ڪرڻ چائنا جي ھڪ ٽاپ رينڪنگ يونيورسٽي ويو، جتي ھي تحقيق ڪري رھيو آھي. خالد ٿيٻو پاران Graphene گريفين مان ھڪ اھڙو تھہ/جھلي تيار ڪئي آھي جيڪا نہ رڳو سَستي پر پُر اثر بہ آھي ۽ صنعتي نيڪال سبب خراب ٿيل پاڻيءَ کي ٿوري وقت ۾ گهڻي مقدار ۾ صاف ڪرڻ جي بہ صلاحيت رکي ٿي. جنھن ذريعي غير ضروري لوڻياٺ، زھريلا مادا، غير ضروري ڪيميڪل، گٽر مليل گندگي ۽ بدبو ختم ٿي وڃي ٿي .
گريفين جي تھہ تي سڄي دنيا مان ڪيترن ئي سائنسدانن پاران مختلف شيون استعمال ڪندي اھڙي تھہ وارو سامان تيار ڪيو ويو آھن جيڪو لاڀائتو رھيو آھي، اڄڪلھہ جنھن مٽيريل جو چرچو عام آھي سو آھي گريفينGraphene . گريفين اصل ۾ عام عنصر ڪاربان جو ئي ٻھروپ آھي. ڪيميائي ٻھروپ جيڪي اسان کي مئٽرڪ ۽ انٽر جي سائنس ۾ پڙھايا ويا ٿا، جنھن جو مطلب آھي تہ ساڳيو ئي ائٽم مختلف بناوٽن سان الڳ الڳ شيون ٺاھي سگھي ٿو. ايئن جيئن ڪوئلو بہ ڪاربان ائٽم مان ٺھي ٿو ۽ ساڳي ڪاربان جي مختلف ڪيميائي بناوت سان اھو ھيرو بہ ٺھي پوي. ايئن ئي تھہ در تھہ ٿي ھڪي ٻئي سان ملي ڪاربان جي ھڪ بناوت جو نالو گريفائٽ پڻ آھي، جنھن جو عام مثال پينسل ۾ استعمال ٿيندڙ پٿر آھي. دنيا ۾ اڄڪلھ نينو ٽيڪنالاجي جو زور آھي، مطلب شين کي ننڍي سائز ۾ آڻي وڌيڪ فائدو حاصل ڪجي. مختلف سائنسدانن گريفائٽ جي ھڪ ائٽم جيترا سنھا تھہ تيار ڪري انھن کي ھڪ ٻئي مٿان چاڙھي فائدي جي قابل بڻايو جيئن بجلي جي اوزارن ۾ ۽ فلٽريشن لاءِ استعمال، ڇو تہ گريفين جو تھہ بجلي پسرائڻ جي انوکي قابليت رکي ٿو ۽ گريفين جي تھن ۾ موجود خال پاڻي کي گذاري ان ۾ موجود گدلاڻ وارا مادا روڪڻ جي وڏي صلاحيت پڻ آھي. گريفين ٺاھي ان کي نواڻ ڏيندڙ مانچيسٽر جي ٻن سائنسدانن کي 2010 ۾ ان ئي ڪم تي نوبل انعام پڻ ملي چڪو آھي، جيڪي ھن ڪم جو بنياد وجھندڙ آھن.
جيئن ئي گريفين جي انوکي استعمال جو دروازو کُليو تہ سڄي دنيا جا سائنسدان نئين انداز سان گريفين جي تھن ٺاھڻ ۾ لڳي ويا جيئن ان مان پاڻي گذاري سگھجي، پر ڪنھن کي بہ ڪو سولو ۽ آسان طريقو ڪونہ ملي سگهيو.، پر 2013 ۾ چين جي زيجانگ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر چائو گائو جي اڳواڻيءَ ۾ تحقيق ڪندڙ سائنسدانن جي ھڪ ٽولي ڪوشش ڪئي تہ گريفين جي تھن کي اھڙي ترتيب ڏجي جو انھن وچ ۾ نينو سائز فاصلو بہ برقرار رھي تہ گڏوگڏ اھي پاڻي کي رستو بہ ڏين ۽ پاڻيءَ جي گدلاڻ ۽ غير ضروري ميراڻ بہ ختم ڪن ھنن کي پوري ڪاميابي نہ ملي جو تھن کي ڳنڍڻ سبب پاڻيءَ جو مقدار بلڪل گهٽجي رھيو ھو. پر ھنن پنھنجو ڪم مڪمل ڪري ھڪ بين الاقوامي سائنس جي جرنل ۾ ڇپرايو جيئن ٻيا بہ رستو ڳولي سگهن. سندن ٺاھيل گريفين آڪسائڊ مان پاڻي گذري صاف ٿي رھيو ھو جنھن جا ماپا ھن ريت ھئا. جيڪڏھن ھڪ چورس ميٽر جي تھہ تيار ڪجي تہ ان مان ھڪ ڪلاڪ ۾ 21.8 ليٽر پاڻي صاف ٿي نڪري سگھيو ٿي ان دؤران ھوا جي داٻ کي پڻ ڪجھہ گھٽ رکڻو ٿي پيو.
ھوڏانھن خالد ٿيٻو بہ رات ڏينھن ھڪ ڪري تجربا ڪري رھيو ھيو تہ جيئن انسان جي جياپي جي سڀ کان وڏي بنيادي ضرورت جي پورائيءَ لاءِ ڪجه ڪري ڏيکارجي. ھن پروفيسر وينسي رين جي رھنمائيءَ ۾ آڪسيجن جا مختلف مرڪب مختلف ذريعن کان حاصل ڪندي تجربا جاري رکيا. نيٺ ھڪ ڏينھن ھن کي ڪاميابي ملي وئي. ھن چانھہ ۾ موجود آڪسيجن جا مرڪب ٿيونين ۽ ٽينن استعمال ڪندي گريفين آڪسائڊ جا تھہ ٺاھيا جيڪي نہ رڳو مددگار ثابت ٿيا پر اڳين تجربن جي ڀيٽ ۾ گھڻا مضبوط ۽ پر اثر ثابت ٿيا. وري وڏي مزي جي ڳالھہ اھا ٿي تہ چانھہ جي پتيءَ مان حاصل ڪيل آڪسيجن جا مرڪب بلڪل سستا ٿي ٺھيا. جڏھن خالد ٿيٻو پاران اھي تھہ ٺاھي ان مان گدلو پاڻي گذاريو ويو تہ پاڻي نہ رڳو صاف ٿيو پر ان جي رفتار بہ مٿي ذڪر ڪيل تھن توڙي اڳ ۾ ٻين سائنسدانن پاران ڪيل تجربن کان ھزارين دفعا وڌيڪ بھتر ھئي. خالد ٿيٻو پاران تيار ڪيل تھہ مان پاڻيءَ جي صاف ٿيڻ مھل وھڪرو ھڪ چورس ميٽر جي حساب سان ھڪ ڪلاڪ ۾ يارنھن ھزار ليٽر ھو، ۽ پوءِ بہ تھہ سلامت رھيو ٿي. تھن جي افاديت کي پرکڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ ھٿ سان ڪپڙي جي صنعت ۾ استعمال ٿيندڙ ٻہ رنگ ملايا ويا جيڪي صنعت ۾ استعمال ٿين ٿا ۽ گدلي پاڻيءَ ۾ نيڪال ٿي وڃي وھندڙ پاڻيءَ ۾ ملن ٿا جتي موجود آبي جيوت ۽ انسانن کي نقصان رسائين ٿا. اھي ٻئي رنگ پڻ ان تھہ ۾ جذب ٿي ويا ۽ وھي ويل پاڻيءَ ۾ انھن جو ڪو ذرو بہ نہ رھيو ھو. وڏي ڳالھ تہ سندس ڪيل ڪم ۽ سائنسي تحقيقي مقالو سائنس جي دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڇپجندڙ جرنل نيچر ڪميونيڪيشن ۾ شايع ٿيو جيڪا پڻ ھڪ وڏي فخر جوڳي ڳالھہ آھي. ڇو تہ انھي جرنل ۾ پاڪستان جي چند وڏن سائنسدانن جا مقالا ئي ڇپجي سگھيا آھن.
خالد ٿيٻي جي ھن انقلابي ڪم تي چين جي حڪومت پاران کيس ملڪ جي سڀ کان وڏي سول اعزا ز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. يقينن سندس نالو نوبل انعام لاءِ بہ نامزد ڪيو ويندو. ھن وقت جڏھن سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي اھليت تي سوال اٿاريا وڃن ٿا تہ اھڙي وقت ۾ نوجوان سائنسدان خالد حسين ٿيٻي جو ھي ڪم اھڙن ماڻھن جي منھن تي ھڪ چماٽ ثابت ٿي رھيو آھي جيڪي سنڌين کي نا اھل سمجھن ٿا. اسان سڀني سنڌ واسين کي خاڪ کي سون بڻائيندڙ ھن نوجوان تي فخر آھي. سنڌ جي مٽيءَ جو ھي ماڻھو وڏي مڃتا لھڻي جيڪا پاڪستان جي ميڊيا کيس ناھي ڏئي سگھي. مان سنڌ جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دوستن کي عرض ڪندس تہ خالد ٿيٻي کي خوبصورت ڀيٽا ڏيو جيڪا اصل ۾ سنڌ کي ڀيٽا آھي، انسانيت کي ڀيٽا آھي.


روزانہ عوامي آواز سنڊي ميگزين 13 مئي 2018ع







April 25, 2018

ارڙھين ترميم، سنڌ جون نيون يونيورسٽيون ۽ سنڌي شعبن کان انڪار


ارڙھين ترميم، سنڌ جون نيون يونيورسٽيون ۽ سنڌي شعبن کان انڪار

محمد سليمان وساڻ

ارڙھين ترميم کانپوءِ صوبن کي مليل اختيارن تي خوب سياست ٿي، دھل وڳا ۽ اسان جھڙا دوسو به خوب نچيا. تعليمي اختيار صوبن کي مليا ته اسان کي اھا اميد ٿي پئي ته اسان جي مادري ٻولي سنڌيءَ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ به کوڙ ساريون ڪوششون ورتيون وينديون. پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو مايوسيون پلئه پونديون رھيون.
سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبلي مان نون تعليمي ادارن خاص ڪري يونيورسٽين جا بِل پاس ڪيا، اھي ادارا جُڙيا ۽ حڪومت پنھنجي بجيٽ لڳائي. ادارن ۾ ويٺل سربراھن جي تعريف ٿي انھن کي ھار پاتا ويا، پر ڇا ٿيو جو ھنن مادري ٻولي سنڌيءَ کي پاسيرو رکيو، چون ٿا ترقيءَ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي ضرورت ناھي. اھڙن ادارن مان سنڌ مدرسو يونيورسٽي، بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري، بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاھ سرفھرست آھن. لياري يونيورسٽيءَ سان ته ڪراچي جي ٻھراڙي خاص ڪري گڏاپ جي ڪاليجن جو الحاق به آھي. خبر ناھي ڇو جڏھن انھن ادارن ۾ ويٺل چڱن مڙسن يا سندن ساٿارين کان سنڌي شعبي بابت اھو سوال ڪجي ٿو ته خفا ٿي چڙي پون ٿا.
وڏي ڳاله اھا ته انھن ادارن ۾ ويٺل سربراھ سنڌي ئي آھن. سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته آخر سڀني شعبن کي ھلايو ٿا ته پوءِ صرف سنڌي شعبي لاءِ اھڙي ٽال مٽول ڇو؟ ڪڏھن چون ٿا ته شاگرد ناھن، ڪڏھن چون ٿا ته فيڪلٽي ناھي، ڪڏھن وري چون ٿا ته ڪمرا ئي ناھن. انھن دوستن کي ڪير سمجھائي ته ٻوليين جا شعبا ان ٻوليءَ جي اوسر ۽ تحقيق لاءِ ھوندا آھن، ٻولين جا شعبا يونيورسٽين جو مان ھوندا آھن، مثال طور ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ھر ٻوليءَ جا شعبا آھن، ڪيترن ۾ ته شاگرد ئي ناھن مثال طور ھڪ بنگالي ٻوليءَ جو شعبو آھي جنھن ۾ صرف ھڪ شاگرد آھي، ڪنھن سال ته وري ھڪ به ناھي ھوندو. ڀلا ھتان جي يونيورسٽين کي ڇڏيو ٽوڪيو (جپان) جي يونيورسٽي سنڌي شعبو ڇو کوليو آھي؟ ڇا اتي ڪي سنڌي آباد آھن؟ ڇا اتان جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي ٻولي پڙھائي وڃي ٿي؟
ڪجھ ڏينھن کان اسان ڪجهھ دوست ميڊيا خاص ڪري پرنٽ ميڊيا يا سوشل ميڊيا ۾ مٿين يونيورسٽين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي شعبن جي گهر ڇا ڪئي ڄڻ ڪاريھر تي پير رکيو آھي. ڪجهھ ڏاھن کي ڇڏي باقي اسان جا اڪثر وڏا ليکڪ، اديب، ساڃاھ وند، مفڪر ۽ ڏاھا خاموش آھن، سنڌي ٻولي اٿارٽي ھجي يا سنڌي ثقافت جو کاتو الائي ڇو ڪن لاٽار کان ڪم پيا وٺن. اسان جا وزير، ڪامورا ۽ اسيمبلي ميمبر به چُپ ڪيو ويٺا آھن. کين ڪير سمجهائي ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي مالڪي ۽ وارثي ڪيئن ٿيندي؟ ڇا سنڌي ٻوليءَ جو شعبو کولڻ سان ڪنھن ٻيءَ ٻوليءَ جو استحصال ٿيندو؟ ڇا سنڌي شعبو کولڻ سان يونيورسٽين جي ترقيءَ جي راھ ۾ ڪي رڪاوٽون اينديون؟ ڀلا اوھان سنڌي شعبو کوليو آھي جو اڳ ئي پيا ڊڄو. اسان جي ڪراچي يونيورسٽي ۽ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ کي ئي ڏسو تہ ڪيئن نہ تحقيق جي ميدان ۾ ڪم پيو ٿئي. ٻوليءَ جي مختلف موضوعن، شاعرن جي ڪم ۽ ڪھاڻيڪارن ۽ اديبن تي تحقيقي ڪم پيو ٿئي. اوھان به پنھنجي ڌرتي ماءُ جي ٿڃ ملھايو ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ دروازا کوليو.اسان حڪومت سنڌ خاص ڪري وزير اعلا سنڌ کي نماڻي گذارش عرض رکون ٿا ته مھرباني ڪري سنڌ ۾ جيڪي به يونيورسٽيون قائم ڪيون ويون آهن تن ۾ سنڌي شعبا قائم ڪري سنڌي ماڻهن جي جذبات جو احترام ڪيو وڃي ۽ سنڌي ٻوليءَ سان ٿيندڙ ويساھ گھاتين طرف ڌيان ڏنو وڃي.
سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي ويجهڙ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي حيثيت ۽ اهميت کي نظر ۾ رکندي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري، استعمال ۽ تعليم لاءِ پنهنجن مختلف حڪومتي دؤرن ۾ قانون سازي ڪئي آهي، جيڪا واکاڻ جوڳي آهي، پر ڪيترن ئي قانونن تي اڃا تائين عمل ڪو نه ٿيو آهي. سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ نين جنرل يونيورسٽين سنڌ مدرسي يونيورسٽي، شهيد بينظير يونيورسٽي لياري ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاه ۾ سنڌي شعبا کوليا وڃن. بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ڪراچيءَ مان سنڌي شاگردن کي سنڌي لازمي مضمون پڙهائڻ جي منظوري ڏياري ان تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي.
سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972ع موجب يارهين درجي ۾ سنڌي لازمي مضمون جي تدريس شروع ڪرائي وڃي. ڪراچيءَ جي ڪاليجن مان سنڌي مضمون جي استادن جي بيدخلي روڪرائي وڃي. سنڌي ٻوليءَ ۾ سرڪاري پڌرناما ۽ اعلان جاري ڪرايا وڃن. ڪراچيءَ ۾ ڀليڪار جا بورڊ سنڌيءَ ۾ به لڳايا وڃن. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ سنڌيءَ ۾ به لکپڙهه ٿيڻ گھرجي. مختلف ادارن جا سائن بورڊ ۽ سنڌ بئنڪ جو نالو سنڌيءَ ۾ لکرايو وڃي.


روزانہ عوامي آواز 25 اپريل 2018ع