تعليم جي سڌاري جي هاڻ ته اميد به ختم پئي ٿئي
محمد سليمان وساڻ
گذريل دور ۾ پير مظهر الحق جڏهن تعليم جو وزير هيو ته سنڌ ۾ تعليم جو نظام ۽ انتظام بري طرح تباهه ٿيندو رهيو. انتظامي امور کان وٺي تدريس جي عمل تائين ۽ ان کانسواء کاتي ۾ ڪيل ڀرتين ۾ به بنا ڪنهن ميرٽ جي ڀرتيون ٿينديون رهيون. نه صرف اهو پر راشي عملدارن پنهنجي وزير ۽ وڏي وزير کي بغير ٻڌائڻ بنا ئي هزارين ماڻهو ڀرتي ڪري ڇڏيا. نتيجي ۾ وزيرن ۽ آفيسرن جي الڳ الڳ ڀرتي ڪيل ماڻهن جو انگ خالي پيل جاين کان به ٽيڻ تي ويو. جعلي ڀرتيون ڪيترن ئي ضلعن ۾ ٿيون جڏهن ڪراچي ۾ سنڌي لينگيوئيج استادن جي ڀرتين ڪرڻ وقت به ڪجهه آفيسرن ۽ ڪجهه وزيرن جي ڪرپشن سبب ماڻهو ته ڀرتي ٿي ويا پر نه ته انهن کي پگهارون مليون نه ئي انهن جو مستقبل سنوريو.
نثار کهڙو تعليم جو وزير ٿيو ته مايوس قوم ۾ هڪ اميد پيدا ٿي هئي ته شايد هاڻ سنڌ جي تعليم جي ٻڏل ٻيڙي کي ڪناري رسائڻ جون ڪوششون ٿينديون، پر سڀ ڪجهه خوابن کانسواء ڪجهه ثابت ڪونه ٿيو. هاڻ ته سيڪريٽري تعليم پيچوهو صاحب ۽ وزير جي جهيڙي ۽ آفيسرن ۽ سيڪريٽري تعليم جي جهيڙي سبب سڄو نظام ختم ٿي چڪو آهي. وزير وٽ وزارت جي طاقت آهي ۽ سيڪريٽري کي وري پارٽي قيادت جي پٺ آهي، نتيجي ۾ وڙهن سان ۽ کُسن ٻوڙا وارو حساب ڪتاب لڳو پيو آهي. نه استاد پيا پڙهائن ۽ نه وري انتظامي امور پيا هلن. وزير آفيسرن ۽ استادن جي تنظيمن کي ذميوار ڄاڻائي جان پيا ڇڏائين ته هوڏانهن سنڌ جي تعليم بي يارو مددگار آخري پساهه پئي کڻي.
ايس ايل ٽي استادن کي 18 مهينن کان پگهارون ناهن مليون ۽ انهن مان ڪيترا ته باقائدگي سان اسڪول به وڃن ٿا ۽ ڪلاس به وٺن ٿا. هوڏانهن پارٽي قيادت وري ثقافتي شو جي چڪر ۾ اچي سڀ پئسا اوڏانهن لڳائڻ جي چڪر ۾ نئين ڪرپشن جي بازار کولڻ ٿي چاهي. ايترا سارا پئسا جيڪڏهن ڪنهن تعليمي اداري کي کولڻ ۾ لڳائجن ته هوند اسان وٽ هڪ بهترين ادارو کلي پوي. پر يار اسان ته هاڻي صرف رينگٽ ۾ خوش آهيون.
سنڌ حڪومت جي گذريل ۽ هاڻوڪي ڪارڪردگي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جو عوام ان ڌڻ مثل آهي جنهن جو ڪو ڌڻي نه هجي. پنجاب ۽ خيبر پخونخواهه ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن ۽ پلاننگ کي ڏسي اهو پيو سوچيان ته ڀلا پوء ڇو نه انهن سان گڏجي ڪو گڏيل نعرو هڻجي، ڇو ته هتي اسان وارن ته ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. پر جڏهن اهڙي ڳالهه ڪبي ته سڀ آڱريون کڻندا ۽ غداري ۽ نائون مل جا نوان لقب ملندا. هاڻ اسان سان اها ڪار آهي ته ماٺ رهان ته مشرڪ ٿيان ڪڇان تان ڪافر. دنيا جا ترقي يافته ملڪ تحقيق ۽ تعليم ذريعي ئي جنگيون پيا لڙن پر اسان جي روايتي جاگيرداري ۽ وڏيرائپ واريون حڪومتون وري به پاڻ ڏي گوڏا سوري ڪمائڻ جي چڪر ۾ آهن. هاڻ ته اسان وٽ سنڌ ۾ ڪا اپوزيشن به ناهي جيڪا ڪو آواز اٿاري. ڇو ته هڪڙا وفاق جي ونگار پيا وهن ته ٻيا صوبي جي ڀيل پيا ڪن. الائي ڇو اهڙين حالتن ۾ تعليم جي سڌاري جي اميد به ختم پئي ٿئي.
January 24, 2014
January 15, 2014
سپنن جو انت : شاعريء جهڙيون ڪهاڻيون
رضوان گل جي ڪتاب تي تبصرو
سپنن جو انت : شاعريء جهڙيون
ڪهاڻيون
محمد سليمان وساڻ
مون وٽ سندس سڃاڻ ته هڪ شاعر جي ئي هئي پر سندس مضمون، ڪالم
۽ خاڪا پڙهي حيرت ٿيندي هئي ته نثر به ڪيڏي نه سليقي سان ٿو لکي. پر پوء نيٽ تي ۽
مختلف رسالن ۾ سندس ڪهاڻيون به پڙهڻ لاء مليون. رضوان گُل اسان جي ٽهيء جو اهو
اديب آهي جنهن شاعري، ڪهاڻي سميت مضمون ۽ مقالا لکي پنهنجو پاڻ مڃايو آهي. سندس
تعلق ته هڪ ادبي گهراڻي سان آهي ئي پر هي فن ۽ هي ٽيلنٽ سندس ئي آهي جو پاڻ نوجوان
ٽهي ۾ گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعري، مضمون، لغت جي ڪتابن کانپوء سندس ڪهاڻين
جو ڪتاب سپنن جو انت مونکي الائي ڇو سپنن جي شروعات وانگر لڳو. ڪهاڻي جيڪا ادب جو
هڪ نه کٽندڙ سلسلو آهي ان کي پيش ڪرڻ جا هر ليکڪ وٽ پنهنجا انداز هوندا آهن. اسان
وٽ ڪهاڻيڪار ته اڻ ڳڻيا آهن پر انهن مان عوامي مقبوليت تمام گهٽ ڪهاڻيڪارن کي ملي
آهي يا اهڙي چند نالا ئي آهن جيڪي اسان کي ياد رهن ٿا. رضوان به مونکي لڳي ٿو ته
ڪهاڻي صف جي انهن ليکڪن مان هڪ هوندو جيڪو سڀني کي ياد رهندو. هو پنهنجي ڪتاب لاء
لکي ٿو ته هي ڪهاڻيون من جي شانتيء خاطر لکيل آهن پر يقين ڄاڻو ته رضوان هڪ انقلابي
ماڻهو آهي، جنهن ادبي ۽ تعليمي ميدان ۾ گهڻن کي همٿايو آهي ۽ گهڻن کي صحيح رستي تي
آندو آهي. مان به انهن مان هڪ آهيان جنهن کي هن ادب دوستي طرف آندو.
رضوان گل جي ڪتاب سپنن جو انت ۾ موجود ڪهاڻيون نه ته ديو
مالائي ڪردارن تي مشتمل آهن ۽ نه ئي وري ڪي خيالي ڪهاڻيون آهن، پر اسان جي چوگرد
گهمندڙ ڦرندڙ ۽ رهندڙ ماڻهن جي ڪردارن تي مشتمل آهن. اسان جي ئي معاشري جي عڪاسي
ڪندڙ ڪهاڻيون آهن. اهڙيون ڪهاڻيون جن کي پڙهندي ماڻهو پاڻ کي به ان ئي ڪهاڻي جو ڪو
ڪردار محسوس ڪري ٿو. ڪهاڻي لاء ضروري آهي ته اها پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ۽ ان کي
ڪهاڻي ۾ گم ڪري ڇڏي، اهوئي سبب آهي جو سندس ڪتاب هڪ ئي ساهيء ۾ پڙهي پورو ڪيم. هن
ڪردارن جا مڪالما اهڙي ته انداز ۾ لکيا آهن جو انهن مان شاعري پئي جهلڪي ۽ لڳي ٿو
ته هي ڪهاڻيون نه پر شاعري آهي. ڇو ته هو حساس شاعر به آهي تڏهن ئي ته هن لفظن جي
چونڊ به توري تڪي ڪئي آهي. سندس ڪتاب ۾ استعمال ڪيل ٻولي به سادي ۽ سهڻي آهي، اها
ٻولي جيڪا اسان جي عام ماڻهوء جي ٻولي آهي. هن ڪهاڻي کي فلاسافي بجاء سڌو سنئون
پيش ڪيو آهي، جيڪا هڪ سٺي ڪوشش آهي. ٻيو ته هن ڪوشش ڪئي آهي ته ڪهاڻي ۾ يڪسانيت نه
هجي، تنهنڪري مختلف ڪردار مختف ڪهاڻين ۾ مختلف روپن ۾ نظر اچن ٿا.
سندس ڪهاڻي بت بڻجي ويل شخص سوشل ميڊيا جي اصلي تصوير پيش
ڪري ٿي، جتي ڪو بيوقوف بڻجي ٿو، ڪو احساس تي وار ڪري ٿو ته وري ڪو پاڻ کي مصروف
رکڻ لاء ٻئي کي الجهايو ويٺو آهي. سندس ڪهاڻي ڇولين جو ماتم پڙهندي مونکي اڄوڪي
دور جا مطلب پرست انسان ياد اچي ويا جيڪي لالچ جي انڌ ۾ اچي ڪنهن جي به اعتماد کي
سولائيء سان ٺيس پهچائي سگهن ٿا. سندس ڪهاڻي سپنن جو انت ڪراچي جي موجوده حالتن جي
صحيح عڪاسي ڪري ٿي، جتي روزانو ڪيترن ئي نوجوانن جي سپنن جو انت سندن زندگيء جي
انت سان گڏ دفن ٿي وڃي ٿو. سندس ڪهاڻي پروفيسر اهڙي مطلب پرست ڀاء جي آهي جيڪو
پنهنجي خوشين ۽ مجبورين عيوض رشتن جي تقدس کي به وساري ويهي ٿو. سندس ڪهاڻي منهنجو
ارسلان پڙهندي لڳو ته ڄڻ مان ڪجهه وڃائي رهيو آهيان ۽ ڪهاڻي جي ڪردار ۾ گم ٿي ويس.
سچ ته اهو آهي ته رضوان جي ڪهاڻين جو هن ڪتاب اسان جي
معاشري جي هر ڪردار کي سمايئي ڇڏيو آهي، جيڪو ٻوڏ کان غريبي، اميري ۽ فقيري سان گڏ
استاد، ڪلرڪ، ڊرائيور، عشق، ڪوڙ، ٺڳي ۽ سچائيء ۽ عورت جري مختلف روپن جي داستانن
تي مشتمل آهي. سندس ڪهاڻين جو هي ڪتاب رشتنن جي مختلف روپن کي اهڙي ته انداز ۾
ڏيکاري ٿو جو لڳي ٿو ته هي منهنجي ئي حياتيء جا لکيل مختلف داستان آهن.
مونکي پڪ آهي ته رضوان گل ادب جي آبياري ۾ اڳ کان به اڳرو
رهندو ۽ سندس قلم بنا ڪنهن بريڪ جي لکندو رهندو ۽ اسان جي رهنمائي ڪندي معاشري کي
سنوارڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهندو. هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو
آهي جيڪو 144 صفحن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.
ڪراچي ۾ ملهايل انور پيرزادي جي ستين ورسي تقريب جو احوال
محمد سليمان وساڻ
ناليواري ليکڪ، صحافي، محقق، شاعر ۽ لطيف شناس انور پيرزادي جي ستين ورسي انور پيرزادو اڪيڊمي پاران آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي سياستدان ۽ ڏاهي رسول بخش پليجي، امداد حسيني، مهتاب اڪبر راشدي، ادل سومري، مظهر عباس، بيدل مسرور، جاويد قاضي، لطف پيرزادي، زرار پيرزادي ۽ امر پيرزادي جن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ انور پيرزادي جيعلمي، ادبي، تحقيقي ۽ سماجي سرگرمين تي روشني وڌي. هنن چيو ته انور پيرزادو ترقي پسند ۽ سنڌ ۽ لطيف سرڪار سان عشق ڪندڙ شخص هيو، جنهن قلم ذريعي جنگ جوٽي سنڌ ڌرتي کي ظلم مان نجات ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪئي.
ادل سومري چيو ته انور جو سنڌي ادب ۾ اهم ڪردار رهيو آهي ۽ هن شاهه لطيف جي شاعريء تي روايتن کان هٽي ڪم ڪيو. هن چيو ته انور جو پورهيو ۽ سنڌ لاءِ ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي، انور هن ميدان ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي متعارف ڪيو ۽ انهن جي رهبري ڪئي. ان موقعي تي جاويد قاضي چيو ته انور سنڌ ۽ سنڌي ادب ۾ وڏو نالو آهي ۽ نوجوانن کي سياسي، سماجي ۽ ادبي شعور ڏيڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته انور پيرزادي کي لطيف تي مهارت حاصل هئي ۽ سڄي سڄي رات لطيف جي فقيرن جو راڳ ٻڌندو هو. امداد حسيني پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته انور ۾ چاهه هيو، جستجو هئي ۽ سچائي هئي. اهوئي سبب هيو جو هو مسلسل لکندو رهيو. هن چيو ته انور پيرزادو ڇا هيو اهو وڏو سوال آهي، ڇو ته هن جي شخصيت گهڻ رخي هئي. هن چيو ته اڄڪلهه ورسيون ملهائڻ صرف اولاد جو فرض وڃي بڇيو آهي جيڪا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، ادارا ۽ سنڌي ادبي سنگت ان سلسلي ۾ ڇو خاموش آهي؟ بيدل مسرور چيو ته انور جهڙا ماڻهو ئي معاشري کي سلجهائيندا آهن. هن چيو ته انور پيرزادي جي ڪري ئي ٻلهڙيجي مان ادب، علم ۽ صحافت جي وڏي کيپ پيدا ٿي آهي. بيدل مسرور وڌيڪ چيو ته انور صرف ليکڪ نه هو پر هو تحقيق ڪري، ڪشالا ڪري ڄاڻ حاصل ڪندو هو ۽ پوء ئي لکندو هو. تقريب ۾ بيدل مسرور شيخ اياز جو انقلابي گيت سچ وڏو ڏوهاري آهي ڳائي ماڻهن ۾ جذبو پيدا ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي انور پيرزادو اڪيڊمي جي سرواڻ ۽ انور پيرزادي جي پٽ زرار پيرزادي آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ انور پيرزادو اڪيڊمي جي ڪمن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته جي ايم سيد، رسول بخش پليجي ۽ انور پيرزادي جهڙن ماڻهن ئي لطيف جو فڪر پڙن مان ميدان تي آندو. ان موقعي تي لطف پيرزادي شاهه لطيف جا بيت ۽ انور جون يادون ٻڌايون، جڏهن ته سندس فرزند امر پيرزادي پنهنجي پيء بابت مقالي ذريعي ساروڻيون بيان ڪيون. اسٽيج سيڪريٽري جا فرض زيد پيرزادي ادا ڪيا. هن تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ صحافين، اديبن ۽ ساڃاهه وندن شرڪت ڪري انور پيرزادي کي ڀيٽا پيش ڪئي.
November 27, 2013
دلمراد جي نوڪري ۽ عابده پروين جو راڳ
مونکي اسان جي خيرپور واسي دلمراد جون ڳالهيون اڪثر ياد اينديون آهن.
جڏهن ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس ۾ هيو ته هڪ رات سندس ڊيوٽي آرٽس ڪائونسل ٻاهران لڳل هئي.
ڊي آء جي به آيل هو سندس ڊيوٽي هئي ته بيٺل گاڏين جو ڌيان رکي.
جڏهن آرٽس ڪائونسل جي اوپن ٿيٽر ۾ عابده پروين ڳائڻ شروع ڪيو ته هي همراهه
گاڏين کي ڇڏي راڳ ٻڌڻ کي لڳي ويو ۽ جهومندو رهيو. واپس ويو ته خبر پئي ته ڪو شاهينگ ڊي آء جي جي گاڏي مان دروازو
کولي سٺي ٽيپ ڪڍي ويو آهي. پوء ته روز سندس ڊي آء جيءَ وٽ حاضري ۽ روز جا نوٽيس ...
مان مليومانس ته چيومانس يار تون به نوڪري کي نوڪري ڪونه ٿو سمجهين؟
هاڻي ڪيڏي ڀڄ ڀڄان ڪرڻي پوندي ۽ تنهنجي نوڪري وڃي به سگهي ٿي ... !!! چيومانس ته ته
توکي ڪهڙي ضرورت پئي هئي ڪم ڇڏي راڳ ٻڌڻ جي !!!
چوڻ لڳو يار ... عابده پروين لطيف سرڪار جا ڪلام ڳائي ۽ اسان ٻاهر بيٺا
هجون، نه بابا ايئن نه ٿيندو. نوڪري وڃي ته وڃڻ ڏينس، باقي عابده پروين جو راڳ ضرور
ٻڌبو !!!
November 07, 2013
سنڌ فنڪار پاران سنڌ ايڪسيلنس ايوارڊ 2013 جي ڪراچي ۾ ٿيل رنگا رنگ تقريب
سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ۽ ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي پاران منعقد ڪيل سنڌ ايڪسيلنس ايوارڊ 2013 جي ڪراچي ۾ ٿيل رنگا رنگ
تقريب جو اکين ڏٺو احوال
رپورٽ : محمد سليمان وساڻ
قوم جي سڃاڻپ سندس ثقافت، ٻولي، تهذيب، تمدن ۽ رهڻي ڪهڻيء مان ٿيندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن قوم جي پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي مضبوط ناهي ته اها قوم پنهنجي سڃاڻپ وڃائيندي رهندي آهي. سنڌي قوم دنيا جي خوشقسمت قومن مان هڪ آهي جنهن کي پنهنجي ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت آهي. سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ٻولي ۽ ثقافت جي سفير فنڪارن جي سهائتا ۽ مڃتا لاء گهڻي وقت کان ڪوشان آهي. گذريل سال وانگر هن سال به سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ سنڌ جي ثقافت، سياحت ۽ نوادرات کاتي جي گڏيل سهڪار سان سنڌي فن سان لاڳاپيل سنڌ ڌرتيء جي شخصيتن سان گڏ قومي ميڊيا ۽ فن سان واڳيل شخصيتن کي مڃتا ۽ ڀيٽا طور سنڌ ايڪسيلنس ايوارڊ 2013 ڏيڻ واري تقريب ڪراچي ۾ نيشنل ميوزم جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪئي. هن تقريب ۾ سنڌي ۽ اردو ميڊيا ۽ فن سان تعلق رکندڙ ڪيترين ئي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي جن کي ايڪسيلنس ايوارڊ ۽ ميڊل ڏنا ويا. تقريب جي خاص مهمانن ۾ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر سيد ناصر شاهه ، جڏهن ته ٻين خاص مهمانن ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جو چيئرمين حميد ڀٽو، نظر محمد ڳاهو، ثقافت کاتي جو اڳوڻو سيڪريٽري شمس جعفراڻي، اڳوڻو وزير ڊاڪٽر شفقت عباسي، ڊپٽي ڊائريڪٽر ثقافت کاتو سنڌ اعجاز شيخ، ايس ايس پي عاشق بوزدار، تاج جويو، مختيار ساريو، شهاب منگي، ايس ايس پي روگن ۽ ٻيا شامل هئا. هي تقريب ان ڪري به منفرد هئي جو سنڌ جي سمورن چينلز سان واسطو رکندڙ اداڪار، راڳي، ميزبان ۽ ڊائريڪٽرز هڪ ئي هال ۾ موجود هيا.
هن تقريب ۾ محفل موسيقي جو به بندوبست هيو جنهن ۾ لنڊن کان آيل ساره جان پيٽر، مظهر حسين، واحد لاشاري، سجاد يوسف، بادل راهي ۽ نروده پنهنجي ڪلاسيڪل ۽ لائيٽ ميوزڪ ذريعي ماڻهن کي جهومايو. ان موقعي تي ٽرسٽ جي سيڪريتري جنرل رشيد چارڻ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا جڏهن ته چيئرمين حميد ڀٽي چيو ته سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ هميشه ثقافت ۽ فن کي هٿي وٺرائي آهي ۽ ڪوشش ڪئي آهي ته فنڪارن جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي. هن چيو ته هن تقريب ۾ اسان ڪوشش ڪئي آهي ته قومي ميڊيا کي پنهنجي ڌارا ۾ آڻيون جيئن سنڌي ثقافت ۽ فنڪارن کي اڳتي اچڻ جا موقعا ملي سگهن. هن سنڌ فنڪار ڪو آپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جي قيام جي ڪوششن بابت به آگاهه ڪيو. ان موقعي تي قومي ميڊيا ۽ فن سان واڳيل شخصيتن کي به اسپيشل ايوارڊ ڏنا ويا. فلم اسٽار سعود چيو ته هي ايوارڊ وٺي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته اسان جون گهڻيون فني سرگرميون ڪراچي ۾ ٿي رهيون آهن ۽ ڪراچي سنڌ جو حصو آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ٻيهر ٿيٽر ۽ فلم انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي جنهن سان سڀني لاء روزگار جا موقعا نڪرندا. نامياري اداڪاره سڪينه سمون پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ فنڪار جي هن سرگرمي تي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ فنڪار قومي ميڊيا ۽ سنڌي فنڪارن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي نئون ٽرينڊ متعارف ڪيو آهي. ان موقعي تي گلوڪار ظفر رامي ۽ اداڪار ماني پڻ پنهنجا ويچار ونڊيا. ان موقعي تي قومي ميڊيا ۽ فنڪارن کي پڻ اسپيشل ايوارڊ ڏنا ويا جن ۾ فلم اسٽا سعود، گلوڪاره ساره جان پيٽر، آج ٽي وي جي مارننگ شو هوسٽ نصرت حارث، لاريب ٿيٻا، عمران زيدي، ميزبان سلمان ثاقب (ماني)، ماڊل ۽ هوسٽ نيلم منير، ليکڪ ۽ اداڪار محسن گيلاني، ڪاميڊين ۽ اداڪار شهزاد رضا، اداڪار اڪبر سبحاني با يونس، گلوڪار احمد جهانزيب، ڪرمنل موسٽ وانٽيڊ جو ميزبان علي رضا، اداڪار اسلم شيخ، ڊائريڪٽر علي اڪبر پٺاڻ، پروڊيوسر ۽ ڊائريڪٽر طاهر جتوئي، موسيقار استاد اظهر حسين، هوسٽ ياسمين مرزا، گلوڪار ظفر رامي ۽ شاداب اسٽوڊيو جي اشفاق احمد کي اسپيشل ايوارڊ ڏنا ويا.
ان موقعي تي سنڌي ميڊيا مان شهباز دراني، ممتاز ڪنول، گلاب چانڊيو، گلوڪاره ثمينه ڪنول، سائل آزاد کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ، فلم اسٽار وسيم راجا، اداڪار شهباز بلوچ، اسرار لغاري، منير پٺاڻ، مزاحيه اداڪار لطيف منا، نيوز ڊائريڪٽر اشفاق آذر، رزاق سروهي، رئوف چانديو، فياص نائچ، ۽ سنڌي ويب سائيٽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي مينيجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ کي پڻ اسپيشل ايوارڊ ڏنا ويا. ميڊيا، فن، ڊراما، راڳ، نيوز ۽ صحافت جي 33 مختلف ڪيٽيگريز ۾ ٽن نامزدگين مان چونڊ ڪري ايڪسيلنس ايوارڊ ڏنا ويا. جن مان راڳي سيمي ڪلاسيڪل ميوزڪ جو ايوارڊ مظهر حسين، لائٽ ميوزڪ فيميل جو ايوارڊ شهنيلا علي، بهترين راڳي جو ايوارڊ منظور سخيراڻي، راڳي لائيٽ ميوزڪ سجاد يوسف، لائيٽ ڪلاسيڪل ميوزڪ جو ايوارڊ واحد لاشاري، موسيقار جو ايوارڊ عرفان سمون کي ڏنو ويو. فلمي اداڪار جو ايوارڊ اسد قريشي، ڊراما اداڪار ميجر رول ٽي وي اسماعيل چانڊيو، ڪريڪٽر ايڪٽر جو ايوارڊ حسين قادري ۽ قمر ميمڻ، اداڪاره جو ايوارڊ نسرين ناز، شهناز ڀٽي ۽ نسرين ناز، ينگ ڊراما اداڪار جو ايوارڊ مصطفى عباسي، ينگ ڊراما اداڪاره عُروسه قريشي، ڊراما اداڪاره ميجر رول ريحانه کوکر، سپورٽنگ اداڪاره ريحانه تبسم کي ڏنو ويو. بهترين نيوز ڪاسٽر فيميل ناجيه مير، نيوز ڪاسٽر سڪندر بلوچ، ڪاميڊين جو ايوارڊ علي گل ملاح، سينيئر ڪاميڊين جو ايوارڊ رشيد چارڻ، ٽي وي اينڪر فيميل جويريه عبيد، ٽي وي اينڪر فيميل ڪرنٽ افيئر عرفانه ملاح ۽ زاهده تاج ابڙو، ٽي وي اينڪر مارننگ شو سجاد سهاڳ، وي جي ٽي وي پروگرام ياسر شورو، ٽي وي وي جي فيميل ڪرن لغاري، ڪلچرل رپورٽنگ مصطفى ملاح، آر جي ريڊيو ياسر قاضي، ڊراما ڊائريڪٽر آرٽ پلي فاروق رند، ڊراما ڊائريڪٽر جنرل اسلم ڀٽو، ٽي وي ڊراما ليکڪ محمود مغل، ڊائريڪٽر مارننگ شو جو ايوارڊ رزاق مسڻ کي ڏنو ويو.
تقريب ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي ويبسائيٽ جي مهورت پڻ ٿي. سنڌ فنڪار جي تخليقي ڪميٽي جي چيئرمين محمد سليمان وساڻ ويبسائيٽ بابت پريزنٽيشن پيش ڪئي ۽ ويب سائيٽ جا تفصيل ونڊيا. ان موقعي تي سنڌ فنڪار ويفيئر ٽرسٽ لاء ڪم ڪندڙ مختلف عهديدارن کي ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا. پروگرام جي ڪمپيئرنگ رشيد چارڻ، حميد ڀٽو، سهراب سومرو، علي گل ملاح، سيد فدا حسين شاهه، ثاقب ابڙو، سيم خان ۽ فصيحا خان ڪري رهيا هيا.
آخر ۾ مهمان خاص سيد ناصر شاهه چيو ته ثقافت لاء سنڌ فنڪار جون خدمتون قابل تعريف آهن. هن واعدو ڪيو ته هو فنڪارن جي سهوليتن ۽ سهائتا لاء هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهندو. جڏهن ته مهمانن کي سنڌ جي روايتي سوکڙي اجرڪ ۽ ٽوپين جا تحفا سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي مختلف عهديدارن پاران پيش ڪيا وي. اهڙي طرح رات دير تائين هلندڙ هيءَ تقريب سنهري يادون ڇڏي نين اميدن سان گڏ اختمام پذير ٿي.
تصويرن لاء هيٺين لنڪ جو ڀيرو ڀريو.
October 24, 2013
جيجي زرينه بلوچ : هڪ استاد، ڪهاڻيڪار، سياسي ڪارڪن ۽ عظيم گلوڪاره
جيجي زرينه بلوچ : هڪ استاد،
ڪهاڻيڪار، سياسي ڪارڪن ۽ عظيم گلوڪاره
محمد سليمان وساڻ
ٻي خبر ناهه
پر مرڻ کان پوءِ،
تو سان گڏجڻ جو حسرتون رهنديون
تو سان گڏجڻ جو حسرتون رهنديون
هوء جنهن کي سموري سنڌ جيجي جي نالي سان سڏيندي هئي، سندس
آواز ۾ ڄڻ ته ڪو جادو هو، مٺاس هو۔ هوء جيڪا هڪ استاد، هڪ سياسي ڪارڪن، اداڪاره ۽
سنڌ جي عظيم لوڪ گلوڪاره هئي، جي ها جيجي
زرينه بلوچ جو شمار سنڌ جي انهن عورتن ۾ ٿئي ٿو جيڪي هڪ ئي وقت ڪيترين ئي خوبين
جون مالڪ ۽ خالق آهن.
سنڌ جي هن دلير عورت 29 ڊسمبر 1934ع جي هڪ سرد رات ۾ اڳوڻي تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ الهداد چند ۾ جنم ورتو. جيجي زرينه بلوچ جڏهن اڃان ڇهن سالن جي هئي ته سندس امڙ گلروز بلوچ وفات ڪري وئي. زرينه بلوچ جو 15 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي سوٽ سان نڪاح ٿيو. جنهن مان هن کي اختر بلوچ (صوبائي وزير سسئي پليجو جي ماءُ) زينه بلوچ ۽ اسلم پرويز جو اولاد ٿيو۔ 1958ع ۾ تعليم پرائڻ جي مسئلي تان هن پنهنجي مڙس کان علحدگي اختيار ڪري، حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتي هوءَ 1960ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي لوڪ فنڪاره طور آئي ۽ هڪ سال جي اندر هن ريڊيو تي پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو۔ هڪ سال اندر ئي کيس1961ع ۾ ريڊيو جي بهترين فنڪار جو ايوارڊ مليو. جيجي زرينه بلوچ 1964ع ۾ برک سياستدان ۽ قانوندان رسول بخش پليجي سان شادي ڪري زندگيء جي نئين بهار جي شروعات ڪئي، جنهن مان هن کي هڪ پٽ اياز لطيف پليجو ڄائو. جيجي زرينه بلوچ 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي جتان 1997ع ۾ رٽائر ٿي۔
جيجي زرينه بلوچ رسول بخش پليجو سان شاديء کانپوء عملي سياست ۾ حصو پڻ وٺڻ شروع ڪيو۔ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسيء ۽ جنرل ضياءُ الحق جي آمريت خلاف هن سخت احتجاج ڪيو ۽ عورتن جي هڪ احتجاج جي اڳواڻي پڻ ڪئي جنهن تي هن کي سکر ۽ ڪراچي جي جيل ۾ به وڃڻو پيو. جيجي زرينه بلوچ سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي باني اڳواڻن مان هڪ هئي.
جيجي زرينه بلوچ تي جيجي نالو سندس لکيل ڪهاڻي جيجي تان پيو ۽ پوري سنڌي قوم هاڻي کيس جيجي جي نالي سان سڏي ٿي۔ هن ڊرامه پڻ لکيا ۽ پاڻ به اداڪاري ڪئي۔ جيجي زرينه بلوچ جو لکيل ڪتاب تنهنجي ڳولا تنهنجون ڳالهيون اڄ به سنڌ ۾ مقبول آهي. پر سندس اصل سڃاڻ سندس ڳائڻ ۽ خوبصورت ۽ مٺاس ڀريو آواز هو۔
سندس فن موسيقي تي ڪمال هيو ۽ هن لوڪ ڳيچ، وايون، گيت ۽ غزلن سان گڏ قومي گيت ڳائي خوب داد حاصل ڪيو۔ شيخ اياز جي شاعريء کي هن خوبصورت انداز سان ڳايو۔ سندس ڳايل لوڪ گيتن ۽ ڊرامي هٿين گل ميندي ۾ سچ ته هن سنڌي ثقافت کي خوب اجاگر ڪيو۔ سندس ڳيچن ۾ ، هٿين گل ميندي، ڀيڻ منهنجو ڇلڙو، منهنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو، مور ٿو ٽلي راڻا، سس سهري ڳل لايئه تمام گهڻو مقبول ٿيا۔
شيخ اياز جي شاعري : ٻي خبر ناهي پر مرڻ کانپوء، ٽڙي پوندا ٽارئين، ڪانگ لنوي ٿو، ڪيئن ڪيان مان ڪنهن به ريت کانسواء هن ڪيئي ڪلام ڳايا۔ هن شاهه لطيف کي پڻ خوب ڳايو۔
هن جي فن موسيقي، اداڪاري، ڊرامه نگاري تي هن کي لطيف ايوارڊ، سچل، قلندر، فيض احمد فيض ۽ وحيد مراد ايوارڊ سميت ڪيترائي قومي ايوارڊ مليا. جيجي زرينه بلوچ جي سڄي زندگي علم، ادب ۽ عوام جي خدمت ۾ گذري، سنڌ جي هي بيباڪ نياڻي پنهنجي اندر ۾ جيتريون خوبيون رکندڙ هئي شايد ٻي ڪا عورت ان وصف ۾ شامل ڪو نه ٿي ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو سياسي وابستگين جي باوجود اڄ به هر طبقو هر فرد جيجي زرينه بلوچ جي دلين جي گهراين سان احترام ڪري ٿو. اسين جڌهن سنڌ جي مهان انسانن جي ڳڻپ ڪنداسين ته جيجي زرينه بلوچ جو نالو به ان صف ۾ سرفهرست هوندو.
جيجي زرينه بلوچ برين ڪينسر جهڙي موذي مرض سبب 25 آڪٽوبر 2005 تي ڪراچيء جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪري وئي پر سندس فن کيس ڪڏهن به اسان کان الڳ ڪري ڪونه سگهندو۔ هوء اڄ به اسان جي دلين ۾ زندهه آهي.
سنڌ جي هن دلير عورت 29 ڊسمبر 1934ع جي هڪ سرد رات ۾ اڳوڻي تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ الهداد چند ۾ جنم ورتو. جيجي زرينه بلوچ جڏهن اڃان ڇهن سالن جي هئي ته سندس امڙ گلروز بلوچ وفات ڪري وئي. زرينه بلوچ جو 15 سالن جي ڄمار ۾ پنهنجي سوٽ سان نڪاح ٿيو. جنهن مان هن کي اختر بلوچ (صوبائي وزير سسئي پليجو جي ماءُ) زينه بلوچ ۽ اسلم پرويز جو اولاد ٿيو۔ 1958ع ۾ تعليم پرائڻ جي مسئلي تان هن پنهنجي مڙس کان علحدگي اختيار ڪري، حيدرآباد ۾ رهائش اختيار ڪئي. جتي هوءَ 1960ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي لوڪ فنڪاره طور آئي ۽ هڪ سال جي اندر هن ريڊيو تي پنهنجو ڌاڪو ڄمائي ڇڏيو۔ هڪ سال اندر ئي کيس1961ع ۾ ريڊيو جي بهترين فنڪار جو ايوارڊ مليو. جيجي زرينه بلوچ 1964ع ۾ برک سياستدان ۽ قانوندان رسول بخش پليجي سان شادي ڪري زندگيء جي نئين بهار جي شروعات ڪئي، جنهن مان هن کي هڪ پٽ اياز لطيف پليجو ڄائو. جيجي زرينه بلوچ 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي ماڊل اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي جتان 1997ع ۾ رٽائر ٿي۔
جيجي زرينه بلوچ رسول بخش پليجو سان شاديء کانپوء عملي سياست ۾ حصو پڻ وٺڻ شروع ڪيو۔ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسيء ۽ جنرل ضياءُ الحق جي آمريت خلاف هن سخت احتجاج ڪيو ۽ عورتن جي هڪ احتجاج جي اڳواڻي پڻ ڪئي جنهن تي هن کي سکر ۽ ڪراچي جي جيل ۾ به وڃڻو پيو. جيجي زرينه بلوچ سنڌياڻي تحريڪ ۽ سنڌي ادبي سنگت جي باني اڳواڻن مان هڪ هئي.
جيجي زرينه بلوچ تي جيجي نالو سندس لکيل ڪهاڻي جيجي تان پيو ۽ پوري سنڌي قوم هاڻي کيس جيجي جي نالي سان سڏي ٿي۔ هن ڊرامه پڻ لکيا ۽ پاڻ به اداڪاري ڪئي۔ جيجي زرينه بلوچ جو لکيل ڪتاب تنهنجي ڳولا تنهنجون ڳالهيون اڄ به سنڌ ۾ مقبول آهي. پر سندس اصل سڃاڻ سندس ڳائڻ ۽ خوبصورت ۽ مٺاس ڀريو آواز هو۔
سندس فن موسيقي تي ڪمال هيو ۽ هن لوڪ ڳيچ، وايون، گيت ۽ غزلن سان گڏ قومي گيت ڳائي خوب داد حاصل ڪيو۔ شيخ اياز جي شاعريء کي هن خوبصورت انداز سان ڳايو۔ سندس ڳايل لوڪ گيتن ۽ ڊرامي هٿين گل ميندي ۾ سچ ته هن سنڌي ثقافت کي خوب اجاگر ڪيو۔ سندس ڳيچن ۾ ، هٿين گل ميندي، ڀيڻ منهنجو ڇلڙو، منهنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو، مور ٿو ٽلي راڻا، سس سهري ڳل لايئه تمام گهڻو مقبول ٿيا۔
شيخ اياز جي شاعري : ٻي خبر ناهي پر مرڻ کانپوء، ٽڙي پوندا ٽارئين، ڪانگ لنوي ٿو، ڪيئن ڪيان مان ڪنهن به ريت کانسواء هن ڪيئي ڪلام ڳايا۔ هن شاهه لطيف کي پڻ خوب ڳايو۔
هن جي فن موسيقي، اداڪاري، ڊرامه نگاري تي هن کي لطيف ايوارڊ، سچل، قلندر، فيض احمد فيض ۽ وحيد مراد ايوارڊ سميت ڪيترائي قومي ايوارڊ مليا. جيجي زرينه بلوچ جي سڄي زندگي علم، ادب ۽ عوام جي خدمت ۾ گذري، سنڌ جي هي بيباڪ نياڻي پنهنجي اندر ۾ جيتريون خوبيون رکندڙ هئي شايد ٻي ڪا عورت ان وصف ۾ شامل ڪو نه ٿي ٿئي. اهو ئي سبب آهي جو سياسي وابستگين جي باوجود اڄ به هر طبقو هر فرد جيجي زرينه بلوچ جي دلين جي گهراين سان احترام ڪري ٿو. اسين جڌهن سنڌ جي مهان انسانن جي ڳڻپ ڪنداسين ته جيجي زرينه بلوچ جو نالو به ان صف ۾ سرفهرست هوندو.
جيجي زرينه بلوچ برين ڪينسر جهڙي موذي مرض سبب 25 آڪٽوبر 2005 تي ڪراچيء جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪري وئي پر سندس فن کيس ڪڏهن به اسان کان الڳ ڪري ڪونه سگهندو۔ هوء اڄ به اسان جي دلين ۾ زندهه آهي.
September 01, 2013
آشا چاند جي مان ۾ سگا سچل ڳوٺ پاران آجياڻو
آشا چاند جي مان ۾ سگا سچل ڳوٺ پاران
آجياڻو
رپورٽ : محمد سليمان وساڻ
سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) سچل ڳوٺ، ڪراچي پاران سنڌ ۽ هند ۾ ٻوليءَ
جي سفير، ٻولي ۽ ثقافت لاء جاکوڙيندڙ آشا چاند جي مان ۾ هڪ آجياڻو ڏنو ويو. پروگرام
جي صدارت سگا جو چيئرمين رفيق احمد جعفري ڪري رهيو هو، جڏهن مهمان خاص آشا چاند هئي.
آشا چاند هندستان ۽ دبئي ۾ سنڌي ٻولي ۽ ثقافت جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪم ڪندڙ سنڌي سنگت
جي روح روان ۽ هند جي مشهور سنڌي اديب جوڙي اي جي اتم ۽ سندري اتمچنداڻي جي نياڻي آهي.
آشا چاند چيو ته هندستان ۾ ٻين مقامي 22 ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي پڻ قومي ٻوليءَ
جو درجو حاصل آهي پر اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ جو رواج گهٽ هئڻ ڪري هندستان ۾ سنڌي ٻوليءَ
جي بقا ۽ ترقي اسان لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻيل آهي، ان ڪري اسان هندستان، دبئي، آمريڪا
۽ برطانيا ۾ رهندڙ سنڌين ۽ سندن ايندڙ نسلن جي سنڌي سمجهڻ لاءِ آڊيو، وڊيو ۽ انٽرنيٽ
جي جديد ذريعن کي استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. آشا چاند، جيڪا اڄڪلهه سنڌ جي دوري تي
آيل آهي، تنهن چيو ته هندستان ۾ سنڌي ٽڙيل پکڙيل رهن ٿا، ان ڪري هو سنڌي جي پڙهائي
لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج قائم ڪري نه ٿا سگهن. هن چيو ته صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هند جي
سنڌين حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ سرڪاري شعبي ۾ هڪ
ٽي وي چئنل کوليو وڃي. هن چيو ته سندس تنظيم سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ موسيقي جا آڊيو ۽ وڊيوز
تيار ڪري انٽرنيٽ تي رکيا آهن ۽ انهن پروگرامن جون هزارين سي ڊيز پڻ جاري ڪيون آهن
ته جيئن دنيا ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي مادري ٻولي ڳالهائي ۽ سمجهي سگهن. هن سنڌ جي ڏاهن،
ڪلاڪارن ۽ پبلشرس کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجا ڪلام، ناٽڪ ۽ ڪتاب انٽرنيٽ تي رکن ته جيئن
سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌي ۽ سندن ايندڙ نسل انهن مان ڀرپور لاڀ حاصل ڪري سگهن. آشا چاند
چيو ته سنڌو تهذيب پڻ هڪ ڌرم جو نالو آهي. هن سگا پاران سنڌي پڙهائڻ لاءِ 24 اسڪول
هلائڻ ۽ سنڌي سبجيڪٽ ۾ “لطيفيات” کي لازمي طور پڙهائڻ تي سگا جي واکاڻ ڪئي.
تقريب ۾ ڳالهائيندي پي ٽي وي جي اڳوڻي پروڊيوسر ۽ ناليواري راڳي بيدل
مسرور چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ خانگي شعبي ۾ هلندڙ ٽي وي چئنل رڳو خبرن ۽ ڪرنٽ افيئرز
پروگرامن ذريعي سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ڪري رهيا آهن. باقي ڊرامن، ناٽڪن ۽ موسيقي جي شعبي
۾ سندن پروگرام سنڌي ثقافت جي عڪاسي نه ٿا ڪن ۽ ان جو بنيادي ڪارڻ پروڊيوسرز ۽ ڊائريڪٽرز
جو سکيا نه وٺڻ آهي. هن چيو ته ان جي ڀيٽ ۾ آشا چاند ۽ سندس اداري سنڌي ثقافت جي فروغ
لاءِ ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. سگا چيئرمين رفيق احمد جعفري چيو ته ڪنهن به قوم جي بقا
لاءِ ضروري آهي ته ان جي ٻولي زنده رهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر سحر امداد چيو ته آشا چاند
جون ٻولي جي لاء خدمتون ڪنهن به تعارف جون محتاج ناهن. پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته
آشا چاند پنهنجي ماء پيء جي نقش قدم تي هلندي سنڌي ثقافت ۽ ٻوليء لاء پاڻ پتوڙي رهي
آهي. قادر سرڪي چيو ته دبئي ۾ سنڌي ثقافتي ميلا مچائڻ ۾ سدائين آشا چاند اڳڀري رهندي
آهي. سگا جي اڳوڻي چيئرمين ولي محمد روشن چيو ته اهي قومون ئي ترقي ڪن ٿيون جيڪي پنهنجي
ٻولي ۽ ثقافت کي جيارين ٿيون. سگا سچل ڳوٺ جي صدر پروفيسر علي انور بالادي آجياڻي تقرير
۾ چيو ته اها سچل ڳوٺ وارن جي خوشقسمتي آهي جو آشا چاند جڏهن به سنڌ اچي ٿي ته هوءَ
سچل ڳوٺ اچي ٻوليء جي ترقي لاء رايا وٺي ٿي ۽ صلاحون ڏئي ٿي. تاج محمد وساڻ چيو ته
ٽيڪنالاجي جي هن دور ۾ اسان ٻارن کي آڊيو ۽ وڊيو ذريعي بهترين تعليم ڏئي سگهون ٿا جنهن
جي شروعات آشا چاند ڪري چڪي آهي.
پروگرام جي ڪمپيئرنگ ڪرم الاهي چنا ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندڙن اهو
به چيو ته جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جو هاڪاري شاعر سرڳواسي نارائڻ شيام هن وقت سنڌي ٻوليءَ
جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ آشا چاند ۽ ٻين ساٿين ۽ ادارن جو ڪوششون ڏسي ها ته هو شايد اهو
شعر لکڻ تي مجبور نه ٿئي ها ته “الله ايئن مَ ٿئي جو ڪتابن ۾ پڙهجي ته هئي سنڌ ۽ سنڌ
وارن جي ٻولي”. ان موقعي تي بيدل مسرور ۽ شهنيلا علي شيخ اياز جا ڪلام “سچ وڏو ڏوهاري
آهي” ۽ سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو” ڳائي سامعين کي جهومائي وڌو. مشهور مزاحيه فنڪار
علي گُل ملاح ۽سهراب سومرو پنهنجي روائتي انداز ۾ ٽوٽڪا ٻڌائي سامعين کي محظوظ ڪيو.
آجياڻي ۾ سچل ڳوٺ، سيتا ڳوٺ، ايوب ڳوٺ، ماروئڙا ڳوٺ ۽ ڪراچي شهر جي مختلف علائقن کان
آيل ۽ سڄي سنڌ مان آيل اديبن، دانشورن، شاعرن ۽ ساڃاهه وندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ آشا چاند کي اجرڪ ، شيلڊ ۽ ڪتابن جون سوکڙيون پڻ پيش ڪيون ويون.
تقريب کان اڳ سنڌ سلامت جي وفد مينيجنگ ايڊيٽر محمد سليمان وساڻ جي اڳواڻي
۾ آشا چاند سان ملاقات ڪئي ۽ انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت ۽ سنڌي موسيقي
لاء سنڌ سلامت ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ڪم بابت ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ انهن نوجوانن کي داد ڏنو
جن انفرادي طور ڪوششون وٺي ٻولي لاء جاکوڙ ڪئي آهي. هن سنڌ سلامت جي وفد کي دعوت ڏني
ته هو سنڌ ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽنگ جي دوستن جي ٽيم گڏ ڪن ۽ وڊيو ڪانفرنس ذريعي سنڌي ٻولي
جي انٽرنيٽ تي ترقي بابت هڪ ٻئي سان ويچار ونڊين. آشا چاند اها به صلاح ڏني ته اسڪولن
۾ وڃي سنڌي ٻارن جي سنڌي ٽائيپنگ ۽ ڪمپيوٽر تي سنڌي سکيا بابت جامع پروگرام ترتيب ڏنا
وڃن.
_______
August 23, 2013
ڇا سانگهڙ ۾ ٿيندڙ اليڪشن سنڌ ۾ سياسي تبديلي جي شروعات آهي؟
ڇا سانگهڙ ۾ ٿيندڙ اليڪشن سنڌ ۾ سياسي تبديلي جي شروعات آهي؟
محمد سليمان وساڻ
سنڌ جي سياست تي نظر وجهبي ته ڪجهه سيٽون ڄڻ ته خاص اڳواڻن
جون اباڻيون سيٽون هجڻ سان گڏ انهن کي ڏاج ۾ مليل سيٽون لڳنديون آهن. اهڙي ئي
صورتحال سانگهڙ جي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 235 جي پڻ آهي. اها سيٽ فنڪشنل ليگ
جي ملڪيت سمجهي پئي وئي ۽ ڪڏهن به ڪنهن ٻي پارٽي ان سيٽ تي ڪاميابي نه ماڻي. پر
مئي ۾ ٿيندڙ عام اليڪشن ۾ پ پ پ پاران نامزد اميدوار شازيه عطا مري پهريون دفعو 60
هزار کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪري سڀني کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. جيتوڻيڪ هوء ڪاميابي ته
حاصل نه ڪري سگهي پر هن فنڪشنل ليگ جي اميدوار ۽ پير پاڳاري جي ڀاء صدرالدين شاهه
۽ حر جماعت کي اهو باور ڪرايو ته هاڻ سانگهڙ جا ماڻهو پنهنجي ووٽ ذريعي تبديلي چاهين
ٿا. مئي ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ صدرالدين شاهه 72 ووٽ جڏهن شازيه عطا مري 62 هزار ووٽ
حاصل ڪيا هئا.
تجزيا نگار حيرت ۾ هئا ته اها سيٽ جتي پ پ پ کي ڪڏهن به ڪو
مظبوط اميدوار نه مليو، اتي شازيه ايترا ووٽ ڪيئن حاصل ڪيا؟ سانگهڙ حر جماعت جو
مرڪز هجڻ ڪري اڳ ڪڏهن به هنن اليڪشن ورڪ کي سنجيده نه ورتو هو. نه صرف اهو پر تڪ
جي ماڻهن لاء اڻ پوريون سهولتون هيون. روڊن جي حالت به بهتر نه هئي. اسپتال ن ۾
سهولتون ناهن. فنڪشنل ليگ گذريل 15 سالن کان اقتدار ۾ رهندي به علائقي کي ڪا ترقي
نه وٺرائي. هي سيٽ کپري، ڄام نواز علي ۽ ڪنڊياري تي مشتمل هجڻ ڪري گهڻو ڪري حر
جماعت ۽ ڄام خاندان جي گهڻي اثر هيٺ رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو هتان فنڪشنل ليگ
سدائين ڪامياب ٿيندي رهي آهي. پير صدرالدين شاهه جيڪو خيرپور جي ناري واري سيٽ تان
به ڪامياب ٿيو هو، تنهن کي هي سيٽ خالي ڪرڻي پئي ۽ ننڍي چونڊ ۾ اليڪشن جو اعلان
ٿيو. پ پ پ هڪ دفعو وري شازيه مري کي پنهنجو اميدوار نامزد ڪندي فنڪشنل لاء ڏکايون
پيدا ڪيون جو هنن وٽ به ان سيٽ لاء ڪو مضبوط اميدوار ڪونه هئو، ڇو ته شازيه اڳ ئي
ايترا گهڻا ووٽ حاصل ڪري خطري جي گهنٽي وڄائي چڪي هئي. شازيه پنهنجي ڀرپور اليڪشن
مهم هلائيندي گهر گهر وئي ۽ خاص ڪري اقليتن ۽ عام ماڻهن جون همدرديون حاصل ڪندي
رهي. علائقي جي غريب عوام اهو محسووس ڪيو ته سندن قسمت جيڪا 60 سالن ۾ ڪانه بدلي آهي
سا شايد شازيه جي ڪاميابيء سان ٿوري گهڻي تبديل ٿئي. آخرڪار تڪ جي ڏتڙيل عوام 60 سالن
جي هڪ هٽي کي ٽوڙي هن ننڍي چونڊ ۾ شازيه عطا مري کي واضح برتري سان کٽرايو. شازيه
کي 68 هزار ووٽ مليا جڏهن ته فنڪشنل ليگ جي خدا بخش درس کي 54 هزار ووٽ مليا.
مون علائقي جي ڪجهه روشن خيال ماڻهن کان پڇيو ته شازيه جي
ڪاميابي جا ڪهڙا سبب هئا؟ ڪجهه دوستن ٻڌايو ته شازيه جي ڪاميابي ۾ جتي سنڌ حڪومت
جون ڪوششون شامل آهن، پ پ پ جي ڪيترن ئي اهم شخصيتن خاص دلچسپي وٺي ماڻهن کي ووٽ
لاء قائل ڪيو، اتي سڀ کان وڌيڪ شازيه جي پنهنجي حڪمت عملي ۽ جدوجهد آهي جنهن کيس
ڪامياب ڪيو. هنن چيو ته شازيه کي ملندڙ ووٽ نه ته ڀٽي جو ووٽ هيو ۽ نه ئي محترمه
جو ڇو ته هنن به پنهنجي دورن ۾ اها سيٽ نه کٽي هئي، پر عوام جي سوچ جي تبديلي جو
ووٽ هيو. هو سمجهن پيا ته خدا بخش درس جي مقابلي ۾ شازيه وڌيڪ روشن خيال، ترقي
پسند ۽ امن پسند آهي.
هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته عوام جي ان اهم ۽ بغاوت واري فيصلي جي
پ پ پ ڪيئن ٿي موٽ ڏئي؟ جيڪڏهن پيپلز پارٽي تڪ جي عوام لاء ٿورا به چڱا ڪم ڪيا ته
پوء فنڪشنل ليگ کي پنهنجي سيٽ موٽائڻ لاء وڏا جتن ڪرڻا پوندا. سانگهڙ جي سياست ۾
آيل اها تبديلي ماڻهن ۾ نئين اميد پيدا ڪري چڪي آهي ته شايد ايندڙ وقت ۾ عوام
سياسي پنڊتن کي شڪست ڏئي کين مجبور ڪندو ته هو عوامي ڀلائي جي ڪم ڏانهن ڌيان ڏين.
هن تبديلي کانپوء اها به اميد قائم ٿي رهي
آهي ته شايد هاڻ سنڌ جي سياست ۾ به تبديليون اچن ۽ عام ماڻهو جي ووٽ جو قدر ٿئي.
تبصرن جا اطلاع حاصل ڪرڻ لاءِ:
هتي ڪلڪ ڪريو
