January 08, 2015

عباس ڪوريجي جو ڪتاب ”پنهنجي ڌرتي“ ڪهاڻي گهر جي سونهن



عباس ڪوريجي جو ڪتاب ”پنهنجي ڌرتي“ ڪهاڻي گهر جي سونهن

محمد سليمان وساڻ 

پياري دوست عباس ڪوريجو جي ڪهاڻين جو نئون ڪتاب پنهنجي ڌرتي منهنجي هٿن ۾ آهي. بهترين مڪالمن، سهڻي منظر نگاري ۽ چونڊ، پر اسان جي معاشري جي عام ڪردارن سان سهڻي انداز ۾ نڀاء ڪندي عباس ڄڻ ته اسان جي اندر جي احساسن کي بيان ڪيو آهي. ڪهاڻي لکڻ ته آسان آهي پر ڪهاڻي سان نڀاءُ ڪرڻ، ڪهاڻي ڪردارن جي مڪالمن ۽ خاص ڪري ڪهاڻي جي ڪلائيميڪس کي احسن انداز سان پيش ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي جيڪو عباس نواڻ سان پيش ڪيو آهي. سندس ٻولي آسان ۽ عام جي سمجهه واري جڏهن ته ڪهاڻي جي عنوانن جي چونڊ به سگهاري آهي.


عباس ڪوريجي سان سوشل ميڊيا ذريعي ڪافي عرصي کان واقفيت آهي پر سندس سڃاڻ مون وٽ ڪمپيوٽنگ جي ميدان ۾ سنڌي ٻولي لاء پاڻ ارپيندڙ نوجوان طور ئي هئي. پر پوء سندس ڪهاڻيون ۽ شاعري به پڙهڻ لاء ملي. سندس هي ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب آهي، ان کان اڳ 2005ع ۾ سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ”چنڊ پيرن هيٺ“ ڇپيو هو. هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جي چيئرمين انور فگار هَڪڙو لکيو آهي جڏهن ته جامي چانڊيي، اسحاق سميجو ۽ الطاف شيخ جا تاثر به ڏنل آهن. ڪنول پنبليڪيشن قنبر پاران ڇپايل هي ڪتاب 128 صفحن تي مشتمل آهي جنهن جي قيمت 150 روپيا رکي وئي آهي. 



ڪهاڻين کي مختلف حصن ۾ ورهايو ويو آهي جن ۾ 15 مختصر ڪهاڻيون، 21 مختصر مختصر ڪهاڻيون، ڪجهه ٻڙي اکر ڪهاڻيون ۽ 6 تعليمي ڪهاڻيون شامل آهن. ڪاش مان ڪهاڻيڪار هجان هان ۾ هڪ هنڌ ڪمال جو جملو لکيو اٿائين ته ”ڪراچي ڪيڏو به وڏو شهر ڇو نه هجي پر منهنجي دل جي شهر کان ننڍو هوندو“. مختصر ڪهاڻيون لکڻ هڪ فن آهي ۽ ان فن کي عباس سمجهي ورتو آهي. سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن ان گڏ ننڍن ننڍن مسئلن تي ٿيل پنهنجي ماڻهن جي قتل ۽ وري قتل کانپوء بدلي ۾ ڪيل شادي، ان سان نڀاء ۽ وري اهڙين حالتن ۽ معاشي بي رحمي تي سندس ڪهاڻي ”ڳيت ڏنل سڏڪا“ الائي ڇو پڙهي اکين ۾ آب اچي وڃي ٿو ... شايد ان لاء جو اهڙا ڪردار اسان جي معاشري جو حصو ٿي ويا آهن ۽ آسپاس موجود آهن. ڪهاڻي آخري تعويذ اسان جي معاشري جي اصلي سوچ ۽ انڌن عقيدن جي عڪاسي ڪري ٿي ته ڪيئن نه اسان جا ماڻهو سچ کان انڪاري ٿي اجاين ڦيڻن ۽ تعويذن جي اثر هيٺ اچي ويا آهن. ان ئي ڪهاڻي ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ”کڻو پنهنجي ماءُ کي ... هتي ڪابه جنڙي ناهي رهندي، اهي لولا ۽ بسريون مان ئي کائيندو آهيان، ماڻهوءَ کان وڏو ڪوبه جنُ ناهي هوندو اهو فقط اوهان جي انڌي عقيدي جو جنُ هو.“ اهو چئي سنهڙو ڪهاڙو هٿ ۾ کڻي ڳوٺ ڏي نڪري ويو ۽ ڳوٺ وارا ان فقير جي ڳولا ۾ جنهن آخري تعويذ ڏنو هو.

سنڌ يونيورسٽي هجي يا ٻيون درسگاهون اڄڪلهه اتي ريگنگ سبب نون شاگردن لاء وڏا مسئلا ٿي رهيا آهن ۽ ريگنگ جي روپ ۾ هنن جي سر عام تذليل ٿي رهي آهي. سندس ڪهاڻي ”ريگنگ ڏوهه آهي“ اهڙي ئي حالتن جي عڪاسي ڪري ٿي، جيڪا نوجوان شاگردن کي ضرورپڙهڻ گهرجي. نفسياتي مريضن ۽ سائڪياٽرسٽ تي لکيل ڪهاڻي چريا منهنجا آئيڊيل آهن سندس هڪ لازوال ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي مان دودو آهيان جو هڪ جملو اوهان سان شيئر ڪيان ٿو جنهن ۾ لکي ٿو ”توکي چيم ته واپس وڃ ۽ سڀني کي ٻڌائي ڇڏ ته توهان وارو دودو مري چڪو آهي، آئون هاڻي فقط سومرن جو پير آهيان.“ ڪتاب جي ٽائيٽل واري ڪهاڻي ”پنهنجي ڌرتي“ اسان جي اڄوڪي حالتن جي ترجمان آهي جنهن ۾ اقليتن خاص ڪري هندن سان ٿيندڙ نا انصافين بابت آهي. ڪيئن نه هڪ سنڌي نا انصافين ۽ ڏاڍاين باوجود پنهنجي ڌرتي تي مرڻ کي لڏي وڃڻ تي ترجيح ڏئي ٿو. پيء پنهنجي اغوا ٿيل پُٽ سان فون تي ڳالهائيدي کيس دلجاء ڏئي چوي ٿو ”خير آهي پُٽ ! پنهنجي ڌرتي ماتا اگر ديش پرائو ٿي وئي آهي ! پوء به ڀونءِ ته پنهنجي آهي“.

منهنجي لاء هڪ نئين ۽ اتساهه واري ڳالهه اها به آهي ته عباس ڪوريجي تعليمي ڪهاڻيون به لکيون آهن جيڪا هڪ سٺي ڳالهه لڳي. هڪ جهرڪيء جي آکاڻي لکي اٿائين جيڪي اسڪول وڃي ٻارن جا گيت، انهن جون تعليمي سرگرميون ڏسي خوش ٿئي ٿي پر ساڳي جهرڪي ان وقت زخمي ٿي گهر اچي ماء وٽ پهچي ٿي جڏهن اسڪول بند ٿي وڃن ٿا ۽ ٻار راند ڪندي کيس غليل جو ڳوڙهو مٿي ۾ هڻي ڪڍن ٿا. جهرڪي پنهنجي ماءُ کي چوي ٿي ”امان ! واقعي ئي جڏهن اسڪول بند ٿيندا آهن ته ماڻهو وحشي ٿي پوندا آهن“. عباس ڪوريجو يقينن ادبي ميدان ۾ مڃتا ماڻيندو ۽ سندس هي ڪتاب هن جي سڃاڻپ بڻبو.

June 09, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 18

فيس بوڪ رائونڊ اپ 18
محمد سليمان وساڻ

گذريل هفتي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان گڏ سوشل ميڊيا جو به سڀ کان وڌيڪ بحث هيٺ رهندڙ موضوع ايم ڪيو ايم قائد الطاف حسين جي گرفتاري ۽ ڪراچي جون حالتون ئي رهيون آهن. فيس بوڪ تي هر گذرندڙ لمحو هڪ نئين بحث جو آغاز ڪندو رهيو. ٻيو ته ٺهيو پر سنڌ حڪومت جي نمائندن جو ڌرڻي ۾ شامل ٿيڻ به سخت تنقيد جو نشانو رهيو. اهو به نوٽ ڪيو ويو ته ايم ڪيو ايم قيادت سخت مونجهاري جو شڪار رهي ۽ فيصلا ڪرڻ ۽ انهن تي عمل ڪرائڻ به پنهنجي جاءِ تي ڏکيو رهيو، خاص طور تي ان وقت سخت مونجهارو رهيو جڏهن هڪ گروپ دڪان کولڻ جو سڏ ڏنو ته ٻئي طرف ڪجهه ماڻهن زوري دڪان ۽ پيٽرول پمپ بند ڪرايا. سنڌ جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ انهن قومپرست ڌرين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندا رهيا جن ايم ڪيو ايم سان اظهار يڪجهتي طور ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي. حيرت ته ٿي رهي هئي ته سنڌ جي لٽيل دولت جيڪا لنڊن مان پوليس کي ملي آهي ان تي سنڌ جا اڳواڻ نه صرف خاموش رهيا پر ان جي ابتڙ ايم ڪيو ايم سان همدردي ڪندا رهيا. ڪجهه جذباتي نوجوانن جسقم قيادت سان اختلاف رکندي فيس بوڪ تي کُلي عام پارٽي کان الڳ ٿيڻ جو اعلان پڻ ڪيو. برطانوي پارليامينٽ جي رڪن جارج گيلووي جي فيس بوڪ تي رکيل سندس ان اسٽيٽش کي تمام گهڻي پذيرائي ملي ۽ لکين ماڻهن ان کي شيئر ڪيو جنهن ۾ هن ان ڳالهه تي خوشي ڏيکاري ۽ لنڊن پوليس کي شاباش ڏني ته هنن هڪ ڏوهاري کي گرفتارڪيو آهي. جيتوڻيڪ ايم ڪيو ايم وقتي طور الطاف حسين جي ضمانت تي آزادي تي خوش آهي پر هو سمجهن ٿا ته هي ڪيس سندن لاءِ تمام ڏکيو ڪيس آهي جيڪو سندن پارٽي جي موت جو سبب به بڻجي سگهي ٿو انڪري هو اسٽيبليشمينٽ جي هر خواهش پوري ڪندي پارٽي کي برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪندا.
عمران خان پاران نواز شريف خلاف هلايل تحريڪ ۽ ساڳي وقت طاهر القادري پاران پاڪستان اچي تحريڪ هلائڻ وارن سوالن تي به وفاقي حڪومت کي ڪجهه پريشاني ٿي رهي آهي پر فيس بوڪ تي سنڌ جي سڄاڻ ڌرين جا اسٽيٽس سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي تحريڪ جي نه هجڻ تي پريشان آهن ڇو ته هن وقت سنڌ ۾ ن ليگ، ف ليگ ۽ قومپرست ڌريون الڳ الڳ ڌارا ۾ بيٺيون آهن. سنڌ جو عوام اڃان به ڪو تبديلي وارو فيصلو ڪرڻ کان پرڀرو بيٺو آهي. ان حوالي سان نثار کوکر لکي ٿو “پنجابي ووٽرن کي شريف ڀائرن ۽ چوڌري ڀائرن به خوب نوازيو پر ان باوجود به پنجابي ووٽرن پنهنجي لاء عمران خان جي صورت ۾ متبادل قيادت ڳولهي ورتي آهي. پر افسوس جو سنڌي ووٽر اڃان تائين ڀٽي جي قرض لاهڻ ۽ ڀوتار جي بنگلي جا چڪر ڏيڻ تائين محدود آهي”. پنجاب سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي پر سنڌ جي ان اڀرندڙ اشوءَ تي فيس بوڪ جي خاموشي حيران ڪندڙ آهي. ان حوالي سان اهو ضروري هيو ته انگريزي، اردو ۽ سنڌي ۾ پيجز ٺاهي پنهنجو آواز اٿاريو وڃي ها پر افسوس جو ڪيئي سلجهيل، لکيل پڙهيل دوست ۽ نوجوان اڃان تائين مذهب ۽ سنڌ جي قومپرست ڌڙن جي روايتي بيان بازي ۽ الزام تراشيءَ مان ٻاهر نڪري ناهن سگهيا. سندن اهڙي رويي سبب سوشل ميڊيا تي ايندڙ نوان ماڻهو به الجهن ۽ پريشاني ۾ آهن.
ڀارت ۾ ٿيندڙ اَکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا تقريب ۾ سنڌ ۽ هند جي شاعرن، اديبن ۽ فنڪارن کي اوارڊ ڏيڻ ۽ مڃتا واري تقريب ممبئي ۾ ٿي رهي آهي، جنهن ۾ سنڌ مان شاعر ۽ ليکڪ ادل سومري ۽ موسيقار ۽ راڳي بادل راهي کي اوارڊ ڏني ويا آهن. هن تقريب جون تصيويرون هند ۽ سنڌ جي مختلف دوستن پاران سندن فيس بوڪ وال تي خوب شيئر ٿي رهيون آهن. ٻئي طرف سنڌي ٻوليء جي انٽرنيٽ تي سڀ وڏي فورم سنڌ سلامت پاران سنڌي مواد کي بهتر نموني ڳولهڻ لاء سنڌ سلامت سرچ انجڻ جوڙي آهي جنهن ۾ سنڌ سلامت سان گڏ گوگل ڳولها هڪ ئي پيج تي الڳ ڪالمن ۾ نظر اچي ٿي. سنڌ ۾ بد امني، صحت جي خراب حالت، تعليم جي تباهي، ادارن جي ناڪامي تي به گهڻو لکيو پيو وڃي پر پ پ پ حڪومت ڪنهن به بهتري يا منصوبه بندي ۾ مڪمل ناڪام نظر اچي رهي آهي. ان حوالي سان عبدالقدير ميمڻ لکي ٿو “پاڪستان پيپلز پارٽيء جي حڪومت سنڌ ۾ ثابت ڪيو آهي ته اُها سنڌ جي مجموعي انفرا اسٽرڪچر جي ترقي، تعليمي، سماجي، انتظامي، صحت ۽ رابطن وارن شعبن جي ترقيء ۾ زيرو پلس زيرو ثابت ٿي چڪي آهي”.
آچر واري رات جو ڪراچي ايئرپورٽ تي دهشتگردن پاران ڪيل منظم حملي جو به فيس بوڪ تي چرچو رهيو آهي ۽ لکندڙن لکيو آهي ته هاڻ اهو چٽو ۽ واضح آهي ته اهڙي قسم جي حملي جي منصوبه بندي تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن پنهنجا ان ۾ ملوث هجن ۽ هي حملو بلڪل مهراڻ بيس واري حملي سان ملي ٿو. خبر ناهي ته ان وقت جي انڪوائري رپورٽ ۾ ڇا ظاهر ٿيو ۽ ڪهڙا فيصلا ڪيا ويا هيا پر هاڻ ظاهر ٿي چڪو آهي ته پورو پاڪستان محفوظ ناهي. جڏهن اسٽريٽجڪ هنڌ ئي دهشتگردن لاء سولو ٽارگيٽ هجن ته عام ماڻهو ڪيترو محفوظ هوندو.

روزانه عوامي آواز 10 جون 2014ع
____



June 04, 2014

ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ : موتيءَ جهڙو ماڻهو

ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ : موتيءَ جهڙو ماڻهو
محمد سليمان وساڻ

زندگيء ۾ ڪي اهڙا ماڻهو ملندا آهن جيڪي مايوس ماڻهن کي صرف هڪ ئي جملي يا هڪ ئي مرڪ سان محبت جي معنى سمجهائي زندگي بخشي ڇڏيندا آهن. اهڙن ئي ماڻهن مان هڪ آهي ڊاڪٽر سليمان شيخ. هو پيشي جي حساب سان ته ڊاڪٽر آهي ۽ مسيحا آهي پر سندس سڃاڻ بڻي آهي سندس سماجي خدمت. هڪ اهڙي شخصيت ۽ سڀاء جو مالڪ جنهن سڄي زندگي سماجي شعبي سان وابسته رهي سنڌي ماڻهن جي خدمت ڪئي آهي. ان ڏکيي پيچري تي هن الائي ڪهڙا ۽ ڪيترا سور سٺا آهن، سندس واٽ ۾ ڪيتريون ئي مشڪلاتون آيون آهن پر هن جو مقصد هڪ ئي رهيو آهي انساني زندگيء سان پيار ۽ انهن جي خدمت ۽ اڄ به هو ان سان ايتروئي سچائيءَ سان نڀائي رهيو آهي. ڊاڪٽر سليمان شيخ شاهه لطيف جي ان بيت جي مصداق آهي جنهن ۾ لطيف چيو آهي “ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي”. بهار جهڙي شخصيت ۽ سنڌ جي سڀ کان وڏي سماجي تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جي باني ڊاڪٽر سليمان شيخ جو اڄ 4 جون تي جنم ڏينهن آهي. مان کين 9 فيبروري تي به جنم ڏينهن جون واڌايون ڏيندو آهيان، ڇو ته شناختي ڪارڊ ۽ اسڪول جي رڪارڊ ۾ سندن جنم جي تاريخ 9 فيبروري 1942ع لکيل آهي. مان خوشنصيب آهيان جو سنڌ گريجوئيٽس ۾ رهندي ڊاڪٽر صاحب سان ڪيترن ئي پروگرامن، گڏجاڻين ۽ ڪچهرين ۾ گڏ رهيو آهيان ۽ سندن علمي، ادبي ۽ فڪري ڳالهيون ٻڌي پاڻ کي سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندي ڪجهه انساني خدمت لاء ڪم ڪندو رهيو آهيان. ڪيترن ئي پروگرامن ۾ صرف انڪري ويندو آهيان جو اتي ڊاڪٽر سليمان شيخ جي تقرير ٻڌڻي هوندي آهي.


June 02, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 17

فيس بوڪ رائونڊ اپ 17
محمد سليمان وساڻ

ملڪ ۾ موبائل فون ڪمپنين پاران شروع ڪيل 3 جي سروس کانپوء وڊيو ڪانفرنسنگ سان گڏ وڊيو شيئرنگ آسان ٿي پئي آهي ۽ ڪجهه پرڏيهه ۾ رهندڙ دوستن اهڙي قسم جي وڊيو ڪانفرنسنگ جو ذڪر به ڪيو آهي ته ڪيئن نه هو پنهنجي ڳوٺ ۾ رهندڙ دوستن سان مسلسل رابطي ۾ آهن. پر ڇا يوٽيوب جي پابندي سبب 3 جي لاء ڪمپنين کي ڪا سگهاري موٽ ملندي؟ اهي سوال فيس بوڪ جو موضوع بڻيا آهن. ساڳي وقت اها ڳالهه به نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته سنڌ ۾ بدترين لوڊ شيڊنگ کانپوء موبائل نيٽ استعمال سبب سمارٽ فون جي وڪري ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. پر ان مان فائدو ڇا سنڌ ۽ سنڌي ماڻهو حاصل ڪري رهيا آهن؟ جواب ڪير ڏيندو يا اسان وٽ ڪهڙا ادارا آهن جيڪي سروي ڪري يا انهن جا جواب حاصل ڪري اسان لاء هن جديد ٽيڪنالاجي کي فائديمند بڻائي سگهندا؟ هن هفتي ڪراچي ۾ ٿيندڙ ان تقريب جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي جنهن ۾ پهريون دفعو سرڪاري ڪامورن کي ڪنهن تنظيم پاران مڃتا اوارڊ ڏنا ويا آهن. سنڌ فنڪار ويلفيئر طرفان ايڇ بي اين ميڊيا جي سهڪار سان پهرين سنڌ سروسز اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي تقريب آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ پهريون دفعو سنڌ جي سرڪاري ڪامورن ۽ سياسي شخصيتن کي سندن سماجي، سياسي ۽ ادبي خدمتن عيوض سنڌ سروسز اوارڊ ڏنا ويا. ان موقعي تي ادب ۽ فن سان واڳيل شخصيتن کي به اوارڊ ۽ شيلڊ پيش ڪيون ويون. هن تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ سرڪاري ڪامورن، ادبي ۽ سياسي شخصيتن ۽ فنڪارن پنهنجي فيمليز سان گڏ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ناليواري فنڪارن گيت پيش ڪري محفل کي مچايو. جن شخصيتن کي اوارڊ ڏنا ويا انهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسيلر پروفيسر مظهر الحق صديقي،  آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو جنرل سيڪريٽري محمد احمد شاهه، اڳوڻو صوبائي وزير عبد الحق ڀرٽ، ايم پي اي سيد مراد علي شاهه، ايڊيشنل آءِ جي پوليس سائين رکيو ميراڻي، ڊي آءِ جي پوليس عاشق بوزدار، صدر پريس ڪلب ڪراچي امتياز خان فاران، اسپيشل سيڪريٽر رورل ڊولپمينٽ اڪبر لغاري، ايڪسائيز کاتي جو سيڪريٽري عبدالمجيد پٺاڻ، سيڪريٽري زڪوات ۽ عشر محمد رمضان اعواڻ، چيئرمين فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي بشير مورائي، اڳوڻو وي سي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اڪبر حيدر سومرو، ڊاڪٽر نذير ڪلهوڙو، ناميارو سفرناما نگار ۽ ليکڪ الطاف شيخ، شاعر ۽ ليکڪ ادل سومرو، ناميارو راڳي ۽ شاعر بيدل مسرور، اداڪار شهباز دراني، اداڪار صلاح الدين تنيو، گلوڪار شمن علي ميرالي، گلوڪار ظفر رامي ۽ اداڪار منير پٺاڻ شامل آهن.
گذريل رائونڊ اپ ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي کي عرض ڪيو هوم ته ميڊم مهرالنساء لاڙڪ جي سار لهي، جيڪا ڪراچي جي اسپتال ۾ موت ۽ زندگيء جي ڪشمش ۾ آهي. ثقافت کاتي جي وزير شرميلا فاروقي اسپتال پهچي سندن سار لڌي آهي اسان ثقافت کاتي جي ان عمل جي تعريف ڪيون ٿا. ساڳي وقت سوشل ميڊيا جي آواز کي ٻڌڻ لاء ثقافت کاتي کي گهرجي ته ڪو اهڙو سيل جوڙي جيڪو خبرن جي تصديق ڪندي اهڙن ماڻهن جي تڪڙي سار لهي، جيئن بشير سيتائي صاحب اسپتال ۾ آهن کين مدد جي ضرورت آهي. فيسبوڪ تي هن هفتي شهيد منير چولياڻي جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي، جيئي سنڌ متحده محاذ جي ميڊيا ڪنوينر منير چولياڻيءَ کي اغوا ڪرڻ بعد گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.  منير چولياڻي جو لاش بوبڪ ڀرسان درگاهه گنجڙي وٽان هٿ آيو، کيس مٿي ۾ 3 گوليون لڳل هيون. هوڏانهن اها ڳالهه اڃان به بحث هيٺ آهي ته آخر سنڌي ماڻهن جو پنهنجي سياسي، سماجي ۽ فڪري اڳواڻن تان ويساهه ڇو ٽُٽي رهيو آهي ۽ ڪنهن به اڳواڻ جي پٺيان هلڻ لاء تيار ناهن. ان سلسلي ۾ نثار کوکر لکيو آهي ته “اسي ۽ نوي وارن ڏهاڪن ۾ آيل سياسي شعور ۽ ترقي پسند لهرن سنڌ اندر هڪ اميد پيدا ڪئي ته ڀوتارڪو ڪلچر ختم ٿيندو پر پوءِ خبر پئي ته ان دور جي مها انقلابين جي رستي ۾ به ڪو نه ڪو ڀوتارڪو ڪلچر پيل هو.انهن پنهنجو اميج وڃايو پر سوين هزارين ڪارڪنن جو ويساھ وڃايو ۽ ماڻهو هاڻي ٻيهر ڀوتار کي بت ڪري پوڄڻ لڳا آهن.”

روزانه عوامي آواز 3 جون 2014

____

پهرين سنڌ سروسز اورڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيندڙ تقريب

پهرين سنڌ سروسز اورڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيندڙ تقريب

رپورٽ: محمد سليمان وساڻ

سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ۽ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي طرفان ايڇ بي اين ميڊيا جي سهڪار سان پهرين سنڌ سروسز اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي تقريب آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ پهريون دفعو سنڌ جي سرڪاري ڪامورن ۽ سياسي شخصيتن کي سندن سماجي، سياسي ۽ ادبي خدمتن عيوض سنڌ سروسز اوارڊ ڏنا ويا. ان موقعي تي ادب ۽ فن سان واڳيل شخصيتن کي به اوارڊ ۽ شيلڊ پيش ڪيون ويون. هن تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ سرڪاري ڪامورن، ادبي ۽ سياسي شخصيتن ۽ فنڪارن پنهنجي فيمليز سان گڏ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ناليواري فنڪارن گيت پيش ڪري محفل کي مچايو.
جن شخصيتن کي اوارڊ ڏنا ويا انهن ۾ سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسيلر پروفيسر مظهر الحق صديقي،  آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو جنرل سيڪريٽري محمد احمد شاهه، اڳوڻو صوبائي وزير عبد الحق ڀرٽ، ايم پي اي سيد مراد علي شاهه، ايڊيشنل آءِ جي پوليس سائين رکيو ميراڻي، ڊي آءِ جي پوليس عاشق بوزدار، صدر پريس ڪلب ڪراچي امتياز خان فاران، اسپيشل سيڪريٽر رورل ڊولپمينٽ اڪبر لغاري، ايڪسائيز کاتي جو سيڪريٽري عبدالمجيد پٺاڻ، سيڪريٽري زڪوات ۽ عشر محمد رمضان اعواڻ، چيئرمين فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي بشير مورائي، اڳوڻو وي سي شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي اڪبر حيدر سومرو، ڊاڪٽر نذير ڪلهوڙو، ناميارو سفرناما نگار ۽ ليکڪ الطاف شيخ، شاعر ۽ ليکڪ ادل سومرو، ناميارو راڳي ۽ شاعر بيدل مسرور، اداڪار شهباز دراني، اداڪار صلاح الدين تنيو، گلوڪار شمن علي ميرالي، گلوڪار ظفر رامي ۽ اداڪار منير پٺاڻ شامل آهن. ان موقعي تي گلوڪاره مسڪان جي، گلوڪاره اربيشم مسينا، صوفي راڳي خان محمد چانڊيو، سنڌ آرٽس ڪائونسل جي صدر رميش ڪمار، صحافي سيد فدا حسين شاهه، مصطفى ملاح، اداڪاره نوشين شيخ، ۽ فريد خان يوسفزئي کي شيلڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا. پروگرام جي آرگنائيزر، عهديدارن ۽ سرگرم رڪنن کي پڻ ميڊل ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.
هن اهم تقريب ۾ ميمبر قومي اسيمبلي وسيم احمد، نثار مورائي، وزير اعلى جي صلاحڪار عبدالجبار، آرٽس ڪائونسل جي صدر اعجاز احمد فاروقي، برگيڊيئر مختيار شيخ، سلطان قمر صديقي، فريد خان ۽ ٻين ڪيترن ئي معزز شخصتين، صحافين، اداڪارن ۽ اديبن شرڪت ڪئي. هن گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جي سريلن فنڪارن پنهنجي فن ذريعي ماڻهن کي موهيو. فنڪارن ۾ شمن علي ميرالي، ظفر رامي، واحد لاشاري، ديبا سحر، مسڪان جي، اربيشم، بادل راهي، نروڌا ماروي، نذير سمون ۽ شاهه جي راڳين فقير خان محمد چانڊيو ۽ ٻين سر وکيريا. حال ان وقت تاڙين جي گونج سان ٻهڪي اٿيو جڏهن ننڍڙي آرٽسٽ مريم وقار سنڌ توکي سلام تي شاندار پرفارمنس پيش ڪئي. زيبا بلوچ ۽ سويرا علي پڻ مختلف ڪلامن تي پرفارم ڪيو.

فيس بوڪ تي شهيد منير چولياڻي جي شهادت ۽  موقعي تي سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي چيئرمين حميد ڀٽو پنهنجي آجياڻي تقرير ۾ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ هميشه فنڪارن جي پذيرائي لاء ڪوشان رهي آهي ۽ هن دفعي اسان هڪ نواڻ سان گڏ آيا آهيون ته انهن ڪامورن کي مڃتا ڏيون جن فن ۽ فنڪارن جو قدر ڪيو آهي ۽ سماجي ۽ ادبي ميدان ۾ سرگرم رهيا آهن. هن چيو ته هن وقت سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي اها ڪوشش آهي ته سنڌ جي انهن فنڪارن لاء ڪو آپريٽو سوسائٽي ٺاهيون جن وٽ پنهنجا گهر ناهن. هن اپيل ڪئي ته حڪومت، ڪامورا ۽ سرندي وارا ان ڏس ۾ اسان جي مدد ڪندي هن اهم اسڪيم کي مڪمل ڪرائڻ ۾ اسان جا ٻانهن ٻيلي ٿين. ايم پي اي سيد مراد علي شاهه چيو ته فنڪار ٻين کي خوش ڪن ٿا پر سندن گهرن ۾ فاقا آهن، هن چيو ته فنڪار ڪيڏو به مجبور ڇو نه هجي پر هو ڏوهاري ڪڏهن به ناهي ٿيندو. ايم اين اي وسيم احمد چيو ته فنڪار قومن جي عزت ۽ سڃاڻ هوندا آهن تنهنڪري انهن کي مڃتا ملڻ سان گڏ انهن جي مدد ڪئي وڃي. الطاف شيخ چيو ته مان والدين کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيندس ته هو پنهنجي نوجوانن کي تعليم سان گڏ ادب ۽ آرٽ به سيکارين ڇو ته اها به سندن سڃاڻ ٿئي ٿي. پروفيسر مظهر الحق صديقي چيو ته هن وقت اسانکي تعليم لاء پاڻ پتوڙڻو آهي، ڇو ته تعليم ئي اسان جي ٻڏندڙ ٻيڙيء کي پار پهچائيندي. بيدل مسرور ثقافت کاتي تي تنقيد ڪندي چيو ته ثقافت کاتو سنڌ جي ثقافت بجاءِ ان ثقافت تي ڪم پيو ڪري جيڪا اسان جي ناهي. هن چيو ته فنڪارن کي عزت ملڻ گهرجي. ان موقعي تي سائين رکيو ميراڻي سڀني کي چيو ته پنهنجي آسپاس ڏسو ۽ بي پهچ ماڻهن جي مدد ڪيو، هن چيو ته صرف پنهنجي لاء جيئڻ زندگي ناهي. پروگرام جي ميزباني سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي جنرل سيڪريٽري رشيد چارڻ ڪئي. ان ريت سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيء ۾ ٿيندڙ يادگار ثقافتي تقريب رات دير سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتي. 

وڌيڪ تصويرون هن لنڪ تي موجود آهن

May 26, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 16

فيس بوڪ رائونڊ اپ 16
محمد سليمان وساڻ

گهڻن ڏينهن کان ڪيترن ئي دوستن کي فيس بوڪ جي دنيا کان پري ٿيندي ڏسي ڪجهه دوستن کان فون ڪري پڇا ڪيم. سنڌ ۾ رهندڙ اڪثر دوستن ٻڌايو ته بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ سخت گرمي سبب اسان جي سوشل ميڊيا جي سرگرمي گهڻي ڀاڱي بند آهي. بجلي بحران سنڌ ۾ هن وقت سڀ کان گهڻو آهي ۽ ٻي ڳالهه اها به آهي ته سنڌ حڪومت وفاق اڳيان ڪو خاطر خواهه احتجاج ته ڪونه ڪيو آهي پر سنڌ ڪيس به مضبوطيءَ سان پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. گيس ۽ تيل جي پيداوار ۾ امير سنڌ هن وقت اوندهه ۽ گرمي جي ور چڙهيل آهي. وڏي ڳالهه ته گئس جي پيداوار وارن ضلعن ۾ به سي اين جي جي بندش ۽ لوڊشينڊ پئي هلي، جڏهن ته ان جي بر عڪس بلوچستان ۾ سي اين جي ڪابه بندش ناهي. بجلي بحران جو هڪ ٻيو وڏو سبب سنڌ حڪومت به آهي، جيڪا گذريل ڊگهي عرصي کان بجلي جي پيداوار جو ڪو منصوبو شروع ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. ڪوئلي جون رٿائون به رولڙي جو شڪار آهن يا سياست جي ور چڙهيل آهن. سوشل ميڊيا تان ان سلسلي ۾ وقت بوقت آواز اٿندو رهي ٿو پر حيرت آهي ته سنڌ ۾ مخالف ڌر به ڪو ڀرپور آواز ناهي اٿاريو پر مخالف ڌر پنهنجي ئي پارٽي نواز ليگ کان ناراض آهي.  
هن هفتي سوشل ميڊيا تي هڪ آواز، هڪ مطالبو ۽ هڪ عرضي اها به رهي آهي ته سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري مهر النساء لاڙڪ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي جيڪا دماغي شريان ڦاٽڻ سبب نيم بيهوشيء جي حالت ۾ آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ داخل آهي ۽ سندس وارث معاشي طرح ان قابل ناهن جو مهانگو علاج برداشت ڪري سگهن. سنڌ جي ثقافت کاتي کي گهرجي ته هو آغا خان اسپتال پهچي سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي نمائنده تنظيم جي اهم عهديدار ۽ ڏات ڌڻيءَ جي سار لهن جيئن سندس وارثن کي آٿت ملي. هن هفتي سوشل ميڊيا جي سماجي سرگرمين مان ٻن سرگرمين جو ذڪر ضرور ڪندس جن مان هڪ آهي ڪراچي ۾ موجود قديم سنڌي اسڪول اين جي وي جي ٻارن کي يونيفارم ۽ تعليمي سهوليتن بابت ڪيل تقريب. هن تقريب جو خاص مهمان تعليم وارو صوبائي وزير نثار کهڙو، ڄام مدد علي ۽ شفيع محمد ڄاموٽ هيا. ياد رهي ته اين جي وي اسڪول ۾ ڪراچي جي ڏورانهن علائقن مان سنڌي ٻار بسن ذريعي اسڪول پهچن ٿا. ٻه سئو اسڪولي ٻارن ۾ يونيفارم ۽ ڪتاب مفت ورهايا ويا جيڪي مختلف دوستن جي مالي سهڪار سان مليا هئا. ان سلسلي ۾ فيس بوڪ تي ذوالفقار واهوچي پاران مهم هلندڙ هئي ۽ آخرڪار ان ۾ ڪاميابي ملي. هوڏانهن سنڌ فيسبوڪ فرينڊز پاران  ڏيپلائي ميمڻ ٽرسٽ ۽ اوسر پيڙهڪا جي سهڪار سان ڪوهستان واسين لاءِ نوري آباد ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽيءَ جي ٽراما سينٽر ۾ مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي. ڪيمپ تي 600 کان مٿي مريضن جي مفت چڪاس ڪري کين مفت دوائون فراهم ڪيون ويون. صنعتي علائقو هجڻ سبب چمڙي، اکين ۽ پيٽ جي مرضن ۾ مبتلا مريض گهڻي ڀاڱي ڪيمپ تي آيا.
22 مئي تي سوشل ميڊيا پاران سنڌ جي بهادر نياڻي ۽ سنڌ ڌرتيء لاءَ پاڻ ارپيندڙ شهيد غزالا بتول صديقي جي ورسيءَ جي مناسبت سان کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. شهيد غزلا بتول صديقي کي 22 مئي 2012ع تي ان وقت گولين جو کاڄ بڻائي شهيد ڪيو ويو جڏهن سنڌ جي وحدانيت تي ڪيل وار خلاف عوامي تحريڪ پاران نڪتل محبتِ سنڌ ريلي لياري کان پريس ڪلب ڪراچي اچي رهي هئي. ساڳي ئي ڏينهن سنڌ ڌرتيء سان محبت جي پاداش ۾ تشدد جو نشانو بڻجندڙ بهادر شخص شهيد مظفر ڀٽو کي به ڀيٽا پيش ڪندي سوشل ميڊيا سرخ سلام پيش ڪيو. ياد رهي ته 22 مئي 2012ع تي رات جي رهزنن سنڌ جي سر مچار مظفر ڀٽو کي ٽارچر سيلن ۾ اذيتون ڏئي مات نه مڃڻ تي هن جو ساهه ڪڍي چچريل بدن لاش جي صورت ۾ حيدرآباد ويجهو هٽڙي باءِ پاس جي روڊ تي ڦٽو ڪيو هو. نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه اها به آهي ته مٿيان ٻئي واقعا ڪنهن مارشلائي دور ۾ نه پر ان جمهوري دور ۾ ٿيا جنهن ۾ مرڪز جون واڳون سنڌ جي قيادت وٽ هيون. وڏي ڳالهه اها به آهي ته اڄ ٻه سال گذرڻ کانپوء به نه ته قاتلن جي خبر پئي ۽ نه ئي ان بابت ڪا انڪوائري رپورٽ سامهون اچي سگهي آهي.
نارٿ آمريڪا خاص ڪري نيو جرسي ۾ رهندڙ سنڌين لاء اها خوشخبري آهي ته سنڌي اڪيڊمڪ ۽ ڪلچرل سوسائٽي آف نارٿ آمريڪا ۽ ساڌو واسواڻي ٽرسٽ پاران نيويارڪ ۾ پهرين جون تي سنڌي ميلي جو انعقاد ڪيو پيو ويو وڃي جيڪو هو جمالو جي نالي سان فيس بوڪ تي به مشهوري لاء پيش ڪيو پيو وڃي. هن تقريب ۾ دادا جي پي واسواڻي سان هڪ روهه رهاڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي جڏهن ته نامياري سنڌي گلوڪاره ڪاجل چندراماڻي پاران موسيقي جا سُر وکريريا ويندا. 

روزانه عوامي آواز 27 مئي 2014ع

_________

May 19, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 15

فيس بوڪ رائونڊ اپ 15
محمد سليمان وساڻ

فيس بوڪ تي هڪ اهڙو ماحول جڙندو وڃي جو الائي ڇو پراڻا دوست ماٺار ۾ هليا ويا آهن يا انهن جون سرگرميون گهٽجي ويون آهن. ان جو سبب نون دوستن جي وڌيڪ سرگرمي آهي الائي پراڻا دوست فيس بوڪ جي هڪجهڙائي مان تنگ ٿي ويا آهن. پوءِ به اهو محسوس ڪيو ويو آهي ته مجموعي طور سنڌين جون سرگرميون وڌي رهيون آهن. پر ان مان ڪيئن لاڀ حاصل ڪجي؟ اهي سوال جواب طلب آهن. ان ئي حوالي سان گهڻن دوستن جو رايو آهي ته فيس بوڪ تبديلي نه ٿو آڻي سگهي باقي تبديلي لاء سٺو هٿيار آهي. هن هفتي سوشل ميڊيا تي ڪراچي جي ادبي ۽ سماجي سرگرمين جون تصويرون ۽ رپورٽون ڇانيل رهيون. جن مان هڪ آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران ڪرايل انجنيئر شفقت وڌو جي تصويري نمائش به آهي. هڪ اهڙي سنڌي ماڻهوء جون تصويرون شهداد ڪوٽ کان ڪراچي ۾ نمائش لاء آيون جنهن بابت مون سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي خبر ئي ڪانه هئي. شفقت وڌي جي تصويرن جي نمائش سان گڏ سندس تصويري ڪتابEternal Journey of my life through Painting  جي مهورتي تقريب پڻ منعقد ٿي جنهن ۾ ناميارن چترڪارن سندس فن بابت ڳالهايو. نامياري شاعر، ليکڪ ۽ فيس بوڪ جي ادبي تنظيم سنڌي ادبي ورلڊ ايسوسيئيشن جي چيئرمين هدايت بلوچ جي ڪالمن جي ڪتاب “يادگيرين جا البم” جي مهورت به سِگا پاران آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ سوشل ميڊيا جي دوستن سان گڏ علمي ۽ ادبي شخصيتن سندس ڪالمن جي ڪتاب ۽ شخصيت تي روشني وڌي. ان موقعي تي مقررن ان ڳالهه کي ساراهيو ته هيڏي وڏي انتها پسندي جي دور ۾ به هدايت بلوچ ايڏو بهادري ۽ بي باڪيءَ سان لکيو آهي. شاهه محمد پيرزادي جي ڪتاب سونهن جون سَوَ صورتون جي مهورت به ڪراچي ۾ انيس انصاري اڪيڊمي پاران منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ شاعرن سندس شاعري بابت ڳالهايو ۽ هي ايونٽ سوشل ميڊيا جو حصو رهيو.
جيو -جنگ، آءِ ايس آءِ ۽ ميڊيا جي جنگ ۾ سنڌ، سنڌي ماڻهو ۽ سنڌي ميڊيا ڪٿي بيٺي آهي اهو به سوشل ميڊيا جو هڪ هاٽ ٽاپڪ رهيو آهي. جيو کي ڪيترائي دوست سنڌ دشمن چينل سمجهي رهيا آهن پر جڏهن جيو ۽ آء ايس آء امهون سامهون آهن ته هڪ وڏو تعداد جيو جي سپورٽ پڻ ڪري رهيو آهي پر مجموعي طور تي جيو کي سنڌ ۽ بلوچستان مان گهٽ سپورٽ ملي آهي ان جو هڪ سبب جيو گروپ جي سنڌين ۽ بلوچن جي حقن جي آواز کي مناسب ڪوريج نه ڏيڻ پڻ آهي. ان حوالي سان سجاد مهر لکيو آهي “جيو پنهنجي تعصب پسندانه رويي سبب اڄ پوري ملڪ سوڌو سنڌ ۾ به اڪيلو ٿي پيو آهي. ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي هيڏي ساري ميڙ جي ڪوريج نه ڏئي جيو سنڌين سان دشمنيءَ جو ثبوت ڏنو هو، اڄ ان جي خلاف اٿندڙ آواز ان ڳالهه جو پختو دليل آهي ته هنن ڪالهه جيڪو پوکيو اڄ لڻڻو پئجي ويو اٿن..”
هندستان ۾ ٿيندڙ اليڪشن ۾ بي جي پي جي ڪاميابي تي پاڪستاني حڪومت ۽ فوج جو ڪهڙو رد عمل ايندو يا هو ان تي ڪيترو خوش آهن سا ڳالهه اڃان به سامهون ناهي آئي. پر اليڪشن جي هاڻوڪن نتيجن هندستاني سياست کي لوڏي ڇڏيو آهي. ڪنهن به تجزيي نگار يا بي جي پي کي پاڻ به ايڏي وڏي ڪاميابي جي توقع ڪانه هئي جيڪا کين ملي آهي. پر ڏسڻو اهو آهي ته سيڪيولر هندستان ۾ انتها پسند نريندر مودي پنهنجون ڪهڙيون پاليسيون ٿو آڻي. پر سوشل ميڊيا تي هندستان جي سنڌين کي اها اميد آهي ته بي جي پي جي ڪاميابيء سبب دور درشن تي سنڌي ٽي وي چينل جلد هندستان ۾ اچي ويندو. اها اميد آشا چاند سميت ڪيترن ئي سنڌين سوشل ميڊيا تي ڏيکاري آهي. نه صرف اهو پر ايل ڪي آڏواڻي ۽ نريندر مودي جون سنڌين سنڌي ٻولي ۽ سنڌي سماج بابت وڊيوز فيسبوڪ تي گهڻو شيئر ٿي رهيون آهن. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري، فڪر، ان وقت جي جاگرافيائي حالتن ۽ ڳالهين کي سمجهڻ لاءِ فيس بوڪ تي هڪ نئون پيج “اسان جو ڀٽائي وڏي ڳالهه آهه” جوڙيو ويو آهي. هن پيج تي ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي جي ڪتاب لطيفي سئر مان تصويرن ۽ ماڳن ذريعي ڄاڻ ڏني پئي وڃي. ڪمپوزنگ ۽ ڊزائن جي ماهر آفتاب حسين کوهاري پاران شاهه لطيف جي بيتن کي خوبصورت ڪمپيوٽر چترڪاري ذريعي سوشل ميڊيا تي پيش ڪيو پيو وڃي جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو آهي.
سوشل ميڊيا تي هڪ اهم ڳالهه ڪيترن ئي ڏينهن کان زير بحث آهي ته سنڌ ۾ موجود خانگي اسڪولن ۾ سنڌي سکيا يا ته ناهي يا نه هجڻ برابر آهي. ساڳي ڳالهه آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ تقرير ڪندي نامياري سماج سڌارڪ ڊاڪٽر سليمان شيخ به ڪئي آهي. ڊاڪٽر سليمان شيخ جي اها تقرير مايوسين سان ڀريل لڳي رهي هئي، جنهن ۾ هن ذڪر ڪيو ته سندس ڀرسان رهندڙ سنڌين جا ٻار هاڻ گهٽين ۾ هڪٻئي سان سنڌي ڳالهائڻ بدران اردو يا انگريزي جو استعمال پيا ڪن، هن چيو ته ڪراچي کي ته ڇڏيو پر هاڻ ميرپور خاص ۽ هالا جي ڪيترن ئي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي پڙهائڻ بند ٿي رهي آهي. اهو هڪ اهڙو بحث آهي جيڪو اسان جون ننڊون حرام ڪري ٿو ڇڏي. پوش ۽ مهانگن علائقن ۾ رهندڙ سنڌ جي پيرن، اميرن، بيوروڪريٽس ۽ واپاري طبقي جا ٻار هاڻ سنڌي ٻوليءَ کان پري ٿيندا ٿا وڃن. ان جو ذميوار ڪو ٻيو نه پر اسان پاڻ آهيون جيڪي پنهنجي ٻارن کان پنهنجي مادري ٻوليءَ جو حق کسي رهيا آهيون ۽ يقين ڪريو ته تاريخ اسان کي اهڙي ڪڌي ڪم تي ڪڏهن به معاف ڪونه ڪندي.

روزانه عوامي آواز 20 مئي 2014ع

____

May 18, 2014

هدايت بلوچ جو ڪتاب يادگيرين جا البم

هدايت بلوچ جو ڪتاب يادگيرين جا البم

محمد سليمان وساڻ

نامياري شاعر ۽ ليکڪ هدايت بلوچ جي شاعري گهڻي عرصي کان رسالن ۾ پڙهندا  رهياسين ۽ سندس ڪالم ۽ چئوسٽا به اخبارن ۾ ڇپبا رهيا. هڪ برجستي شاعر ۽ ليکڪ سان منهنجي پهرين ملاقات چوڪنڊي قبرستان ۾ تاجل بيوس جي پهرين ورسيء جي موقعي تي ٿي هئي جڏهن اسان سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئشن پاران گلن جي چادر کڻي پهتا هياسين ۽ اتي شمشير الحيدري جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين. سندس شاعري ۽ ڪالم پڙهيا هئا ۽ نالو به ٻڌل هئو. خاموش ، ماٺيڻو، قداور ، کلمک، دل جو صاف ۽ سهڻي سڀاء وارو اهو شخص هيو هدايت بلوچ. ساڳي شام ريجنت پلازا ۾ تاجل بيوس جي ورسيء جي مناسبت سان رکيل تقريب ۾ هن پنهنجا تاثر پيش ڪيا ۽ پوء فيسبوڪ ذريعي جڏهن کيس تقريب جون تصويرون موڪليم ته خوش ٿيا ۽ اتان دوستيء جي شروعات ٿي. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن سدائين، پيار، مرڪون، پنهنجائپ ڏيڻ سان گڏ رهنمائي ڪندا رهيا آهن. پوءِ جڏهن به ملندا هئا ته مان پهريون سوال سندن ڪتاب جي ڇپجڻ بابت ئي ڪندو هئس پر ڳالهه کي ٽاري ويندو هيو ۽ ان ڳالهه جو ماهر به هيو، پر شمشير الحيدري جي وڇوڙي کانپوء هن اهو خيال ڏيکاريو ته شاعري ۽ ڪالمن جو ڪتاب جلد ڇپرائي ڏيو جو زندگيء جو ڀروسو ئي ناهي. نيٺ سنگم پبليڪيشن جي سرواڻ ڪرم الاهي چنا ۽ ستار ڀٽي ان ڪم کي توڙ پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ آخرڪار سندس ڪالمن جو ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتو پر ان ڪتاب جي ڇپجڻ سان گڏ ئي سندس زندگيء جو هڪ اڻ وسرندڙ ۽ ڏکائتو واقعو پيش آيو جنهن سبب ڪتاب جي مهورت به رڪجي وئي. ڪتاب ڇپجڻ کانپوء مونکي پنهنجي ڪتاب “يادگيرين جا البم” جي ڪاپي موڪلي ڏنن. هدايت بلوچ صاحب پنهنجي هٿ اکرن سان لکيو آهي “پياري دوست، ڀاءُ، سريلي ساٿي محمد سليمان وساڻ لاءِ ”. مان خوشنصيب آهيان جو هدايت بلوچ جي دوستن ۾ شامل آهيان، جيتوڻيڪ مان هڪ ادنى شخص آهيان جيڪو نه ليکڪ آهي ۽ نه ئي شاعر، بس شاعرن ۽ اديبن جي شاعريء ۽ لکڻين جو  مداح سمجهو. هدايت بلوچ اسان جي انهن ليکڪن ۽ شاعرن مان هڪ آهي جيڪي خاموشي سان ڪم ڪندا آهن، جن کي پنهنجي نالي جي تشهير جي ضرورت نه پوندي آهي يا ان شيء جي طلب ئي نه ڪندا آهن. اهوئي سبب آهي جو هيڏي وڏي ليکڪ ۽ شاعر جو 66 سالن جي عمر يعني سندس رٽائرمينٽ کان به 6 سال پوءِ پهريون ڪتاب ڇپيو آهي. ان کي ڇا چئجي .... ادارن جو انڌ يا ليکڪ جي پنهنجي سُستي، پر ڪهڙي اداري تي ميار ڏجي اهو به سمجهڻ کان قاصر آهيان.
ڪتاب ڇا آهي چونڊ ڪالمن جي سهيڙ آهي. ڪالم ڇا آهن .... سڀ ڪجهه آهن، انهن ۾ سماجيات تي لکيل ليک به آهن، ته تاريخ به آهي. هنن ڪالمن ۾ سياست به آهي ته شاعري به. سندس ڪالمن ۾ لطيفيات به شامل آهي ته ادارن ۽ شخصيتن بابت تاثر ۽ ڄاڻ به موجود آهي. سندس لکڻين ۾ تعليمي ڪالم به شامل آهن ته سفرناما به آهن. سندس ڪالم جتي سندس دل جو آواز آهن اتي اسان جي احساسن جي به ترجماني پيا ڪن. ڪتاب جي نالي جي ڳالهه ايندي ئي ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ هي ڪتاب “يادگيرين جا البم” ڪو ڪالمن جو ڪتاب نه پر سندس آتم ڪٿا (Autobiography)  آهي ۽ اهڙا ڪيئي سوال سوشل ميڊيا تي ڪتاب جي پروموشن ڪندي مون کان پڻ ڪيا ويا  آهن. ڪتاب پڙهندي ڪافي جاين تي ليکڪ مٿان شاعريء جو رنگ به چڙهيل نظر اچي ٿو تنهنڪري اهو سوال به هر هر اٿي ٿو ته هدايت بلوچ بنيادي طور شاعر آهي يا ڪالم نگار ۽ ان جو بهتر جواب ليکڪ پاڻ ئي ڏئي سگهي ٿو.
سندس ڪالم وقت جي اهم معاملن ۽ مسئلن تي بهترين انداز سان لکيل آهن. سندس هڪ اهم خاصيت اها به وڻي ته هتي سڀ ڪو ادارن تي تنقيد ڪندي دير نه ٿو ڪري ۽ ڪنهن کي مڃتا ڏيڻ ڪفر برابر ٿو سمجهي اتي هدايت بلوچ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ۽ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي جي ڪم جي واکاڻ ڪندي انهن جي ڪم جي نه صرف تعريف ڪئي آهي پر لينگيوئيج اٿارتي جي قيام ۽ ان جي تاريخ بابت به تفصيلي ڪالم شامل ڪيا آهن. سندس ڪالمن جو هڪ پاسو سفرنامن وارو به آهي ۽ خاص ڪري آذربائيجان بابت سفري ڪالم شامل آهن. ان مان لڳي ٿو ته ليکڪ سفرناما به سهڻي انداز سان لکي سگهي ٿو. ڇو ته پاڻ دنيا جا ڪيترائي ملڪ گهميا اٿن ۽ اتي ڪافي عرصو رهيا به آهن تنهنڪري کين سفرناما به لکڻ گهرجن جنهن بابت الطاف شيخ  اڳ ئي فون ڪري چيو به هيو ته هدايت کي سفرنامو لکڻ گهرجي. سندس ڀاء عنايت بلوچ ان معاملي ۾ چست ۽ ڦڙتيلو آهي جنهن شاعري سان گڏ سفرنامن جا ڪتاب اڳ ئي لکيا آهن جيڪي گهڻو مقبول به ٿيا آهن..
ڪتاب يادگيرين جا البم ۾ شخصيتن بابت به سهڻا ڪالم شامل آهن جيڪي سياسي، ادبي ۽ سماجي شخصيتن تي لکيل آهن جن ۾ بين الاقوامي شخصيتون پڻ شامل آهن جهڙوڪ امن جو نوبل کٽندڙ پهرين مسلمان عورت شيرين عبادي، اينيميري شمل، ايڊورڊ سعيد، ارونڌتي راءَ ، راشيل ڪوري ۽ ٻيا شامل آهن. پنهنجي لکڻين ۾ سياسي ۽ سماجي حالتن جو بيان ڪندي پاڻ هر هر شاهه لطيف جا بيت ضرور شامل ڪيا اٿن. هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ لاء جتي ڪرم الاهي چنا کي جس ڏجي ٿو اتي پوپٽ پبليڪيشن جو ذڪر به ضرور ڪبو جن هميشه خوبصورت ڪتاب ڇاپيا آهن. هدايت بلوچ لاءَ دعاگو آهيان ته سنڌ جو هي ڏاهو ڏات ڌڻي سدا سلامت رهي ۽ سندس قلم اڳ جيان روان رهي.

___

May 12, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 14

فيس بوڪ رائونڊ اپ 14
محمد سليمان وساڻ

فيس بوڪ جي دنيا تي موجود ڪيترن ئي سنڌين کي ان ڳالهه تي حيرت ٿي رهي آهي ته تعليم جي بهتري لاءِ سڄي سنڌ پيدل جهاڳي ڪراچي پهتل عوامي جمهوري پارٽي جي پُر امن قافلي کي ته گهڻو پهريان ئي دروازا بند ڪري روڪيو ويو هو جيئن اهي سنڌ اسيمبلي پهچي نه سگهن، پر اها وڪيلن جي مستي چئجي يا سنڌ حڪومت ۾ موجود ڪارين رڍن جي سازش، وڪيل سولائيءَ سان اسيمبلي جي احاطي ۾ پهچي وڃن ٿا ۽ خوب نعري بازي، هلڙ بازي ڪن ٿا ۽ سنڌ حڪومت جي هڪ وزير انهن سان ملاقات پڻ ڪئي آهي. جڏهن ته ساڳيي ئي ڏينهن سنڌ روينيو کاتي جي ملازمن تي پريس ڪلب اڳيان تشدد ڪيو ويو. سنڌ حڪومت جي اهڙي ٻٽي معيارن تي لکڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته فيس بوڪ جي دوستن ته ان تي خوب لکيو آهي پر پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ان ٻٽي معيارن تي انتظاميه کي وائکو ڪرڻ جي ضرورت آهي. سوشل ميڊيا جي دنيا تي سنڌ جي وزير اعلى جي سنڌ اسيمبلي ۾ ڪيل اها تقرير به بحث جو موضوع رهي جنهن ۾ هن ٿري ماڻهن ۽ ٿري عورتن بابت اهڙا ته رمارڪس ڏنا آهن جيڪي سخت مذمت جوڳا آهن. اهي بيان اها پت وائکي ڪري رهيا آهن ته سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ حڪومت جي سوچ ڪهڙي معيار جي آهي.
سنڌ ۾ مندرن تي ٿيل حملا ڪهڙي سوچ ڪري رهي آهي ۽ صوفياڻي سنڌ جو هاڻ دنيا ۾ ڪهڙو پيغام وڃي رهيو آهي. اها ڳالهه سوچڻ سان گڏ اهڙن عملن کي روڪڻ لاء جنگي بنيادن تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ مندرن تي حملن وارا واقعا ايڏو تيزي سان پکڙي رهيا آهن ۽ ڪٿي نه ڪٿي اسان جا ئي ماڻهو ان ۾ شامل ٿي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ فيس بوڪ سان گڏ عملي طور به احتجاج ٿيا آهن پر اهي مئوثر ناهن، ماڻهن جو تعداد گهٽ آهي ۽ حڪومت به ڪو توجهه ڪانه پئي ڏئي. 11 مئي تي سوشل ميڊيا تي مائرن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان شيئرنگ ٿيندي رهي. ان ڏينهن کي جتي حقيقي مائرن سان محبت جو اظهار ڪندي شاعري پيش ڪئي وئي، ڀيٽائون پيش ڪيون ويون، احساس ۽ ڳوڙها شيئر ڪيا ويا اتي پنهنجي ڌرتي ماء سان به محبت جو وچن ڪيو ويو.
هن هفتي ڪتابن ڇپڻ ۽ ڪتابن جي مهورت جون تقريبون به خوب ٿيون آهن ۽ انهن جي سوشل ميڊيا تي به پذيرائي ٿي آهي. گوهر شيخ جي ڪتاب “پنڃرا تنهنجي پنبڻين جا” جي مهورت سنڌي ادبي سنگت گمبٽ پاران ڪئي وئي جڏهن ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ٻارن لاء ڇپايل شاعريءَ جي مجموعي “پنهنجي ٻولي پياري ٻولي” جي مهورت سنڌي ادبي سنگت پاران حيدر آباد ۾ منعقد ڪئي وئي. هوڏانهن 11 مئي تي محقق، شاعر، ليکڪ ۽ ٻوليءَ جي ماهر ڊاڪٽر اياز قادريء جي ياد ۾ شاهه عبد اللطيف ڀٽائي چيئر ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران “اياز حسين قادري ڪانفرنس” ڪراچي جي نيشنل ميوزم جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪئي وئي.  هن ڪانفرنس ۾ ملڪ جي نامياري شخصيتن اياز قادري جي شخصيت ۽ سندس ڪيل علمي ۽ تحقيقي ڪم تي روشني وڌي. ان موقعي تي ٽن ڪتابن وقت چوي آء بادشاهه، ديوان فقير ۽ سفر عقيدت جي مهورت ڪئي وئي.
سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۽ فيس بوڪ جي آنلائين ڪتاب گهر پاران هن هفتي ڊجيٽل ڪتاب  اپلوڊ ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو. هن هفتي جيڪي ڪتاب آنلائين آندا ويا انهن ۾ رضوان گل جي شاعريء جو ڪتاب پيار جي پهرين بارش، شاعريء جو ڪتاب برکا بوند بهار جي، اقبال بلوچ جي ڪهاڻين جو ڪتاب سانول جا سور، هوش چند ۽ ڪوٽ لکپت : ڪليم ٻٽ، نفسيات : ڊاڪٽر علي احمد قاضي، آخري رات : ممتاز مرزا، سنڌي ڊرامه جي تاريخ : آفتاب حسين کوهارو، دنيا جا عظيم افسانا : رشيد ڀٽي، سنڌ باد جو سفر : علي بابا شامل آهن. سڄي دنيا ۾ اي بوڪ ۽ ڊجيٽل بوڪ تيزي سان ترقي ڪئي آهي پر اسان وٽ پبلشر ۽ ليکڪ ان سلسلي ۾ اڳتي ڪونه پيا اچن. سڀني دوستن، پبلشرز ۽ ليکڪن کي اها اپيل ڪجي ٿي ته پنهنجي ڪتابن جون سافٽ ڪاپيون سنڌ سلامت کي اي ميل ڪن جيئن سندن پيغام ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن ذريعي سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين تائين پهچائي سگهجي.
فيس بوڪ ڪهڙي تبديلي ۽ ڪيئن تبديلي آڻي سگهي ٿو؟ اهو بحث به هلي رهيو آهي پر سنڌ جا اڪثر نوجوان فيس بوڪ تي انٽريسٽ  گروپ جوڙي رهيا آهن ان طرح هو پنهنجو وقت ته بهتر پيا گذارين پر اڃا تائين سنڌين جي گڏيل آواز وارو ڪو مئوثر گروپ سامهون نه اچي سگهيو آهي. اڄڪلهه فيس بوڪ ۽ سوشل ميڊيا مارڪيٽنگ جا اهم ۽ فائدي وارا ٽول بڻجي چڪا آهن جن ذريعي تمام گهٽ قيمت تي ۽ تمام جلدي ڪروڙن ماڻهن تائين پهچي سگهجي ٿو ۽ پاڪستان ۾ ڪيترائي آنلائين شاپنگ گروپ آنلائين مارڪيٽنگ ذريعي پنهنجو بزنيس هلائي رهيا آهن. هي هڪ سولو طريقو آهي جنهن ذريعي اوهان پنهنجي ويب سائيٽ جوڙيو ۽ آرڊر بوڪ ڪريو ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ يا ٽي سي ايس ذريعي پنهنجون شيون وڪڻي سگهو ٿا. هن وقت تائين سوشل ميڊيا ذريعي مان 100 کان وڌيڪ اهڙن گروپن جي وزٽ ڪئي آهي پر ڪو هڪ به اهڙو ناهي جيڪو سنڌ جي ثقافتي شين، هنري شين يا وري سنڌ جي روايتي تحفن کي وڪڻندو هجي.

روزانه عوامي آواز 13 مئي 2014
____ 

 



May 05, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 13

فيس بوڪ رائونڊ اپ 13
محمد سليمان وساڻ

فيس بوڪ جي دنيا ۾ ڪيترائي دوست روزانه پنهنجي دلچسپ، معلوماتي ۽ اصلاحي جملن ذريعي اسٽيٽس اپڊيٽ ڪندا رهن ٿا. سوچيم ته اڄ ڪجهه چونڊ اسٽيٽس اوهان سان شيئر ڪجن، جن مان ڪجهه موجوده سياسي حالتن جي رخ بابت به آهن.

·         "شايد هڪ دفعو وري چپن کي سبڻ ۽ زبانن کي تالا لڳائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، شايد وري هڪ اڳوڻي فوجي آمر کي غداري جي ڪيس مان بچائڻ لاء سڀنيبلڊي سويلينز کي غداري جو سرٽيفيڪيٽ جاري ٿيندو، سواءِ انهن جي سربراهن ۽ انهن جي بٽمين قلم جي سوداگرن جي باقي سڀ غدار آهن." (حسن مجتبى)
·        "خبردار سنڌيو، لانگ بوٽن جا آواز اچي رهيا آهن، 1977ع واري تاريخ پاڻ کي وري ورجائي پيئي. تياريون ۽ صف بنديون ٿي رهيون آهن. نوان ڄار کڻي وري ساڳيا شڪاري آيا." (مير سليم سنائي)
·        "سنڌ کي ٻاهرين طاقتن کان وڌيڪ موقعي پرست وڏيرڪي ۽ وچولي طبقي جي ابن الوقت ٽولي کان خطرو آهي. هو سڄي دنيا اڳيان جمهوريت جا چيمپيئن بڻجي، غربت ۽ جهالت هٿان سٽيل ماڻهن کي اربين روپين جي اثاثن کان محروم رکي، کين خيراتي ڪارڊن تي محتاج بڻائي سندن حمايت به حاصل ڪري وٺن ٿا. عوام کي پنهنجي عزت نفس جي احساس ۽ سندن وسيلن جي ڦرلٽ کان اڻ ڄاڻ رکي، کين ذهني محڪوميءَ هيٺ رکي سندن مزاحمتي سگهه کي به مڏو ڪري ڇڏين ٿا. انهن خدمتن جي عيوض ٻاهريون طاقتون کين هميشه پنهنجو فطري اتحادي بڻائي کين داڻو آڇينديون رهن ٿيون." (نصير ميمڻ)
·       "" مسقبل قريب ۾ سنڌ جي مالڪيءَ جي دعوا ڪندڙ طالبانن کي تيار ڪرڻ لاء کين ظاهر ٿي ميدان تي اچي وفادري ڏيکارڻ لاءِ مذهبي گادين ۽ گروپن کي هوم ورڪ ڪرايو پيو وڃي" (عبدالقدير ميمڻ)
·        "هتان جا نا اهل اقتداري ڀوتار هڪ ناچڻيءَ جو ڪردار ادا ڪري، ماڻهن جي مينڊييٽ جو مزاق اڏائي، هميشه اهو ثابت ڪندا رهيا آهن ته هن ملڪ ۾ فوجي آمريت ئي بهتر نظام آهي، ائين ڪري هو ملڪ جي عسڪري قوت لاءِ راهون هموار ڪري کين عوام تي آمريت مڙهڻ جي دعوت ڏيندا آهن، باقي ملڪ جي سموري تاريخ ۾ انقلاب پسند قوتن لاءِ ته ساڳي ئي آمريت موجود رهي آهي. جمهوري حڪومت ۾ به ڏاڍ جاري آهي ۽ فوجي حڪومت ۾ به ساڳيو عمل جاري رهندو، ڪو خاص فرق نه ٿيندو." (مشڪور ڦلڪارو)

·        "اهو هاڻوڪي سوشل دنيا جو اڇو ۽ سڀ کان وڏو ڪوڙ آهي ته سوشل ميڊيا تي آزادي آهي! جيڪڏهن اوهان کي يقين نه اچي ته ڪڏهن اوهان پنهنجي پسند جي پارٽي، مذهب، سياستدان جي تعريف لاء اسٽيٽس لکو يا ڪائي اهڙي تصوير رکو جيڪا اوهان کي دلڪش، خوبصورت ۽ پياري لڳي!!" (ساگر سهندڙو)
·         "مان گذريل هفتي کان ڪراچي انٽر بورڊ جي امتحانن ۾ انويجيليشن جي ڊيوٽي ڪري رهيو آهيان. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪڙي شاگرد کي نقل جي مواد سميت پڪڙيم ته موصوف کيس ڇڏڻ بدلي ڏوڪڙ ڏيڻ جي آفر ڏني. ڪاوڙ گهٽ ۽ ڏک گهڻو ٿيم. خود اسان استادن جي ڪم ظرفي آهي جو نقل ڪندڙن اسان جا ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا آهن!" (احمد سومرو)
·        "اسان کي هر شيءِ مبهم انداز ۾ پڙهائي وڃي ٿي، هڪ اهڙو اڌ سچ ٻڌايو وڃي ٿو جيڪو مڪمل ڪوڙ کان به خطرناڪ آهي پر سوال اهو آهي ته تاريخ جي چهري تي چڙهي ويل اها ڌوڙ ڪير لاهيندو؟ ان حوالي سان حسن خوب لکيو هو. يزيدي وقت ويري آ، سڄي تاريخ ميري آ" (وفا منور زئور)
·         "سوشل ميڊيا به اسان جو هڪ 'اوڙو پاڙو' ئي بڻجي وئي آهي، جتي ذهن چرندي پُرندي، ڳالهائيندي ٻولائيندي، اٿندي ويهندي، سٺا ڪم ڪندي، خراب شين ۾ هٿ وجهندي، عزتون ڏيندي ۽ بد تميزيون ڪندي نظر اچن ٿا، بلڪل ايئن ئي، جيئن اسان پنهنجي اوڙي پاڙي ۽ شهر ۾ ڏسندا آهيون ٻڌندا آهيون، ڪردارَ : سُٺا ڪردار به، مناسب ڪردار به، نامناسب ڪردار به ۽ جڏهن اوڙي پاڙي ۾، جن کي به بدتميزيون ڪندي ڏسبو تن جي تقرير تي، شعور تي، ڪردار تي ڪير اعتبار ڪندو!؟" (اسد چانڊيو)
·        "الائي ڪاڏي ويا هن هليا اهي ماڻهون جن جي ڏسڻ سان اکيون ٿڌيون, دل سڌير ۽ روح کي راحت ايندي هئي. محبت موڪلائي ڪنهن ڏوراهين طرف وئي آ هلي. هاڻي ته هنن ماڻهن ۽ پنهنجو پاڻ کان نفرت ٿيڻ لڳي آهي. ڪير به ڏڍ, آٿت ڏيڻ ۽ سهارو بڻجڻ وارو ناهي. ڪيئن ڪجي ؟ ڪنهن کي دانهن ڏجي.؟" (مظفر منگي)
·         "پنهنجي وسيلن هوندي به هر شهر ۾ 12 ڪلال بجلي بند ۽ گيس پنهنجي هوندي به ڏينهن مقرر، سي اين جي تي لائينون لڳل. هو ته جاڳ پنجابي جاڳ چئي اقتدار اعلى تي آيا پر سنڌ ۾ ڪير ٿو جاڳ سنڌي جاڳ چوي." (نثار کوکر)
·         "سنڌ م علم جي اڻاٺ ٿي وئي آهي، هنگامي حالتون آهن، تنهن ڪري علم سان هٿيار بند ٿيڻ جي ضرورت آهي. مان انسان سڌارڻ واري هٿيار علم جي ڳالھه ٿو ڪريان، ماڻهو مارڻ واري هٿيار جي خلاف آهيان. " (ذوالفقار واهوچو)

روزانه عوامي آواز 6 مئي 2014