February 24, 2014

توسان ڪهڙيون ريسون : شاعري ڳالهائي ٿي

توسان ڪهڙيون ريسون : شاعري ڳالهائي ٿي

محمد سليمان وساڻ

ٽنڊي محمد خان سان تعلق رکندڙ شاعر نثار احمد ناز جي شاعريء جو ڪتاب “توسان ڪهڙيون ريسون” ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. سنڌ سلامت جيڪا انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي ٻولي جي ترقي لاء ڪوشان آهي هاڻ پبليڪيشن طرف به وک وڌائيندي هي ڪتاب ڇپايو آهي. نثار احمد ناز جو ڪتابشاعري جي کيتر ۾ هڪ سٺو اضافو آهي. نثار احمد ناز هڪ بهترين شاعر هجڻ سان گڏ نوجوان شاعرن لاء رهنمائي جو سبب به بڻبو رهيو آهي. علمي ادبي کيتر ۾ سندس علمي ۽ ادبي ڪاوشون ڪنهن کان به ڳجهيون ناهن. سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان ، ڀٽائي آرٽس ڪائونسل سنڌ ،ينگ رائيٽرس فورم سنڌ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام سميت سوشل ميڊيا فيس بُڪ تي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪيل سندس ڪاوشون اسان سڀني جي سامهون آهن. نثار احمد ناز هڪ اڻٿڪ محنت جو نالو آهي، جنهن بغير ڪنهن سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي پنهنجي حصي جو ڪم نهايت ئي جانفشاني ۽ ايمانداريءَ سان ڪيو آهي. سندس شاعري گهڻي عرصي کان سنڌ سلامت تي پڙهندو پيو اچان پر انتظار هيو سندس ڪتاب جو. نثار ناز اسان لاءِ ان ڪري به اهميت جوڳو آهي جو هو سنڌ جي هر شاعر، اديب ۽ ليکڪ سان گڏ سنڌ جي گهڻ گهرن جي دلي عزت ڪندي انهن کي ڀيٽا پيش ڪندو رهي ٿو، جيڪو هڪ نئون مثال آهي.

نثار احمد ناز جي شاعريء ۾ سنڌ سان ازلي محبت جي جهلڪ به نمايان هوندي آهي. جڏهن سنڌ ڄائِي هند ۾ رهندڙ نامياري فنڪاره ۽ سنڌي شاعره محترما ڪوشي لالواڻي نثار ناز جو گيت “مٺي سنڌ توسان آ جنمن جو ناتو، گهڙيءَ هڪ جو ناهي آ صدين جو ناتو” ڳاتو ته اسان کي نثارناز سنڌ سان ديوانگيءَ جي حد تائين پيار ڪندڙ شاعر لڳو. هو سنڌ سان محبت عبادت سمجهي ڪندو آهي. سندس گيتن ۽ شعرن ۾ سنڌ سدائين رچندي ۽ وسندي رهندي آهي. سندس نظم جون هي سٽون ته پڙهو:

بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
سوچ منهنجيءَ جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم


جيجل سنڌ سان گڏ ساري دنيا جا سنڌي به ڄڻ سندس دل ۾ ويٺا هُجن سنڌين سان سندس سڪ ۽ محبت ۽ پيار جو اظهار سندس هن غزل مان ڀليءَ ريت پسجي سگهجي ٿو:

جيڪي سنڌ تي لِکِي جيڪي سنڌ لئه وڙهن،
سڀئي ليکڪ سنڌِي مونکي ڏاها کپن !


شل هِي ويڙها سدا “ناز” سنڌ جا وسن،
وستيون واهڻ ٻنيون مونکي ها ها ! کپن .


غزل هجي يا نظم يا وري وائي لفظن جي چونڊ ۽ پسمنظر سچ ته دل کي ڇهندڙ اٿس. هو لفظن جا انڊلٺي رنگ ميڙي ڪنهن سُندريءَ جي آنچل تي ستارن جيان ٽانڪيندي نظر اچي ٿو . سندس شاعريء ۾ مجاز جو رنگ به عيان آهي ۽ ايئن لڳندو آهي ڄڻ ناز اسان جي دلين مان گهمي ويو هجي. سندس شاعريء ۾ اوسيئڙو به آهي ته التجا به آهي، سندس شاعريء ۾ بيقراري به آهي ته انتظاري به آهي سندس شاعريءَ ۾ محبت جو هڪ معراج نه پر کوڙ سارا معراج موجود آهن . هو عاشق به آهي ته معشوق به.سندس هن نهايت ئي دلڪش غزل مان اهي سُرور ڏيندڙ جذبا پڙهي اندازو لڳايو ته هُن جي شاعريءَ ۾ مجاز جي مستيءَ جو ڪو ڇيهه ئي ڪونهي سندس شاعريءَ جا لفظ سدائين رقص ڪندي نظر ايندا آهن.

ڳالهه نڪتي آ صنم زُلف سنوارڻ تائين
شوخ نظرن کان وٺي تُنهنجي نهارڻ تائين !


نثار احمد ناز جي شاعري زماني جي بي واجبين، ستم ظريفين ۽ ڏاڍاين جي به عڪاسي ڪري ٿي. هو اهڙن ڏکن، ڏوجهرن کي پنهنجي شعرن ذريعي ڄڻ ته زبان مهيا ڪري ڇڏي ٿو.

ڪيڏا نه آهيون سادا صفا سادگيون وڪڻون
انڌن جي اچي شهر ۾ پيا آرسيون وڪڻون


سر عام ڏئي هوڪا چَون چوڪ تي دلبر
بُک پيٽ جي خاطر ٿا اسان دلبريون وڪڻون


سندس شاعريء جو ڪتاب 208 صفحن تي مشتمل آهي جنهن ۾ غزل، نظم، وايون ۽ ڪافيون شامل آهن. ٽائيٽل بابر عظيمي جوڙيو آهي. ڪتاب جي شروعاتي 75 صفحن تي 17 شخصيتن جا رايا ۽ لکڻيون پڻ شامل آهن. اميد آهي ته نثار احمد ناز جي هن ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ دوست مثبت رايا موڪلي ، سنڌ سان محبت ڪندڙ هِنَ شاعر جي همت افزائي ۽ حوصلا افزائي ضرور ڪندا. نثار احمد ناز لاءِ دعا آهي ته هو پنهنجي قلم کي اظهار جو هڪ موثر هٿيار بنائي اڃان به لکندو رهي ۽ سنڌ امڙ جو حلالي پُٽ ٿِي سنڌ مٺيءَ سان ٿڃ جو ناتو نڀائيندو رهي .

فيسبوڪ رائونڊ اپ - 4


فيسبوڪ رائونڊ اپ - 4

محمد سليمان وساڻ


هن هفتي جسمم ضلعي گهوٽڪي جي صدر صاحب خان گهوٽي جي تشدد ۾ ايجنسين هٿان قتل ٿيڻ واري واقعي تي ڏک، صدمي ۽ ڪاوڙ وارو تاثر رهيو.ان حوالي سان سنڌ سلامت لکيو ته ”سنڌ جي نوجوانن جا چچريل ۽ تشدد ٿيل لاش ملڻ جو سلسلو پراڻو آهي. رياست سدائين ڪوشش ڪئي ته اهڙين بزدلانا ڪارواين ذريعي سنڌ جي هٿين خالي نوجوانن کي هيسائي انهن کي خاموش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي، پر تاريخ اهو سڀ غلط ثابت ڪيو آهي. تون روز لاش ڏين ٿو پر نوجوان پتنگ جيان نثار ٿيندا رهن ٿا. رياست جي اهڙي شرمناڪ عمل تي ڇا لکجي جڏهن هو طالبان سان ته ڳالهيون ڪن ٿا جن انهن جي سوين فوجين ۽ سيڪيورٽي تي مقر ماڻهن جون سسيون لڻي انهن کي بنا ڪفن درگور ڪيو آهي پر هو سنڌين ۽ بلوچن جي پر امن ۽ سچائي واري واٽ کي هر وقت دٻائي انهن کي روز لاش موڪلين ٿا.

ساگر سهندڙي جي اها ڳالهه خوب شيئر ٿي جنهن ۾ هن جپاني ريسرچ جو حوالو ڏيندي لکيو آهي ته جاپاني ڪوب سٽي يونيورسٽي جي فارن اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ جي تحقيق موجب سوشل ويب سائٽس جي استعمال سبب دنيا ۾ خودڪشي جي رجحان ۾ گهٽتائي آئي آهي. دنيا جا ماڻهو پنهنجا مسئلا ۽ مونجهارا ٻين سان شيئر ڪن ٿا جنهن سبب کين ڪٿان همت ۽ ڪٿان نيون سوچون ملن ٿيون.سنڌي شاعري جي فيسبوڪ تي شيئرنگ جي حوالي سان هدايت بلوچ جي تحرير اهميت جوڳي ۽ اصلاحي هئي پر ان تي به مختلف ماڻهن جا منفي ۽ مثبت رايا سامهون آيا. هدايت بلوچ لکيو ته ”اهڙا دوست به شاعري ڪري رهيا آهن جن کي سنڌي صورتخطي به لکڻ نه ٿي اچي. افسوس ٿيندو آهي. جڏهن هو’خ‘ کي ’ک‘ لکندا آهن. ’ش‘ کي ’ڇ‘ ۽ ’ض‘ کي ’ز‘ لکندا آهن. وڌيڪ افسوس ان تي ٿيندو آهي ته چڱا ڀلا شاعر ۽ ليکڪ انهن تي واھ واھ ڪندا آهن. ڪو به خير خواھ انهن جي غلط صورتخطي جي تصحيح ڪرڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي..“

سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم هن هفتي به فيس بوڪ تي جاري رهي ۽ سڄي سنڌ ۾ ادبي سنگت ۽ سماجي ۽ سياسي تنظيمن جي سرگرمين جو تصويري رپورٽون هر ڏينهن شايع ٿينديون رهيون. 21 فيبروري تي قومي ٻولين جي ڏينهن جي مناسبت سان دوستن پنهنجي فسبوڪ جا ڪور ۽ پروفائل تصويرون به سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي سلوگن تحت سجايون. سليمان وساڻ لکيو ته جيڪڏهن سرڪاري سطح تي سنڌي کي قومي ٻولي جو درجو نه به ڏين ٿا ته ان سان اسان تي ڪوبه فرق نه پوڻ گهرجي. ڇو ته سنڌي اسان جي مادري زبان هجڻ ڪري اسان جي قومي ٻولي آهي. سنڌي قوم کي اها اپيل ڪندس ته خدارا پنهنجي ٻارن کي ڀلي اوهان ڪهڙن به اسڪولن ۾ پڙهايو، پر انهن کان پنهنجي مادري ٻولي پڙهڻ جو حق نه کسيو، نه ته اهي اوهان کي زندگي ڀر معاف نه ڪندا.

قومپرستي، سنڌ پرستي، عوامي پارٽي، عوام جي خدمت وارين مختلف لکڻين، تصويرن ۽ نعرن جي موٽ ۾ نثار ابڙي پنهنجي ٽائيم لائين تي لکيو ته ”اي سنڌ جا سڄڻ جي تون چاهين ٿو ته تنهنجي قوم آزاد، خوشحال ۽ دنيا ۾ عزت جو مقام حاصل ڪري ته تنهنجي ڪلهن تي قوم جي عزت ڪرڻ جو بار پيل آهي، پنهنجي قوم سان پيار ڪر، قوم جي ماڻهن جي ڏکن سکن ۾ ڀاڱيوار ٿي، انهن جي عزت نفس جو خيال ڪر،انهن جي مال متاع جو نگهبان ٿيءُ، انهن جي عزت ۽ ننگ جي حفاظت ڪرڻ سک، هنن جي ڏکن تي ارهو ۽ خوشين تي گد گد ٿيءُ. اي سنڌ جي آزاديءَ ۽ عزت جا رکوالا پاڻ کي قوم لاءِ اهڙي ڪردار جو مالڪ ٺاهي ڇڏ جهڙي صلاح اسانجي بزرگن اسانکي ڏني هئي.“

اسان جي معاشري جي بگاڙ جو هڪ سبب منافقي به آهي، ماڻهن هاڻ سچ چوڻ ڇڏي ڏنو آهي. پر ان جي برعڪس فيس بوڪ آزادي ڏني آهي ته سچ چئو ۽ سچ لکو. ان تي ماڻهن کي آماده ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڦلجي اسٽيشن مان عارف جهتيال لکيو آهي ”توهان ان وقت ئي سڀني کي سچ چئي سگهو ٿا، جڏهن توهان جو ڪنهن ۾ به ڪنهن به قسم جو مفاد نه هوندو. هر شهر ۾ صرف اهڙا پنج ماڻهو هجن ته به گهڻو ڪجهه ٿي سگهي ٿو باقي جاهلن جي هُجوم جي ته اسان وٽ کوٽ ئي ناهي..“. هن هفتي به سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌي اي بوڪ ۾ نوان ڪتاب شامل ڪيا ويا، جن ۾ ماڻهو (بدر ابڙو)، ڌرتي منهنجو گهر(ڊاڪٽر محبت ٻرڙو)، سنڌي لوڪ گيت (ٻوليء جي اوسر)، جمهوريت، صحافتي اخلاقيات ۽ ميڊيا (جامي چانڊيو) ۽ انت کانپوء (راشد بروهي) شامل آهن.

روزانه عوامي آواز 24 فيبروري 2014
___

February 17, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 3

فيس بوڪ رائونڊ اپ 3

محمد سليمان وساڻ


سوشل ميڊيا خاص ڪري فيسبوڪ تي خبرن جي جلدي اچڻ ۽ کليل طور بحث مباحثي سبب ڪجهه مثبت نتيجا به ملي رهيا آهن. فيسبوڪ تي ڪيتري ئي عرصي کان تعليم بابت جيڪا جاڳرتا مهم هلي رهي آهي ان جو اثر پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کان نڪري ايوانن تائين پهتو آهي، اهوئي سبب آهي جو سنڌ اسيمبلي ۾ ان تي مدلل بحث ٿيو آهي. تعليم بابت جاڳرتا مهم تعليم سنواريو سنڌ بچايو جي نعري تحت سنڌ سلامت، رائيزنگ سنڌ، سگا جي پيجز سميت ڪيترائي دوست مسلسل لکي رهيا آهن. ذوالفقار واهوچي جي پوسٽ صحافي ماسترن کي اسڪول پهچايو ، سنڌ جي تعليم بچايو تي ڊگهو بحث مباحثو ٿيو آهي. هن اهو به لکيو آهي ته ”سنڌ جي موجوده صورتحال جو ذميوار عام ماڻهو نه پر سنڌ جو ساڃاھ وند آهي جيڪو صرف پنهنجي لاء جيئي ٿو“. سنڌ معاشي طور هڪ زرعي صوبو آهي پر ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي سواءِ مٺل جسڪاڻي جي ٻيو ڪو به ماڻهو نه ته لکي ٿو ۽ نه ئي ڪا اضافي ڄاڻ ڏئي ٿو. ان سلسلي ۾ دوستن کي لکڻ جي ضرورت آهي.

سنڌ جي ادبي ادارن جي ڪارڪردگي ۽ انهن جي پوئتي هجڻ جي سببن تي به خوب لکيو ويو ۽ اهو مطالبو ڪيو ويو ته اهڙن ادارن ۾ سياسي مداخلت بند ڪري اهل ماڻهن کي مقرر ڪيو وڃي. گذريل هفتي منعقد ڪيل ڪراچي لٽرري فيسٽيول جون تصويري جهلڪيون خوب شيئر ٿينديون رهيون. هن هفتي فيسبوڪ تي هدايت بلوچ جي ڪالمن جي ڪتاب ”يادگيرين جا البم“ ۽ ساحر راهو جي شاعريء جي ڪتاب ”دل جي ڳلي“ ڇپجڻ بعد تعارفي سلسلو جاري رهيو. هوڏانهن سڄي ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ مذهبي انتها پسندي ۽ دهشتگردي تي به خوب لکيو پيو وڃي. سنڌ جيڪا سيڪيولر ۽ صوفي منش ماڻهن جي ڌرتي آهي اتي مذهب جي نالي تي اقليتن سان ٿيندڙ زيادتين، هندن جي ڪجهه خاندانن جي ڀارت ڏانهن لڏپلاڻ به اهم موضوع رهيا. ان سلسلي ۾ اها به مهم هلي آهي ته سڀ گڏجي ان جو ڪو حل ڪڍون. اسد چانڊيو لکي ٿو ته ”مذهبي ٺيڪيدارن هٿان سنڌي سماج جي ٿيندڙ تباهيءَ آڏو بند ٻڌڻ لاءِ مان سنڌ ۽ سنڌين جي سيڪيولر ۽ قومي سوچ جي نمائندگي ڪندڙ هر ڌر سان ملندس. سنڌُ سڀن جي آهي، ان کي بچائڻ جو فرض به سڀن جو آهي، دعوت به سڀن کي ڏبي. مُنهنجي پوري ڪوشش هوندي ته، حيدرآباد ۾ يارهن مارچ تي ٿيندڙ ڪانفرنس مان سنڌ کي ڪجه ”عمل“ ملي، فقط ”خبرَ“ نه“.

سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا جي حوالي سان هن هفتي به فيسبوڪ تي دوستن جي مهم جاري آهي ۽ اهو ڀرپور مطالبو ٿي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي ۽ اسانکي به گهرجي ته پنهنجي ٻولي جي حفاظت ڪندي ان کي بگاڙ کان بچايون. سنڌ سلامت ان حوالي سان لکيو آهي ته هڪ طرف ته اوهان سنڌي ٻولي تي سياست ٿا ڪيو پر ٻئي طرف پنهنجي ٻارن کي سنڌي به نه ٿا پڙهايو، تنهنڪري سنڌي قوم کي اها وينتي آهي ته خدارا پنهنجي ٻارن کي ڀلي اوهان ڪهڙن به اسڪولن ۾ پڙهايو، پر انهن کان پنهنجي مادري ٻولي پڙهڻ جو حق نه کسيو، نه ته تاريخ ۽ اهي ٻار اوهان کي زندگي ڀر معاف نه ڪندا.شاعريء جي حوالي سان فيسبوڪ تي تمام گهڻيون سرگرميون ٿي رهيون آهن جن ۾ ڊزائن شاعري هڪ خاص مشغلو بڻجي ويو آهي. سنڌي شاعري ڪارنر، بزم سخن فيسبوڪ، ساوا ۽ سنڌ سلامت جي گروپس سان گڏ ڪيترائي شاعر دوست به پنهنجي پنهنجي ٽائيم لائين تي شاعري پوسٽ ڪري خوب داد حاصل ڪن ٿا. نه صرف اهو پر ساڳي شاعري اخبارن ۽ رسالن جي به زينت بڻجي ٿي. هن هفتي فيسبوڪ تي رضوان گل، احسان دانش کي جنم ڏينهن جي حوالي سان خوب ڀيٽائون ۽ نيڪ خواهشون پيش ڪيون ويون.

محبت جي عالمي ڏينهن ويلنٽائن ڊي تي فيسبوڪ تي مليل جليل رجحان نظر آيو. ڪجهه ماڻهن ان کي انسانن سان محبت جو ڏينهن، ڪجهه دوستن ان کي محبوب سان محبت جو ڏينهن ته گهڻن وري ان ڏينهن کي ڌرتي سان محبت جي عالمي ڏينهن طور ملهايو پر ڪجهه ماڻهن ان کي مذهبي حوالي سان بگڙيل رسم جو نالو ڏنو. حسين بخش ٿيٻي لکيو ته ”محبت ڪهڙي به رنگ ۾ هجي اها فتوائن جي محتاج نه هوندي آهي. هي اهڙو عظيم جذبو آهي جنهن جا سڀئي اظهار محبوب آهن.“ فيسبوڪ جي آنلائين ڪتاب گهر نالي سان موجود گروپ گهڻو سرگرم آهي، جتي ڪيترائي ڪتاب پي ڊي ايف جي صورت ۾ اپلوڊ ٿي رهيا آهن

روزانه عوامي آواز 18 فيبروري 2014
___

February 16, 2014

سنڌي ادبي سنگت پاران ڪراچي ۾ ڪوٺايل ٻولي ڪانفرنس جو احوال

سنڌي ادبي سنگت پاران ڪراچي ۾ ڪوٺايل ٻولي ڪانفرنس جو احوال

محمد سليمان وساڻ


21 فيبروري سڄي دنيا ۾ مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي. سنڌي ٻولي جيڪا هڪ قوم جي مادري ٻولي آهي، جنهن جا ڪروڙين ڳالهائيندڙ آهن پر اڃا تائين قومي ٻولي جو درجو ناهي ماڻي سگهي. سنڌي ادبي سنگت هر سال پهرين کان 21 فيبروري تائين سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارائڻ لاء جاڳرتا مهم هلائيندي آهي، ان ئي سلسلي ۾ ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ 8 فيبروري 2014 تي سنڌي ادبي سنگت پاران سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۽ آرٽس ڪائونسل جي سهڪار سان “پاڪستان ۾ قومي ٻولين جا حق ۽ انهن جا مسئلا” جي عنوان هيٺ ملڪي ليول جي ٻولي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. هن ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي اڪثر ٻولين جا ناميارا دانشور، ليکڪ ۽ محقق شريڪ ٿيا. سڀئي ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته هزارين سالن جي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏئي اردو کي رابطي جي ٻولي بڻايو وڃي. ان ڳالهه جو به يڪراء مطالبو ڪيو ويو ته ملڪ جي مادري ٻولين سنڌي، پشتو، بلوچي، پنجابي، سرائيڪي ٻولين کي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ لازمي پڙهايو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ آئين تي عمل ڪري اڃا به بهتر قانونسازي ڪئي وڃي.

سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل مشتاق ڦل چيو ته پاڪستان جي سڀني صوبن جي ماڻهن جي ٻولين کي قانوني حق ڏيارڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت پاران هر سال جاڳرتا مهم هلائي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي آئين ۾ مادري ٻولي کي قومي ٻولي واري حيثيت ڏنل آهي پر ان تي عمل ڪرڻ کان رياست لنوائي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ جي ساڃاهه وندن کي ٻوليءَ جي حوالي سان ڪيئي خدشا آهن جن کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. قانوني ماهر بئريسٽر ضمير گهمري چيو ته پاڪستان جي برطانوي قانون ۾ ٻولين کي صوبائي رياست قرار ڏنو ويو هو ۽ ان حساب سان صوبن کي اها مڪمل اختياري آهي ته اهي پنهنجي صوبي لاء ڪابه ٻولي قومي ٻولي طور لاڳو ڪن ۽ ان کي صوبائي رابطي جي ٻولي قرار ڏين پر صوبا هميشه وفاق جي اثر هيٺ رهندا آيا آهن. جڏهن بنگال جي عوام ڏٺو ته هنن جي ٻولي سان نا انصافي ٿي رهي آهي ته انهن جي ٻوليءَ لاء هلايل جدوجهد الڳ ملڪ جي گهر ۾ تبديل ٿي وئي. جيتوڻيڪ ان جدوجهد جي نتيجي ۾ 1956ع ۾ اردو ۽ بنگالي ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏنو ويو، پر پوءِ دير ٿي چڪي هئي. نامياري دانشور جامي چانڊيي چيو ته هي دور حڪمت عملي جو دور آهي پر هي رياست پنهنجي پابندي مڙهيل دهشت گرد تنظيمن سان امن جون ڳالهيون ڪرڻ نڪتي آهي. اهڙي حڪومت ۽ رياستي ادارن کان قومي ٻولي جو مطالبو ڪرڻ اجايو آهي. هن چيو ته اسان جون ٻوليون امير ٻوليون آهن، قائم ۽ دائم آهن، انهن کي مرڻ جو ڪوبه خطرو ناهي ڇو ته مادري زبان ڪڏهن به مرڻي ناهي. جامي چانڊيي چيو ته سنڌ ۾ سنڌي ٻولي جي تباهيءَ ۾ حڪومتون خاص ڪري پ پ پ ذميوار آهي ۽ ان سان گڏ سنڌي ميڊيا به ذميوار آهي جنهن ٻوليءَ جي بگاڙ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

پشتو زبان جي ليکڪ ۽ دانشور سليم راز چيو ته پشتو 5 هزار سال پراڻي ٻولي آهي ان ڪري اسان جو به حق بڻجي ٿو ته پشتو زبان کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي. هن چيو ته پاڪستان جو قيام قومن سان ٿيو آهي ان ڪري هاڻي حڪومت جو اهو فرض آهي ته اهي صوبن ۾ گهڻي ڳالهائيندڙ زبانن کي قومي ٻولي طور تصور ڪري ان کي قانوني شڪل ڏين. ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي ڊپٽي سيڪريٽري منظور اڄڻ چيو ته زبانن وارو مسئلو اسان جي ملڪ جو قومي مسئلو آهي ۽ اهڙي اهم مسئلي کي سلجهائڻ کانسواءَ جمهوريت جون پاڙون پختيون نه ٿيون ٿي سگهن. پنجابي ٻولي جي ليکڪ ۽ دانشور افضال بيلا جو چوڻ هو ته اوهان سنڌي خوشقسمت آهيو جو سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ۽ نصاب آهي، اوهان جون اخبارون ۽ مشهور ٽي وي چينل موجود آهن. ان جي ابتڙ هڪ ڊگهي عرصي تائين اسان پنجاب وارا بدنصيب آهيون جو 10 ڪروڙ آبادي واري صوبي ۾ پنجابي ٻولي کي ڪا به اهميت ناهي. هن چيو ته اهو جائز مطالبو آهي ته قومي ٻولين کي سندن جائز حق ڏنو وڃي. بشرا ناز چيو ته اسان جي پنجابي ٻولي کي انگريزن به تسليم ڪيو، بابا فريد کان شاهه حسين تائين پنجابي ۾ شاعري موجود آهي، هن چيو ته اسان سنڌي ادبي سنگت جا شڪر گذار آهيون جنهن ملڪي ليول تي ٻولين جي حقن لاءِ هيءِ گڏجاڻي ڪوٺائي آهي ۽ سدائين متحرڪ رهن ٿا. ليکڪ ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته بمبئي سان الحاق وقت به سنڌ ۾ اردو پڙهڻ جي ڳالهه ٿي هئي پر صرف ٻن شخصيتن جي لکپڙهه سبب ان وقت انگريز سرڪار مجبور ٿي ان تان هٿ کنيو هو. هن چيو ته هاڻ به اهڙي ئي تحريڪ ذريعي سڀني ٻولين جي دانشورن سان گڏيل جدوجهد ڪري اسان ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏياري سگهون ٿا. انجمن ترقي پسند مصنفين جي سرواڻ ۽ ترقي پسند ليکڪ مسلم شميم چيو ته ملڪ جو اصل مسئلو سيڪيولرزم کان هٽڻ سبب پيش آيو آهي. هن چيو ته قائد اعظم کي صلاحون ڏيڻ وارا غلط ماڻهو هيا جن اردو کي قومي ٻولي جو درجو ڏياريو جيتوڻيڪ هو پاڻ به اردو کان واقف ڪونه هو. هن چيو ته هزارين سالن جي تهذيب رکندڙ ٻولين کي ئي قومي ٻوليون قرار ڏنو وڃي. پروگرام جي ڪمپيئرنگ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ڪئي جڏهن ته هڙتال هجڻ باوجود به ڪيترن ئي ليکڪن، شاعرن ۽ ساڃاهه وندن ٻولي ڪانفرنس ۾ شريڪت ڪئي.

فيسبوڪ رائونڊ اپ - 2

فيسبوڪ رائونڊ اپ - 2
محمد سليمان وساڻ

هن هفتي فيسبوڪ جي ڏهين سالگرهه جي حوالي سان مختلف دوستن به فيسبوڪ جي باني مارڪ زوڪر برگ ۽ سندس ٽيم جا ٿورا مڃيا ته هنن جي ئي محنتن سبب اڄ اسان بي خوف ۽ آزاد انداز سان پنهنجا ويچار ونڊي رهيا آهيون. ان حوالي سان عبدالحفيظ لغاري ۽ وفا منور زئور خاص لکڻيون پيش ڪيون جن تي گهڻن ئي دوستن پنهنجا رايا ڏنا. وفا منور لکيو ته ” ڪڏهن ڪڏهن فيس بڪ مونکي پهرين، ٻين ۽ ٽين دنيا کان به مختلف ڪا چوٿين، هڪ عجيب ۽ منفرد دنيا لڳندو آهي. بلڪل هڪ يوٽوپيائي دنيا وانگر، هڪ اهڙي دنيا جنهن تي سڀني رهواسين جا هڪ جيترا حق لاڳو ٿيل آهن. هن لکيو ته آئون سلام پيش ڪريان ٿو فيس بڪ جي ايجاد ڪندڙ مارڪ زوڪربرگ کي جنهن حيقيقي طور تي نه ئي سهي پر خيالي طور تي ئي مون جهڙن ادنا ماڻهن کي وڏي آبرو ۽ رتبو بخشڻ جو هڪ ذريعو پيدا ڪري ڏنو
فيسبوڪ تي سنڌين جي هڪ عالمي ادبي تنظيم سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن (ساوا) جي سالگرهه جي سلسلي ۾ سندن گروپ، پيج ۽ ڪيترن ئي ليکڪن، شاعرن پاران مختلف والپيپر ۽ بينرلڳائي ساوا جي ادبي خدمتن جي مڃٽا ڏني. ان سان گڏ هندستان ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ مشاعرا ۽ ادبي پروگرام به ٿيا. ساوا جو مقصد فيسبوڪ تي موجود سڀني سنڌين کي هڪ ئي ڌارا ۾ آڻي انهن جي ڪاوشن، لکڻين ۽ بحثن کي گڏ ڪري انهن جي رهنمائي ڪرڻ آهي. فيسبوڪ جي هڪ اهم سرگرمي هئي سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي جاڳرتا لاء هلايل تحريڪ. ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري مشتاق ڦل، مختلف عهديدارن، ٽنڊي محمد خان مان نثار احمد ناز، گهوٽڪي مان پريم پتافي، سنڌ سلامت، ساوا ۽ ٻين فيسبوڪ گروپس ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي قرار ڏيڻ لاء ڪيتريون ئي تصويرون، بينر ۽ لکڻيون پيش ڪيون ويون. جيڪو سلسلو اڃان جاري آهي. هن هفتي خوبصورت تخليقڪار ۽ شاعر احمد سولنگي جي ڪتاب خواب آوارا پکي ڇپجڻ تي کيس واڌاين ڏيڻ سان گڏ سندس ڪتاب جو چرچو رهيو. ڪراچي لٽرري فيسٽيول جي حوالي سان به فيسبوڪ تي خوب شيئرنگ ٿيندي رهي آهي.
هن هفتي به تعليم بچايو سنڌ بچايو جي سلوگن تحت ڪيترن ئي دوستن پنهنجا رايا ڏنا ۽ ان ڳالهه تي بحث ٿيندو رهيو ته تعليم جي تباهي جو اصل ذميوار ڪير آهي. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مالڪن کي به ذميوار ڄاڻايو ويو ڇو ته ڪيئي صحافي استاد هوندي ڪاليجن ۽ اسڪولن ۾ پڙهائڻ بدران سڄو ڏينهن ميڊيا تي صحافين طور خدمتون پيا ڏين. ان سلسلي ۾ سنڌ ٽائمز جي پيج تي حيدرآباد ۾ ٿيل تعليم بچايو ريلي جي ان تصوير گهڻي مقبوليت ماڻي آهي جنهن ۾ هڪ شخص بينر کڻي احتجاج ۾ شامل آهي جنهن جو عنوان آهي ”صحافي استادو، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهايو.“ هوڏانهن مهراڻ ٽي.وي ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) پاران گهوٽڪي ۾ تعليمي هفتو ملهائڻ واريون سرگرمين کي به خوب پذيرائي ملي آهي.
سنڌ فيسٽيول جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي هن هفتي به مليل جليل رجحان نظر آيو. سهيل ميمڻ، ابراهيم هنڱوري سميت ڪيترن ئي دوستن سنڌ فيسٽيول کي هڪ ڍونگ قرار ڏنو. ٻئي طرف احمد سومري، شاهده جماڻي، ستار ڀٽي ۽ راشد سومري سميت ڪافي دوستن اهو اظهار ڪيو ته گهڻين خامين هوندي به سنڌ فيسٽيول ذريعي سنڌي ثقافت جي اپٽار ٿي آهي. ان سلسلي ۾ احمد سومري لکيو ته ”تاريخي ماڳن کي نقصان رسائڻ وارو عمل يقيناً چڙ ڏياريندڙ آهي. ان جي وڌ ۾ وڌ مذمت ۽ تنقيد ٿيڻ گهرجي؛ پر ان سبب ثقافت کي اجاگر ڪرڻ واري ڪنهن عمل جي مخالفت غيرضروري آهي. سنڌ ثقافتي فيسٽيول پنهنجو پاڻ ۾ ڪي مثبت پهلو بہ رکي ٿو؛ جنهن جا مثبت اثر، سنڌ جي شهري علائقن ۾ خاص طور ظاهر ٿيندا. ڪراچيءَ ۾ هن فيسٽيول جي چوٻولن، علامتي ئي سهي، پر سنڌ جي وحدت ۽ ثقافت جي شعور کي بيحد اجاگر ڪيو آهي.
ڪراچي ۾ قومپرست ڌرين خاص ڪري سنڌ ترقي پسند پارٽي جي 9 فيبروري واري سنڌ منهنجي امان ريلي ۽ 23 مارچ تي جسقم جي فريڊم مارچ بابت به فيسبوڪ تي پروموشن ۽ پبلسٽي ٿي رهي آهي. ملير جي 52  ديهن مان 43 ديهن جي زمين جيڪا بحريا ٽائون جي حوالي ڪئي وئي آهي (يا زوري خريد ڪئي وئي آهي) ان حوالي سان عوامي آواز ۾ آيل رپورٽ بابت به فيسبوڪ تي ڪيترن ئي دوستن ويچار ونڊيندي ان کي سنڌين خلاف هڪ وڏي سازش قرار ڏنو. ان سلسلي ۾ عبدالڪريم چانڊيي لکيو آهي ”ملير جون زمينون کاتيدار (اصلي ڌرتي ڌڻين) کان ڦري ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي کي مالڪي جو حق ڏنو آهي، ۽ اها انهن زمينن تي پلاٽنگ ڪري آبادڪاري ڪندي،۽ ملڪ رياض ان معاملي ۾ سڀني کان اڳڀرو آهي . ڇا اهو عمل سنڌي قوم کي هڪ ئي ڌڪ سان ختم ڪرڻ وارو معاملو ناهي ؟ نه هوندا سنڌي ماڻهو ۽ نه وري ڪندا رڙيون ۽ رينگٽ؟ ياد رهي ته اڳي به واڳ ڌڻين ڪي .ڊي .اي ٺاهي لکين پلاٽ جوڙي انهن تي لکين ڌارين ماڻهن کي آباد ڪيو. جنهن ڪري اڄ هرڪو لوٺيو ۽ رولاڪ سنڌ کي چيرڻ، ڦاڙڻ ۽ ورهائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو آهي. اسان تصور به نه ٿا ڪري سگهون ته انهيءَ زمين تي جيڪي ماڻهو آباد ٿيندا، اهي اصلي سنڌي نه هوندا، پر ڌاريان هوندا، جيڪي هڪ ئي ڳيت سان اسان جي نسلن کي ڳڙڪائي ويندا. تنهنڪري اچو ته سڀ کان اول ڌارين جي آبادڪاري کي روڪڻ جي ڪوشش ڪريون ۽ پوءِ ٻين مرضن جو علاج ڪريون.

هن هفتي سکر ۾ پني عاقل واسڻ حوا جي ڌيء سان ٿيندڙ بدتميزي، تذليل ۽ تشدد واري خبر به باهه جيان ڦرندي رهي. ان ڳالهه تي خوب ڇوهه ڇنڊيا ويا ته هاڻ ماڻهن مان ماڻهپو ختم ٿيندو وڃي جو ڪوبه ماڻهو نياڻيءَ سان سر عام ٿيندڙ تشدد تي مدد لاء اڳتي نه ٿو اچي. نه صرف اهو پر دانشورن تي به ڇوهه ڇنڊيا ويا جن هن اهم خبر تي پنهنجي قلم کي ماٺار ۾ رکيو. فيسبوڪ جي آنلائين ڪتاب گهر نالي سان موجود گروپ گهڻو سرگرم آهي، جتي ڪيترائي ڪتاب پي ڊي ايف جي صورت ۾ اپلوڊ ٿي رهيا آهن. هن هفتي فيسبوڪ تي رحمت پيرزادي، محمد علي پٺاڻ، حيدر دريا، اياز امر شيخ، رشيد سمون، امر ساهڙ ۽ عبدلماجد ڀرڳڙي کي جنم ڏينهن جي مناسبت سان ڀيٽائون پيش ڪيون ويون.

February 04, 2014

فيسبوڪ رائونڊ اپ

فيسبوڪ رائونڊ اپ

محمد سليمان وساڻ

سوشل ميڊيا جيڪا پاڪستان ۾ تيزي سان مقبوليت ماڻي رهي آهي اتي سنڌي ماڻهن جو به هڪ وڏو تعداد پنهنجي لکڻين، شاعري ۽ تخليقن سان گڏ فيس بوڪ تي موجود آهي. فيس بوڪ تي جتي لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي مڪمل آزادي آهي اتي اسان کي ڪيئي لڪل ڪهاڻيون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون جيڪي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي محدود وسيلن سبب پيش ٿي نه ٿيون سگهن يا وري سينسر پاليسي جي حوالي ٿي وڃن ٿيون. فيس بوڪ تي هن هفتي جي شروعات ئي سنڌ فيسٽيول جي تڪراري هجڻ سان شروع ٿي جنهن ۾ مختلف ليکڪن ۽ فيس بوڪ پيجز جي ايڊمن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته سنڌ فيسٽيول سنڌ جي ثقافت جي ترجماني ڪانه پئي ڪري. اهوئي سبب هيو جو بلاول ڀٽو زرداري سميت بلاول هائوس ۽ پ پ پ قيادت گهڻو ڪري تنقيد هيٺ رهيا. ان صورتحال تي وڌيڪ تنقيد تڏهن ٿي جڏهن امداد حسيني، بدر ابڙي ۽ صنم ماروي جا اهي بيان سامهون آيا ته هنن کي سنڌ فيسٽيول جي ڪابه دعوت ناهي. ساڳي وقت فيس بوڪ جي دوستن ۾ اها ڪاوڙ ۽ پريشاني واري لهر اڀري جڏهن موهن جو دڙو تي رکيل افتتاحي اجلاس لاءِ اسٽيج ۽ پنڊال جي تيارين لاءِ اتي موجود تاريخي کنڊرن مٿان ڪم ٿيڻ واريون تصويرون شيئر ٿيون. آصف رضا موريو، اسحاق انصاري، نثار ميمڻ، مشتاق راڄپر، نصير ميمڻ، ذوالفقار هاليپوٽي، حسين بخش ٿيٻي، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام، رائيزنگ سنڌ، يوٿ آف سنڌ سميت هزارين دوستن اهڙي رويي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ته هزارين سالن جي تاريخي ورثي کي سنڌ فيسٽيول جي نالي تي تباهه ۽ برباد ڪيو پيو وڃي. فيس بوڪ تي اٿاريل مهم کانپوءِ سول سوسائٽي به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو ۽ ڳالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ تائين وڃي پهتي، جنهن کانپوءِ بلاول ڀٽو ۽ شرميلا فاروقي موهن جو دڙو پهتا ۽ ڪم جو جائزو وٺندي اطمينان جو اظهار ڪيو پر دانشور ۽ سول سوسائٽي پنهنجا خدشا پيش ڪندي رهي. سنڌ فيسٽيول جي افتتاحي رنگا رنگ تقريب به موهن جي دڙي ۾ ٿي جنهن ۾ رنگ برنگي رنگ ڏسڻ لاءِ مليا. سنڌ فيسٽيول جو فيس بوڪ پيج تقريب کي سنوارڻ لاءِ اپڊيٽ پيش ڪندو رهيو آهي.

نصير ميمڻ، اسد چانڊيي ۽ ٻين ڪيترن دوستن سنڌ يونيورسٽي ۽ شاهه عبد اللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلرز تي ڇتي تنقيد ڪندي لکيو ته 25 سالن جي پي ايڇ ڊي محنت بجاء هاڻ صرف وزارت حاصل ڪريو ۽ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيو. فيس بوڪ تي سلجهيل دوست حيران ۽ پريشان هئا ته سيد قائم علي شاهه، نثار کهڙي، خورشيد شاهه، آغا سراج دراني ڪهڙي علمي يا ادبي ڪم تي ان قابل بڻيا جو انهن کي يونيورسٽين پاران اعزازي پي ايڇ ڊي جون ڊگريون مليون. اسد چانڊيي لکيو: سنڌُ يونيورسٽي، سنڌُ ۾ تعليم پکيڙڻ لاءِ ”انقلابي قدم“ کڻي ڏيکاريو آهي. اسان جي مادرِ علمياڄ ”ميٽر ريڊر“ کي ”اعزازي ڊاڪٽريٽ“ ڏئي ڇڏي آهي. سنڌُ يونيورسٽي بلڪل صحيح فيصلو ڪيو آهي، سنڌ ۾ ”ڪاپي ڪلچر وارين جعلي ڊگرين“ جيان ” اعزازي ڊگريون“ به جعلي ماڻهن کي ڏيڻ ضروري هو.

سنڌي سنگت دبئي جي آشا چاند جو اسٽيٽس انڪري اهم ۽ قابل بحث رهيو جو ان ۾ هندستان ۽ ٻاهر رهندڙ سنڌين لاء سنڌي تعليم ۽ سنڌي سکيا بابت رايا طلب ڪيل هئا. هن لکيو ته “ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سنڌ ۾ سنڌي ٻولي سدائين قائم رهندي جو اُتي سنڌين وٽ پنهنجي زمين آهي. ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ جو واهپو وڃي پيو گهٽبو۽ سنڌي ٻوليءَ جي گم ٿي وڃڻ جو ڊپُ سڀني جي من ۾ آهي. ڀارت ۾ سنڌي سنڌيءَ ۾ ڳالهائڻ کان بهِ ڪيٻائين ٿا”. ان سلسلي ۾ سنڌي سنگت دبئي کي هدايت بلوچ ۽ سنڌ سلامت سميت ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجون خدمتون پيش ڪرڻ جو چيو. ان سلسلي ۾ انتظار آهي ته اڳتي ڪهڙا قدم کنيا ٿا وڃن.

هن هفتي تعليم بچايو سنڌ بچايو سلوگن سان فيس بوڪ تي هڪ بهترين مهم هلي آهي، جنهن ۾ مختلف دوستن سٺي انداز ۾ مشورا ڏنا آهن. سوشل ميڊيا جي سنڌي حلقي ۾ هن هفتي سنڌ جي هڪ نياڻي فضا علي ميراڻي جي اها تصوير سڀ کان وڌيڪ شيئر ٿي جنهن ۾ هو هڪ پوسٽر کڻي اها اپيل ڪري رهي آهي ته “مان سنڌ ڌرتيءَ جي نياڻي اپيل ٿي ڪريان تعليم بچايو سنڌ بچايو”. اها تصوير گهڻو ڪري سڀني ساڃاهه وند گروپس ۽ پيجز تي هلي آهي ۽ ان تي هزارين رايا آيا آهن. هوڏانهن عبدالواحد آريسر جو ايم ڪيو ايم جي حق ۾ آيل اهو بيان ته “الطاف سنڌ جو حلالي پٽ آهي ۽ ايم ڪيو ايم سنڌ سان سدائين وفا ڪئي آهي” هڪ نئين تڪرار جو سبب بڻيو. ڇو ته اڳ ئي اياز لطيف پليجي پاران هڙتال جي واپس ورتل سڏ تي مٿس شديد تنقيد ٿي هئي.

هوڏانهن فيس بوڪ جي عالمي سنڌي ادبي تنظيم “سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن فيس بوڪ (ساوا)” جي ٽين سالگرهه جي سلسلي ۾ پڻ سوشل ميڊيا تي مهم جاري آهي. هوڏانهن سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي سنڌي فورم سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پاران سنڌي اي بوڪس کي نيٽ تي آڻڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ هن هفتي ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا (جامي چانڊيو)، روشنيء جون اکيون (پريم پتافي)، روشني ئي روشني (جوهر بروهي)، ٻري جن ٻاري (خان محمد پنهور)، اسان پنڌ پريئن ڏي (عبدالحئي پليجو)، سوشلزم ڇا آهي (سيد رشيد احمد)، ڏات ڏيئا ٻاريا (لاڙڪاڻي جي 14 شاعرن جي شاعري) سميت ٻين ليکڪن جا ڪتاب به ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جي صورت ۾ آندا ويا آهن. هن هفتي فيس بوڪ تي جميل سومري جي شاعريءَ جي نئين ڪتاب ريشم جهڙا خواب جي ڇپجڻ سبب خوب شيئرنگ ٿي رهي آهي.

ٻئي طرف سنڌي شاعري جي مختلف گروپن، ڊزائن ٿيل شاعري سان گڏ ڪهاڻي ڪارنر ۾ پڻ ادبي ۽ تخليقي حوالي سان شاعر ۽ ليکڪ دوستن جون لکڻيون پيش ٿينديون رهيون آهن. فيس بوڪ تي سٺي لکڻين ۽ مثبت بحث مباحثي سبب پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا پڻ فيس بوڪ طرف توجهه ڏيڻ شروع ڪيو آهي ۽ اتان ملندڙ ترت خبرن ۽ رپورٽن جي تصديق ڪري خبرون ۽ رپورٽون پنهنجي ميڊيا جي زينت بڻائي رهي آهي. هوڏانهن سنڌ جي آرڪائيز ڊپارٽمينٽ ۽ ڪلچر ڊپارٽمينٽ پڻ فيس بوڪ تي پنهنجي پيجز ۾ سرگرميون شروع ڪيون آهن.
روزانه عوامي آواز 4 فيبروري 2014

January 24, 2014

تعليم جي سڌاري جي هاڻ ته اميد به ختم پئي ٿئي

تعليم جي سڌاري جي هاڻ ته اميد به ختم پئي ٿئي

محمد سليمان وساڻ

گذريل دور ۾ پير مظهر الحق جڏهن تعليم جو وزير هيو ته سنڌ ۾ تعليم جو نظام ۽ انتظام بري طرح تباهه ٿيندو رهيو. انتظامي امور کان وٺي تدريس جي عمل تائين ۽ ان کانسواء کاتي ۾ ڪيل ڀرتين ۾ به بنا ڪنهن ميرٽ جي ڀرتيون ٿينديون رهيون. نه صرف اهو پر راشي عملدارن پنهنجي وزير ۽ وڏي وزير کي بغير ٻڌائڻ بنا ئي هزارين ماڻهو ڀرتي ڪري ڇڏيا. نتيجي ۾ وزيرن ۽ آفيسرن جي الڳ الڳ ڀرتي ڪيل ماڻهن جو انگ خالي پيل جاين کان به ٽيڻ تي ويو. جعلي ڀرتيون ڪيترن ئي ضلعن ۾ ٿيون جڏهن ڪراچي ۾ سنڌي لينگيوئيج استادن جي ڀرتين ڪرڻ وقت به ڪجهه آفيسرن ۽ ڪجهه وزيرن جي ڪرپشن سبب ماڻهو ته ڀرتي ٿي ويا پر نه ته انهن کي پگهارون مليون نه ئي انهن جو مستقبل سنوريو.

نثار کهڙو تعليم جو وزير ٿيو ته مايوس قوم ۾ هڪ اميد پيدا ٿي هئي ته شايد هاڻ سنڌ جي تعليم جي ٻڏل ٻيڙي کي ڪناري رسائڻ جون ڪوششون ٿينديون، پر سڀ ڪجهه خوابن کانسواء ڪجهه ثابت ڪونه ٿيو. هاڻ ته سيڪريٽري تعليم پيچوهو صاحب ۽ وزير جي جهيڙي ۽ آفيسرن ۽ سيڪريٽري تعليم جي جهيڙي سبب سڄو نظام ختم ٿي چڪو آهي. وزير وٽ وزارت جي طاقت آهي ۽ سيڪريٽري کي وري پارٽي قيادت جي پٺ آهي، نتيجي ۾ وڙهن سان ۽ کُسن ٻوڙا وارو حساب ڪتاب لڳو پيو آهي. نه استاد پيا پڙهائن ۽ نه وري انتظامي امور پيا هلن. وزير آفيسرن ۽ استادن جي تنظيمن کي ذميوار ڄاڻائي جان پيا ڇڏائين ته هوڏانهن سنڌ جي تعليم بي يارو مددگار آخري پساهه پئي کڻي.

ايس ايل ٽي استادن کي 18 مهينن کان پگهارون ناهن مليون ۽ انهن مان ڪيترا ته باقائدگي سان اسڪول به وڃن ٿا ۽ ڪلاس به وٺن ٿا. هوڏانهن پارٽي قيادت وري ثقافتي شو جي چڪر ۾ اچي سڀ پئسا اوڏانهن لڳائڻ جي چڪر ۾ نئين ڪرپشن جي بازار کولڻ ٿي چاهي. ايترا سارا پئسا جيڪڏهن ڪنهن تعليمي اداري کي کولڻ ۾ لڳائجن ته هوند اسان وٽ هڪ بهترين ادارو کلي پوي. پر يار اسان ته هاڻي صرف رينگٽ ۾ خوش آهيون.

سنڌ حڪومت جي گذريل ۽ هاڻوڪي ڪارڪردگي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جو عوام ان ڌڻ مثل آهي جنهن جو ڪو ڌڻي نه هجي. پنجاب ۽ خيبر پخونخواهه ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن ۽ پلاننگ کي ڏسي اهو پيو سوچيان ته ڀلا پوء ڇو نه انهن سان گڏجي ڪو گڏيل نعرو هڻجي، ڇو ته هتي اسان وارن ته ڀينگ ڪري ڇڏي آهي. پر جڏهن اهڙي ڳالهه ڪبي ته سڀ آڱريون کڻندا ۽ غداري ۽ نائون مل جا نوان لقب ملندا. هاڻ اسان سان اها ڪار آهي ته ماٺ رهان ته مشرڪ ٿيان ڪڇان تان ڪافر. دنيا جا ترقي يافته ملڪ تحقيق ۽ تعليم ذريعي ئي جنگيون پيا لڙن پر اسان جي روايتي جاگيرداري ۽ وڏيرائپ واريون حڪومتون وري به پاڻ ڏي گوڏا سوري ڪمائڻ جي چڪر ۾ آهن. هاڻ ته اسان وٽ سنڌ ۾ ڪا اپوزيشن به ناهي جيڪا ڪو آواز اٿاري. ڇو ته هڪڙا وفاق جي ونگار پيا وهن ته ٻيا صوبي جي ڀيل پيا ڪن. الائي ڇو اهڙين حالتن ۾ تعليم جي سڌاري جي اميد به ختم پئي ٿئي.

January 15, 2014

سپنن جو انت : شاعريء جهڙيون ڪهاڻيون


رضوان گل جي ڪتاب تي تبصرو
سپنن جو انت : شاعريء جهڙيون ڪهاڻيون
محمد سليمان وساڻ

مون وٽ سندس سڃاڻ ته هڪ شاعر جي ئي هئي پر سندس مضمون، ڪالم ۽ خاڪا پڙهي حيرت ٿيندي هئي ته نثر به ڪيڏي نه سليقي سان ٿو لکي. پر پوء نيٽ تي ۽ مختلف رسالن ۾ سندس ڪهاڻيون به پڙهڻ لاء مليون. رضوان گُل اسان جي ٽهيء جو اهو اديب آهي جنهن شاعري، ڪهاڻي سميت مضمون ۽ مقالا لکي پنهنجو پاڻ مڃايو آهي. سندس تعلق ته هڪ ادبي گهراڻي سان آهي ئي پر هي فن ۽ هي ٽيلنٽ سندس ئي آهي جو پاڻ نوجوان ٽهي ۾ گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعري، مضمون، لغت جي ڪتابن کانپوء سندس ڪهاڻين جو ڪتاب سپنن جو انت مونکي الائي ڇو سپنن جي شروعات وانگر لڳو. ڪهاڻي جيڪا ادب جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو آهي ان کي پيش ڪرڻ جا هر ليکڪ وٽ پنهنجا انداز هوندا آهن. اسان وٽ ڪهاڻيڪار ته اڻ ڳڻيا آهن پر انهن مان عوامي مقبوليت تمام گهٽ ڪهاڻيڪارن کي ملي آهي يا اهڙي چند نالا ئي آهن جيڪي اسان کي ياد رهن ٿا. رضوان به مونکي لڳي ٿو ته ڪهاڻي صف جي انهن ليکڪن مان هڪ هوندو جيڪو سڀني کي ياد رهندو. هو پنهنجي ڪتاب لاء لکي ٿو ته هي ڪهاڻيون من جي شانتيء خاطر لکيل آهن پر يقين ڄاڻو ته رضوان هڪ انقلابي ماڻهو آهي، جنهن ادبي ۽ تعليمي ميدان ۾ گهڻن کي همٿايو آهي ۽ گهڻن کي صحيح رستي تي آندو آهي. مان به انهن مان هڪ آهيان جنهن کي هن ادب دوستي طرف آندو.

رضوان گل جي ڪتاب سپنن جو انت ۾ موجود ڪهاڻيون نه ته ديو مالائي ڪردارن تي مشتمل آهن ۽ نه ئي وري ڪي خيالي ڪهاڻيون آهن، پر اسان جي چوگرد گهمندڙ ڦرندڙ ۽ رهندڙ ماڻهن جي ڪردارن تي مشتمل آهن. اسان جي ئي معاشري جي عڪاسي ڪندڙ ڪهاڻيون آهن. اهڙيون ڪهاڻيون جن کي پڙهندي ماڻهو پاڻ کي به ان ئي ڪهاڻي جو ڪو ڪردار محسوس ڪري ٿو. ڪهاڻي لاء ضروري آهي ته اها پڙهندڙ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ۽ ان کي ڪهاڻي ۾ گم ڪري ڇڏي، اهوئي سبب آهي جو سندس ڪتاب هڪ ئي ساهيء ۾ پڙهي پورو ڪيم. هن ڪردارن جا مڪالما اهڙي ته انداز ۾ لکيا آهن جو انهن مان شاعري پئي جهلڪي ۽ لڳي ٿو ته هي ڪهاڻيون نه پر شاعري آهي. ڇو ته هو حساس شاعر به آهي تڏهن ئي ته هن لفظن جي چونڊ به توري تڪي ڪئي آهي. سندس ڪتاب ۾ استعمال ڪيل ٻولي به سادي ۽ سهڻي آهي، اها ٻولي جيڪا اسان جي عام ماڻهوء جي ٻولي آهي. هن ڪهاڻي کي فلاسافي بجاء سڌو سنئون پيش ڪيو آهي، جيڪا هڪ سٺي ڪوشش آهي. ٻيو ته هن ڪوشش ڪئي آهي ته ڪهاڻي ۾ يڪسانيت نه هجي، تنهنڪري مختلف ڪردار مختف ڪهاڻين ۾ مختلف روپن ۾ نظر اچن ٿا.
سندس ڪهاڻي بت بڻجي ويل شخص سوشل ميڊيا جي اصلي تصوير پيش ڪري ٿي، جتي ڪو بيوقوف بڻجي ٿو، ڪو احساس تي وار ڪري ٿو ته وري ڪو پاڻ کي مصروف رکڻ لاء ٻئي کي الجهايو ويٺو آهي. سندس ڪهاڻي ڇولين جو ماتم پڙهندي مونکي اڄوڪي دور جا مطلب پرست انسان ياد اچي ويا جيڪي لالچ جي انڌ ۾ اچي ڪنهن جي به اعتماد کي سولائيء سان ٺيس پهچائي سگهن ٿا. سندس ڪهاڻي سپنن جو انت ڪراچي جي موجوده حالتن جي صحيح عڪاسي ڪري ٿي، جتي روزانو ڪيترن ئي نوجوانن جي سپنن جو انت سندن زندگيء جي انت سان گڏ دفن ٿي وڃي ٿو. سندس ڪهاڻي پروفيسر اهڙي مطلب پرست ڀاء جي آهي جيڪو پنهنجي خوشين ۽ مجبورين عيوض رشتن جي تقدس کي به وساري ويهي ٿو. سندس ڪهاڻي منهنجو ارسلان پڙهندي لڳو ته ڄڻ مان ڪجهه وڃائي رهيو آهيان ۽ ڪهاڻي جي ڪردار ۾ گم ٿي ويس.
سچ ته اهو آهي ته رضوان جي ڪهاڻين جو هن ڪتاب اسان جي معاشري جي هر ڪردار کي سمايئي ڇڏيو آهي، جيڪو ٻوڏ کان غريبي، اميري ۽ فقيري سان گڏ استاد، ڪلرڪ، ڊرائيور، عشق، ڪوڙ، ٺڳي ۽ سچائيء ۽ عورت جري مختلف روپن جي داستانن تي مشتمل آهي. سندس ڪهاڻين جو هي ڪتاب رشتنن جي مختلف روپن کي اهڙي ته انداز ۾ ڏيکاري ٿو جو لڳي ٿو ته هي منهنجي ئي حياتيء جا لکيل مختلف داستان آهن.
مونکي پڪ آهي ته رضوان گل ادب جي آبياري ۾ اڳ کان به اڳرو رهندو ۽ سندس قلم بنا ڪنهن بريڪ جي لکندو رهندو ۽ اسان جي رهنمائي ڪندي معاشري کي سنوارڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو رهندو. هي ڪتاب ڏاهپ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپايو ويو آهي جيڪو 144 صفحن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.

ڪراچي ۾ ملهايل انور پيرزادي جي ستين ورسي تقريب جو احوال

ڪراچي ۾ ملهايل انور پيرزادي جي ستين ورسي تقريب جو احوال

محمد سليمان وساڻ


ناليواري ليکڪ، صحافي، محقق، شاعر ۽ لطيف شناس انور پيرزادي جي ستين ورسي انور پيرزادو اڪيڊمي پاران آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي سياستدان ۽ ڏاهي رسول بخش پليجي، امداد حسيني، مهتاب اڪبر راشدي، ادل سومري، مظهر عباس، بيدل مسرور، جاويد قاضي، لطف پيرزادي، زرار پيرزادي ۽ امر پيرزادي جن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ انور پيرزادي جيعلمي، ادبي، تحقيقي ۽ سماجي سرگرمين تي روشني وڌي. هنن چيو ته انور پيرزادو ترقي پسند ۽ سنڌ ۽ لطيف سرڪار سان عشق ڪندڙ شخص هيو، جنهن قلم ذريعي جنگ جوٽي سنڌ ڌرتي کي ظلم مان نجات ڏيارڻ لاءِ جدوجهد ڪئي. 



سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيل تقريب ۾ سندس انگريزي زبان ۾ لکيل ڪالمن ۽ مضمونن جي ڪتاب سنڌ سيناريو جي مهورت به ٿي. تقريب کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي سربراهه، معروف قانوندان ۽ ليکڪ رسول بخش پليجي پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيو ته انور پيرزادو هر فن مولا هو، هڪ ترقي پسند انسان هو جنهن سنڌ سان عشق ڪيو. هن چيو ته انور زنده انسان هو ۽ مري وڃڻ کانپوءِ به زنده آهي جو هن جون لکڻيون ذهن کي جنجهوڙين ٿيون، پر اڄ اسان کي سنڌ جي معاشري ۾ ڪوبه زنده ۽ متحرڪ شخص نظر نه ٿو اچي سڀ اسان لاء زندهه لاشن وانگر آهن. پليجي صاحب چيو ته انور خوشنصيب آهي جو سندس پٽ کيس ياد ڪري ڏينهن ملهائي رهيا آهن، نه ته اڄڪلهه پٽ پنهنجي پيءُ کي جيئري ئي کپائي ڇڏين ٿا. هن جذباتي تقرير ڪندي چيو ته اسان ڀٽائي جا فوجي، جوڳي ۽ جوڌا آهيون، ماروي جي ديس کي هڪ ڏينهن قيد مان آزاد ڪرائي وٺنداسين، اهو اسان جو ايمان آهي. رسول بخش پليجي چيو ته انور پيرزادي پنهنجي قلمي پورهئي واري جدوجهد ۾ سنڌ کي ظلم کان نجات ڏيارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ۽ مسلسل جدوجهد ڪندو رهيو، ثابت قدم رهيو، جيڪا ڳالهه اڄ جي ماڻهن ۾ ناهي، هو ٿڪجي ٿا پون، وڪامجي ٿا وڃن. هن چيو ته انور پيرزادو هن جهان مان اڃايل ئي هليو ويو، هن جي علمي، ادبي ۽ جدوجهد واري اڃ ڪانه اجهامي، جيڪڏهن هو اڄ زنده هجي ها ته آمريڪا طرفان ٿيندڙ ظلم خلاف اڃا گهڻو ڪجهه لکي ها. سينيئر صحافي مظهر عباس چيو ته انور پيرزادو هڪ بي ڊپو ماڻهو هو جيڪو سچ چوڻ ۽ لکڻ خوب ڄاڻندو هو ڀلي ان جي ڪهڙي به سزا ملي. اهوئي سبب آهي جو هو جيل ۾ به ويو. هن چيو ته جڏهن ون يونٽ ختم ٿيو ۽ 1986ع ۾ بينظير ڀٽو ڏيهه واپس آئي ته ٻنهي موقعن تي انور پيرزادي کي تمام گهڻو خوش ٿيندي ڏٺو. هن چيو ته انور ۽ اسان جنهن موضوع تي ڳالهيون ڪندا هئاسين ان کي خبر جي شڪل ڏئي اخبار ۾ ڇاپيندا هئاسين ۽ هو خبر جي پسمنظر ۽ تاريخ کان پاڻ کي واقف رکندو هو، هو تاريخ ۽ اهم واقعن بابت با خبر هوندو هو، جيڪا ڳالهه اڄوڪي صحافين ۾ ناهي، اهوئي سبب آهي جو صحافت مان پوليٽيڪل رومانس پڻ ختم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته انور پيرزادي جا ڪتاب نوجوان طبقي کي ضرور پڙهڻ گهرجن ڇاڪاڻ ته انهن ۾ وڏي ڄاڻ آهي، انهن ۾ تاريخ آهي ته ثقافت به، انهن ۾ سياست به آهي ته صحافت به، انهن ۾ سفرناما به آهن ته لطيف شناسي به. هن چيو ته سنڌ سان اها سڀ کان وڏي زيادتي آهي جو سنڌ جا تعليمي ادارا دنيا ۾ رڪگنائيز ناهن. ان موقعي تي مهتاب اڪبر راشدي چيو ته انور جي سوچ سنڌ کان شروع ٿي سنڌ تي ئي ختم ٿئي ٿي. هن جيڪو ڪجهه سنڌ لاءِ لکيو اهو شاگرد جي حيثيت ۾ لکيو آهي. هن کي ڪنهن مڃتا يا تعريف جي بک ڪانه هئي. هن چيو ته ڪتاب سنڌ سيناريو ۾ لکيل مضمون ڪيڏا پراڻا آهن پر اڄ به پڙهي ائين لڳي رهيو آهي ته ان ۾ شامل لکڻيون ڄڻ اڄ جون ئي آهن ۽ موجوده حالتن جي نشاندهي پيون ڪن. هن چيو ته انور هڪ آدرشي انسان هيو ۽ هن ڪڏهن به ڪنهن کان مدد ڪونه گهري. اسان کي گهرجي ته اهڙن جوڌن کي ياد ڪيون جن جو جيئڻ ۽ مرڻ سنڌ سان آهي. هن سندس سنڌو درياء ۾ ٻيڙي ۾ ڪيل سفر ۽ سنڌ اپڊيٽ تي ڪيل ڪم جي واکاڻ ڪندي چيو ته اهو هڪ عاشق سنڌ ئي ڪري سگهي ٿو. 

ادل سومري چيو ته انور جو سنڌي ادب ۾ اهم ڪردار رهيو آهي ۽ هن شاهه لطيف جي شاعريء تي روايتن کان هٽي ڪم ڪيو. هن چيو ته انور جو پورهيو ۽ سنڌ لاءِ ڪيل خدمتن کي ڪڏهن به وساري نه ٿو سگهجي، انور هن ميدان ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي متعارف ڪيو ۽ انهن جي رهبري ڪئي. ان موقعي تي جاويد قاضي چيو ته انور سنڌ ۽ سنڌي ادب ۾ وڏو نالو آهي ۽ نوجوانن کي سياسي، سماجي ۽ ادبي شعور ڏيڻ ۾ سندس وڏو ڪردار رهيو آهي. هن چيو ته انور پيرزادي کي لطيف تي مهارت حاصل هئي ۽ سڄي سڄي رات لطيف جي فقيرن جو راڳ ٻڌندو هو. امداد حسيني پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته انور ۾ چاهه هيو، جستجو هئي ۽ سچائي هئي. اهوئي سبب هيو جو هو مسلسل لکندو رهيو. هن چيو ته انور پيرزادو ڇا هيو اهو وڏو سوال آهي، ڇو ته هن جي شخصيت گهڻ رخي هئي. هن چيو ته اڄڪلهه ورسيون ملهائڻ صرف اولاد جو فرض وڃي بڇيو آهي جيڪا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، ادارا ۽ سنڌي ادبي سنگت ان سلسلي ۾ ڇو خاموش آهي؟ بيدل مسرور چيو ته انور جهڙا ماڻهو ئي معاشري کي سلجهائيندا آهن. هن چيو ته انور پيرزادي جي ڪري ئي ٻلهڙيجي مان ادب، علم ۽ صحافت جي وڏي کيپ پيدا ٿي آهي. بيدل مسرور وڌيڪ چيو ته انور صرف ليکڪ نه هو پر هو تحقيق ڪري، ڪشالا ڪري ڄاڻ حاصل ڪندو هو ۽ پوء ئي لکندو هو. تقريب ۾ بيدل مسرور شيخ اياز جو انقلابي گيت سچ وڏو ڏوهاري آهي ڳائي ماڻهن ۾ جذبو پيدا ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي انور پيرزادو اڪيڊمي جي سرواڻ ۽ انور پيرزادي جي پٽ زرار پيرزادي آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ انور پيرزادو اڪيڊمي جي ڪمن بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته جي ايم سيد، رسول بخش پليجي ۽ انور پيرزادي جهڙن ماڻهن ئي لطيف جو فڪر پڙن مان ميدان تي آندو. ان موقعي تي لطف پيرزادي شاهه لطيف جا بيت ۽ انور جون يادون ٻڌايون، جڏهن ته سندس فرزند امر پيرزادي پنهنجي پيء بابت مقالي ذريعي ساروڻيون بيان ڪيون. اسٽيج سيڪريٽري جا فرض زيد پيرزادي ادا ڪيا. هن تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ صحافين، اديبن ۽ ساڃاهه وندن شرڪت ڪري انور پيرزادي کي ڀيٽا پيش ڪئي. 



وڌيڪ تصويرن لاء هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو

November 27, 2013

دلمراد جي نوڪري ۽ عابده پروين جو راڳ



مونکي اسان جي خيرپور واسي دلمراد جون ڳالهيون اڪثر ياد اينديون آهن. جڏهن ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس ۾ هيو ته هڪ رات سندس ڊيوٽي آرٽس ڪائونسل ٻاهران لڳل هئي. ڊي آء جي به آيل هو سندس ڊيوٽي هئي ته بيٺل گاڏين جو ڌيان رکي.

جڏهن آرٽس ڪائونسل جي اوپن ٿيٽر ۾ عابده پروين ڳائڻ شروع ڪيو ته هي همراهه گاڏين کي ڇڏي راڳ ٻڌڻ کي لڳي ويو ۽ جهومندو رهيو. واپس ويو ته خبر پئي ته ڪو شاهينگ ڊي آء جي جي گاڏي مان دروازو کولي سٺي ٽيپ ڪڍي ويو آهي. پوء ته روز سندس ڊي آء جيءَ وٽ حاضري ۽ روز جا نوٽيس ...

مان مليومانس ته چيومانس يار تون به نوڪري کي نوڪري ڪونه ٿو سمجهين؟ هاڻي ڪيڏي ڀڄ ڀڄان ڪرڻي پوندي ۽ تنهنجي نوڪري وڃي به سگهي ٿي ... !!! چيومانس ته ته توکي ڪهڙي ضرورت پئي هئي ڪم ڇڏي راڳ ٻڌڻ جي !!!

چوڻ لڳو يار ... عابده پروين لطيف سرڪار جا ڪلام ڳائي ۽ اسان ٻاهر بيٺا هجون، نه بابا ايئن نه ٿيندو. نوڪري وڃي ته وڃڻ ڏينس، باقي عابده پروين جو راڳ ضرور ٻڌبو !!!