February 21, 2016

هن کي عاشقي ئي زندگي ٿي لڳي : حسن وساڻ جي ڪتاب ”شام صحرا جي“ تي تبصرو

ڪتاب ”شام صحرا جي“ (شاعري)، شاعر : حسن وساڻ

هن کي عاشقي ئي زندگي ٿي لڳي

محمد سليمان وساڻ

مائيڪ آندري لکيو آهي ته “شاعري درد ۽ پيڙا جي پيٽ ڄائي آهي، هر اهو شخص جيڪو ڀوڳي ٿو ۽ درد سهي ٿو سو شاعر آهي هن جو هر هڪ لڙڪ هڪ شعر ۽ هر دک هڪ نظم آهي”. سنڌي شاعريءَ جا هر دور ۾ مختلف الڳ الڳ رخ رهيا آهن، هڪڙا ترقي پسند شاعريءَ ذريعي نالو ڪمائين ته ڪي وري انقلابي شاعري ذريعي ڇانئجي ويندا آهن. پر هڪ طبقو جنهن کي روايتي شاعري جو لقب ڏيندا آهن سو سدائين متحرڪ رهندو آهي ۽ هنن جي سونهن، سچ، چاهتن ۽ محبتن سان گڏ حُسن تي ڪيل شاعري پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي آهي. اهڙو شاعر معاشري جي بي راهه روي، ماڻهن جي اڍنگن روين، ڏک ۽ پيڙا مان گذري دردن جي ڪوتا تخليق ڪندو آهي. اهڙن ئي خوبصورت شاعرن مان هڪ حَسن وساڻ به آهي. خيرپور ضلعي جي هڪ ننڍي ڳوٺ جهنگي سان تعلق رکندڙ حسن وساڻ سهڻا غزل پيش ڪري پنهنجو نالو ڪمايو آهي. تازو ئي سندس شاعريءَ جو پهريون مجموئو “شام صحرا جي” ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. خيرپور ضلعو جتان تنوير عباسي، تاجل بيوس، عطا محمد حامي جهڙا شاعر پيدا ٿيا آهن جن سنڌي شاعريءَ کي نوان رخ ڏنا آهن، ان جو تسلسل مشتاق ڦل کان حسن وساڻ تائين ساڳيي جوڀن ۽ آب تاب سان شاعريءَ جي افق تي موجود آهي.
شاعري جذبن ۽ احساسن جي اظهار جو سڀ کان سگهارو ذريعو آهي جنهن ذريعي دل جي ڳالهه قلم جي نوڪ ذريعي ٻين تائين پهچي انهن جي دلين کي به جهومائي وجهي ٿي. اهائي ڳالهه حَسن وساڻ جي شاعريءَ مان ظاهر پئي ٿئي. حَسن جا غزل پڙهي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ماڻهن جي روين، محبوب جي روين، محبوب جي نخرن ۽ معشوق جي دلرباين جو ڪيڏي نه سندرتا سان لفظن ۾ بيان ڪري ٿو. حسن وساڻ ڳوٺ ۾ رهندي اتان جا حسين منظر ۽ پنهنجي دلربا جي تشبيهه ڇا ته سهڻي نموني پنهنجي شاعريءَ ۾ ڏيکاري آهي:

ڪيڏو نازڪ ادائن ۾ ويڙهيل هئا،
نيڻ تنهنجا حجابن ۾ ويڙهيل هئا.

مون ڇهڻ ٿي گهريا، هٿ رت ٿي ويا،
ڪيڏا ڪنڊا گلابن ۾ ويڙهيل هئا.


هو محبوب ۽ ان جي دوستيءَ کي ئي زندگي ٿو سڏي ڇو ته هو محبتن ۽ امن جو شاعر آهي، هن کي عاشقي ئي زندگي ٿي لڳي، هن کي چاهتون ئي نئين اميد ٿو ڏين:

موت ڏي ڪيئن وڃي، زندگيءَ کي ڇڏي،
ڪير تنهنجي پرين دوستيءَ کي ڇڏي.


حسن وساڻ جي شاعريءَ کي گهرائيءَ سان پڙهو ته ان ۾ فطرتي حسناڪيون ۽ فطرت سان پيار ڀريو پيو آهي. خوبصورت منظر ۽ فطرت جي سونهن جي ساراهه هو ايئن ئي ٿو ڪري جيئن وليم ورڊس ورٿ يا وري سنڌي شاعريءَ ۾ تنوير عباسي ڪئي آهي. هو اهڙي ڳوٺ ۾ رهي ٿو جتي شام جو سج لهڻ جا منظر، پکين جون لاتيون، مال جا ڌڻ، رات جي چانڊوڪي، تارن ڀري آسمان جي رم جهم، ماڪ جا قطرا، رات جا ٽهڪ، هير جهڙي هڳاءِ جهڙي هوا، مينهوڳي ۾ مٽيءَ جي خوشبو، ٻنين ۾ اميدن جي آسري هارين جون زندگيون، ڀٽن تي لهندڙ سج جا منظر ۽ صحرا ۾ گذرندڙ درد ڀريون شامون ڄڻ ته هن کي مست ڪري شاعر بڻايو ڇڏين ۽ اهڙي منظرن کي ئي هن شاعريءَ جي سونهن بڻايو آهي:

رات به تنهنجي ٽهڪن کان پوءِ،
گل ٽڙيا ها چانڊوڪيءَ ۾.

هير هڳاءُ ٿي وئي، هن جا،
وار ڇڙيا ها چانڊوڪيءَ ۾.


حسن وساڻ حسناڪين، محبتن، چاهتن، اميدن، آسرن، عشق ۽ عاشقي، ڌيمي لهجي، محبتي مرڪن جهڙو شاعر آهي، جنهن سنڌي شاعريءَ جي شيلف ۾ هڪ سندر ڪتاب جو اضافو آهي. حَسن جي شاعريءَ ۾ انسانيت جو درد ۽ انسان دوستي جو پيغام سمايل آهي، هن جي شاعريءَ ۾ اهڙا احساس سمايل آهن جيڪي پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿا وجهن. يقينن سندس شاعري پڙهندڙ هي ڪتاب پڙهي کيس داد ڏيڻ کان ڪونه رهندا. سندس خيالن جي گهرائي ۽ سادن لفظن سان ڪيل آسان شاعري کيس ادبي دنيا ۾ پنهنجو مقام ٺاهڻ ۾ سولايون پيدا ڪندي.
سندس شاعريءَ جو هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران ڇپايو ويو آهي. 112 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي. مهاڳ ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ لکيو آهي جڏهن ته مشتاق ڦل ۽ وفا حاڪم وساڻ جا شاعر ۽ شاعريءَ بابت رايا پڻ ڇپيل آهن.

ڪاوش سنڊي ميگ 21 فيبروري 2016ع

February 08, 2016

”هٽيو پاند رُخ تان“ گلاب سولنگيءَ جي خوشبو جهڙي شاعري


”هٽيو پاند رُخ تان“ گلاب سولنگيءَ جي خوشبو جهڙي شاعري
محمد سليمان وساڻ
وليم ورڊس ورٿ لکي ٿو ته ”شاعر هڪ انسان آهي. جيڪو انسانن سان ڳالهائي ٿو، جنهن کي عام ماڻهن کان وڌيڪ شعور، جوش ۽ نازڪ احساس مليل آهن. سندس روح وسيع آهي، هن جو جذبو ٻين کان وڌيڪ لطف حاصل ڪري ٿو ۽ چاهي ٿو ته سڄي ڪائنات به انهن جذبن ۽ امنگن سان ٽمٽار هجي“. وليم ورڊس ورٿ جي اهڙين خوبصورت سٽن تي گلاب سولنگي خوب لٿو. گلاب سولنگي جنهن کي اسان کان وڇڙيي ڇهه مهينا به مس گذريا هوندا پر سندس شاعري بلڪل ان گلاب جي پتين جيان آهي جيڪي پاڻ وِکري به خوشبو ڦهلائي وينديو ن آهن. گلاب سولنگيءَ جي شاعريءَ جو ڪتاب “هٽيو پاند رُخ تان” مونکي سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن قاضي احمد جي سرگرم دوست ممتاز خادم ميمڻ تحفي طور هالا ۾ ڏنو هو. مان ڳوٺ ويندي پورو ڪتاب پڙهي ويو هوس. گلاب سولنگي جي شاعري ۾ درد سمايل آهن ته خوشين جا خزانا به آهن، هو بهارن جو ذڪر ڪندي خزان کي به دل سان ڳائي ٿو. گلاب سولنگيءَ جي غزل جو هڪ بند پڙهندي مونکي فارسيءَ جي عالمي شهرت يافته شاعر حافظ شيرازيءَ جو هڪ مشهور شعرياد اچي ويو ”بخال هندوش بخشم سمرقند و بخارا“ يعني محبوب جي ڳل جي ڪاري تر تان سمرقند ۽ بخارا گهوري ڇڏيان ها. ان ئي تر لاءِ گلاب سولنگي چئي ٿو:

تنهنجي ڳل جو تِرُ او سائين،
منهنجو نيندو سِرُ او سائين.

گلاب سولنگي پنج درجا پاس هو ۽ درزڪو ڪم ڪندو پر سندس شاعريءَ ۽ ادبي دنيا سان لاڳاپو ائين ئي هيو جيئن مڇيءَ جو پاڻيءَ سان. اهوئي سبب هيو جو نواب ولي محمد ۾ سندس درزڪي ڪم جو ننڍڙو دڪان اتان جي ادبي اوطاق بڻجي ويو. هو جديد ۽ روايتي شاعريءَ جو سيبتو ۽ سلڇڻو شاعر هو. سندس شاعري رومانوي رنگن سان ڀريل آهي:

دل گهريو دلبر مليو، ٻيو ڇا کپي،
درد ويو دل جو هليو، ٻيو ڇا کپي.

گلاب سولنگيءَ جي شاعري فني حوالي سان پختي شاعري آهي، جنهن ۾ فڪري حسناڪين سان گڏ انڊلٺي رنگ موجود آهن. هن قافيي، رديف، ترڪيبن، تشبيهن ، محاورن جو ڪمال ڪاريگري سان استعمال ڪيو آهي. گلاب جي شاعري محبت، پيار ۽ امن جو پيغام آهي. ٻهراڙيءَ جي سادي زندگي ۽ عام رواجي ماحول جو اثر به سندس شاعريءَ تي پيو آهي. هو حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪرڻ کان نه ٿو گهٻرائي. هن جو قلم ڪنهن جي ونگار وهڻ يا اجائي تعريف کان ڪوهين ڏور ٿو ڀڄي، تڏهن ئي ته چوي ٿو :

هر قدم پرکيو زماني آ مگر،
ڪانه آ پنهنجي جهڪڻ سان دوستي.

گلاب سنڌ جي صوفياڻي رنگ ۾ رچيل شاعر آهي جيڪو مذهبي انتها پسندي کي ڌڪاري انسانيت جو پرچارڪ بڻيو رهيو. گلاب سولنگي جسماني طور اڄ اسان ۾ موجود ناهي پر سندس شاعريءَ جي خوشبوءِ جي مهڪ جو احساس سدائين محسوس ڪيو ويندو.

جڏهن گلاب تي تو گهور ڪئي،
دل منهنجي هٿن مان يار وئي،
جي وار ڪيئي سي وار عجب.

هي ڪتاب 128 صفحن تي مشتمل آهي جنهن ۾ غزل، ڪافيون ۽ وايون شامل آهن. هن ڪتاب جو مرتب معشوق ڌاريجو آهي. سنڌي ادبي سنگت قاضي احمد پاران هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قنبر وٽان ڇپايو ويو آهي جنهن جي قيمت 150 روپيا آهي.

February 03, 2016

مهراڻو : جهنگلي جيوت جي نرالي پناهه گاهه

مهراڻو : جهنگلي جيوت جي نرالي پناهه گاهه 

محمد سليمان وساڻ 

خيرپور جي هڪ مشهوري ان جي رياست وارو دور به آهي. جڏهن سنڌ تي ٽالپرن جو قبضو ٿيو ته هو پاڻ ۾ به ڪونه ٺهيا ۽ نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ جي ونڊ ورڇ ڪري ان کي ٽن حصن ۾ ورهائي کنين. هڪ حصو حيدرآباد جي ميرن وٽ آيو، ٻيو ميرپور خاص ۽ ٽيون خيرپور جي ميرن جي حصي ۾ آيو. جڏهن انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته خيرپور جي ميرن ڪابه مزاحمت ڪانه ڪئي ۽ انگريزن سندن رياست به برقرار رکي. اقتصادي حوالي سان خيرپور رياست جو دور خوشحالي وارو رهيو سواءِ مير علينواز ناز جي جنهن رياست جو ناڻو هڪ ڳائڻيءَ جي عشق ۾ لُٽائي ڇڏيو. انهن ڏينهن ۾ رياست خيرپور مالي حوالي سان گهوٽالي جو شڪار رهي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به خيرپور جي رياست واري حيثيت برقرار رهي پر اڳتي هلي 1955ع ۾ زبردستي يا ڌمڪائي رياست جي حيثيت ختم ڪري ان کي پاڪستان ۾ شامل ڪيو ويو. مير شڪار جا به شوقين هئا، تنهنڪري اڳتي هلي سندن هي شوق جهنگلي جيوت جي حفاظت ۾ تبديل ٿيو ۽ وائيلڊ لائيف جي بين الاقوامي حيثيت ماڻي چڪو، اهو حصو آهي مهراڻي جو. 
هن دفعي ڳوٺ موڪلن ۾ ويس ته مهراڻي گهمڻ جو پروگرام رٿيم. گذريل سال ڪوٽڏجي جو قلعو گهميو هيم. ان سلسلي ۾ هن سال به استاد سائين بخش وساڻ کي عرض رکيم. استاد سائين بخش اسان جو عزيز به آهي ته ڀائرن جهڙو دوست پڻ آهي، اڄڪلهه استادن جي تنظيم گسٽا جو سرگرم عهديدار پڻ آهي. ٻئي ڏينهن استاد سائين بخش جي پوٽوهار جيپ ۾ استاد ارشاد چني ۽ مرتضى وساڻ سان گڏ مهراڻو گهمڻ لاءِ نڪتاسين. ڪوٽڏجي پهچي اتان هڪ سونهون ماڻهو گڏ وٺڻو هو جيڪو اڳتي رڻ پٽ ۽ ٻيلي ۾ اسان جي رهنمائي ڪري. جنهن دوست کي رهنما طور کنيوسين سو مهراڻي پاسي جو ئي رهندڙ آهي. هو ٽريڪٽر جو مشهور ڊرائيور آهي تنهنڪري جيپ جي ڊرائيونگ سيٽ به استاد ارشاد سندس حوالي ڪئي. مان اڳيان ويٺس ۽ اسان ڪوٽڏجي شهر جي ڏکڻ اوڀر ۾ هلڻ لڳاسين. ڪوٽڏجي شهر کان لڳ ڀڳ 8 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي مهراڻي جون حدون شروع ٿين ٿيون. اندر سندس ڊيگهه ۽ ويڪر تمام گهڻي آهي ۽ ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تي مشتمل آهي. اندر زمينون ۽ فصل به آهن ته هڪ ڍنڍ به آهي ته رڻ پٽ سان گڏ هڪ حصو ٻيلي جهڙو به آهي جنهن ۾ ڪيئي پراڻا، ڊگها ۽ ويڪرا وڻ آهن. خيرپور فيڊر ايسٽ (ميرواهه) مهراڻي جي ڏاکڻي پاسي کان گڏ هلي ٿو. ٻئي طرف وارياسي ڀِٽُن ۽ ٽڪرين جو حصو آهي. مهراڻي کي کوڙ سارين جاين کان چوڌاري ڪوٽ يا وري تارون لڳايون ويون آهن. خيرپور رياست جي اڳوڻي والي مير سهراب خان ٽالپر 1790ع ۾ ڪيترن ئي ميلن تي مشتمل علائقي کي جنگلي جيوت جي محفوظ پناهه بڻايو جنهن کي بين الاقوامي وائلڊ لائف جي حيثيت حاصل آهي. هتي هزارين ناياب ڪارا هرڻ، ڳاڙها هرڻ، ڦاڙها، ٻارنهن سڱا،جهنگلي سوئر، جهنگلي ٻليون، گدڙ، تتر ۽ ڪيترائي ٻيا ناياب پکي ۽ جانور موجود آهن. پهريان هي علائقو رياست جي والين جي شڪار گاهه هيو پر اڳتي هلي هاڻوڪي والي هز هاءِ نيس علي مراد ٻئي ان کي شگار گاهه ختم ڪري جهنگلي جيوت جي محفوظ پناهه گاهه بڻايو. نه صرف اهو پر مير صاحب ڪجهه ناياب هرڻ ٻاهرين ملڪن مان به کڻائي آيو جيڪي هاڻي دنيا ۾ ته ناياب آهن پر مهراڻي ۾ موجود آهن. 
اسان جي گاڏي پهريان ڪڻڪ جي فصلن مان ٿيندي هلي ۽ پوءِ وري هڪ گيٽ آيو، ان مان اڳتي وڌياسين ته ٻيلو نظر آيو جنهن ۾ پراڻا ۽ وڏا وڏا وڻ نظر آيا، ڪٿي ڪٿي باغ نظر آيا جيئن زيتون، ليما وغيره. پکين جا ڪيئي آواز، ٿڌڪار ۽ قدرتي منظر سچ ته عجيب پئي لڳا. اتان ٿيندا هڪ ٻئي ڪوٽ ٻاهران آياسين جنهن کي لوهو گيٽ لڳل هو . ان کي کولي اندر وياسين، وري هڪ ٻيو ڪوٽ نظر آيو، ان دروازي تي پهچي واقفيت ڪرائيسين ۽ پوء دروازو کوليو ويو. اڳتي اک ڦيرائي ته ڪيئي هرڻ، ٻارنهن ســڱا، ڦاڙها، ٽاڪرو هرڻ نظر آيا، جيڪي گاڏي کي ڏسي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا. اهڙا منظر اڳ صرف نيشنل جاگرافڪ تي ڏٺا هياسين ۽ اڄ اسان جي ٻنهي طرفن کان هرڻ ۽ ڦاڙها هيا. ڪيمرا جي ڪلڪ کان ڪوهين ڏور ٿي ڀڳا. اسان کي گاڏي مان لهڻ کان روڪيو ويو هو. هتي گهڻو ڪري جانورن کي ڏسڻ لاءِ لڪل جايون ٺاهيون ويون آهن جيئن جانورن کي ڊڄ نه اچي. مان گاڏي مان ئي ڪجهه تصويرون ڇڪيم. پٿريلي زمين تي گاهه وڇايل نظر آيو جنهن کي کائڻ لاءِ پهتا هيا. 
هاڻي اسان اتان واپسي ڪري وري ٻئي ڪچي واٽ تي ورياسين ۽ ڪجهه اڳتي هلي چهچ ساون ڊگهن وڻن مان ٿيندا اڳتي وڌياسين. ڪٿان ڪٿان شاخون ڀريل پاڻي سان گڏ گڏ پئي هليون. جنهن جي پاسن تي ڪيئي ساوا ٻوٽا ۽ گل بيٺا هيا. ڪٿي گدڙ ۽ ڪٿي وري ڪجهه سوئر نظر پئي آيا. وچ ٻيلي ۾ هڪ جاءِ تي گاڏي روڪيسين، سامهون وچ تي هڪ جاءِ ٺهيل هئي، ڪجهه ماڻهو هٿيارن سان بيٺا هيا ۽ ڪجهه وري ڪچهري ڪري رهيا هئا. مٿي هڪ ڊگهو چبوترو ٺهيل هو. اسان ڏاڪڻيون چڙهي مٿي وياسين جتان ڍنڍ جو نظارو پئي نظر آيو، هڪ طرف ٻيلا هيا ته ٻئي طرف وري واريءَ جا دڙا نظر پئي آيا. هي جاءِ ۽ چبوترو گهڻو مٿي هيا. هيٺ لٿاسين ته اسان جي رهنمائي ڪندڙ بشير بڙدي هڪ ٻئي همراهه کي سڏيو جيڪو رکوالو هيو سوئرن واري طرف جو. سندس نالو گهنور بڙدي هيو. هتي مهراڻي پاسي بڙدي ذات جا ماڻهو گهڻا رهن ۽ اوسي پاسي جون زمينون به آباد ڪن ته ٽريڪٽر ۽ ٽرالين تي پٿرن جو ڪم به ڪن. مهراڻي جي رکوالي به هنن حوالي آهي. غوث علي شاهه جي وزارت اعلى واري ڏينهن ۾ هتي سرڪاري رکوالا به رکيا ويا پر اڳتي هلي اهي غير قانوني شڪار ۾ ملوث رهيا جن کي بعد ۾ هٽايو ويو. 
اسان وڻن ۽ ٻيلي مان ٿيندا هڪ هنڌ پهتاسين ۽ گهنور پنهنجي مخصوص آواز ۾ سوئرن کي سڏڻ لڳو. اهو وقت سندن چاري جو نه هيو پر رکوالي جي سڏڻ تي 12 کن سوئر گڏ ٿيا. اسان هڪ مٿاهين جڳهه تي لڪي ويٺاسين. هو پاڻ ۾ وڙهي به رهيا هئا. ڪجهه دير اتي رهي اسان بوزاڪر ڍنڍ طرف روانا ٿياسين. اتي وڃڻ لاءِ اسان کي واهه جي ٻئي پاسي کان وڃڻو پئي پيو، جنهن ۾ ڪلاڪ کن لڳي ها پر بشير ڊرائيور جي اها ضد هجي ته وچان ڀِٽُن مان هلون. آخر ڊرائيور اڳيان مجبور ٿياسين جنهن گاڏيءَ جي ٽائرن مان ڪجهه هوا ڪڍي ۽ وچ دڙن ۽ وڻن مان ٿيندو اڳتي وڌيو. منهنجو ته خير هيو باقي پوين سيٽن تي ويٺلن سان واهه جي ٿي، ڪڏهن هيڏي ته ڪڏهن هوڏي ..... الله الله ڪري ڍنڍ تي پهتاسين. پري کان ئي اُٺن جا وڳ، ٻڪرين ۽ رڍن جا ڌڻ نظر آيا ۽ کوڙ سارا پکي به هئا جيڪي ڍنڍ جي ٻئي طرف هيا. اڳيان ئي پاتن جا ڳوٺ هيا. اسان هاڻي واپسي ڪئي ۽ سڌو بشير جي ڳوٺ پهچي چانهه پيتي. ڪجهه گهڙيون ڪچهري ڪري واپس ٿياسين. 
مان سوچي رهيو هوس ته جيڪڏهن هن ماڳ کي ڪجهه وڌيڪ ترقي وٺرائي ان ۾ ٻيا به جانور رکرايا وڃن، ڍنڍ ۾ ڪجهه ٻيڙيون هلن ته جيڪر هي ماڳ به هڪ سياحتي هنڌ بڻجي وڃي. پر نه ته رياست جي واليءَ ۽ هن وقت جي وارثن ۾ ان قسم جي ڪا دلچسپي آهي ۽ نه ئي وقت جي حڪومتن ان طرف ڪو ڌيان ڏنو آهي ۽ نه ئي ڪنهن اين جي او ان ۾ ڪا دلچسپي ورتي آهي. ڪاش هنن ماڳن کي وڌيڪ ترقي وٺرائي انهن کي سياحتي ماڳن ۾ تبديل ڪري نه صرف مشهوري ماڻجي پر هتان جي مقامي ماڻهن لاءِ روزگار جا نوان موقعا فراهم ڪجن. 


January 09, 2016

دريا خان شنباڻي جي ڪهاڻي ڪتاب ”ڪچا رشتا“ تي تبصرو


دريا خان شنباڻي جي ڪهاڻي ڪتاب ”ڪچا رشتا“ تي تبصرو
تبصرو : محمد سليمان وساڻ
ڪو ڇا به چوي پر سنڌي ڪهاڻي مرندي ڪانه، ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته اسان جي معاشري ۾ هرروز هر پاسي نيون ڪهاڻيون ۽ ڪردار پيدا ٿيندا رهن ٿا. انهن ڪهاڻين ۽ ڪردارن کي وائکو ڪري معاشري اڳيان آڻڻ وارا به کوڙ آهن. سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ خيرپور ضلعي جي شهر ڪنب مان جنم وٺندڙ نوجوان ليکڪ دريا خان شنباڻي گهڻي وقت کان مختصر ڪهاڻيون لکي پاڻ مڃايو آهي. دريا خان کي لکڻ جو شوق ڪيئن ٿيو اها الڳ ڪهاڻي هوندي پر مونکان امر جليل جا لفظ نه وسرندا آهن جنهن لکيو آهي ته ”مون کي لکڻ جو شوق نه ٿيو هو، مون لکڻ جي ضرورت محسوس ڪئي هئي ۽ ڪندو رهيو آهيان. جيڪڏهن لکڻ طرف لاڙو نه ڪريان ها ته هوند ٻوساٽجي مري وڃان ها.“
دريا خان سان منهنجو رشتو ڪچو ناهي، اها ٻي ڳالهه آهي ته ان رشتي کي مظبوط ڪرڻ ۾ اسان جي ٻاراڻي دور وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. دريا خان ۽ مان ڇهين درجي کان ميٽرڪ تائين گڏ پڙهياسين، ساڳي ڪلاس ۾ پڙهياسين ۽ گهڻو ڪري ساڳي بينچ تي ويهي پڙهياسين. اسان ٻنهي جو قد ننڍو هجڻ ڪري ۽ هوشيار هجڻ ڪري اسانجي استادن پاران اسان کي اڳين بينچن تي ويهاريو ويندو هو. ميٽرڪ کان پوءِ مان خيرپور هليو ويس ۽ دريا خان پوئتي ئي رهيو پر تعليم جاري رکيائين. ملاقاتون به گهٽجڻ لڳيون، ڪراچي آياسين ته ملڻ ئي نه رهيو. پر دريا خان اسانجي ڪچي رشتي کي پڪو بڻايو جو منهنجو فون نمبر هٿ ڪري ايس ايم ايس ذريعي ڳنڍيو رهيو. سندس ڪالم گهڻو ڪري سڀني اخبارن ۾ پڙهندو رهيس. هن جو علم ۽ ادب سان چاهه رهيو ۽ اهوئي سبب هيو جو هو ڪالم، ڪهاڻيون ۽ شخصيتن تي خاڪا لکندو رهيو. اهوئي نه پر هو ناول به لکي چڪو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڪنب وڃڻ ٿيو ته سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ دوست مشتاق ڦل سان ڪنب ۾ ملاقات ٿي اتي ئي دريا خان سان به ملاقات ٿي، جنهن پنهنجي ڪهاڻين جو ڇپيل پهريون ڪتاب “ڪچا رشتا” تحفي طور ڏنو.
سندس مختصر ڪهاڻين جو هي ڪتاب 31 ڪهاڻين تي مشتمل آهي، جيڪو ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران ڇپايو ويو آهي. دريا خان ادب جي دنيا ۾ ڀلي سعادت حسن منٽو يا ماڻڪ نه هجي پر هنن جي لکڻين جو اثر مٿس ضرور آهي، خيرپور ضلعي ۾ هونئن به سنڌ جو اوچ ڪوٽي جو ڪهاڻيڪار نسيم کرل مشهور رهيو آهي ۽ دريا خان تي ان جو به اثر هوندو پر دريا خان به ته هن معاشري جو حصو آهي، تنهنڪري هو جيڪو ڏسي ٿو، جيڪو سوچي ٿو يا محسوس ڪري ٿو ان کي لفظن جا روپ ڏئي ڪهاڻين ۾ سمائي ٿو. اهي ڪهاڻيون جيڪي اسان جي آسپاس جون ڪهاڻيون آهن، جيڪي مزدور، هاري، شاعر، استاد، شاگرد، عورت، مرد ۽ معاشري جي ڪردارن جون ڪهاڻيون آهن. اهي ڪهاڻيون جيڪي کيس روئارين به ٿيون ته حيران ۽ پريشان به ڪن ٿيون. هو معاشري جي بي حسي سان گڏ معاشري جي سچائين تي خوب لکي ٿو. هو ڪٿي عاشق آهي ته ڪٿي مجبور آهي ته ڪٿي ٻار آهي، هن جون ڪهاڻيون ڀلي جو پنهنجي بابت نه به هجن پر کوڙ ڪردارن ۾ مان پاڻ کي محسوس ڪيو ۽ دريا خان جي دردن جا دريا نظر آيا.
خيرپور جي گرم خطي سان تعلق رکندڙ دريا خان جي لکڻين ۾ جتي قلم جي گرمجوشي محسوس ٿي اتي کوڙ جاين تي کجين جي مٺاس جهڙا احساس به نظر آيا. سندس ڪهاڻي خدمت ۾ امڙ سان محبت جا اڻ ميا احساس آهن ته ڪيترن ڪهاڻين ۾ عورت جي بي وفائي واري جهلڪ به عيان نظر اچي ٿي. هو گداگر جهڙي ڪهاڻي ۾ ته دل ڏاريندڙ ڊائلاگ لکي ويٺو آهي. دريا خان رهيو ته ڳوٺن ۾ آهي پر شهر جي ڪردارن سان به خوب نڀايو اٿس. هو سيڪس ۽ معاشري جي سچائي تي لکي ٻٽي عذاب ۾ آهي. هڪ ته ڪجهه پڙهندڙ اهڙي لکڻين تي خوب تنقيد ڪن ٿا اهوئي سبب آهي جو ماڻڪ جهڙا ليکڪ به جدائي ۽ الڳ ٿلڳ دنيا ۾ رهندي موٽ ماڻي نه سگهيا پر دريا خان به دريا دل آهي جو اهڙي تنقيدن کان مٿڀرو سوچيندي معاشري جي انهن ڪردارن تي به خوب لکي ٿو. دريا خان جي قلمي سگهه ڏسي اهو لکي پيو ته جلد سندس ٻيا ڪتاب به ڇپجي ايندا پر هن کي ڇاپڻ وارا ڪير هوندا؟ ڇا هو وري به پنهنجي جمع پونجي لڳائي ڪتاب ڇپرائيندو؟ ڇا اسان جا ادارا اهڙن نوجوانن کي ڇاپڻ ۾ ڪا اڳڀرائي ڪندا يا هميشه وانگر نالي جي پويان لڳا رهندا.
سنڌي ڪهاڻي ۾ جيتوڻيڪ هڪ جمود اچي چڪو آهي ۽ روايتي موضوعن تي ڪتاب ڇپجن پيا پر اسان اها اميد ڪنداسين ته دريا خان جهڙا نوجوان ليکڪ ڪي اهڙيون لکڻيون اسان تائين پهچائيندا جيڪي سنڌي ڪهاڻي کيتر ۾ امر لکڻيون بڻجي وينديون.

ڪاوش ميگزين آچر 10 جنوري 2016ع
___

ڀٽ شاهه ڏانهن ڀيرو



ڀٽ شاهه ڏانهن ڀيرو

محمد سليمان وساڻ

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سِگا) جو 37هون ساليانو ڪنوينشن هالا ۾ 25 ۽ 26 ڊسمبر 2015ع تي منعقد ٿي رهيو هو. اسان جي سچل ڳوٺ شاخ جي لڳ ڀڳ 20 دوستن ان ۾ شرڪت جي حامي ڀري هئي. مون سوچيو هو ته اتان وري ڳوٺ نڪري وڃبو جو موڪلون هيون. اسان سچل ڳوٺ مان نڪتاسين ته چئن گاڏين جو قافلو هو. سپر هاءِ وي تان گڏاپ ۽ گلشن حديد شاخ جا دوست به گڏيا ۽ ايئن هي قافلو هالا لاء روانو ٿيو.
کنڊو ۾ جمعي نماز پڙهيسين ۽ سڌو مخدوم محمد زمان طالب المولا لا ڪاليج هالا پهتاسين، رجسٽريشن ڪرائڻ کانپوء سڌو آڊيٽوريم وياسين. اسماعيل پنهنور اسٽيج کي سهڻي نموني سنواريو هو. دوستن سان گڏ ماني کائي، رجسٽريشن ڪرائي. مونکي تانگهه هئي ته لطيف سرڪار تي حاضري ڀريان. سائين ربنواز ڀٽو، مان، مرتضى وساڻ، چاچو الهداد گوپانگ ۽ ثناءُ الله راڄڙ گاڏي ۾ چڙِهي ڀٽ شاهه روانا ٿياسين.
الائي ڇو ڀٽائيءَ جا بيت ور ور ڪري پئي ذهن ۾ وسيا. ڀٽائي سنڌ جو اهو مفڪر، ڏاهو ۽ رهنما آهي جنهن پنهنجي بيتن ۾ رهنمائي وارا نقطا ڏسيا آهن ۽ اهڙا ته بيت سرجيا آهن جيڪي انقلاب جو اهڃاڻ آهن. ڀٽائي ڪنهن هڪ دور جو شاعر ناهي، هو ته هر دور جو شاعر آهي، هو ڪيڏو وطن پرست شاعر آهي اهو سندس هڪ بيت مان ئي واضح آهي ، جيڪا دعا به آهي.

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
دوست تون دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

پر اسان لطيف کي هڪ عظيم مفڪر ۽ عظيم قومي رهنما بدران هڪ تمام وڏو پير يا بزرگ ۽ مرشد بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙا منظر سندس روضي تي دعائون گهرڻ ۽ احاطي ۾ بيٺل ڪرڙ جي وڻ ۾ ٻڌل ڌاڳن مان پوي ٿي. جنهن قوم ۾ اهڙو ڏاهو ۽ مفڪر هجي جيڪو شاعري جي سٽن ۾ پنهنجي قوم جي بي فڪري ۽ لاپرواهي کي ڏسي پيغام ڏيندي چوي ته “جاڳو جاڙيجا، سما سک م سمهو”، جيڪو پنهنجي قوم جي عام ۽ سادن ماڻهن کي بُک ۽ بدحالي مان نڪرڻ جو درس ڏئي، جيڪو وڏي واڪي ڌرتي ڌڻين کي چوي ته مان ان کي پنهنجو سمجهندو آهيان اهڙي عظيم شاعر جي پيغام کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ اسان سڀني جو اولين فرض آهي.
دنبوري چوڪ تي پهتاسين ته اسانکي پوليس واري روضي طرف وڃڻ کان روڪيو. اسان گاڏي ساڄي طرف ڪانفرنس هال واري رخ ۾ موڙي روڊ تي هڪ طرف بيهاري. ان گهٽيءَ ۾ صفائيءَ جو نالو نشان به ڪونه هو. ڪيمرا کڻي ڀٽائيءَ جي روضي جي احاطي ۾ پهتاسين. چپلون لاهي اڳتي وڌياسين ته اسانکي روڪيو ويو، پڇڻ تي خبر پئي ته سجاده نشين وقار لطيفي صاحب حاضري پيا ڏين. اڳيان وقر صاحب هيو ۽ پويان ڪجهه ماڻهو هيس، شاهه صاحب ٻهاري هٿ ۾ کڻي علامتي طور ٻهاري گهمائي هيٺ ويٺو ۽ دعا گهريائين. اسان سڀ به دعا ۾ شامل ٿياسين. سائين وقار لطيفي سان ان کان اڳ سچل ڳوٺ ۾ ملاقاتون آهن، هڪ دفعي ته پاڻ اسحاق انصاري صاحب جي ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ لاجواب تقرير ڪئي هئائون. منهنجي خواهش هئي ته سائينءَ سان ملجي پر روڪيو ويو ته ساڻس بنگلي تي هلي ملاقات ڪيو.
هاڻي اسان لطيف سائينءَ جي روضي جي سامهون آهيون، هٿ مٿي کنيل آهن، نگاهون جهڪيل آهن. اسان دنيا جي عظيم شاعر جي احاطي ۾ موجود راڳين جو روايتي جهونگاريندڙ آواز ٻڌون ٿا. مان اهو راڳ ٻڌڻ لاءِ ڪيئي دفعا ويٺو آهيان پر سمجهي ناهيان سگهندو، صرف سُر ۽ آلاپ ٻڌندو آهيان. ڀٽائيءَ جو راڳ ته مان عابده پروين، محمد جمن ۽ محمد يوسف کان ٻڌو آهي، جيڪو سمجهه ۾ ايندو آهي. ڪجهه تصويرون ڪڍون ٿا ۽ پوءِ روضي ۾ اندر وڃون ٿا. اکيون پرنم آهن، هٿ دعا لاءِ کڄيل آهن :

ستر ڪر ستار آءُ اگهاڙي آهيان
ڍڪين ڍڪڻھار ڏيئي پاند پناهه جو.

وري شيخ اياز جون سٽون ياد ٿيون اچن:

ڀرسان تنهنجي ڀٽ ڌڻي جهلي بيٺس جهول
ڏنئي ٻه ٽي ٻول، سخي منهنجي ساهه کي

ڪڻا کنيم ڪيچ مان، کليا تنهنجا کيت،
مون وٽ مڙئي بيت، تو وٽ آهن آيتون !

سامهون نڪري سائين حبيب شاهه جي مزار تي نظر وجهون ٿا. دير به پئي ٿئي وري ٻاهر اچي راڳين سان گڏ ويهون ٿا ۽ احاطي ۾ سڪون ملي ٿو. پر اتي پنندڙن ۽ ڌاڳا ٻڌندڙن بيهڻ ئي نه پئي ڏنو. ان کان اڳ جو انهن تي ڪاوڙ ڪڍون اسان هاڻ پاڻ ئي واپس ورڻ چاهيو. مان سوچيان ته ڇا هنن ماڻهن لطيف جون هي سٽون ناهن پڙهيون:

پنڻ جي پورهيي مان ڪنهن نه ڀريا پَل
مانجهي اهي ملهه هر جنين جي هٿ ۾

هاڻي ٻاهر نڪري ڪراڙ طرف وڌون ٿا. رستي جي ٻنهي پاسي گندو پاڻي بيٺو آهي، گٽر اٿليل آهن، ڇيڻا گهٽين ۾ پيا آهن، ڌپ پئي اچي .... هي آهي لطيف جي نگري، هي آهي ڀٽ شاهه جي نگري .... مان سوچيم پئي ڪيڏي آس هئي اچڻ ۽ ڪيڏي مايوسي ٿي انتظام ڏسي وري به لطيف ياد آيو:

ڏورِيان ڏورِيان مَ لَهان !، شالَ مَ مِلان هوتَ
مَنَ اَندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻِ مِلَڻَ سان ماٺِي ٿِيَي

ڪراڙ جي هن ڪپ تي وڃڻ لاءِ نڪرون ٿا جتي سنڌ جو هڪ ٻيو عظيم شاعر، ليکڪ ۽ نثر نگار شيخ اياز مدفون آهي. اهو اياز جيڪو لطيف سائين مان اميدون ٿو رکي، ڇو ته هو سنڌ جي ماڻهن مان مايوس آهي.

جاڳ ڀٽائي گهوٽ! سنڌڙي ٿي توکي سڏي،
مرن پيون مارئيون، قابو آهن ڪوٽ،
اچ ته تنهنجي اوٽ، ڏاڍن کي ڏاري وجهون.

شيخ اياز




مونتي ميڙو مچڻو آ : شيخ اياز جي مزار تي حاضري


مونتي ميڙو مچڻو آ : شيخ اياز جي مزار تي حاضري
محمد سليمان وساڻ
ڪجهه ڏينهن اڳ ئي حيدرآباد ۾ دوستن شيخ اياز جي ياد ۾ جشن اياز منعقد ڪرايو هو، اهو جشن سڄو سارو هڪ هفتو هو، سنڌ ميوزيم ۽ خانه بدوش ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان شيخ اياز جا چاهيندڙ، اياز جا دوست، اياز جي فيملي، اياز سان عشق ڪندڙ شامل ٿيندا رهيا هئا. مان به شامل ٿيو هوس ۽ مان اهو پهه به ڪيو ته هالا ۾ ٿيندڙ سِگا جي ڪنوينشن دوران ڀٽائي ۽ اياز جي مزارن تي وڃبو. 25 ڊسمبر 2015ع تي لطيف سائين جي مزار تي حاضري ڀري اسان ٽن دوستن سائين ربنواز ڀٽو صاحب، مان ۽ غلام مرتضى وساڻ ڪراڙ جي ڪپ جو پاسو وٺيو اتي پهتاسين جتي اياز دفن آهي. اهو اياز جنهن جي ڪلا، جنهن جي شاعري، جنهن جي نثر کي ڀيٽيون ته هو ڌرتيءَ جيڏو شاعر بڻجي وڃي ٿو. هن ڄاتو هو ته ڀلي سنڌ جا ڪجهه نام نهاد ايب، سياستدان سندس شاعريءَ کي نه مڃين پر سنڌ کيس ياد ڪندي ۽ هن تي ميلا مچندا، تڏهن ئي ته چئي ويو:

تون جي مون کي ڪو نه مڃيندين
مون کي ڪا پرواهه نه آهي
آءٌ سڀاڻي لاءِ لکان ٿو
جيڪو نيٺ ته اچڻو آهي
مون تي ميڙو مچڻو آهي.


شيخ اياز سنڌ جي اها هستي آهي جنهن اسان کي انقلاب جو دڳ ڏسيو، هن جي باغي ۽ انقلابي شاعريءَ نوجوانن ۽ سنڌ واسين کي نوان گس ڏنا، جوش ڏنو، هوش ڏنو ۽ سڃاڻ ڏني. هن جي رومانوي شاعري به ته غضب جي آهي ۽ سنڌ سان عشق ڪرڻ ته ڪو اياز کان سِکي. اياز صدين جو شاعر آهي، اياز کي چاهيندڙ ڪيترائي آهن.
اسان سان گڏ حاضري ڀريندڙ ٻيا به آهن. مان اياز جي شاعريءَ ۾ گم آهيان جو مرتضى مونکان ڪيمرا وٺي تصويرون ڪڍي ٿو. سامهون ڪراڙ ڍنڍ آهي، ڪراڙ جي هن پار لطيف جو روضو ڪر کنيو بيٺو آهي. ايئن پيو ڀاسي ڄڻ لطيف ئي سنڌ آهي. مان پاڻ کي گم سم پيو ڀانيان. اياز جون سٽون ياد ٿيون اچن:

ميلي ۾ تُون تنها تنها، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
اک ۾ ڳوڙها، هٿ ۾ گجرا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
ڪوبه نه ايندو ، ڪوبه نه ايندو، ڪوبه نه تُنهنجي دُوار!
بند ڪري ڇڏ هي دروازا، ڪنهن کي ڳولين ٿو؟
خاڪ اُڏاڻي، ڪاڪ ڪري پئي، پوئين پهر ’اياز‘!
ڪهڙي مُومل منهنجا راڻا! ڪنهن کي ڳولين ٿو؟


شيخ اياز جي ڪلام ۾ سنڌ دوستي۽ وطن پرستي جابجا نظر اچي ٿي. ڪيئي گيت، غزل، نظم ۽ وايون آهن جيڪي وطن پرستي، حب الوطني ۽ سنڌ پرستيءَ سان ڀريون پيون آهن :

· مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦٽندا سرخ گلاب
· تو تان واريان جند، منهنجي مٺڙي سنڌي.
· ڪڏهن ڪرندي ڪاڪ، ڪڏهن ملندو مينڌرو.
· ڌرتي منهنجو ديس، مگر مان سنڌڙي جندڙيءَ لايان وو.
· سنڌڙي تنهنجو ساهه اياز، مري نه ٿيڻو آهي.
· سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو.
· هي پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ پر سنڌ اياز نه مرڻي آ.
· جتي لڪ لڳي، جت اڪ تپن، سو ديس مسافر منهنجو ڙي،
· سنڌ ديس جي ڌرتي تو تي پنهنجو سيس نوايان، مٺي ماٿي لايان.
· سهندو ڪيرميار او يار، سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو!

احاطي ۾ مٽي ۽ دز پئي اڏامي، اڇي پٿر تي هنڌ هنڌ ڌوڙ ڇانيل آهي پر اياز جا خيال اجرا آهن، هو هر سٽ ۾ جيئي ٿو، هو اڄ به جيئي ٿو اسان جي دلين ۾، شاعريءَ ۾ ۽ راڳين جي سدائن ۾ ......

ڪيئن ڪريان مان، ڪنھن به ريت
منھنجي من کي چين ناھي

ھاءِ، ڪھڙي رات آھي
چنڊ منھنجو ناھي ميت
منھنجي من کي چين ناھي

ھيءُ گلابي رُت ڇڏي
مون کان رسي ويا ڪيئن گيت
منھنجي من کي چين ناھي


سج لهڻ وارو آهي ۽ اسانکي هالا پهچڻو آهي جو سِگا جي 37هين سالياني ڪنونشن جو افتتاحي اجلاس شروع ٿيڻ وارو آهي ..... اياز جي قبر تي فاتح پڙهي ڪراڙ جي ڪنڌي تي هوريان هوريان واپس ورون ٿا.

تو لئه تڪيندي ڏيئا اجهاڻا
ڇو ڪونه آئين تون رات راڻا
هيءِ هيءِ بسنتو هي ڦول پنهنجا
ڪنهن لاءِ آندَوَ منهنجي پڄاڻان
مايوس آهين اي مينڌرا ڇو
مومل ڪندي آ ڪنهن وقت ماڻا
اڄڪلهه اياز آ مرهم مهانگي
۽ گهاوَ تنهنجا آهن پراڻا


اياز جي اڻ کُٽُ شاعري آهي جا هالا تائين ذهن تي ترندي ٿي رهي ....

سون جهڙي جواني اسان کان وٺي
وار چاندي ڪيئه عمر ايڏي ٺڳي
سور تو لئه سٺا سار تنهنجي رهي
زندگاني پرين تار تنهنجي تڳي


وڌيڪ تصويرون هن لنڪ تي

December 22, 2015

بوسنيا، ڪشمير، فلسطين ۽ برما وارن لاء روئيندڙ الائي ڇو هتي خاموش آهن .

بوسنيا، ڪشمير، فلسطين ۽ برما وارن لاء روئيندڙ الائي ڇو هتي خاموش آهن .


جڏهن ٻوليون مرڻ لڳنديون آهن ته اهي قومون به ختم ٿي وينديون آهن..



بو ٻولي ڳالهائيندڙ آخري عورت جي موت سان گڏ ئي سندن ٻولي ۽ قوم جو وجود به ختم ٿي ويو. جڏهن ٻوليون مرڻ لڳنديون آهن ته اهي قومون به ختم ٿي وينديون آهن...



اسان هاڻي ڪيترا مرثيا ڳائينداسين ۽ پيا ويڻ ڪندا رهنداسين ...


اسان هاڻي ڪيترا مرثيا ڳائينداسين ۽ پيا ويڻ ڪندا رهنداسين ...



يار اخلاق وڏي ڳالهه آ ...



فيسبوڪ تي ويهي گدڙ ڀڀڪين يا گارين ڏيڻ سان جي اوهان سمجهو ٿا ته سنڌ جو ڀلو ٿئي ٿو ته شاباس اٿو ......يار اخلاق وڏي ڳالهه آ ...