August 23, 2013

ڇا سانگهڙ ۾ ٿيندڙ اليڪشن سنڌ ۾ سياسي تبديلي جي شروعات آهي؟

ڇا سانگهڙ ۾ ٿيندڙ اليڪشن سنڌ ۾ سياسي تبديلي جي شروعات آهي؟

محمد سليمان وساڻ

سنڌ جي سياست تي نظر وجهبي ته ڪجهه سيٽون ڄڻ ته خاص اڳواڻن جون اباڻيون سيٽون هجڻ سان گڏ انهن کي ڏاج ۾ مليل سيٽون لڳنديون آهن. اهڙي ئي صورتحال سانگهڙ جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 235 جي پڻ آهي. اها سيٽ فنڪشنل ليگ جي ملڪيت سمجهي پئي وئي ۽ ڪڏهن به ڪنهن ٻي پارٽي ان سيٽ تي ڪاميابي نه ماڻي. پر مئي ۾ ٿيندڙ عام اليڪشن ۾ پ پ پ پاران نامزد اميدوار شازيه عطا مري پهريون دفعو 60 هزار کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. جيتوڻيڪ هوء ڪاميابي ته حاصل نه ڪري سگهي پر هن فنڪشنل ليگ جي اميدوار ۽ پير پاڳاري جي ڀاء صدرالدين شاهه ۽ حر جماعت کي اهو باور ڪرايو ته هاڻ سانگهڙ جا ماڻهو پنهنجي ووٽ ذريعي تبديلي چاهين ٿا. مئي ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ صدرالدين شاهه 72 ووٽ جڏهن شازيه عطا مري 62 هزار ووٽ حاصل ڪيا هئا.

تجزيا نگار حيرت ۾ هئا ته اها سيٽ جتي پ پ پ کي ڪڏهن به ڪو مظبوط اميدوار نه مليو، اتي شازيه ايترا ووٽ ڪيئن حاصل ڪيا؟ سانگهڙ حر جماعت جو مرڪز هجڻ ڪري اڳ ڪڏهن به هنن اليڪشن ورڪ کي سنجيده نه ورتو هو. نه صرف اهو پر تڪ جي ماڻهن لاء اڻ پوريون سهولتون هيون. روڊن جي حالت به بهتر نه هئي. اسپتال ن ۾ سهولتون ناهن. فنڪشنل ليگ گذريل 15 سالن کان اقتدار ۾ رهندي به علائقي کي ڪا ترقي نه وٺرائي. هي سيٽ کپري، ڄام نواز علي ۽ ڪنڊياري تي مشتمل هجڻ ڪري گهڻو ڪري حر جماعت ۽ ڄام خاندان جي گهڻي اثر هيٺ رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو هتان فنڪشنل ليگ سدائين ڪامياب ٿيندي رهي آهي. پير صدرالدين شاهه جيڪو خيرپور جي ناري واري سيٽ تان به ڪامياب ٿيو هو، تنهن کي هي سيٽ خالي ڪرڻي پئي ۽ ننڍي چونڊ ۾ اليڪشن جو اعلان ٿيو. پ پ پ هڪ دفعو وري شازيه مري کي پنهنجو اميدوار نامزد ڪندي فنڪشنل لاء ڏکايون پيدا ڪيون جو هنن وٽ به ان سيٽ لاء ڪو مضبوط اميدوار ڪونه هئو، ڇو ته شازيه اڳ ئي ايترا گهڻا ووٽ حاصل ڪري خطري جي گهنٽي وڄائي چڪي هئي. شازيه پنهنجي ڀرپور اليڪشن مهم هلائيندي گهر گهر وئي ۽ خاص ڪري اقليتن ۽ عام ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪندي رهي. علائقي جي غريب عوام اهو محسووس ڪيو ته سندن قسمت جيڪا 60 سالن ۾ ڪانه بدلي آهي سا شايد شازيه جي ڪاميابيء سان ٿوري گهڻي تبديل ٿئي. آخرڪار تڪ جي ڏتڙيل عوام 60 سالن جي هڪ هٽي کي ٽوڙي هن ننڍي چونڊ ۾ شازيه عطا مري کي واضح برتري سان کٽرايو. شازيه کي 68 هزار ووٽ مليا جڏهن ته فنڪشنل ليگ جي خدا بخش درس کي 54 هزار ووٽ مليا.
مون علائقي جي ڪجهه روشن خيال ماڻهن کان پڇيو ته شازيه جي ڪاميابي جا ڪهڙا سبب هئا؟ ڪجهه دوستن ٻڌايو ته شازيه جي ڪاميابي ۾ جتي سنڌ حڪومت جون ڪوششون شامل آهن، پ پ پ جي ڪيترن ئي اهم شخصيتن خاص دلچسپي وٺي ماڻهن کي ووٽ لاء قائل ڪيو، اتي سڀ کان وڌيڪ شازيه جي پنهنجي حڪمت عملي ۽ جدوجهد آهي جنهن کيس ڪامياب ڪيو. هنن چيو ته شازيه کي ملندڙ ووٽ نه ته ڀٽي جو ووٽ هيو ۽ نه ئي محترمه جو ڇو ته هنن به پنهنجي دورن ۾ اها سيٽ نه کٽي هئي، پر عوام جي سوچ جي تبديلي جو ووٽ هيو. هو سمجهن پيا ته خدا بخش درس جي مقابلي ۾ شازيه وڌيڪ روشن خيال، ترقي پسند ۽ امن پسند آهي.

هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته عوام جي ان اهم ۽ بغاوت واري فيصلي جي پ پ پ ڪيئن ٿي موٽ ڏئي؟ جيڪڏهن پيپلز پارٽي تڪ جي عوام لاء ٿورا به چڱا ڪم ڪيا ته پوء فنڪشنل ليگ کي پنهنجي سيٽ موٽائڻ لاء وڏا جتن ڪرڻا پوندا. سانگهڙ جي سياست ۾ آيل اها تبديلي ماڻهن ۾ نئين اميد پيدا ڪري چڪي آهي ته شايد ايندڙ وقت ۾ عوام سياسي پنڊتن کي شڪست ڏئي کين مجبور ڪندو ته هو عوامي ڀلائي جي ڪم ڏانهن ڌيان ڏين. هن تبديلي کانپوء  اها به اميد قائم ٿي رهي آهي ته شايد هاڻ سنڌ جي سياست ۾ به تبديليون اچن ۽ عام ماڻهو جي ووٽ جو قدر ٿئي.

August 15, 2013

ڊاڪٽر ادل سومرو : سنڌ جو ٻهڳڻو شاعر ۽ ليکڪ


ڊاڪٽر ادل سومرو : سنڌ جو ٻهڳڻو شاعر ۽ ليکڪ 

محمد سليمان وساڻ


پيار کان جي ڌار آهي شاعري
سا به ڪهڙي يار آهي شاعري

سنڌ جي موجوده دور جي شاعرن جو جڏهن ذڪر ڪبو ته سکر جي ڊاڪٽر ادل سومو جو نالو سڀني کان مٿانهون هوندو. ڊاڪٽر ادل سومرو پنهنجي شاعريء ۾ احساسن،امنگن، جذبن، سونهن ۽ سُريت کي سهڻي انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر ادل سومري جو اصلي نالو عبدالڪريم سومرو آهي ۽ سندس جنم سکر ۾ محمد صالح سومرو جي گهر 15 آگسٽ 1955 ع تي ٿيو. شروعاتي تعليم سکر مان ۽ پوء ميٽرڪ ۽ بي اي به اتان ئي ڪئي. ايم اي اقتصاديات ۾ سنڌ يونيورسٽيء مان 1977 ع ۾ فرسٽ ڪلاس سان پاس ڪرڻ سان گڏ سنڌ يونيورسٽيء مان ئي 1979ع ۾ سنڌي ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان ايم اي به پاس ڪيائون. 1999ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان سنڌي ادب ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائون.

ڊاڪٽر ادل سومرو پنهنجي لکڻ جي شروعات ماء بنا ٻار نالي نظم لکي ڪئي جيڪو 1969 ع ۾ روزانه هلال پاڪستان ۾ ڇپيو. وقت سان گڏ سندس شاعريء ۾ نکار اچڻ لڳو جنهن جو هڪ سبب سندس هم عمر ساٿي اياز گُل سان گڏ سکر ۾ ٿيندڙ سنڌي ادبي سنگت جي ادبي گڏجاڻين ۽ ڪچهرين ۾ اچڻ وڃڻ سبب پيدا ٿيو. جتي شيخ اياز، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ ۽ تنوير عباسي جهڙن عظيم شاعرن ۽ ليڪن کان سکڻ جو موقعو حاصل ٿين. ڊاڪٽر ادل سومرو ٻارن لاء شاعري ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب لکي سنڌي ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي کوٽ جي پورائي ڪرڻ جهڙو اهم ڪم پڻ ڪيو آهي. 

ادل سومرو سنڌي شاعريء ۾ غزل، هائيڪي ، نظم ، بيت، گيت ۽ وائي جو پختو شاعر ٿي اڀريو آهي ۽ سندس هاڪ سنڌ ۽ هند ۾ هر هنڌ آهي. ادل سومرو شاعريء سان گڏ ڪهاڻيون، مقالا، مضمون ۽ ريڊيو لاء اسڪرپٽ پڻ لکيا آهن. انکانسواء هن ڪيترائي ڪتاب مرتب ڪرڻ سان گڏ شاعريء کي ٻين ٻولين ۾ ترجمو پڻ ڪيو آهي. ڊاڪٽر ادل سومرو سنڌيء سان گڏ اردوء ۾ پڻ شاعري ڪئي آهي. سندس شاعري سنڌ جي اهم فنڪارن ريڊيو ۽ ٽي وي سان گڏ اسٽيج تي ڳائي خوب داد حاصل ڪيو آهي. ريڊيو ۽ ٽي وي تي سندس 200 کان مٿي گيت، وايون ۽ غزل رڪارڊ ٿي چڪا آهن.

ڊاڪٽر ادل سومرو 1981ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ هن وقت شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي سنڌي شعبي ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور پنهنجون ذميواريون سنڀالي سنڌي ادب جي شاگردن لاء هڪ رهنما طور ڪم ڪري رهيو آهي. 

سندس ادبي ڪمن ۾ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن:

وليون وڻ ڦلارئا (شاعري)، سمنڊ جاڳي ٿو (شاعري)، وساري نه ڇڏجو (شاعري)، اسين مسافر پيار جا (نثر)، روز ٽڙن رابيل (ٻارن لاءِ شاعري)، چنڊ پشم گولو (ٻارن لاءِ شاعري)، آچر جا احوال (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، پتلين جو تماشو (ٻارن لاءِ شاعري)، جيتن جي ڪانفرنس (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون)، نئين دؤر جا نوان سبق (ٻارن لاءِ ڪالم)، مٽيءَ جا رانديڪا (ٻارن لاءِ ڪهاڻيون) ڇپيل آهن. انهن کانسواء سندس ترتيب ڏنل ڪتابن ۾ سنڌالاجي ۽ ساميءَ جا مٽ (سگا مرڪز) مرتب، سنگت ڪهاڻي نمبر (مرتب)، سنگت شاعري نمبر (مرتب)، سنگت ڪارڪردگي نمبر (مرتب)، رنگ برنگي ڦوڪڻا (ٻارن لاءِ شاعري) سنڌالاجي ڄامشورو (مرتب)، ٻارن لاءِ چونڊ ڪهاڻيون ـ اڪيڊمي آف ليٽرز اسلام آباد (مرتب)، ٻارن لاءِ گيت (سگا روشن تارا اسڪول لاءِ) (مرتب)، سرمست (خيرپور) مرتب، نيروليءَ جو خواب (مضمون ۽ خاڪا)، ڏات جي ڏيهه مان (فنڪارن جا تعارفي خاڪا)، انقلاب، اسٽين گن ۽ ڪتو (ڪهاڻيون)، سنڌي ادبي سنگت، تاريخ ۽ ڪردار (ڊاڪٽريٽ جو مقالو) شامل آهن.

ڊاڪٽر ادل سومرو هڪ شاعر ۽ اديب هجڻ سان گڏ نفيس انسان پڻ آهي. سندس بي بها خوبين مان هڪ خاصيت سندس مرڪي ملڻ ۽ هر ننڍي يا وڏي کي عزت ۽ مان ڏيڻ ، ملنساري سان گڏ حوصلا افزائي ڪرڻ واري به آهي.


ادل سومرو کي سندس مڃتا عيوض هيٺيان ادبي ۽ مڃتا اوارڊ مليا آهن.

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ادبي انعام 1983ع ، ينگ رائٽرس گلڊ ايوارڊ 1979ع ، عبدالله هارون ادبي گولڊ ميڊل ايوارڊ 1983ع سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ، ڪينجھر اڪيڊمي ايوارڊ 1983ع ، هري دلگير ايوارڊ 1986ع سنڌي ادبي سنگت سنڌ ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جو ادبي انعام 1986ع ، پوپٽ ادبي ايوارڊ 1984ع سنڌ ٻالڪ تنظيم سنڌي اسپيڪرس فورم سنڌ جو ”شهيد ڀٽو“ ادبي گولڊ ميڊل ايوارڊ 1988ع ، سنڌ ثقافت کاتي جو ادبي ايوارڊ 1990ع ، استاد عبدالرشيد رڪ ادبي ايوارڊ 93 ـ 1992ع ، سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد جو ادبي ايوارڊ 1993ع ، استاد محبوب علي جوکيو مڃتا ايوارڊ 1994ع ،گولڊن جوبلي ايوارڊ 1999ع ماهوار نئين زندگي ، سچل سرمست يادگار ايوارڊ 1999ع بطور بهترين شاعر ، سنگت مڃتا ايوارڊ 1999ع (ڊاڪٽريٽ ڪرڻ تي) سنڌي ادبي سنگت ، ٻالڪ ساهت جو سج مڃتا شيلڊ 1991ع ماروئڙا ٻالڪ سنڌ ، وائس چانسلر ميڊل 1979ع سنڌ يونيورسٽيءَ پاران ايم ـ اي (سنڌي ادب) فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن کڻن تي، نشان اعزاز و تحسين 1999ع (ڊاڪٽريٽ ڪرڻ تي) مهراڻ ايجوڪيشنل سوسائٽي سکر سنڌ پاران ، اعزازي شيلڊ 1994ع سيد الهندو شاهه جي ياد ۾ مدرسه نوشهرو فيروز ، اعزازي شيلڊ 1989ع بين الاقوامي سچل ڪانگريس ـ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سنڌ ، اعزازي شيلڊ 1995ع تاريخي ڪانفرنس سيوهڻ سنڌ ، شهيد دودو سومرو تعليمي ايوارڊ، 2000ع سومرا ويلفيئر ڪشمور سنڌ، اعزازي شيلڊ 1992ع سانگھڙ ثقافتي ميلو سنڌي ادبي سنگت گولڊن جوبلي ايوارڊ 1997ع ، شيلڊ آف آنر 2002ع سنڌ چلڊرين اڪيڊمي خيرپور ، تخليق فائونڊيشن ڪراچي ، شيخ اياز شيلڊ 2003ع، سائوٿ ايشيا پبليڪيشن گولڊ ميڊل 2003ع ، گوبند مالهي ايوارڊ 2004ع سنڌي ادبي سنگت نوشهرو فيروز ، سائوٿ ايشيا پبليڪيشن ملينيم ايوارڊ 2005ع ، سائوٿ ايشيا پبليڪيشن اسٽار ايوارڊ 2003ع ، ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ 2006ع، ڪاروان ادب ايوارڊ 2005ع ، سنڌ رويو، بيسٽ سيڪريٽري جنرل ايوارڊ 2003ع، اعزازي شيلڊ، سنڌ انٽرنيشنل ڪانفرنس 2006ع.

کيس 2011 ۾ سندس ادبي مڃتا عيوض حڪومت پاڪستان پاران صدارتي اوارڊ براء حسن ڪارڪردگي سان پڻ نوازيو ويو.

ادل سومرو جو گهڻو وقت سنڌي ادبي سنگت ۽ ادبي ميڙاڪن ۾ گذريو آهي. ان کانسواء هو سماجي ڪم ۾ به اڳڀرو رهيو آهي. سنڌي ادبي سنگت سکر جو جنرل سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري، سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سڪريٽري جنرل، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن سکر جو نائب صدررهڻ سان گڏ مختلف ادبي، علمي ۽ سماجي ادارن ۽ تنطيمن جو اعزازي ۽ صلاحڪاري بورڊ جو ميمبر رهندو اچي.

سنڌ جي هن ڏاهي ڏات ڌڻيء لاء دعا آهي ته زندگيء جو هي نئون سال شال سندس زندگيء ۾ خوشين جا خزانا ۽ نئين بهارن جا پيغام آڻي.
_______

July 30, 2013

سچل سچي ڳالهه عشق دي



سچل سچي ڳالهه عشق دي ..........

محمد سليمان وساڻ

جڏهن به تصوف جي ڳالهه ڪبي ته سنڌ جي انهن صوفي شاعرن جو نالو ايندو جن پنهنجي فڪر ۽ شاعريء ذريعي محبت جي سرهاڻ ۽ مهڪ سان دنيا کي واسيو آهي. اهڙي ئي تصوف جي مڪتبن مان هڪ درازا شريف به آهي. درازن جي دولهه سچيڏني جيڪو سچو ۽ سچل جي نالن سان به مشهور آهي پنهنجي صوفي فڪر ذريعي دنيا جي سڀني انسانن کي محبت ۽ پيار جو سبق ڏنو آهي.

تصوف جو اهو تسلسل شاهه لطيف جي سلسلي جي ئي ڪڙي آهي جڏهن لطيف درازن ۾ اچي چوي ٿو ته اسان جيڪو ڪنو چاڙهيو آهي ان جو ڍڪڻ هي نينگر لاهيندو. دنيا ڏٺو ته اهو نينگر ميان عبدالوهاب سچل ۽ سچو ني نالي سان نروار ٿيو ۽ سندس شاعري ستن زبانن ۾ ڪيل آهي انڪري ئي کيس هفت زبان شاعر سڏيو وڃي ٿو. تصوف ۾ وحدت الوجود جو نظريو رکندڙ سنڌڙيء جي هن سر موڙ شاعر جي دور ۾ مذهبي انتها پسندي، ناقص پيري ۽ تصنع سان مُزين فقيري عام هئي. پر هن پنهنجو آواز سچائي سان پيش ڪيو ۽ سندس ڳالهه وقت جا ملا ۽ پنڊت سمجهي ڪونه سگهيا. مذهبي انتها پسندي جي ان رجهان کي ڏسي سچل چيو ته :

مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا
شيخي پيري بزرگي بيحد ڀُلايا
آڏو ڪين آيا عقل وارا عشق کي.


سندس شاعريء ۾ تصوف جا رنگ هجن ۽ موسيقي نه هجي اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. سندس شاعري اها سرائيڪي هجي يا سنڌي يا وري اردو مختف فنڪارن اهڙي ته رنگ ۽ سرور سان ڳائي آهي، جو ٻڌندڙ جهومندا رهندا آهن. سچل جي عشق ۽ رمز جو پيغام ڪنهن ڪتابن يا لائيبريرن ۾ قيد ناهي پر سنڌ ۽ هند کانسواء دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ڳايو وڃي ٿو ۽ سچل جي سڃاڻ به سندس فلسفي ۽ فڪر جي ڪري آهي.

انسان ذاتِ پات ۽ درجه بندي واري ويڇن ، وڇوٽين، فرقن ، تڪرارن هڪ ٻئي تي برتري جهڙن ڪُڌين جبلتن جو شڪار آهي. انتها پسندي جو لاڙو وڌي رهيو آهي، مذهبي ڪٽرپڻي ۾ واڌارو اچي رهيو آهي. فرقي پرستي جا بنياد مضبوط ٿي رهيا آهن. مذهب جي نالي تي انتها پسندي ۽ ٻين اڳراين سان گڏ الله تعالى جي عظيم تخليق کي جهاد جي نالي تي انسان دشمني جو زهر ڀريو پيو وڃي پر سچل ان کي رد ٿو ڪري:

نا مين هندو نا مين مومن سچل نانءُ سڏايان
*
ڪاٿَئِين ڪافر ڪاٿَئِين مومن، ڪاٿَئِين سوري سر هلائي
ڪاٿَئِين گُسائين ، ڪاٿَئِين سنياسي ڪاٿَئِين بت بنائي.


انسانيت، انسان ذات ۽ مخلوق سان بي پناھ پيار سچل سائين جي شاعريء مان نروار آهي. سندس شاعري ۽ فڪر کي سمجهڻ لاء به سچل جهڙي ذهن جو ماڻهو کپي پر هن تي تهمتون ۽ فتوائون جاري ڪيون ويو پر پوء هو محبت، سچائي ۽ پيار جو درس ڏيندو رهي ٿو ۽ سندس اندر ۾ مٺـڙن مـاروئڙن جي سُک ۽ سلامتي جون سَڌون سمايل آهن.

سدا هئن سکيا ، ماروئڙا ملير ۾
شل نه ڏينهن ڏکيا ، اچن آجڙين تي !


سچل سرمست لاء عشق وڏي اهميت رکي ٿو. عشق کي انساني زندگي لاءِ سڀ کان اهم ٿو سمجهي ۽ فرمائي ٿو ته عشق انسان جو رهبر آهي جيڪو انسان ذات کي حقيقت تائين پهچائي ٿو. انسان کي جيڪڏهن ڪنهن رهبر جي ضرورت آهي ته اهو عشق ئي آهي :

عشق هي امام ميرا، ديگر امام ڪيا هي،
ميخانه مين هوا، جرعه يا جام ڪيا هي،
بغير عشق دي، ڏوجها ڪوئي ڪمال نهين،
نهين جو عشق، ته اي دوست تيڏا حال نهين.


سچل عشق کانسواء ٻيو ڪجهه ڪونه ٿو سمجهي ۽ ٻين ڪمن کي اجايو ٿو سمجهي. سندس خيال ۾ عشق حقيقيءَ ۾ عاشق کي هر قسم جي قرباني ڏيڻي پوي ٿي. ايتريقدر جو عشق جي باهه ۾ سڙي خاڪ به ٿيڻو پوي ٿو. سچل سرمست انهن عاشقن جي خاڪ پنهنجي اکين ۾ به وجهڻ لاءِ تيار آهي. چوي ٿو:

خاڪ عاشق دي اکيان وچ، سرمه جوڙڪي پويسون
عاشق سو جو سرمه ٿيوي، ڳالهه اهين دي ڪيهي ايهي عجب جيهي.


رمضان جي 14 کان سچل جي نگري سندس عشق جي فلسفي ۽ محبت جي پرچار ڪرڻ لاء گڏ ٿيل عاشقن ۽ سندس ڪلام سان پئي گونجي. سنڌ جي مختلف واهڻن ۽ وستين کان هلندي ماڻهن جو پنڌ درازا ڏانهن آهي. سچل جي نگري سچ جي نعرن ۽ سچائيء جي فڪر سان واسيل آهي. انسانيت جا نعرا سچل جي نگري ۾ گونجي رهيا آهن ۽ اهو پيغام ڏئي رهيا آهن :

سچ ٿا مرد چون ڪنهن کي وڻي نه وڻي !
______

ابراهيم منشي : سنڌ جي عاشق ۽ ترقي پسند شاعر

ابراهيم منشي  : سنڌ جوعاشق ۽ ترقي پسند شاعر

تحرير: محمد سليمان وساڻ

جنگ جنگ جنگ آ توسان منهنجي جنگ آ
پليت پير ڪر پري هي ڌرتي منهنجو ننگ آ


سنڌ جي انهن قومي شاعرن جو جڏهن به ذڪر نڪرندو جن ڌرتيء سان ڪيل عشق جي شاعري ڪندي پوري زندگي ڏاڍ جو مقابلو ڪيو انهن عظيم ڪردارن مان مرحوم ابراهيم منشي جو نالو به نمايان هوندو. تاريخ شاهد آهي ته سنڌ جا ڪيترائي سپوت ۽ جوڌا جن پنهنجي پوري حياتي سنڌ جي ڏکن، سورن ۽ جدوجهد لاءِ ارپي آهي. جيڪي سنڌي قوم جي اجتمائي مفادن ۽ سنڌ جي آجپي جي رکوالي ڪندي، تاريخ جو سنهري باب بڻجي ويا آهن. محمد ابراهيم منشي به انهن امر ڪردارن مان هڪ قومي شاعر آهي. ضلعي ٽنڊو محمدخان جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ جنهاڻ سومرو پورهيت ڪٽنب سان تعلق رکندڙ منشي محمد ابراهيم 15 جنوري 1934ع ۾ ديني عالم شاعر مولوي محمد اسحاق سومرو جي گھر ۾ جنم ورتو هو. سندن والد به ان وقت بهترين شاعرن مان هڪ ليکيو ويندو هو.

جيتوڻيڪ غربت ۽ غريب خاندان سان تعلق هجڻ ڪري هو وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو پر پوء به پرائمري تعليم حاصل ڪري ورتائين. انکانپوء هن پنهنجي پوري زندگي محنت مزدوري ۽ ٺيڪيدارن وٽ منشي گيري ڪندي گذاري جنهنڪجري سندس لقب به منشي ٿي ويو. ان وقت هن شاعري جي شروعات ڪئي ۽ گهڻو ڪري قومي شاعري ڪندو رهيو. سندس شاعريء ۾ ٺيٺ سنڌي ٻولي استعمال ٿيل آهي، سولي ۽ سادي. سندس شاعري فطرت ، سونهن ۽ عشق جي شاعري آهي.

هڪ مند چري آهي، ٻي جا رات ٺري آهي
اهڙي ۾ اچڻ تنهنجو ڀاڳن جي ڀري آهي


هو مارشلا هجي جا جمهوري دور پر سنڌ سان پنهنجي ازلي عشق کي نروار ڪندو رهيو خاص ڪري سنڌي ٻوليء کي . هن فوجي آمرن جي ڏهڪاء واري دورن ۾ به سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد تان دستبرداري ڪانه ڪئي.

ڪن رولن سمجھي راند هتي آ، ٻارڻ ٻاريو ٻوليءَ سان،
هي ٻولي ڪنهن جي گولي ناهي، گولي گڏبي گوليءَ سان


ابراهيم منشي 1972 ۾ حيدرآباد ۾ هڪ قومپرست پارٽي جي جلسي ۾ قومي شعر ۽ شاعري پرهي جنهن سبب هن کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو ۽ ان سان گڏ هن قومي ڪارڪن کي 6 مهينا ٽيپ ۽ 5 هزار روپيه ڏنڍ لڳايو ويو هو. پر اهي سڀ تڪليفون هن کي سنڌ ۽ سنڌ سان ٿيل زيادتين خلاف آواز اٿراڻ کان روڪي نه سگهيون ۽ ٻيهر هن 1973 ۾ جلسي ۾ قومي شاعري پيش ڪئي جنهن سبب کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. سائين جي ايم سيد سان هن جو عشق هو ۽ 1974 ۾ هن سائين جي ايم سيد جي سالگره ۾ لائوڊ اسپيڪر تي پابندي باوجود شاعري چئي. جنهن جي ڪري پورا 10 مهينا سخت پورهئي سان کيس جيل جي سزا ڏني ويئي. سندس شاعري ڪجهه هن طرح جي هئي:

نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙهي
سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي.


سندس پهرين آڊيو ڪيسيٽ 1975 ع ۾ مارڪيٽ ۾ آئي ۽ کيس ڀرپور عوامي موٽ ملي پر کيس ٻيهر جيل موڪليو ويو. ضياء الحق جي مارشلا خلاف 1983 واري هلچل ۾ حصو وٺي، گرفتاري ڏنائين.

سندس شاعري جو محور سنڌ، سنڌي ٻولي، غريب ماڻهو، هاري ، پورهيت ۽ شاگرد رهيا.هن کي جاگيرداري ۽ سرمايداري واري نظام کان تمام گهڻي نفرت هئي جنهن جو هن پنهنجي شاعريء ۾ کليو اظهار ڪيو آهي. ساندس شاعريء ۾ درد ۽ جذبا سمايل هئا، سندس شاعري ۾ نفرت ۽ چڙ هئي، سندس شاعري سچ ته سونهن ۽ سنڌ سان عشق جو سنگم هئي. هو قومپرست سياست جي اهم شخصيتن سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، شهيد فاضل راهو سان به گڏ رهيو. جيتوڻيڪ زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هن جو تعلق وقت جي حڪمرانن ممتاز ڀٽو ۽ ڄام صادق جي ويجهو رهيو پر هن ڪڏهن به ڪا رعايت نه ورتي ۽ نه ئي ڪو سرڪاري عهدو.

برابري، سراسري، اسان گھُرون ٿا ايتري،
پُڇي کڻي ڪو ڪيتري، اسان ٻڌايو هيتري


مرحوم ابراهيم منشي جي مشهوري جو هڪ سبب پنهنجي آواز ۾ شاعريء کي ڳائڻ ۽ پيش ڪرڻ به هو. شاعريء کي پڙهڻ ۽ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جو ڏانء کيس ڀلي نموني ايندو هو. هو شاعر هجڻ سان گڏ پاڻ به هڪ لوڪ فنڪار هو. هن پنهنجي شاعري پاڻ ڳائيڪي ۾ ڳائي آهي. هو اڪثر ڪري سنڌ جي قومپرست تنظيمن جي تقريبن ۾ پاڻ اچي پنهنجي شاعري پيش ڪندو هو. سندس شاعري سچ ته قومي تهريڪ کي هڪ سگهه ۽ طاقت ڏني هئي.

هو زندگيء جي آخري سالن ۾ اڪثر بيمار رهندو پئي آيو ۽ کيس ٻه دفعا دل جا دورا پيا. وقت جي حڪمرانن ته سندس ڪا سار نه لڌي پر سنڌ جي هڪ اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر انور علي عالماڻي سندس علاج ڪرائڻ ۾ سندس مدد ڪئي. 31 جولاء 2003ع تي دل جي دوري سبب حيدرآباد جي ديوان مشتاق اسپتال ۾ سندس ساهه جو ڌاڳو ٽٽي ويو ۽ منشي سنڌ جي مٽيء سان وڃي مليو.
____

July 02, 2013

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ - جديد سنڌي ادب جو بانيڪار

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ - جديد سنڌي ادب جو بانيڪار

تحرير : محمد سليمان وساڻ

اڄوڪو ڏينهن 3 جولاء جديد سنڌي ادب جي بانيڪار شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ورسيء جو ڏهاڙو آهي. مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جو سچو خدمتگار ۽ سنڌي ادب جي خزاني ۾ بي بها تخليقون ڏيندڙ شخصيت ٿي گذريو آهي.

مرزا قليچ بيگ جا وڏڙا اصل سنڌ جا ڪونه هئا پر اهي اصل جارجيا جا رهاڪو هئا. شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ولد فريدون بيگ، 4 محرم 1270ھ مطابق 1853ع ۾ ضلعي حيدرآباد سنڌ جي ڳوٺ “ٽنڊي ٺوڙهي” ۾ ڄائو. سندس ابتدائي تعليم ڳوٺ جي مدرسي ۾ آخوند محمد شفيع وٽان ٿي. جتان قرآن پاڪ ناظران پڙهي پورو ڪيائين. مرزا قليچ بيگ جو ڳوٺ حيدرآباد کان اٽڪل 2 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هوندو هو ۽ هو اتان کان روزانو پنڌ ڪري حيدرآباد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندو هو، ڳوٺان نڪرڻ بعد پهريان سنڌوءَ جي آخوند ولي محمد وٽ ويندو هو ۽ پوءِ آخوند صاحب کين اسڪول ۾ خود وڃي ڇڏي ايندو هو. نهايت ذهين هئڻ ڪري پهرين کان انگريزي تائين پهريون نمبر ايندو رهيو. سنڌ جي نالي واري ليکڪ قاسم ٻگهيو پنهنجي هڪ سنڌي ادبي ڪتاب “سنڌي ادب جو سدا روشن سج”  ۾ لکيو آهي ته جڏهن مرزا قليچ بيگ پنجين درجي ۾ پڙهندو هو ته ان وقت هڪ انگريز بهادر فلٽن سنڌ جو ايجوڪيشنل انسپيڪٽر هو ۽ هڪ ڀيري هن حيدرآباد هاءِ اسڪول جو دورو ڪيو ۽ ان اسڪول جو هيڊماستر “ڀنڊارڪر” هو جنهن ان انگريز آفيسر کي چيو ته هي ننڍڙو مرزا شاعري جو وڏو هوشيار آهي سو انگريز آفيسر به شاعرن جو قدردان هو تنهن هڪڙو ڪاغذ جو پنو ۽ پين کڻي مرزا کي ڏنائين ۽ چيائين ته هن تي ڪونئون شهر ٺاهي ڏيکار ٿورڙي دير بعد مرزا قليچ بيگ هڪ مناجات ٺاهي اچي فلٽن کي پيش ڪئي، اهڙي شاعري کان متاثر ٿيندي ان سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر فلٽن انهي پنجين درجي جي شاگرد مرزا قليچ بيگ کي هن ساڳي ئي حيدرآباد اسڪول ۾ چاليهه روپين جي ماهوار پگهار تي فارسي جو استاد مقرر ڪيو جيڪو پنجين درجي کان گهٽ وارن ڪلاسن کي باقاعده فارسي به پڙهائيندو هو.
  مرزا قليچ بيگ 1872ع ۾ بمبئي جي ايلفيسٽن ڪاليج ۾ دخلا ورتي جتي فارسي ۽ ترڪي زبانن ۾ وڏي مهارت حاصل ڪيائين. مرزا قليچ بيگ فارسي جو تمام گهڻو ماهر هو ان ڪري کيس هن ئي ڪاليج ۾ فارسي پڙهائڻ جو اعزاز مليو ان وقت کيس ترڪي زبان ۾ تمام گهڻي ڄاڻ هئڻ ڪري ساڻن ترڪي جي هڪ سفير بمبئي ڪاليج ۾ اچي ملاقات ڪئي.  پاڻ ترڪين سان ويجهو رهي ترڪي زبان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ هن مرهٽي، پارسي، عربي، گجراتي، سنڌي، هندي، انگريزي سان گڏ رهي اهي ٻوليون سکيون ۽ انهن ٻولين ۾ مهارت به حاصل ڪيائين اهڙين زبانن سکڻ بعد مرزا سنسڪرتن سان گڏ رهي سنسڪرت زبان سکيو پٺاڻ ۽ بلوچن سان گڏ رهي پشتو ۽ بلوچي زبان سکڻ ۾ ڪامياب ٿيو مرزا صاحب جنهن زبان، نسل يا مذهبن واري ماڻهو سان گڏ رهندو هو ته ان جي زبان سکڻ سان هن جي مذهب جو سمورو ڍانچو دماغ ۾ رکي اهو ان ٻولي ۾ ڪتابن جي صورت ۾ پيش ڪندو هو.
 مرزا صاحب پنهنجي سرڪاري نوڪريء جي شروعات روينيو کاتي ۾ ڪلارڪيء کان ڪئي ۽ جلد مئجسٽريٽ جو امتحان به پاس ڪيائين ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. پر پنهنجي ادبي کيتر ۾ به ڪم ڪندو رهيو. هي ذهين، سنجيده، صلح پسندي ۽ اورج انسان، طبعاً رلڻو ملڻو حاضر جواب ۽ خوش طبعي هو. سنڌي شاعريءَ جي سسلي ۾ سندس مڪمل ديوان آهي “ديوانِ قليچ” ان کانسواء شاعريء جي مختلف صنفن تي ڪم پڻ ڪيو اٿس. نظم کان علاوه نثر ۾ به هن سنڌي ادب جي بي لوث خدمت ڪئي آهي بالخصوص ناول، ڊراما (ناٽڪ) ادب، تنقيد ۽ صرف ونحو جهڙن اهم موضوعن تي تقريباً ساڍا ٽي سئو کن ڪتاب قلمبند ڪيا اٿس.

 پاڻ ادبي کيتر ۾ ڪم ڪندي سنڌيء سان گڏ مختلف ٻولين ۾ 350 کان مٿي ڪتاب لکيا آهن (ڪن هنڌن تي 450 کان مٿي ڪتابن جو ذڪر آهي) جن مان 42 ڪتاب هن انگريزي مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. سندس 76 ساله زندگيء ۾ لازمي آهي ته هن لکڻ جي شروعات 18 سالن کانپوء ئي ڪئي هوندي ، ان حساب سان هن اسان کي سراسري طور هر سال 7 ڪتاب ڏنا آهن جيڪو هڪ رڪارڊ هجڻ سان گڏ سنڌي ادب تي احسان پڻ آهي.
 سنڌ جي تاريخ، شاعري، لطيفيات، ناول، ٻولي، گرامر، لغت ۽ ٻاراڻي ادب سان گڏ هر رخ تي ڪم ڪيو اٿس. سنڌ جي تاريخ تي مرزا قليچ بيگ هيٺيان 8 ڪتاب لکيا، جن جي تاريخي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. (1) چچنامو (انگريزي) ، (2) سنڌ جي تاريخ (انگريزي) ، (3) سنڌ جي تاريخ تصويرن سان، (4) سنڌ جي مختصر تاريخ ، (5) سنڌ جا قديم شهر ۽ انهن ۾ وسندڙ ماڻهو ، (6) رياست خيرپور جي تاريخ ، (7) چچنامو (سنڌي).
ٻولي، لسانيات، لغت هڪ حساس ۽ اهم موضوع آهي، جنهن بابت مرزا قليچ جو ڪيل ڪم بنيادي حيثيت رکي ٿو. جيتوڻيڪ ٻولين جي نظرين ۾ جديد تحقيق جي حوالي سان وڏي تبديلي اچي چڪي آهي، پوءِ به مرزا صاحب جي ڪم کي ٻوليءَ ۽ لسانيات جا ماهر وساري نٿا سگهن. مرزا صاحب (1) لغات لطيفي،  (2) سنڌي وياڪرڻ (چار ڀاڱا)  (3) Philological curiosity،  4)  سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ،  (5) سنڌي لغات قديمي، (6) پهاڪن جي حڪمت (7) پارسي زبان جي تاريخ ۽  (8) Persian entomology  جهڙا ناياب ۽ قيمتي ڪتاب لکي، پنهنجي علميت ۽ ڏاهپ جي ڇاپ ڇڏي آهي.
لطيفيات جي موضوع تي ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ ايڇ ٽي سورلي کان سواءِ اوائلي لطيفي پارکن ۾ سنڌي عالمن مان مرزا قليچ بيگ ئي واحد اديب ۽ عالم هو، جنهن 8 ڪتاب لکيا. انهن ۾ (1) شاهه جو رسالو، (2)Life of Shah Abdullah  ، (3) ساڳئي ڪتاب جو سنڌي ترجمو: احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو، (4) شاهه جي مختلف سُرن جي تشريح تي مشتمل ڪتابڙا ، (5) لغات لطيفي،  (6) لطيفي لات ۽ (7) شاهه جي رسالي جي ڪنجي (هي ڪتاب اڃان اڻ ڇپيل آهي).
 مرزا قليچ بيگ زراعت جهڙي موضوع تي به  ٻه ڪتاب “باغ ۽ باغباني”  ۽  “زمين پوکڻ جو علم ۽ هنر“ لکيا آهن. ٻاراڻي ادب ۾ به سندن لکيل ڪتاب اهميت وارا آهن. ٻارن لاء لکيل سندن ڪتابن ۾ 1. ٻه جاڙا ڀائر 2. نيلو پکي 3. لبا خان درزي ۽ خليفو ڪھنگ 4. پائي وائي پائي وزو 5. پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون، 6. رستم، 7. شهزادي قدم برگ، 8. شھزادي محبوب جي آکاڻي ، 9. شمرانه عرف شيطان جي ناني ، 10. وامق عذرا ، 12. عجيب طلسم، 13. ٽي ديو يا راڪاس ۽ 14. شخصيتون.
        مرزا قليچ بيگ  تقريبن ڏهه ناٽڪ لکيا ۽ ٻارنهن ناول لکيا. سندس ناولن مان زينت، دلارام ، خودياوري، حاجي بابا اصفحاني ۽ جولئن هوم تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. سندس ناول زينت ۽ دلارام اهي ناول آهن جيڪي سماجي وهنوار تي ٻڌل هئا، جن ۾ نيڪي بدي جا اطوار ۽ اخلاقي نڪتا شامل هئا. هنن ناولن ۾ بنيادي طرح سيرت ۽ تقدير جو فلسفو موجود آهي. سندس علمي، ادبي ۽ تعليمي خدمتن جي عيوض کيس ان وقت جي سرڪار 1924 ع ۾ “شمس العلماءِ (عالمن جو سج)” جو خطاب ڏنو.
   مرزا قليچ بيگ جڏهن 19 آگسٽ  1928 ع   تي رٽائر ٿيڻ بعد بمبئي ويو ته اتي کيس گردي ۾ سور جي تڪليف ٿي ۽ ان دوران ڊاڪٽرن کيس لکڻ کان به روڪيو پر پاڻ لکڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ ادب سان محبت ڪندي ڪيترائي ڪتاب لکندو رهيو. بمبئي مان موٽڻ کانپوءِ پاڻ 1929ع اپريل جي پهرين تاريخ هالا جي مخدوم صاحب وٽ ويو اتان موٽندي کيس گردن ۾ ڏاڍي تڪيلف پيدا ٿي پئي نيٺ گردن جي سُور کيس لکڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ پهرين جولاءِ 1929ع  وارو سندس لکڻ جو آخري ڏينهن هو ان ڏينهن کانپوءِ قلم هٿ ۾ کڻي نه سگهيو ۽ آخر 2 جولاءِ 1929ع وارو سڄو ڏينهن کيس دل تي ڏاڍي مونجهه رهي آخرڪار رات جو  11 وڳي اڇي چادر تاڻي سڌو ٿي سمهي رهيو ۽ ان حالت ۾ ئي 3 جولاء 1929ع تي سندس روح جو پکي پرواز ڪري ويو ۽ پاڻ خالق حقيقي سان وڃي مليو.
         شمس العلماء مرزا قليچ بيگ اڄ اسان ۾ موجود ناهي پر هڪ صدي گذرڻ کانپوء به سندس سنڌي ادب ۽ ٻوليء لاء ڪيل بي لوث  خدمتن سبب سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو کيس وساري ناهن سگهيا ۽ هو سدائين سندن دلين ۾ موجود رهندو.

June 09, 2013

ڪنب کي قتل گاهه بڻجڻ کان بچايو

ڪنب کي قتل گاهه بڻجڻ کان بچايو

محمد سليمان وساڻ


ڪوٽڏجي ۽ ڪنب نيشنل هاء وي تي هجڻ ڪري خيرپور ضلعي جا اهم شهر ڳڻيا وڃن ٿا. انهن تاريخي شهرن جي پسگردائي ۾ ڳوٺن جو ڄار وڇايل آهي، جيڪي گهڻو ڪري سر سبز ۽ سکيا ستابا آهن. کجين جي باغن ۽ ٻين ڪيترن ئي بهترين فصلن سبب هتان جا ماڻهو سکيا ستابا آهن. ڪنب شهر گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ تيزي سان ترقي ڪئي آهي ۽ هي شهر تعليمي ۽ ڪاروباري حوالي سان اڳتي اچي چڪو آهي. گذريل اليڪشن ۾ سياسي پارٽين جي پنهنجي رسا ڪشي ۽ ڪجهه ڏوهاري قسم جي ماڻهن جي پاڻ ۾ دشمني سبب هي شهر ۽ ان جو ڀرپاسو قتل گاهه بڻجي ويو آهي. هڪ ئي ڏينهن ڪنب ۾ جڏهن چار ڪونڌر گولين جو کاڄ بڻيا جن مان ٻن جو تعلق گوپانگ قبيلي سان جڏهن ته ٻن جو تعلق وساڻ قبيلي سان هيو جن مان هڪ ايڊووڪيٽ شمس وساڻ هتان جي چونڊيل ايم پي اي منظور حسين وساڻ ۽ ايم اين اي نواب خان وساڻ جو ويجهو رشتيدار هيو. ان ڏينهن ڪنب جون گهٽيون رت سان ريٽيل هيون. مڇريل ماڻهن شهر جي ڪيترن ئي دڪانن کي ڦريو ۽ ڪنب ۾ لڳندڙ مال پڙي جي واپارين کي ڦريو ۽ لٽيو. جيتوڻيڪ رينجرز ۽ پوليس علائقي ۾ موجود رهي پر پوء به ڌريون مورچا بند ۽ هٿيارن سان ليس ٿي هڪ ٻئي جي ڳولا ۾ هيون.

حيرت ٿي ته هيڏي وڏي واقعي کانپوء به هتان جي سياسي ڌرين بجاء افهام تفهيم ۽ ڳالهين يا فيصلي جي ان کي سياسي حربي طور استعمال ڪيو. نتيجي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ تمراڻي برادري سان تعلق رکندڙ نوجوان کي يونيورسٽي جي بس مان لاهي ڪيترن ئي شاگردن اڳيان گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. ان واقعي کانپوء صورتحال اڃان به وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي. ڪنب ۽ ان جي ڀرپاسي جي ڳوٺن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم کان محروم آهن، اسڪول بند آهن، بازارون بند آهن، روزگار تباهه ٿي رهيو آهي، اسپتالون بند آهن، مريض پريشان آهن. ڪنب ۽ هن علائقي جي آسودگي جي ضامن مال پڙي گذريل ڪجهه هفتن کان بند آهي. پر پوء به نه ته سياسي ۽ نه ئي ڪي سماجي ڌريون هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاء ڪي سنجيده ڪوششون وٺي سگهيون آهن. وڏن جي لڙائي ۾ هتان جو عوام تباهه ٿي رهيو آهي. ڪنب شهر ۾ رهندڙ ماڻهو خوف ۾ مبتلا آهن ۽ پنهنجي ئي پاڇي کان ڊڄي رهيا آهن. سنڌ جي هن ٻرندڙ اشو تي نه ته پرنٽ ميڊيا ۽ نه ئي اليڪٽرانڪ ميڊيا حل يا ٽياڪڙي طرف ڪابه سنجيدگي ناهي ڏيکاري سواءِ سياسي خبرن جي. 

مونکي ڪنب ۾ رهندڙ ڪيترن ئي دوستن، پرين پيارن جا ميسيج ۽ فون موصول ٿيا آهن ته معاملي کي ميڊيا تي اٿاريو. پر مان سواء هي سٽون لکڻ جي ڪجهه به ڪرڻ کان قاصر آهيان. مان سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ميڊيا کي اها اپيل ٿو ڪيان ته سنڌ جي هن خوبصورت علائقي جي امن جي بحالي لاء پنهنجي مهم هلائن ۽ حڪومت تي دٻاء پيدا ڪن. مان اپيل ڪندس هتان جي ئي با اثر سياستدانن منظور حسين وساڻ ۽ پير سائين پاڳاري کي ته امن جي بحالي لاء سياسي انائن کي ٿڏي سنجيده ڪوشش وٺندي علائقي جي ماڻهن ۾ سرچاء ڪرائي فوري امن بحال بحال ڪرايو، هي اوهان جا ئي ماڻهو آهن، هي پنهنجا ئي سنڌي آهن.

June 06, 2013

سونهن ۽ سچ جو شاعر هدايت بلوچ

جنم ڏينهن جي مناسبت سان
سونهن ۽ سچ جو شاعر هدايت بلوچ
محمد سليمان وساڻ

هن سان منهنجي پهرين ملاقات چوڪنڊي قبرستان ۾ تاجل بيوس جي پهرين ورسيء جي موقعي تي ٿي هئي. سندس شاعري، ڪالم پڙهيا هئا ۽ نالو به ٻڌل هئو. خاموش ، ماٺيڻو، قداور ، کلمک، دل جو صاف ۽ سهڻي سڀاء وارو اهو شخص هيو هدايت بلوچ. ساڳي شام ريجنت پلازا ۾ تاجل بيوس جي ورسيء جي مناسبت سان رکيل تقريب ۾ هن پنهنجا تاثر پيش ڪيا ۽ پوء فيسبوڪ ذريعي جڏهن کيس تقريب جون تصويرون موڪليم ته خوش ٿيا ۽ اتان دوستيء جي شروعات ٿي. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن سدائين، پيار ، مرڪون، پنهنجائپ ڏيڻ سان گڏ سدائين رهنمائي ڪندا رهيا آهن.

نامياري شاعر ، افسانه نگار ۽ صحافي هدايت بلوچ جو جنم 6 جون 1948 ع تي خيرپور ميرس ۾ ٿيو. سندس والد جو نالو غلام نبي اداسي بلوچ آهي جيڪو به سنڌي ادب ۽ شاعري جو وڏو نالو رهيو آهي. پاڪستان جو ناليوارو براڊڪاسٽر ۽ شاعر عنايت بلوچ سندس وڏو ڀاءُ آهي. هدايت بلوچ جي تعليم ايم.اي پوليٽيڪل سائنس ۽ ايل ايل بي آهي. 1972 کان 1987 تائين ڪراچي شپ يارڊ ۾ مختلف انتظامي عهدن تي ڪم ڪيائين. 1987 کان 2008 تائين پي آئي اي ۾ مختلف عهدن تي خدمتون سر انجام ڏنائين. 1994 کان 1998 تائين سندس مقرري مئنيجر ڪارگو طور سنگاپور ۾ رهي 2005 کان 2008 تائين بنگلاديش ۾ پي آئي اي جو ڪنٽري مئنيجر رهيو. ٻاهرين ملڪن ۾ رهندي هو سنڌين سان ملاقاتون ڪندو رهيو ۽ لکڻ جو ڪم به جاري رکيائين.

ادبي حوالي سان سندس سڃاڻپ هڪ شاعر طور آهي. روزاني عوامي آواز ۾ سندس هفتيوار ڪالم ۽ ڪافي عرصي کان چئوسٽا به ڇپبا رهيا آهن. ان کانسواء روزاني هلال پاڪستان ، روزاني جاڳو ۽ روزاني خبرون ۾ به سندس چئوسٽا ڇپبا رهيا آهن. هن وقت پاڻ روزانه مومل جا ايڊيٽر آهن. سندس غزل گهڻو مشهور آهن.

فائدن حاصل ڪرڻ وارن جي ناهيون لسٽ ۾
پر قسم سان ٿا چئون، بي فائدا ناهيون اسين

پيار کان انڪار آهي ڪفر، ڪافر ڪير ٿئي
پر هدايت حاڪمن جي ها ۾ ها ناهيون اسين

هدايت بلوچ سنڌي ادبي بورڊ جا ٽن سالن لاء ميمبر به رهيا ۽ سدائين ادبي ۽ سماجي سرگرمين ۾ حصو وٺندا رهيا آهن. هن وقت پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۽ ڍاڪا ڪلب آف بنگلاديش جو ميمبر آهي. پاڻ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جا لائيف ميمبر ۽ سنڌي ادبي سنگت جا سرگرم رڪن آهن. ٻه دفعا سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) جي گڏجاڻين ۾ امريڪا ۾ به شرڪت ڪئي اٿس.

هدايت بلوچ جي هڪ ٻي خوبي آهي سوشل ميڊيا خاص ڪري انٽرنيٽ تي سنڌي ماڻهن، سنڌي شاعرن ۽ ليکڪن جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ. پاڻ سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جا چيئرمين ۽ روح روان آهن. سڄي سنڌ خاص ڪري ڪراچي ۾ ٿيندڙ ادبي سرگرمين ۾ باقائدگي سان حصو وٺندا رهن ٿا. هدايت لطيف جو پارکو آهي ۽ هو لطيف جي پيغام کي سمجهڻ سان گڏ دوستن کي سمجهائيندو رهندو آهي. ساڻس گڏ مختلف تقريبن ۾ شامل رهندي اها ڳالهه اڪثر محسوس ڪئي اٿم ته جڏهن به اسٽيج تان لطيف سائين جا بيت صحيح تلفظ سان پيش ناهن ٿيندا ته سندن چهري جي ڪيفيت تبديل ٿيندي آهي ۽ پاڻ افسرده ٿي ويندا آهن ته اسان اڃان تائين لطيف کي نه پڙهيو آهي نه سمجهيو آهي. سندس شاعري به سنڌ، سونهن، سچ ۽ پيار جي گرد گهمندي محسوس ٿيندي آهي.

اسان جو حال پڇي ڏس ڀلي ستارن کان،
توهان جي ياد ۾ شبِ روز ڇا چوان گذريا؛
ستِم ته پنهنجي جَڳهَه نيٺ يَرَ! سِتم آهن،
اسان تي تنهنجا ڪَرم ڀي مِٺا گِران گذريا!

June 03, 2013

استاد عطا محمد حامي : شاعر، اديب، تعليمدان ۽ محقق

استاد عطا محمد حامي : شاعر، اديب، تعليمدان ۽ محقق

محمد سليمان وساڻ

سنڌ ڌرتي تي هر دور ۾ تمام وڏن ليکڪن، اديبن ۽ شاعرن جو جنم ٿيندو رهيو آهي . وڏا شاعر ۽ اديب گهڻو ڪري پنهنجي لکڻين ۽ تخليقن سبب وڏا شمار ڪيا ويندا آهن، پر انهن مان ڪي اهڙا به هوندا آهن جيڪي پنهنجي تخليقن سان گڏ پنهنجي اعليٰ انساني گڻن سبب ماڻهن جي دلين تي نقش اڀاري ويندا آهن. اهڙن عظيم ليکڪن ۽ شاعرن مان استاد عطا محمد حامي به هڪ هيو. استاد عطا محمد حامي جو شمار سنڌ جي استاد شاعرن ۾ ٿئي ٿو . هو نه رڳو شاعري ۾ استاد تسليم ڪيو ويندو آهي پر درسي تعليم ۾ پڻ پاڻ بحيثيت استاد، ليڪچرار ۽ پروفيسر جي عهدي تائين رسائي حاصل ڪرڻ سان گڏ شاگردن جو محبوب استاد مڃيو ويندو هو.

سندس جنم پهرين جنوري 1919 ع ۾ خيرپور رياست جي ننڍڙي ڳوٺ سوهو قناصرا ۾ ٿيو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ جڏهن ته وڌيڪ تعليم ناز هاء اسڪول خيرپور مان، ايم اي 1951ع ۾ سنڌ يونيورستِ مان ۽ پي ايڇ ڊي 1955 ۾ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪيائون. شروعاتي ڏينهن ۾ انٽر ڪري لقمان خيرپور ۾ پرائمري استاد ٿيو. ان کانپوء هالا ۾ سنڌي جو ليڪچرر ۽ آخر ۾ ممتاز ڪاليج خيرپور مان 1978ع ۾ سنڌي جي پروفيسر طور رٽائر ٿيا. حامي صاحب 1955ع ۾ خيرپور رياست جو وجود ختم ٿيڻ وقت انهي آخري اسيمبلي جا ايم ايل اي رهندڙ حامي صاحب سائيڪل تي اليڪشن مهم هلائي وڏي اڪثريت سان سيٽ کٽي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جا اڳواڻ بڻيا.سياست ۾ هو سوديبازي جو قائل ڪونه هيو ۽ شهيد ذولفقار علي ڀٽو جو چاهيندڙ هو پر ڀُٽي صاحب جي بِهارين کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ واري اعلان تي سندس مخالفت ڪندي ڀُٽي تي تنقيد ڪندي چيائين:

ڏسون ٿا ڪم تنهنجا ڀٽڪا ، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا

پر حاميء جو ظرف ته ڏسو جو جڏهن ڀُٽي کي ڦاهي جو حڪم ٿيو ته پاڻ گهڻا ڏکارا ٿيا ۽ چيائون:

منصور زماني جو چڙهي ٿو ڦاهي

حامي صاحب ڪيترائي ڪشالا ڪري خيرپور جي تاريخ لکي، سندن پي ايڇ ڊي جو موضوع به خيرپور ئي هيو. پاڻ سچل جي فارسي مثنوي جو سنڌي ترجمو ڪيائون. حامي صاحب کهڙن جي مخدوم شهيدن تي تحقيق ۽ روحل فقير جي باري ۾ کوجنا پڻ ڪئي. پاڻ مير علي نواز ناز جي شاعري جي ترتيب به ڏنائون. انکانسواء پاڻ خيرپور جي مختلف قبيلن تي ڪتاب لکيائون جيڪو سندس شاگرد مقصود گل ڇپايو جنهن جو نالو آهي ”وکريل موتي“.

سندس شاعري علم عروض جي پابندين هيٺ پختي شاعري آهي ۔ جيتوڻيڪ ڪجه وقت فارسي اثر واري شاعري پڻ ڪيائون۔ ڊاڪٽر تنوير عباسي موجب ”حامي صاحب جي شاعري جو ٽيون دور 1962 کان شروع ٿيو جڏهن فارسي نمونو ڇڏي سليس سنڌي غزل چوڻ شروع ڪيائون. پاڻ شعر چيائون ته :

ڦٽا ڪر وصل و هجر جا سمورا داستان
ادا سارا سڻائج انقلابي داستان هاڻي

حامي صاحب جي جي نظر وسيع هئي، سندس مطالعو گهرو هو ۽ سندس نگاه سنڌ جو طواف ڪندي رهندي هئي۔ هو مذهبي ڪٽرپڻي ۽ شدت پسندي جو سخت مخالف هو. سندس مذهب محبت ۽ انسانيت هيو. سندس شاعري جي ڪتاب ”حامي جو ڪلام“ ۾ محمد علي حداد ، استاد حاميءَ تي انتهائي جاندار مهاڳ لکيو آهي. انهي مهاڳ ۾ هڪ جڳهه تي حداد، استاد حامي جي مذهب بابت لکي ٿو: “حاميء جو مذهب انسانيت هو، هر سٺو انسان کڻي ڪهڙي به قوم سان تعلق رکندڙ هجي عزت جو حقدار آهي. هر رياڪار ماڻهو، کڻي ڪيڏي به وڏي اقتدار جو مالڪ هجي، حامي صاحب لاءِ قابل نفرت هو. مظلوم جي حمايت سندس مسلڪ هو، رمضان شريف ۾ جمعي جي نماز اچي اثنا عشري شيعن سان گڏ پڙهندو هو ۽ عيد جي نماز پنهنجي ڳوٺ حنفي سنين سان گڏ پڙهندو هو. ڄائو ته اهلسنت واري آذان ڪنين پيس ۽ وفات ڪيائين ته ڪفن دفن اهل تشيعت واري طريقي موجب ٿيس، جيئرو هو ته ٻنهي فرقن جا ملان پنهنجو نه ڪندا هئس، گذاري ويو ته سندس سٺي سڀاءَ سبب هر ڪا اک آلي هئي، سچ پچ ته جن ماڻهن جو مذهب محبت هوندو آهي. سي استاد حاميءَ مثل هوندا آهن“. هو مذهب جي نالي تي نفرتن ۽ انساني قتل جو سخت مخالف هو تڏهن ئي ته هڪ هنڌ چيائين:

اسلام جي نالي ۾ نه ماريو ماڻهو
ڳڻتيءَ ۽ مصيبت ۾ نه ڳاريو ماڻهو
هي حال ڏسي دين ڇڏي هو ويندا
بي دين بڻائي ته نه کاريو ماڻهو!

سنڌ ڌرتيء جو هي پيارو ۽ سڀاڳو انسان 3 جون 1982 ع تي هزارين اکين کي آلو ڪندي اسان کان وڇوڙو ڪري ويو. هر سال سوهو قناصرا ۾ سندس ورسي تقريبون ٿينديون رهنديون آهن.

گهڻا منهنجا مٺڙا منٺار ماڻهون
دغاباز نڪرن ٿا دلدار ماڻهون

هنن جي ئي دم سان زمانو هلي ٿو
نه سڏ عشق وارن کي بيڪار ماڻهون

ٻڌائي مٺا ٻول حامي هليو ويو
هيو ڏاڍو مٺڙو مزيدار ماڻهون