April 08, 2014

ٻوسٽ وارو ماحول ۽ ڇير جي ڇمڪار

ٻوسٽ وارو ماحول ۽ ڇير جي ڇمڪار
محمد سليمان وساڻ

پياري دوست، شاعريء جي ڪئنواس تي پوپٽ جهڙا رنگ چٽنيدڙ ۽ اسان جي ٽهيءَ جي شاعر وسيم آڪاش سيتائي جي احساسن تي مشتمل سندس شاعريء جو پهريون مجموعو ”هوائن ڇير ڇمڪائي“ انهن ڏينهن ۾ ڇپيو آهي جڏهن سنڌ جي فضا گهُٽ ۽ ٻوسٽ ماري ماحول ۾ آهي. اهڙي وقت ۾ وسيم آڪاش پنهنجي شعرن ۽ قلم جي نوڪ سان رنگين شعر جوڙي هوائن ذريعي ڇيرين کي ڇمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. وسيم آڪاش جي شاعري ڊگهي عرصي کان سوشل ميڊيا تي پڙهندو رهيو آهيان، سندس احساس هن جي تخليقن مان پڙهي اها پروڙ پيم ته سندس وٽ لفظن جو اڻ ڳڻيو خزانو آهي جنهن کي هو شاعريء جا ويس پارائي اسان سان شيئر ڪري ٿو.  وسيم جي شاعريء مان لڳي ٿو ته سندس شاعري انهن گلن جيان آهي جيڪي پاڻ ته وکري وڃن ٿا پر انهن جي خوشبو ماحول کي معطر بڻائي رکي ٿي. سندس لفظن جي مالها ۾ سپنن جون سندرتائون به آهن ته شاعريءَ جون سڀئي حُسناڪيون به موجود آهن. سندس احساس ته ڏسو جو هو عشق کي ئي پنهنجي پناهه گاهه بڻائي ويٺو آهي :
درد جي درسگاھَ ۾ آهيون!
عشق! تُنهنجي پناھَ ۾ آهيون!

وسيم آڪاش جي شاعريءَ ۾ سنڌ سان عشق به سمايل آهي ته اتي مجازي عشق جي به جهلڪ نمايان آهي. سندس لفظ رولاڪ بڻجي در در سدا هڻن ٿا ۽ سچائي جي ڳولها ڪن ٿا. سندس شاعريء ۾ اميد جي جهلڪ به عيان آهي، جتي هو رواجي شاعري ڪري ٿو اتي هو سماج جي ڏاڍ کي به نندي ٿو. وسيم دلرباين، دلڪشين ۽ حسناڪين جي ڳولها جو شاعر آهي. دنيا جي اڪثر شاعرن وانگر آڪاش جي شاعريء جو بنيادي محرڪ به عشق ئي آهي، اهو عشق جيڪو جيئڻ جو سبب آهي:

”آڪاش“ شاعري جي ڪهڙي خبر اسان کي،
هي روڳ عشق جو آ، جيڪو وڏو بحر آ!


سندس شاعريءَ جو هي سهڻو ۽ دلڪش رنگن سان سجايل ڪتاب ڪنول پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي جنهن جو مهاڳ مهان شاعر امداد حسينيءَ لکيو آهي. سونهن، سندرتا، سچ، محبت ۽ ڪائنات جي حسناڪين سان پيار ڪندڙ وسيم آڪاش سيتائي لاء دعاگو آهيان ته سدا خوش هجي ۽ سندس قلم ۾ شاعرانه دلڪشي جو سحر سدائين سلامت ۽ قائم رهي.

April 07, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 9

فيس بوڪ رائونڊ اپ 9
محمد سليمان وساڻ

فيس بوڪ جي نئين سيٽنگ ساڄي کان کاٻي ۽ خاص ڪري سنڌي ۾ لکندڙن لاء ڏکيائون پيدا ڪيون آهن جنهن سبب دوستن جي سرگرمين ۾ گهٽتائي آئي آهي. فيس بوڪ انتظاميا ان معاملي ۾ ٻڌايو آهي ته نئين سيٽنگ اڃان مڪمل ڪانه ٿي آهي. جيئن ئي مڪمل ٿيندي ته ان ۾ کوڙ ساريون نيون خوبيون شامل هونديون.هن هفتي فيس بوڪ تي نئين بحث به جنم ورتو آهي جيڪو آهي سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر بابت. ميٽرڪ جي امتحانن ۾ مختلف سينٽرن جون تصويرون شيئر ٿيون آهن جتي پوليس جي موجودگي ۾ مختلف ماڻهو ڪاپي ڪرائڻ لاء اسڪولن يا ڪاليجن جي ڀتين تي چڙهيل نظر اچن ٿا. اتي ئي شوڪت جوکيو تي به خوب تنقيد ٿي آهي جنهن امتحاني سينٽر جو دورو ڪندي ٻن شاگردن کي ڪاپي ڪندي ته پڪڙيو پر انهن تي جيڪو جسماني تشدد ڪيو، سو به سر عام اها تذليل برداشت ڪرڻ جوڳي ناهي، دوست چون ٿا ته اسان جي بيوروڪريٽس کي پنهنجا رويا تبديل ڪرڻا پوندا. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن تي رينجرز پاران ڪيل تشدد به فيسبوڪ جي سرخين جي زينت بڻيل رهيو ۽ اهي سوال اٿندا رهيا ته اسان پنهنجي مادر علمين کي ڪيئن علم جو ڳڙهه بڻائي سگهنداسين؟ سنڌين جي نئين سال چيٽي چنڊ جي مناسبت سان به پوسٽنگ ٿي جنهن ۾ هندستان جي سنڌي دوستن جي سرگرمي سڀني کان وڌيڪ رهي. هندستان ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين جي سنڌي سنوارڻ ۽ سنڌي سکيا لاء آشا چاند جي سنڌي سنگت پاران هڪ نئون فورم سنڌي ساٿي جوڙيو ويو آهي. ڪافي سنڌي اهو فارم ڀري رهيا آهن جنهن ۾ کين آنلائين يا ڊي وي ڊيز ۽ وڊيوز يا وري باقائده ڪلاسن ذريعي سندن بهتر سنڌي لاء سکيا شروع ڪئي ويندي.
امر جليل خلاف ٿيندڙ مظاهرن ۽ تنقيد جي جواب ۾ حسن مجتبى به خوب لکيو آهي. جڏهن سنڌ جي صوفي سوچ رکندڙ ۽ لبرل سوچ ليکڪن جي خلاف سنڌ ۾ مظاهرا ٿين ته پوء اها ڳالهه اسان لاء سوين سوال کڻي اچي ته ڇا اسان سنڌي هاڻي وڏيرڪي ۽ جاگيردارانه سوچ سان گڏ انتها پسند سوچ رکندڙ ماڻهن جي حصار ۾ ته نه ڦاسي ويا آهيون؟ حسن مجتبى لکي ٿو “امر جليل جي خمير ۽ ضمير صوفين جي ان مٽيء مان جنم ورتو آهي جتان بيدل، بيڪس ۽ سچل جهڙن صوفين جنم ورتو آهي. امر جليل سنڌ جو اهو بهادر ۽ قلندر ليکڪ آهي جنهن جون تحريرون نه صرف هر حاڪم جي اک ۾ ڪنڊي وانگر چڀجن ٿيون  پر اهي پير، مير، وڏيري، جاگيردار ۽ ملان جي نڙي ۾ به کٽڪن ٿيون. هو ادب ۽ صحافت جي دنيا جو اهڙو قلندر آهي جيڪو اهڙي گهٽي ۾ ڌمال وڄائي ٿو جتي وڏن وڏن جا پگهر نڪري اچن ٿا”. هو وڌيڪ لکي ٿو ته “هڪ خاص پير جا پوڄيندڙ سندس پويان پئجي ويا آهن سر عام جلوسن ۾ امر جليل جو سر ڪٽڻ ۽ زبان وڍڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. ڪير ٿو چئي ته سنڌي طالبان ناهن؟”.
سنڌ ون يونٽ کان به وڏي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، اها ڳالهه هن هفتي ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيندڙ هڪ اهم ڪتاب جي مهورت دوران ثابت ڪئي وئي. فيس بوڪ تي سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچي پاران پروفيسر اعجاز قريشي جي ڪتاب “ون يونٽ ۽ سنڌ” جي مهورت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي هئي جنهن کي ڀرپور موٽ ملي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن شرڪت ڪئي. سوشل ميڊيا جي اهائي خوبي آهي جو ماڻهن کي گڏ ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ ملائي رکڻ جو اهم ذريعو آهي. هن ميڙ ۾ فضل الله قريشي، امان الله شيخ، ڊاڪٽر سليمان شيخ سميت ٻين سڀني مقررن انگن اکرن ذريعي اهو ثابت ڪيو ته موجوده سنڌ، ون يونٽ واري سنڌ کان به وڌيڪ ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. هوڏانهن وسيم آڪاش سيتائي جي شاعريءٰ جي پهرين مجموئي “هوائن ڇير ڇمڪائي” جي ڇپجڻ جي فيس بوڪ تي خبر ۽ ڪتاب تي مختلف دوستن جا تاثر اچي رهيا آهن. ڪراچي ۾ ٿيندڙ حق موجود سٿ پاران صوفياڻي ميڙ “باغين سان شام” جو فيس بوڪ تي خوب چرچو ٿي رهيو آهي ڇو ته اها ڪڙي حيدرآباد مان شروع ٿي هئي ۽ سڄي سنڌ ۾ باغين سان شام جي نالي سان مشهوري ماڻي آهي ۽ ان ۾ گهڻو ڪردار فيس بوڪ جي دوستن جو آهي. باغين سان شام جو مقصد سنڌ ۾ وڌندڙ دهشتگردي ۽ مذهبي انتها پسندي خلاف آواز اٿارڻ  ۽ ماڻهن ۾ صوفياڻي سوچ سمائڻ آهي.
فيس بوڪ  مان سنڌين ڇا پرايو آهي ۽ ڇا ڪري رهيا آهن ان قسم جو بحث سنڌ سلامت ۽ فيس بوڪ تي اڪثر ٿيندو رهيو آهي پر هاڻ ان جا عملي ثبوت به ملي رهيا آهن ته سنڌ جا نوجوان سوشل ميڊيا ذريعي پاڻ ۾ ملن ٿا ۽ عملي طور ڪم ڪن ٿا. جنهن جو هڪ مثال سنڌ فيس بوڪ فرينڊز جي صورت ۾ سامهون آيو آهي. جيڪا عملي طور ٿر جي ماروئڙن جي مدد لاء مٺي کان ڪوهين ڏور ڳوٺن ۾ راشن ورهائڻ سان گڏ ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي ماڻهن جو علاج ڪندي رهي ۽ هاڻ هڪ ٻيو عملي ڪم نوجوانن جي ڪيريئر پلاننگ بابت ليڪچر پروگرام ۽ انهن جي تربيت ڪرڻ لاء اڳتي آيا آهن. اها اميد رکبي ته سوشل ميڊيا جتي تڪڙي ڄاڻ ڏيندو رهيو آهي اتي عملي طور سنڌين جي خدمت ڪرڻ لاء نوان طريقا ڳولهي هڪ نئين راهه فراهم ڪندو.     


April 03, 2014

اپريل فول ۽ عشق جو اظهار

اپريل فول ۽ عشق جو اظهار
محمد سليمان وساڻ

هن سان تمام گهڻي چاهت هئي، ڏاڍي وڻندي به هيم، پر عشق جو اظهار ڪري ڪونه سگهيس. چاهڻ باوجود به لفظ ساٿ ڪونه ڏيندا هيا جو پنهنجي دل جو حال اوري سگهان. مان ڪراچي ۾ رهندو هوس ۽ هوءَ ڳوٺ .... موبائيل تي اڪثر رابطو رهندو هو.
منهنجي تمام گهڻي عزت به ڪندي هئي، عقيدت جي حد تائين، ڇو ته سٺي نوڪري هجڻ ڪري سڀ ڳوٺ وارا منهنجي عزت ڪندا هئا. پر مان سندس ماء کان گهڻو ڊڄندو هوس، مان ته ڇا ڳوٺ جون سڀ مايون ۽ مرد هن کان ڊڄندا هيا. ڳالهائيندي هئي ته لڳندو هو ته ڄڻ جيرو ڪڍي کائي ويندي.
هڪ ڏينهن سوچيم ته ڇو نه پنهنجي چاهت جو اظهار ڪيان ۽ ڳوٺ روانو ٿي ويس ۽ وڃي ساڻس مليس پر هن منهنجو هڪ غزل کولي منهنجي سامهون رکيو ۽ انهن ڳالهين ۾ پنهنجي ڳالهه ڪرڻ رهجي وئي، ڇو ته همت ئي ڪونه ڪري سگهيس.
هڪ ڏينهن ڪنهن دوست جو ايس ايم ايس مليو ته عشق جو اظهار هميشه پهرين اپريل تي ڪرڻ گهرجي، جي ڳالهه ٺهي وڃي ته واهه واهه جي نه ته اپريل فول.
اها ڳالهه مون کي به وڻي ۽ هاڻ مان پهرين اپريل جو انتظار ڪندو رهيس .... پر اپريل به اچڻ جي ئي ڪونه پيو ڪري.
آخرڪار 31 مارچ اچي وئي ۽ مان به بيگ ڳچي ۾ وجهي ڳوٺ روانو ٿي ويس. اتي پهچي صبح پهرين اپريل جو پلان ٺاهڻ لڳس.
پهرين اپريل جو سندس گهر وڃڻ جو سوچيم پر وري اهو سوچي واپس وريم ته سندس سامهون اها ڳالهه چوڻ منهنجي وس ۾ نه هوندي.

واپس اچي سندس موبائل تي ڪال ڪيم ۽ هن جي هيلو چوڻ کان اڳ ئي مان شروع ٿي ويس ته مان تو سان تمام گهڻو پيار ڪريان ٿو، تون ڏاڍي خوبصورت آهين، منهنجي اکين جو ٺار آهين ۽ توسان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو. منهنجي قسمت شايد تمام گهڻي خراب هئي جو فون ان ڏينهن سندس ماء کنيو هو، جيئن ئي ڳالهائي بس ڪيم ته تي هن جي ماء جي رڙ ٻڌم ته نڀاڳا تون اسان جي ننگن ۾ اکيون وجهي ويٺو آهين. تون اچ ته توکي سيکاريان ٿي ته محبت ڪيئن ڪبي آ .... بس پوء ته ان وقت ئي ٽپڙ ويڙهي ڪراچي روانو ٿي ويس ۽ پنهنجو نمبر ئي مٽائي ڇڏيم ....ٻه سال ٿيا آحن ته ڳوٺ ئي ڪونه ويو آهيان ۽ همت ئي ڪانه ٿي ٿئي. هن سال اپريل ته آيو پر مان اڃان ويٺو ڊڄان ته ڳوٺ وڃان يا نه.

April 02, 2014

اخباري ڪالم

اخباري ڪالم

***********


ڪالهه چيائين ته تون هاڻ بدلجي ويو آهين ... !!!!

حيرت مان پڇيومانس اهو ڀلا ڪيئن؟

چيائين اڳي سڀ سچ لکندو هئين هاڻ اخباري ڪالمن جي چڪر ۾ اچي اڌ سچ ٿو لکين ...!!!!

March 31, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 8

فيس بوڪ رائونڊ اپ 8
محمد سليمان وساڻ

ڀريا واقعي جي جسقم شهيدن جو ڏک ۽ سندن سارون سڄو هفتو فيسبوڪ جو موضوع رهيون. هن واقعي تي سنڌ سميت سعودي عرب، هندستان، عراق، ايران، برطانيه، مڊل ايسٽ ۽ آمريڪا ۾ رهندڙ ڪيترائي سنڌي سوڳوار هجڻ سان گڏ هن اهم اشو تي فيس بوڪ ٽائيم لائين تي ڪجهه رايا، ڪجهه احساس ۽ ڪجهه خدشا لکندا رهيا. اردو ميڊيا جي سنڌ جي لکين ماڻهن جي هن ميڙ کي ڪوريج نه ڏيڻ به بحث جو حصو رهيو ته اتي آزادي مارچ ۾ شامل ماڻهن جي انگ اکرن بابت به تضاد رهيو آهي. سي اين اين ان کي 50 لک جڏهن ته ايڪسپريس 30 لک ۽ ڪجهه ٻين چينلن وري پنج لک جو مجموعو ظاهر ڪيو آهي. پر هڪ ڳالهه تي سڀ متفق آهن ته هي ميڙ ڪراچي ۾ سنڌين جو سڀ کان وڏو ميڙ آهي. هن واقعي خلاف ورلڊ سنڌي ڪانگريس پاران لنڊن ۾ 10 ڊائوننگ اسٽريٽ، وزير اعظم جي رهائش گاهه سامهون 30 مارچ تي هڪ احتجاج به ڪيو ويو ، جنهن ۾ برطانيه جي سنڌين شامل ٿي احتجاج رڪارڊ ڪرايو. هن احتجاج جي سندن فيس بوڪ پيج تي به تشهير ٿي رهي آهي. حسن مجتبى جسقم نوجوانن جي شهادت ۽ ڪراچي ۾ لکين سنڌي نوجوانن جي گڏ ٿيڻ بابت لکيو آهي ته “اهي به ڪي ڏينهن هيا جڏهن پاڪستاني فوج بيگناهه بنگالي عورتن، نوجوانن ۽ ٻارڙن کي اوڀر بنگال ۾ قتل ڪيو. ان نام نهاد نظريه پاڪستان آخرڪار بنگلاديش جي آزاديءَ جو روپ ڌاري بنگالي قوم کي دنيا جي نقشي تي نمودار ڪيو ۽ هاڻي لڳي ٿو ته بلوچستان ۽ سنڌ پڻ ساڳي راهه جا راهي ٿيا آهن.”
سنڌ جي ڏات ڌڻي ۽ انقلابي شاعر راشد مورائيءَ جي بي وسيء واري وڇوڙي تي فيس بوڪ جو ماحول سوڳوار رهيو ته ان سوال به جنم ورتو ته سنڌ ۾ سنڌ جي فنڪارن، شاعرن ۽ اديبن جي سهائتا لاء ڇو ڪوبه ادارو ناهي. ان حوالي سان نثار کوکر لکي ٿو “شاعر قومن جي ضمير جي ڌڙڪندڙ دل هوندا آهن پر محڪوم ۽ غافل قومن جا شاعر ائين ئي بي يار و مددگار ٿي مرندا آهن جئين راشد مورائي گذاري ويو. بد قسمتي سان جيڪي وس وارا آهن انهن جي ترجيح صرف بيمار شاعرن سان فوٽو ۽ پونئيرن سان تعزيت آهي ۽ جيڪي انهن شاعرن جا چاهيندڙ آهن سي اسان وانگر هٿين سکڻا.”
عوامي جمهوري پارٽي جي تعليم بابت مارچ جيڪو 16 مارچ سکر مان شروع ٿيو آهي سو ڪراچي طرف روان دوان آهي.  هن ريليء جو مقصد سنڌ حڪومت، انتظاميه ۽ وس وارن کي اهو ڌيان ڇڪائڻ آهي ته سنڌ ۾ ڪرندڙ تعليمي معيار ۽ سهوليتن طرف ترت ڌيان ڏيو. فيس بوڪ تي هن مارچ هڪ  سٺي ۽ بهترين سرگرمي طور مڃتا ماڻي آهي. وقت سان گڏ ان ريلي ۾ ماڻهن جو تعدا به وڌيو آهي ته ان کي فيس بوڪ تي تشهير به ملي آهي. فيس بوڪ ادبي حلقن لاء به ميلا مچائڻ جو سبب بڻيو آهي، سنڌي شاعري جي حوالي سان هڪ اهم ۽ سرگرم گروپ بزمِ سخن فيس بوڪ سٿ پاران طرحي مشاعرا ڪرڻ جي روايت کي ٻيهر جياريو ويو آهي. طرحي مشاعري جي سلسلي کي سمورن شاعرن پاران ڀرپور موٽ ملي آهي. سنڌ سلامت پاران به فيس بوڪ تي هڪ سروي شروع ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪيترن ئي دوستن پنهنجا رايا ڏنا آهن. ان سروي جو اهم سوال هيو ته ڇا سوشل ميڊيا يا فيس بوڪ اسان سنڌين لاء ڪا اميد پيدا ڪئي آهي؟ يا سوشل ميڊيا اسان لاء ڪو سٺو يا مثبت پليٽ فارم آهي؟ ان حوالي سان دوستن پاران خوب ٽيڪا ٽپڻي ٿي ۽ لاتعداد جواب موصول ٿيا. گهڻن دوستن جي راء هئي ته فيس بڪ سنڌين لاء انڪري گهڻو اهم آهي جو پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کان ڄاڻي واڻي رد ڪيل خبرن ۽ سماجي مسئلن کي سوشل ميڊيا ترت ماڻهن تائين پهچائي ٿي ۽ سڄي دنيا جي سنڌين کي پاڻ ۾ ملائي رکيو اٿس. ترڪيءَ مان گورڌن ولاسائي ۽ حفيظ لغاري معلوماتي ۽ تصويري شيئرنگ ڪري رهيا آهن. گورڌن ولاسائي بجلي بابت هڪ حيرت انگيز حقيقت لکي ٿو ته هتي ترڪيءَ ۾ بجلي جي پيدا ڪرڻ لا استعمال ٿيندڙ مختلف قسمن جي ٻارڻ تي تحقيق ڪندي، انهي ڳالهه تي حيرت ٿي رهي آهي ته ترڪي ۾ گهرن ۾ استعمال ٿيندڙ بجلي جي قيمت، ڪارخانن، اسڪولن، مارڪيٽن ۽ زراعت کان وڌيڪ آهي. اهو انهي جي ڪري ته جيئن ماڻهو گهڻي کان گهڻو گهرن کان ٻاهر رهن، گهر اصل ۾ سُستي جو گهر آهي. جيترو وقت ماڻهو گهر کان ٻاهر رهندو اوترو وقت ئي ڪنهن نه ڪنهن مثبت ڪم پويان لڳل هوندو، ڀلي اسڪول هجي يا مارڪيٽ!
ٿر جي صورتحال به اهم موضوعن مان آهي. جيتوڻيڪ حيرت به ٿئي پئي ته دوستن ايڏو جلدي ٿر کي ڪيئن وساري ڇڏيو يا ان جي خبرن جي شيئرنگ ۾ ڇو گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته ٿر جي صورتحال اڃان تائين اطمينان بخش ناهي.

روزانه عوامي آواز پهرين اپريل 2014
_____



هي ملاقات به ڪا وسرڻ جي آهي ... !!!!

مختصر ملاقات محمد سليمان وساڻ سان
عابد بلوچ

آئون پنهنجي ڳوٺ ۾ هئس ۽ موبائيل تي نيٽ هلائي رهيو هئس. اچانڪ سهڻي سائين سليمان وساڻ جو اسٽيٽس اکين آڏو آيو. جنهن ۾ لکيل هيو ته آئون سکر ۾آهيان ۽ ڏاڍي گرمي آ . سوچيم ته سائين سکر آيل آ ۽ اسان فقيرن کي ٻڌايو به نه اٿس آئون سائين کي موبائيل ايس ايم ايس ڪيو ته سائين اوهان سکر آيا آهيو ۽ مونکي ٻڌايو به نه اٿئو، اوهان تي ڏنڊ لڳندا. ڪجه دير کان پوء سائين جن جو ايس ايم ايس آيو ته آئون ڏوه ڏنڊ ڀريندس مونکي مجبوري هئي ان ڪري آيو آهيان حرا ميڊيڪل سينٽر ۾ ڪم هيو. سائين کي چيم سائين جي ٿورو وقت جي اسان فقيرن کي به ملاقات لاء ڏيو ته اوهان جا ڪروڙين قرب ٿيندا. سائين سليمان چيو ٺيڪ آهي سڀاڻي اوهان حرا ميڊيڪل سينٽر تي اچجو اتي ملاقات ڪنداسين. سائين جي ان اسرار تي من ۾ عجيب ڪيفيت پيدا ٿي وئي سوچڻ لڳس ته سڀاڻي ايڏي مهان هستي سان ملاقات ٿيندي هڪ سٻاجهڙي شخص سان ملڻ جو موقعو نصيب ٿيندو جيڪو منهنجي لاء باعث فخر هوندو. سڄي رات سائين جن سان ملاقات جي باري ۾ سوچيندو رهيس مونکي ايتري ته خوشي هئي جو ان خوشي جي ڪري مونکي ننڊ به نه پئي اچي. آخر ڪار رات کٽي ۽ باک ڦٽي آئون ملڻ لاء بيقرار هئس تيار ٿي ڪري فرحاد کي چيو هلندين هن چيو ها مان به هلندس فرحاد منهنجو ننڍو ڀاء آهي. سو ٻئي پنهنجي ڪار تي روانا ٿياسين آئون روهڙي پهتس ته سائين سان رابطو ڪيو پڇا ڪيم ته سائين ڪٿي آهيو؟ سائين وراڻيو ته آئون خيرپور مان نڪران ٿو. اسين سکر پهچي وياسين گرمي به ڏاڍي هئي وري سائين کي ڪال ڪئي ته سائين چيو آئون پهچي ويو آهيان، اوهان اچو اسين سکر پنهنجي گهر مان نڪتاسين ۽ حرا ميڊيڪل سينٽر پهتاسين. اسين حرا ميڊيڪل سينٽر جي در ٻاهران بيٺاسين ته سائين کي به ڏٺو ته اچي رهيو آهي. سائين سان ڀاڪر پاتو ان ڀاڪر ۾ قراري واري ڪيفيت پيدا ٿي اتان نڪري وڃي ڀرسان واري هوٽل ۾ ويٺاسين. ۽ اتي بوتل جو چيو. سائين جن سان حال احوال ڪياسين سائين جن جو مٺڙو آواز من کي موهي رهيو هو. بوتل پيتي ته سائين جن ڏي منصور ميراڻي جي فون آئي ان کي به سائين ملڻ جو چيو هو. آئون سائين کي چوندو رهيس ته سائين هلو اڄ منهنجي ڳوٺ ٿا هلون ۽ اتي ڪچهريون ڪيون، پر سائين چيو ته مونکي هتي ڪم آ ۽ وري واپسي ڪراچي به وڃڻو آ. نيٺ هوٽل تان اٿڻو پيو وقت ساٿ نه ڏنو سائين کي منصور سان به ملڻو هيو دل ته نه پئي چوي ته سائين کان پري ٿيون پر وقت آڏو مجبور هئاسين وقت ساٿ نه ڏنو. اميد تي دنيا قائم آ ۽ اميد آهي ته وري ملنداسين زندگي ساٿ ڏنو ته. اها مختصر ملاقات وسرڻ جهڙي نه آهي ان ملاقات ۾ محبت جا ڪروڙين رنگ شامل هئا ۽ ڇو نه هجن اهڙو محبتي ماڻهو جو هيو.

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
_____


هي ملاقات به ڪا وسرڻ جي آهي ... !!!!

محمد سليمان وساڻ


مونکي چڱي طرح ياد آهي ... دوستن جو ٿورائتو آهيان جيڪي ايڏي پنهنجائپ ۽ پيار ڏيندا آهن. مان نه ته ڪو مهان ليکڪ آهيان ۽ نه وري ڪو وڏو شاعر ۽ نه ئي ڪا سياسي شخصيت ... مان ته بس محبتون ورهائيندو آهيان ۽ محبتون پائيندو آهيان. اها خوشنصيبي اٿم جو سڄي سنڌ ۾ جتي به ويندو آهيان ته فيس بوڪ يا سنڌ سلامت جا دوست ملي ويندا آهن.
سچ پڇو ته دوستن سان پهرين ملاقات پهرين ته لڳندي ئي ناهي ... ڄڻ ڪو صدين جو رشتو هجي ۽ آهي به ... مٽيء جو رشتو، سنڌوء جي پاڻيء جو اثر ... اسان سڀ ساڳي مٽي مان آهيون. ان ڏينهن ۾ مان روزانو خيرپور ۽ سکر جا ٻه ٽي چڪر لڳائيندو هوس، حِرا اسپتال ۾ منهنجي ناني اتي داخل هئي. جڏهن به سکر بيراج ٽپندو هوس ته مونکي نسيم کرل جي ڪهاڻي چوٽيهون در ياد ايندي هئي ۽ مان اهڙو اپڊيٽ فيسبوڪ تي موبائيل ذريعي اپڊيٽ ڪيو هو. انهن ڏينهن ۾ گرمي به پنهنجي جوڀن تي هئي. ساڳي ئي ڏينهن اوهان پيارن دوستن سان ملاقات ٿي هئي. فقير عابد درياء دل ماڻهو آهي ... سچو، کرو ۽ پيارو. ساڳي ڏينهن منصور ميراڻي سان به ملاقات ٿي هئي ۽ ان سان سنڌي ٻولي، فيس بوڪ ۽ ماڻهن جي روين تي ڳالهه ٿي هئي. مان چاهڻ باوجود به نه ته عابد جي ڳوٺ وڃي سگهيس ۽ نه ئي وري منصور ميراڻي جي گهر وڃي سگهيس. پر يادون ته سدائين منهنجي جهول ۾ رهنديون ... يادون جيڪي هر وقت اوهان جي ياد ڏيارينديون رهنديون.


خوش هجو دوستو .... اسان شايد زندهه آهيون ئي اوهان دوستن جي محبتن جي سهاري.


March 17, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 7

فيس بوڪ رائونڊ اپ 7
 محمد سليمان وساڻ
 ٿر، ٿرين جي بيوسي ۽ سياستدانن جي لاپرواهي پورو هفتو فيس بوڪ جو موضوع رهي. وزير اعظم جي آمد، پ پ پ چيئرمين جي ٿر ۾ آمد، وزير اعلى سنڌ جي بيوسي، اسپتالن ۾ اڻهوند، ٿري عوام جا لٿل چهرا  شاعريء جو به موضوع رهيا ته لکڻين ۽ مضمونن جا عنوان به رهيا. ٿر مان چونڊيل پيپلز پارٽي جي ايم پي اي مهيش ملاڻيءَ جي اها تصوير سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ رهي جنهن ۾ هو پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جا هٿ چمي رهيو آهي. ٿر ۾ خدمت جي حولي سان ڪيتريون ئي تنظيمون، شخصيتون ۽ ماڻهو ميدان ۾ لٿل آهن. اسان سڀني کي جس ڏيون ٿا پر ڪي اهڙا به آهن جيڪي اتي سياست پيا ڪن يا وري مورڳو تصويرون ڪڍرائڻ لاء ويل آهن. اهڙي رويي بابت دوست حسام ميمڻ لکيو آهي ”ڪجهه ماڻهو خدمت ڪندا آهن، پر اهڙي خدمت جيڪا انهن جو شوق هوندي آهي، تنهنڪري، خدمت تي گهٽ ڌيان هوندو آهي ۽ پنهنجون تصويرون ڪڍڻ/ڪڍائڻ تي گهڻو، ان مان اندازو ٿي ويندو آهي ته ڪير ڪيتري خدمت ڪري ٿو ۽ ان جا سبب ڇا آهن. باقي مڙيوئي خير آهي.“هوڏانهن حڪومت ۽ طالبان جون ڳالهيون ۽ سنڌ ۾ افغانين جي آبادڪاري به اهم موضوع رهيا.

March 10, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 6

فيس بوڪ رائونڊ اپ 6

محمد سليمان وساڻ

هن هفتي فيس بوڪ جو ماحول ٿر جي ڏڪار واري صورتحال کانپوء ٿيندڙ فوتگين سبب ڏکارو ٿي ويو آهي. گهڻو ڪري سڀ دوست ٿر جي ماڻهن جي مدد لاء پڪاري رهيا آهن، شاعر پنهنجي شاعريء ذريعي ۽ ليکڪ پنهنجي قلم ذريعي سوشل ميڊيا تي ٿر جي صورتحال چٽيندا رهيا آهن. سياسي ماڻهن کي تنقيد جو موقعو مليو آهي ته اتي اين جي اوز کي به طعنا مليا آهن. حڪومت تي خوب تنقيد به ٿي آهي ته اتي فيسبوڪ جا دوست پاڻ به ٿر جي ماڻهن جي مدد لاء ميدان ۾ لهي پيا آهن. ٿر جتي ڏسندي ئي ڏسندي 150 کان وڌيڪ موت ٿيا آهن جنهن ۾ اڪثريت ڄمندڙ ٻارن يا پيٽ وارين عورتن جي ٿي آهي. سنڌ سلامت ان حوالي سان سوشل ميڊيا خاص ڪري فيسبوڪ کي به ڏوراپا ڏنا ته ٽن مهينن کان ٿيندڙ اهڙي حالتن جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ته نشاندهي ڪانه ڪئي پر سوشل ميڊيا جيڪو آزاد آهي ان به اهڙي صورتحال جي نشاندهي تڏهن ڪئي جڏهن موت راڪاس بڻجي ٿر ۾ ڪاهي پيو آهي. ان تصوير به ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو جڏهن مٺيء مان ٻه تصويرون شيئر ٿيون هڪ ۾ موت ٻارن کي گلي لڳائي رهيو هو ڇو ته هو بک ۽ بدحاليءَ سبب پنهنجو وجود وڃائي رهيا هئا ٻئي طرف وزير، مشير ۽ بيوروڪريٽ بوفي ڊنر ۾ لذيز طعامن ۽ مشروبن جا مزا ماڻي رهيا هئا.

گذريل هفتي سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي سالياني ڪنوينشن بابت سندن پيج تي سرگرمي رهي ۽ تقريب جون تصويري جهلڪيون به خوب شيئر ٿيون. هن تقريب ۾ ٿر جي صورتحال ۽ سنڌ ۾ تعليمي تباهي خاص موضوع رهيا. ٻن ڏينهن واري اها سالياني تقريب سچل ڳوٺ ڪراچي جي روشن تارا اسڪول ۾ ٿي گذري جنهن ۾ سڄي سنڌ ۽ اسلام آباد شاخ جي عهديدارن شرڪت ڪئي. ڪراچي ۾ ٻن اهم ڪتابن جي مهورتي تقريب به فيس بوڪ جي اهم موضوعن جو حصو رهي جنهن ۾ خالق جوڻيجي جو ڪتاب “سنڌ جي سياسي جدوجهد” ۽ ڊاڪٽر مشتاق جو ڦل جو قومي ٻولين بابت مضمونن جو سهيڙيل ڪتاب “قومي ٻولين جو سوال ۽ سنڌ” شامل آهن. هن هفتي وسيم آڪاش سيتائي جي ڇپجندڙ شاعريء جي ڪتاب “هوائن ڇير ڇمڪائي” جي به خوب پذيرائي ٿي آهي. فيس بوڪ جي نئين گروپ Sindhi Books Review ۾ ڪيترن ئي ڪتابن جو تعارف، انهن جي اهميت ۽ انهن تي لکيل تاثرن بابت سٺي ۽ مثبت سرگرمي ڏسڻ ۾ آئي آهي.

ڪامريڊ تاج محمد ابڙو: سنڌ جو امر ڪردار


ڪامريڊ تاج محمد ابڙو: سنڌ جو امر ڪردار
محمد سليمان وساڻ


سنڌ ڌرتي جي اها تاريخ رهي آهي ته هن ڌرتيء هميشه مهان انسانن کي جنم ڏنو آهي. اهڙا مهان انسان جن سچائي ۽ ايمانداري جي واٽ تي هلندي مشڪلن کي منهن ڏيندي به پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ماڻهن سان وفاداري ڪئي آهي. موهن جي دڙي جي نگري سان واسطو رکندڙ اهڙي ئي هڪ مهان ۽ آدرشي هستي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي به آهي. جنهن ترقي پسند سوچ سبب صحافت، سياست ۽ ادب جي ميدان ۾ پاڻ ملهايو آهي. ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جي پيدائش 8 آگسٽ 1924ع تي شهدادڪوٽ ۾ ٿي. ننڍپڻ ۾ ئي سندس والد جي وفات سبب سندس پرورش سندس ڀيڻ جي گهر ۾ ٿي. هن شروعاتي تعليم قنمبر ۽ مئٽرڪ لاڙڪاڻي مان ڪئي. هاء اسڪول جي دور کان ئي کيس سياست سان جذباتي لڳاء هيو. هي 1942ع جو زمانو هو ۽ سنڌ ۾ مسلم جي سياست زورن تي هئي جڏهن ته شهرن ۾ هندو ڪانگريس جا حامي هيا پر ان دور ۾ به ڪامريڊ تاج محمد ابڙو مزدور، غريب ۽ هاري جي ڳالهه ڪندو رهندو هو. هو انهن ئي ڏينهن ۾ اخبارن جو ڀرپور مطالعو ڪندو رهندو هو ۽ ماڻهن سان سياست تي دليلن سان بحث ڪندو هو.


March 09, 2014

ٿر اوهان کي پڪاري ٿو


ڪنهن در ڏجي دانهن
ٿر اوهان کي پڪاري ٿو
محمد سليمان وساڻ 

ميڊيا تي ٿر جي تازي ڏڪار واري صورتحال ۽ لڳ ڀڳ 150 جانين جي وڃڻ واري خبر ڏسي سچ پڇو ته ڏاڍو ڏکارو ٿي وڃجي ٿو. سوچي رهيو هوس ته هي ڏڪار واري صورتحال هڪدم ته نه آئي هوندي ۽ خبر به پئي ته ٽي مهينا اڳ کان ان قسم جي صورتحال سامهون اچڻ شروع ٿي چڪي هئي. پر افسوس جو نه ته پرنٽ ميڊيا ۽ نه ئي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ۽ نه وري حڪومتي سطح تي ان قسم جي حالتن جي ڪا صحيح نموني نشاندهي ٿي سگهي. ٻيو ته ٺهيو پر سوشل ميڊيا جيڪا خبرن جي معاملي ۾ تيز آهي اها به ڪا اڳواٽ صورتحال بابت آگاهي نه ڏئي سگهي. جڏهن فوتي ٻارن جو انگ سينچري جو اسڪور ڪري چڪو هو ته پوء اها خبر باهه وانگيا پکڙجي وئي. ڏک اهو ٿيو ته اهڙي صورتحال هوندي به اسان جي پارٽين پاران ڪا منصوبه بندي تحت ڪم جي شروعات ڪرڻ کان اڳ تنقيدي نشستون شروع ٿي چڪيون آهن ۽ اسڪورنگ پوائنٽ حاصل ڪري بهتر تنقيد جا رستا ڳوليا پيا وڃن.
مان اهو به سوچي رهيو هوس ته شايد اسان وٽ تنظيمن ۽ صحافي لڏي ۾ اهڙن ماڻهن جي کوٽ ٿي وئي آهي ڇا جو خبرن تي تڪڙي انداز جي رپورٽنگ ڪندي اهڙي ڏکيي صورتحال جو ڪو اڳواٽ جائزو پيش ڪن. افسوس واري ڳالهه اها به آهي ته حڪومت ۽ انتظامي معاملا ڄڻ ته سنڌ ۾ آهن ئي ڪونه ... ٻيو ته ٺهيو پر ٿر جي ماڻهن تي قابض گادين وارا، عوامي نمائنده به گم رهيا ... ڀلا اهو سڀ به ڇڏيو ٽئٽر جي شهنشاهه بلاول ڀٽي جو ڪو پيغام جيڪڏهن سڀني ميمبرن ڏانهن ئي هجي ته اهي سڀ ڪم ڇڏي ماڻهن جي واهر ڪن ته به ان کي سٺي ڪاوش سمجهجي ها. وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومت ۽ ملڪ رياض جا اعلان ڪاش اعلان نه هجن ۽ ماڻهن جي صحيح نموني پرگهور لڌي وڃي.

ٿر جي آبادي ايڏي گهڻي به ناهي جو اتي پهچي معاملن کي سلجهائي نه سگهجي پر ڳالهه آهي نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻ جي. سوشل ميڊيا جي انهن سڀني دوستن کي به جس هجي جيڪي عملي ڪم ۾ لٿا آهن. جس هجي انهن سڀني ماڻهن کي جيڪي عملي طور ٿر پهچي ماروئڙن جي مدد لاء پهتا آهن. مان سوچيان پيو ته هاڻي ڪنهن در دانهن رکجي ... بس دوستن کي سلام جيڪي سندرا ٻڌي سچائي ۽ نيڪ نيتي سان خدمت جي ميدان ۾ لٿا آهن. مان سڀني سڄڻن کي اپيل ڪندس ته هي مهل ڪنهن ڏوراپن ڏيڻ ۽ ڳالهين ڪرڻ جي ناهي، دوستن جو ساٿ ڏيو ۽ ٿر جي سونهن ٿري عوام کي بچايو ، ٿري هوندا ته ٿر جي سونهن به رهندي، ته محبت ۽ سڪ به رهندي ۽ جڏهن سونهن رهندي ته سنڌ به سلامت رهندي.