August 09, 2016

علي بابا : ڌرتي ڌڪاڻن جي ليکڪ جي موڪلاڻي

علي بابا : ڌرتي ڌڪاڻن جي ليکڪ جي موڪلاڻي 

محمد سليمان وساڻ 

هو فقير منش ۽ درويش طبيعت ليکڪ هو. هن وٽ وڏائي يا ڪو ٺٺ ٺانگر ڪڏهن به نه ڏٺو، هو مصنوعيت سان نفرت ڪندڙ ماڻهو هو. مان سچل ڳوٺ جي گهٽين ۾ کيس ڪيترائي دفعا گهمندي ڏٺو، جتي هو مونکي سنڌ جو ڀٽڪندڙ روح لڳندو هو. هو عام پروگرامن ۾ به ماٺ ڪيو اچي ويهندو هو. سندس ڪهاڻين ۽ ڊرامن ۾ ڪمال ڪاريگري سان اهڙا ته ڪردار ۽ مڪالما ملندا هيا جيڪي سچا ۽ کرا، سادا ۽ اجائي پٽاڙ کان آجا هوندا هئا. هن جي لکڻين ۾ سنڌي ماڻهو ۽ سنڌ نظر ايندي هئي. ” دنگي منجهه درياء“ جو ليکڪ علي بابا اڄ اسان ۾ موجود ناهي، ڪالهه هو ان راهه رباني جو راهي ٿيو جتان ڪو واپس ناهي ورندو. پر علي بابا جون ڪهاڻيون ۽ ناول سندس ياد ڏياريندا رهندا. هي درويش صفت ماڻهو جنهن سان مليو اهو کيس سدائين ياد ڪندو. علي بابا جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ جي مهاڳ ۾ نثار حسيني لکي ٿو”علي بابا، سنڌي ساهت جو اهو اڻٿڪ، اربيلو ۽ مست الست ليکڪ آهي، جيڪو جُڳن کان ڪارونجهر کان ڪينجهر تائين، ڪيٽي کان ڪشمور تائين، موهن کان سون مياڻيءَ تائين ۽ کيرٿر کان کاري تائين سنڌ جي اتهاس کي کيڙيندو رهيو آهي.“ 
علي محمد ولد محمد رمضان بلوچ 1940ع ڌاري ڪوٽڙي ضلع دادوءَ ۾ پيدا ٿيو، علي محمد اڳتي هلي ”علي بابا“ جي نالي سان مشهور ٿيو. علي بابا جو تعلق”رند“ قبيلي سان آهي، علي بابا جا وڏا، اوڻيهين صدي ڌاري بلوچستان مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ ويٺا. علي بابا جو پيءُ محمد رمضان ريلوي ۾ شنٽنگ پائلٽ هو. هن پرائمري تعليم نانگو لائين ميونسپل اسڪول ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ميونسپل هاءِ اسڪول ڪوٽڙي ۾ داخل ٿيو. هو جڏهن مئٽرڪ جو امتحان ڏيئي رهيو هو ته امتحان هال ۾ هڪ ڇوڪر کي ڀونڊو ڏيڻ تي هڪ استاد کيس امتحان هال مان ڪڍي ڇڏيو، بس اهو ڏينهن وري علي بابا اسڪول جو منهن نه ڏٺو. هن ڪجهه عرصو ريلوي ۾ ڪلارڪ طور ڪم ڪيو، پوءِ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر ٿي ڪم ڪيو. 1965ع کانپوءِ نوڪري ڇڏي صرف لکڻ لڳو جيڪو سندس گذر سفر جو ذريعو به هيو. سندس شروعاتي ڪهاڻيون شمشيرالحيدري سنواري سڌاري ”نئين زندگي“ رسالي ۾ ڇپيون. هو شمشير الحيدري جي وفات وقت سندس تڏي تي وڏي واڪ اهو چوندو رهيو ته علي بابا کي علي بابا شمشير بڻايو. علي بابا، ٻارن لاءِ هڪ ناول ”سنڌباد جو سفر“ لکيو جيڪو 1993ع ۾ ڇپيو. 
علي بابا ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ 100 کان مٿي ڊراما لکيا. سندس ٽي وي ڊرامي ”دنگيءَ منجهه درياءُ“ کي ميونخ جرمنيءَ جي عالمي ميلي ۾ 79 ملڪن جي ڊرامن مان ٽيون نمبر بهترين ڊرامو قرار ڏيئي ”ايوارڊ“ سان نوازيو ويو، هي ڊرامو سنڌو درياءَ جي مهاڻن جي ڪهاڻيءَ تي مشتمل هوسندس مشهور ڊرامن ۾ ٻاليشاهي، موکي متارا، مومل راڻو، هوشو شيدي، رقص حيات (اهو موهن دڙي جي ناچڻي ۽ زندگي بابت هو) وغيره شامل آهن. 
سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1983ع ۾ ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ جي نالي سان ڇپيو، ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب ”آيل ڙي اولاڻا“ 1984ع ۾ ڇپيو ۽ ٽيون ڪتاب ”علي بابا جون ڪهاڻيون“ (ڀاڱو پهريون-1994ع) ۾ ڇپيو، هن ۾ علي بابا جون ڪُل 59 ڪهاڻيون شامل آهن. سندس لکيل ناول ”موهن جودڙو“ 1985ع ۾ شايع ٿيو. اهو ناول پهريان ماهوار ”روح رهاڻ“ ۽ پوءِ ”نئين زندگي“ ۾ قسطوار ڇپيو هو. ساڳي ناول جو ذڪر ڪندي غلام حسين رنگريز لکي ٿو: 
”علي بابا سندس ناول ”موهن جو دڙو“ (پهريون حصو) ۾ ڏات ۽ ڏانءُ جي بلندين کي ڇهي رهيو آهي. ٻوليءَ کان وٺي منظر نگاريءَ تائين ڪٿي به سندس گرفت ڪمزور پوندي محسوس نٿي ٿئي. ڪاش! علي بابا ”موهن جو دڙو“ جو ٻيو حصو به مڪمل ڪري سگهي. جيڪڏهن اهو ناول مڪمل ٿي وڃي ته هرمن هيس جي ”سڌارٿا“ کان به وڌيڪ مقبوليت ماڻهي سگهي ٿو.“ 
پر افسوس جو معاشي، مالي ۽ سماجي حالتن جي ابتري سبب هو ناول مڪمل ڪري نه سگهيو. ٻيو حصو لکي نه سگهيو. علي بابا اڄ اسان ۾ موجود ناهي پر سندس ڪهاڻيون زندهه آهن، سندس ڪردار زندهه آهن، هو پاڻ ئي چوندو هو ته ڪهاڻيڪار ته مري ويندا آهن پر ڪهاڻي ڪڏهن به نه مرندي. ڪهاڻين جي ڪردارن کي زندگي ڏيندڙ علي بابا اسان کان موڪلائي ويو. سندس زندگيءَ جو آخري حصو گمناميءَ وارو رهيو، جنهن ۾ نه ته اديبن ۽ نه وري ادبي تنظيمن سندس ڪا سار لڌي.

June 07, 2016

اڙي موت ميار ... !!! ...اياز جانيءَ جو وڇوڙو


اڙي موت ميار ... !!! ...اياز جانيءَ جو وڇوڙو
محمد سليمان وساڻ
ڏسُ اسان جو مٽي ڏئي نه ڏئي
پاڻ آڪاس کان پري ٿا وڃون
زندگي موت جي سواري آ
سا سواري اسان ڪري ٿا وڃون

ايازجاني

ڪالهه ئي اياز جانيءَ جو ذڪر نڪتو هو، جڏهن موري جو ڪوي امداد سولنگي ۽ شهداد ڪوٽ جو نوجوان شاعر ۽ پبلشر مرتضا سولنگي مون وٽ سچل ڳوٺ آيا هئا. موضوع ته گهڻا هيا پر اسان جي سٿ جي هڪ بهادر شاعر جو ذڪر نڪتو هو يعني اياز جانيءَ جو. مونکي فڪر ٿي رهيو هو ته اياز جاني طبيعت خراب هوندي ڪيئن ٿو سيوهڻ، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي وڃي سو به موت مار گرميءَ ۾. اهڙو ذڪر هڪ هفتو اڳ به نڪتو هو جڏهن اياز جانيءَ جي جوڙ جا لاڙڪاڻي جا شاعر رضوان گُل ۽ مسرور پيرزادو سچل ڳوٺ آيا هئا. اسان سڀ سندس صحت ۽ اياز جاني جي اهڙي رويي تي پريشان هياسين. هن کي مڪمل آرام جي ضرورت هئي. کيس دل جي تڪليف ته هئي ئي ان سان گڏ کيس ساهه کڻڻ ۾ تڪليف به ايندي هئي. هو اڳ به ڪيترا دفعا اسپتالن ۾ ڏاڍي سنجيده بيماري سبب داخل ٿيندو رهيو هو. پر هن کي شاعري، ادب ۽ ادبي محفلن سان بي انتها چاهه ۽ عشق هيو. هو ادبي محفلن جي جان هيو. اهي محفلون ڪراچيءَ ۾ هجن يا لاڙڪاڻي ۾ يا ڪٿي به جتي هن کي سڏيو ويو هجي، ضرور پهچندو هو. وڇوڙي کان هڪ ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ۾ اڪبر لغاريءَ جي ڪتاب جي مهورتي پروگرام ۾ موجود هيو. ان لاءِ ئي هن گلشن حديد کان لاڙڪاڻي جي راهه ورتي هئي. پر کيس خبر نه هئي ۽ نه ئي اسان کي اندازو هو ته اهو لاڙڪاڻي ڏانهن سندس آخري سفر آهي.
اياز جانيءَ سان فيسبوڪ تي ڪافي سال اڳ تعارف ٿيو هو. مان سندس جنم ڏينهن تي هڪ منفرد ڪارڊ جوڙي کيس واڌايون ڏنيون هيون. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ئي آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ هڪ ادبي محفل ۾ ڪنهن شخص منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي پڇيو هو ته تون سليمان وساڻ آهين؟ مون مرڪندي ها چيو هو ۽ کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهيم ته ڀاڪر ۾ ڀريندي چيائين مان اياز جاني آهيان. پوءِ ساڻس ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون، سنڌي ادب جي موجوده صورتحال کان ادبي ادارن، بيوروڪريٽس جي روين، شاعرن ۽ اديبن جي روين ۽ ادبي سياست کان ميڊيا تائين اسان الائي ڪيترن موضوعن تي ڪچهريون ڪندا هئاسين. ڪڏهن گلشن حديد ته ڪڏهن آرٽس ڪائونسل، ڪڏهن سچل ڳوٺ ته ڪڏهن منهنجي آفيس، ڪڏهن انيس انصاري اڪيڊمي ته ڪڏهن ڪنهن هوٽل ۾ چانهه جي ڪپ تي ..... هن کي ادبي محفلن، پروگرامن، مشاعرن ۾ شموليت جو عشق هو ۽ اهو عشق کيس اسپتال جي بستري تي وڌيڪ تڙپائيندو هو. حيدر آباد لٽريچر فيسٽيول جي کيس گهڻي خوشي هئي پر ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي کيس دل جي عارضي سبب اسپتال داخل ڪيو ويو. اسپتال مان به اسٽيٽس لکندو رهيو ۽ فيسٽيول ۾ شامل نه ٿيڻ تي کيس ڏک رسيو. ڪارڊيو اسپتال ۾ جڏهن ساڻس ملڻ لاءِ امداد حسيني ۽ مسرور پيرزادي سان گڏ ملڻ وياسين ته ان ڏينهن کيس اسپتال کان ٻاهر ڪنهن ٻئي هنڌان ڪجهه وڌيڪ چڪاسون ڪرڻ لاءِ نيو ويو. اسان ڏيڍ ڪلاڪ انتظار ڪري واپس ورياسين ته اسپتال جي بيڊ تي واپس پهچي اسان جو لکيل نياپو پڙهي فون ڪيائين ته يار ملي وڃو موت تي ڀروسو ناهي. مان کيس چيو ته يار دراوڙ جي دل ڪمزور ناهي هوندي، دل کي قابو رکُ، تون واپس وري اسان سان گڏ ملندين .... چيائين يار ڇا ڪيان مان ته وس ٿو ڪيان پر دل پاڻ ئي ٿي ڦٿڪي وري پاڻ ئي ٿي لُڇي.
هو مکڻ ماڻهو هو جيڪو شڪايتون اندر ۾ سانڍي انهن کي ساڙي ڇڏيندو هو. ڪمال جو ڪوي هو. سندس نظم هجي يا غزل يا وائي ڪمال جي دسترس هيس. ادائگي به وڻندڙ هيس جو هن جو مُک معصوم هيو ۽ معصوم ۽ خاموش مُرڪ سان سدائين آڌر ڀاءُ ڪندو هو. هڪ وڏو عرصو مختلف ادبي مخزنن لاءِ خدمتون ڏيندي گذاريائين. سندس شاعريءُ جو ڪتاب ”درواڙ دل جي تنهائي“ ڇپيو ته گهڻو خوش ۽ مطمعن نظر آيو. هو ننڍ وڏائيءَ کان مٿڀرو رهندو هو. مونکي ياد آهي ته گلشن حديد ۾ سائين ارشاد ڪٽپر فيسبوڪ فرينڊس جو ميڙ ڪوٺايو هو. هڪ ڪتاب جي مهورت جي سيشن ۾ مونکي صدارت ڪرڻ جو چيو ويو ۽ اسٽيج تي اياز جاني به موجود هيو. مونکي الائي ڇو شرمساري ٿي رهي هئي ته هيڏي وڏي ليکڪ، ايڊيٽر ۽ شاعر جي هوندي مان ڪيئن صدارت ڪيان، نيٺ ويجهو وڃي مرڪندي کيس عرض ڪيم ته صدارت اوهان ڪيو. اٿي بيٺو ڀاڪر ڀريندي چيائين ”يار تون نوجوانن جو ترجمان آهين، اسانکي توتي فخر آ، اسان به ته توکان سِکندا آهيون، مونکي خبر آ ته تون مون کان به سٺو ڳالهائيندو آهين، مونکي خوشي آهي ته سليمان وساڻ جي صدارت ۾ اسٽيج تي موجود آهيان“. سنڌ سلامت ڪتاب گهر پهرين جون يعني سندس وڇوڙي کان چار ڏينهن اڳ لانچ ڪيوسين ته سندس نياپو مليو، گهڻو خوش هيو پنهنجي راءِ ڏيندي لکيائين ته ”شاندار ڪم، ترتيب به سهڻي لڳي. آنلائين توڙي پي ڊي ايف ٻئي لاجواب، ڪربلا ڪهاڻي ڪتاب پڙهان پيو، هاڻي الائي ڇو اهڙيون ڪهاڻيون نه ٿيون ڇپجن.“
موت برحق آ، اسانکي به ان راهه جو راهي ٿيڻو آ پر ڪُمهلو موت، سو به جگري جاني دوست جو، سچ پچ ته جيءُ جهري پيو آ. سندس پُٽَ جو نياپو مليو آ ته بابا کي ڪراچيءَ ۾ دفنائڻ لاءِ لاڙڪاڻي کان نڪتا آهيون، گلشن حديد اچو .... مونکي شمشير الحيدري ۽ تاجل بيوس ياد ٿا اچن، جن ڪراچيءَ ۾ دفن ٿي ڪراچيءَ تي سنڌين جي مالڪي جي دعوا کي سچ ثابت ڪيو ۽ اڄ اياز جانيءَ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي مٽيءَ ۾ ملي پنهنجو قرض چڪايو آهي.

سهسين ڇڏي سنڌ ۾ سارون ــ پچارون،
لفظن ــ مهڪارون، ”جاني“ جوءِ ڇڏي ويو!
(قاضي منظر حيات)


April 30, 2016

” وجود جي ڳولا“ فرزانه شاهين جون شاعريءَ جهڙيون ڪهاڻيون



” وجود جي ڳولا“ فرزانه شاهين جون شاعريءَ جهڙيون ڪهاڻيون
محمد سليمان وساڻ
اسان جي مانواري ڀيڻ، شاعره ۽ ليکڪا فرزانه شاهين جي ڪهاڻين جو ڪتاب “وجود جي ڳولا” منهنجي هٿن ۾ موجود آهي. خوبصورت ۽ دل کي وڻندڙ ٽائيٽل ۽ پوئين صفحي تي يعني بيڪ پيج تي منهنجي پسنديده ليکڪ رحمت الله ماڃوٺيءَ جو ڪتاب ۽ ليکڪا بابت رايو به وڻندڙ آهي. فرزانه شاهين بنيادي طور تي هڪ شاعره آهي، تنهنڪري سندس ڪهاڻين ۾ انتها درجي جي خوبصورت پسمنظرنگاري، احساسن ۽ جذبن جي جوڙجڪ، دلڪشي، حسناڪي ۽ خوبصورت لفظن جو سٽاءُ موجود آهي، جيڪو شاعريءَ وانگر لڳي ٿو. هوءَ بنيادي طور عورتن جي مسئلن، عورت جي ڌڪار، عورتن سان ڪيل ناانصافي، عورتن سان سماجي اڻ برابري، معاشرتي مسئلن، انا جي ور چڙهيل رشتن ۽ عورتن جي مسئلن تي ئي لکي پئي، سندس ڪهاڻين جو موضوع صرف عورت ئي آهي. هن بهترين انداز سان مختلف ڪهاڻين ۾ صرف عورت کي ئي مظلوم ڪري پيش ڪيو آهي. شايد انڪري جو هوءَ پاڻ به هڪ عورت آهي، يا انڪري جو اسان جو معاشرو عورتن کي حق ڏيڻ ۽ انهن جي آزادي جو حامي ناهي.
هوءَ بيباڪيءَ سان ناه نهاد ريتن رسمن خلاف لکي ٿي پر سندس اڪثر ڪهاڻين ۾ نا اميدي ۽ مايوسي ڀريل آهي. اڪثر ڪهاڻين جو انجام ۽ ڪلائيميڪس اهو نڪري ٿو ته پيار ڪندڙ هڪ ٻئي کي حاصل ڪري نه ٿا سگهن. ان بجاءِ جيڪڏهن هو معاشرتي براين، نا انصافي ۽ جهالت خلاف حوصلا افزا ۽ اميد ڀريل ڪهاڻيون به لکي ها ته سٺو لڳي ها. ڇو ته مايوسين ڀريي ماحول ۾ مايوسيون لکڻ جو مان حامي ناهيان. ” وجود جي ڳولا“ کان ويندي پردي پويان، آئيڊيل، سمجهوتو، رنگ رتول، يادون، محبت جي موٽ، يادن جا عذاب ۽ شال مَ ملان هوت سميت سڀ ڪهاڻيون بهترين آهن. فرزانه شاهين وٽ لفظن جي چونڊ، جملن جي جوڙجڪ، احساس ۽ جذبن جي رواني ڪمال جي آهي. هن وٽ ڪهاڻي جو فن ۽ فڪر ٻئي موجود آهن. هن جا مڪالما ته اهڙا آهن جو موهي وجهن ٿا. جهڙوڪ:

”جڏهن ڪنهن جي دل عشق ۾ ٽٽي وڃي ته سون جو ٽاڪو به ان کي جوڙي نه سگهندو“

”محبتون حاصلات جي نظريي کان مٿاهيون هونديون آهن. منهنجي لاءِ ته اهو احساس ئي ڪافي آهي ته ڪوئي منهنجو آهي ۽ مان ڪنهن جي سوچ جو محور آهيان .... ٻرندڙ جيون ۾ ٻيو کپي به ڇا؟“

”پر منهنجي يادن جا دروازا ته کليل آهن. هر لمحو مقدس امانت جيان يادن جي ٽجوڙيءَ ۾ سنڀالي رکيو اٿم. سڀئي لڙڪ ٽشو پيپر ۾ ويڙهي اکين تي پها رکي ڇڏيا اٿم. وڇڙيل وقت جا سمورا درد دل جي کوري ۾ دکائي پنهنجي اندر ۾ دونهين دکائي ڇڏي اٿم، جنهن جو دونهون هر وقت منهنجي اکين کي جلائيندو رهندو آ. وجود تي چٽيل پيار جا سمورا پوپٽ مٺين ۾ ڀڪوڙي سمورا رنگ لڪائي ڇڏيا اٿم. وسارڻ لاءِ ته صديون گهرجن ۽ مان ته اڃان ان لمحي جي سرحد تي بيٺي آهيان، جتان پاڻ ملي وڇڙيا آهيون. ان لمحي کي پار ڪرڻ لاءِ صديون درڪار آهن.“

هي ڪتاب جيترو سهڻو آهي ان کان به وڌيڪ ان ۾ پروف جون غلطيون آهن، جيڪي ڪهاڻيءَ جي رواني ۽ جملن کي سمجهڻ ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿيون ۽ ٻيهر ٻيهر پڙهڻو ٿو پوي. ڪجهه ڪهاڻين ۾ ته ڪٿي نه ڪو فل اسٽاپ آهي، نه ڪاما ۽ نه وري ڪوٽيشن مارڪ. ليکڪ سان گڏ پبلشر جي اهڙي رويي تي حيراني لڳي. پوپٽ پبلشنگ هائوس جو هڪ نالو آهي، هڪ برانڊ آهي، هڪ سڃاڻ آهي، تنهنڪري هنن کي خاص خيال رکڻ گهربو هو.
هن ڪتاب جي هڪ منفرد ڳالهه اها به آهي ته هر ڪهاڻيءَ جي مناسبت سان هارون چنا جا ٺهيل اسڪيچ موجود آهن، جن ڪتاب کي وڌيڪ سندر بڻائي ڇڏيو آهي. پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران ڇپايل 188 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ 27 ڪهاڻيون شامل آهن. مهاڳ اخلاق انصاريءَ لکيو آهي، جڏهن ته عطيه دائود جو ليکڪا ۽ ڪهاڻين تي تبصرو ۽ تسليم منگيءَ جو ليکڪا لاءِ لکيل خط پڻ شامل آهي.

April 04, 2016

مسرور پيرزادي جو ڪتاب ”سِپون سُوجهي ڪڍيون“ پرڏيهي شاعري سنڌيءَ ۾


” سِپون سُوجهي ڪڍيون“ پرڏيهي شاعريءَ سان سڃاڻ

محمد سليمان وساڻ

ڪجهه وقت اڳ مسرور پيرزادي پاران پرڏيهي ادب ۽ شاعريءَ جي عظيم نالن جي چونڊ شاعري سنڌي ۾ ترجمو ڪري سوشل ميڊيا تي پيش ڪئي وئي هئي. اهي چند شاهڪار ڪوتائون سچ ته ڪمال جون هيون. پوءِ مسرور سان ملاقات ۾ ان بابت پڇيم ته ڇا هو اهو سلسلو جاري رکندو؟ مسرور هميشه واري مرڪ منهن تي آڻيندي چيو ته هو جلد چونڊ پرڏيهي شاعري جو ترجمو ڪيل ڪتاب پيو آڻي. خوشيءَ جي حد ئي نه رهي، ڪتاب جو بيچيني سان انتظار ڪرڻ لڳس، ڇو ته هاڻي هن فيسبوڪ تي ترجمو شيئر ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ مسرور مليو ته ٻڌايائين ته ڪتاب ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي، ڪڏهن مارڪيٽ ۾ ايندو؟ مونکي ڪڏهن ملندو؟ ..... انهن سوالن تي مسرور جي منهن تي وري ساڳي مرڪ ڇانيل رهي جيڪا سدائين قائم دائم اٿس. چيائين بس ڪجهه ڏينهن انتظار ڪر. پوءِ ڪتاب ”سِپون سُوجهي ڪڍيون“ جي نالي سان ڇپجي ويو، مارڪيٽ ۾ به اچي ويو ۽ مسرور ڪتاب ڏيڻ منهنجي گهر سچل ڳوٺ پاڻ هلي آيو، اهي سندس مونتي وڙ آهن، جيڪي مان لاهي ڪونه سگهندس پر ڳايان پيو. هو سدائين مونتي مهربان رهيو آ، مونسان ملڻ ايندو رهندو آ، ڪراچي شهر ۾ رهندي گوناگون مصروفيتن مان وقت ڪڍي دوستن سان ملڻ اهو واقعي ئي جس لائق ڪم آ، مهرباني مسرور.
مسرور پيرزادي هن ڪتاب ۾ دنيا جي 12 عظيم شاعرن جي شاعريءَ جو ترجمو پابند، آزاد ۽ نثري شاعريءَ ۾ ڪيو آهي. ترجمو ڪرڻ ڪو آسان ڪم به ناهي. ڌاري ٻوليءَ جي شاعرن جي شاعري کي سنڌي ۾ آڻڻ ڏکيو ڪم آ. نثر جو ترجمو وري به آسان هوندو آهي پر شاعريءَ جو منظوم ترجمو مشڪل آهي. ڇو ته شاعري ڪهاڻي يا ڳالهه ناهي پر شاعري احساسن، جذبن، سوچن، لوچن، خوابن ۽ ساڀيائن جو اظهار هوندي آهي ۽ ترجمي ۾ اهي سڀ شيون اظهار ڪرڻ ڪمال آهي. مسرور پنهنجي پاران پوري ڪوشش ڪئي آ ۽ ان ۾ گهڻي ڀاڱي ڪامياب ويو آ، ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هو پاڻ به شاعر آهي ۽ شاعريءَ جي باريڪ بينين کان چڱيءَ طرح واقف آهي. هن گهڻو ڪري ترجمو انگريزي يا اردو ٻوليءَ کان ڪيو آهي ۽ هر شاعر بابت کنيل شاعريءَ جا حوالا ڏنا اٿس. مسرور جن شاعرن جي تخليقن کي چونڊيو آهي انهن مان ڪجهه سان ته اسان جو روحاني رشتو ۽ لڳاءُ رهيو آهي جيئن مولانا رومي جنهن جي مثنوي لطيف سرڪار سان پڻ ساڻ رهي آهي ۽ هو صوفين جو سرتاج آهي ۽ هڪ ٻيو صوفي منصور حلاج جنهن سچ تان سِر گهوريو. ان کانسواءِ عظيم انگريز شاعر وليم شيڪسپيئر، قديم دور جي شاعر ڀرتري هري، ترڪيءَ جي عظيم انقلابي ۽ رومانوي شاعر ناظم حڪمت، هند جي نوبل انعام يافته بنگالي شاعر ٽئگور، چليءَ جي نوبل انعام يافته شاعر پئبلو نرودا، بنگال جي انقلابي شاعر قاضي نذر الاسلام، جديد عربي شاعريءَ جي سرتاج عشق ۽ انقلاب جي شاعر نزار قاباني، داغستان جي وطن پرست شاعر رسول حمزاتوف، فلسطين جي انقلابي ۽ باغي شاعر محمود درويش سان گڏ قديم رومانوي سنسڪرتي شاعرن جي تخليقن جو منظوم ترجمو ڪيو اٿس.
هي ڪتاب سڀني ادب دوستن ۽ شاعرن خاص ڪري مون جهڙن پرڏيهي ادب کان اڻڄاڻ ماڻهن لاءِ گهڻو لاڀائتو ثابت ٿيندو. شاعري ۽ ادب لاءِ اهو ضروري آهي ته اوهان پرڏيهي ادب ۽ شاعرن کي پڙهو، انهن جي احساسن ۽ تخيل جي اڏار کان واقف ٿيو. مسرور پيرزادي کان اڳ مان اختر حفيظ پاران نزار قاباني جي شاعريءَ جو ترجمو پڙهيو هيو ۽ گهڻو متاثر ٿيو هيس، پر مسرور ته ڪمال ڪري ڇڏيو آ جو چونڊ عالمي شاعرن جي شاعري سا به سليس سنڌي منطوم ترجمي ۾ پيش ڪئي اٿس. هن ڪم تي مسرور کي ڀلي ڪو شاباس ڏي يا نه، ڀلي شاعريءَ جا بُت سندس تعريف ڪن يا نه پر سندس هي ڪم تعريف لائق آهي. اهڙو ڪم اسان وٽ صفا گهٽ ٿيو آ. وڏي ڳالهه ته هن هر شاعر جو تعارف ۽ تصوير به ڏني آهي ته جيئن ان عظيم شاعر بابت درست ڄاڻ به هجي. هتي نزار قابانيءَ جي هڪ نظم جو ترجمو مثال طور ڏجي ٿو:

ڪوبه مڇيءَ کي ڪين ترڻ سيکاريندو آ
ڪوبه پکيءَ کي ڪين اڏڻ سيکاريندو آ
پاڻهي تربو آهي
پاڻهي اُڏبو آهي
عشق سکڻ لئه ڪوبه ڪتاب نه هوندو آهي
۽ دنيا جي هيءَ تاريخ ٻڌائي ٿي
عاشق اُمي هوندا آهن.

امبر پبليڪيشن ڪراچي پاران ڇپايل هي ڇهون ڪتاب آهي، جيڪو 160 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ڪتاب جي قيمت ٽي سئو روپيا آهي. مهاڳ نامياري شاعر امداد حسينيءَ لکيو آهي.


March 29, 2016

شاعري لفظن جي سوجهري ۾



شاعري لفظن جي سوجهري ۾

محمد سليمان وساڻ

منهنجي هٿن ۾ ساهتي پرڳڻي جي شهر مٺياڻيءَ جي شاعرن جي شاعريءَ جوڪتاب موجود آهي. ڪتاب ورايان ٿو اندر پڙهان ٿو ۽ وري اڳئين صفحي تي شاعر جو تعارف پڙهان ٿو. هي ڪتاب دوست گُل بهار باغائيءَ موڪليو آهي. جڏهن بهار جي مند ۾ هر طرف گُلن جي سُرهاڻ محسوس ڪيان ٿو ته شاعرن جي هيءَ مالا به الائي ڪيترا گُل ۽ سرهاڻ پئي آڇي. ڪجهه وقت کان گڏيل شاعرن جا مجموعا پڙهڻ لاءِ ملن پيا، جيڪا سٺي ڳالهه آهي. اهي دوست جيڪي ڪتاب ڇپائڻ جو ست ڪونه ساري پئي سگهيا هاڻ انهن جي شاعري نه صرف عام تائين پهچي ٿي پر تاريخ ۽ ڪتاب گهرن جي زينت بڻجي وڃي ٿي.

ڪتاب لفظن جي سوجهري ۾ ڪل چوڏهن شاعرن جي شاعري موجود آهي، جن مان مسرور پنائي ۽ حسن صوفاڻي مٺياڻيءَ جا ناهن پر هنن جو هتان جي ادبي حوالي سان گهرو لاڳاپو رهيو آهي، تنهنڪري انهن جي شاعري به شامل ڪئي وئي آهي. باقي سڀ شاعر مٺياڻي يا آسپاس جا آهن جن ۾ آصف مٺياڻوي، سيد جعفر شاهه، عبد الجبار جوش، گل بهار باغائي، جاويد امر، غاذي امداد، ڊاڪٽر برڪت ملڪ، امين چانڊيو، راهب پنهور، ڊاڪٽر منظور ملڪ، شهريار علي ۽ مظهر عباس ٿهيم شامل آهن.

جڏهن به مٺياڻي جو ذڪر ايندو آهي ته آصف مٺياڻوي مرحوم ياد ايندو آهي، جنهن جون ادبي ۽ صحافتي کيتر ۾ وڏيون قربانيون ۽ سرگرميون رهيون آهن. ٻيو گُل بهار باغائي ياد ايندو آهي جيڪو سوشل ميڊيا خاص ڪري فيسبوڪ تي سدائين رهنمائي ڪندو رهيو آهي. شاعري يا شخصيتن جي پروفائل تي سندس رايا ۽ سندس رهبري مون لاءِ اتساهيندڙ رهي آهي. هي ڪتاب عبد الجبار جوش مرتب ڪيو آهي، جنهن تي کيس جس هجي. هن دور ۾ وقت ۽ پيسو ٻئي سيڙائي ادبي ۽ علمي ڪم ڪرڻ سچ ته ساراهه لائق آهن. 192 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو مهاڳ پروفيسر اصغر ڀٽي لکيو آهي. هي ڪتاب سنڌي ادبي سنگت مٺياڻي شاخ پاران ڪنول پبليڪيشن وٽان ڇپايو ويو آهي. هر شاعر جو مختصر تعارف ۽ تصوير پڻ شامل ڪيل آهي.

هن ڪتاب ۾ شاعريءَ جا ڪيئي رنگ شامل آهن، شاعريءَ جي تخيل جي سار به ملي ٿي ته محبوب جي اکين جو ذڪر به ملي ٿو ته محوب جا ماڻا به. شاعريءَ ۾ سنڌ جي ٻنين، ونين ۽ پوکن جو ذڪر به آهي ته قومي جاڳرتا جا گيت به شامل آهن. الڳ شاعرن جا ڪيئي احساس ۽ جذبا پڙهڻ لاءِ ملن ٿا. آصف مٺياڻوي چئي ٿو:

هوءَ جا آئي ته لکجي ويو غزل،
سونهن سامائي ته لکجي ويو غزل.

مان ته آصف ماٺ ۾ ويٺو هيس،
ڏات جا آئي ته لکجي ويو غزل.

گُل بهار باغائي پنهنجي خوبصورت شاعري سرجي ڪتاب ۾ چار چنڊ لڳايا آهن.

ڏس باک ڦٽي آهي،
ڪاري ته هئي ڪيڏي،
پر رات کُٽي آهي.

هن ڪتاب ۾ خوبصورت شاعري پڙهڻ لاءِ ملي آهي. پيارا گُل بهار اوهان جا وڏا وڙ جو اوهان هي ڪتاب پڙهايو. مان اميد ڪندس ته هن ڪتاب جي سافٽ ڪاپي به ملندي جيئن هي تخليقي ڪتاب انٽرنيٽ ذريعي وڌ کان وڌ ادب دوستن تائين پهچائي سگهجي.

March 24, 2016

ڏونگر! مون سين رو : شاعري ڳالهائي ٿي (آتش پنهيار جي ڪتاب تي تبصرو)


ڏونگر! مون سين رو : شاعري ڳالهائي ٿي
محمد سليمان وساڻ
وليم شيڪسپيئر هڪ هنڌ لکيو آهي ته ڪوبه شاعر ڪڏهن به زور مس سان قلم کڻي تيستائين ڪجهه به لکي نٿو سگهي، جيستائين سندس دل محبت جي ٿڌا ساهه کڻڻ واري مس سان ملي نرم نه ٿي آهي. اهڙي ئي نازڪ، نرم ۽ محبتن جي احساس سان ڀريل خيالن جهڙي دوست آتش پنهيار جي شاعريءَ جو ڪتاب “ڏونگر ! مون سين رو“ منهنجي هٿن ۾ آهي. هي ڪتاب آتش پاڻ اچي مونکي گهر تي ڏئي ويو، اهي سندس قرب آهن. آتش پهنيار سان سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ ۾ گذريل 16 سالن کان گڏ پيو رهان. ان دوران مون کيس قومپرست سياست ۽ ادبي ذوق سان ٽمٽار ڏٺو. آتش کي اڪثر سچل ڳوٺ يا ڀرپاسي جي ادبي محفلن يا مشاعرن ۾ شعر پڙهندي ڏسندو اچان. هو نازڪ مزاج، ڌيمي انداز وارو ۽ سدائين ڪجهه سوچڻ وارو شخص لڳو. هو سدائين ڪجهه نئون سوچيندو رهندو آهي. سندس نالو ته محمد اسحاق آهي پر علائقي جو ڪوبه ماڻهو شايد ئي کيس ان نالي سان سڃاڻي، هن جي سڃاڻ ته آتش ئي آهي، عشق جي آتش يا انقلاب جي آتش. آتش پهنيار سچل ڳوٺ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کولرائڻ ۾ گهڻي دلچسپي ورتي ۽ ان پليٽ فارم تان ادبي ڪچهريون به ڪندو رهيو. پر اها شاخ هاڻي ادبي سنگت جي شاخ نه پر آتش جي ملڪيت ٿي وئي آهي. هاڻ اتي نه اهي ڪچهريون رهيون آهن ۽ نه وري ادبي گڏجاڻيون.
مونکي ذاتي طور اها خبر آهي ته آتش کي وڏي عرصي کان ڪتاب ڇپائڻ جو شوق هيو پر شايد اسانجي پبلشرز جون نظرون نالي چڙهيل شاعرن ۽ اديبن کان اڳتي ڪونه ٿيون وڌن. مالي مسئلن يا ٻين ذاتي سببن ڪري چاهيندي به هو ڪتاب ڇپائي ڪونه سگهيو. ان جا وڏا ثبوت سندس ڪتاب ۾ ڇپيل تاجل بيوس ۽ مير نصرت حسين ابڙي جا ليک آهن، جيڪي اسان کان وڇڙي چڪا آهن. ڪتاب جو مهاڳ نامياري ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار علي بابا جو لکيل آهي.
سندس ڪتاب ۾ غزل، نظم، بيت، وايون، ڪافيون ۽ آزاد نظم شامل آهن. آتش شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، شاعريءَ ۾ فني گهٽتائي يا عروض جي کوٽ بابت تاجل بيوس جهڙن ماڻهن جيڪو تنقيدي نوٽ لکيو اٿس، اهو جيئن جو تيئن ڪتاب ۾ ڇاپيو اٿائين. آتش پهنيار وٽ اڻ کُٽ موضوع آهن هو فطرت جي حُسناڪين کي خوبصورت انداز سان پيش ڪري ٿو، ڇو ته هو بنيادي طور فطرتي شاعر آهي. هو عشق ۾ سرشار آهي تڏهن ئي چوي ٿو:

ڀڳل ماڪ ۾ گُل،
ڳهلي تنهنجا ڳَل،
تنهنجو چنڊ سمان چهرو،
چاهت جيئن چنچل.

هو محبتن جو شاعر آهي جيڪو ڌرتيءَ سان جذباتي لڳاءُ رکي ٿو، جيڪا ڳالهه سندس شاعريءَ مان پڻ ظاهر آهي:

سنڌو تنهنجي ڪاڻ
ديپڪ راڳ آلاپجي.
سنڌ سدا کان ساڳي آتش
پنهنجو پاڻ سڃاڻ
ديپڪ راڳ آلاپجي.

هو قومپرست سياست جو ڪارڪن آهي اهوئي سبب آهي جو سنڌ سندس شاعريءَ جو آواز آهي، سندس شاعريءَ جو سبب آهي. هو سنڌ جي قومي هيرن کي ڀيٽائون ڏيڻ کان ڪونه ٿو رهي، اهوئي سبب آهي جو جي ايم سيد، ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن، شهيد احسان ميمڻ، عرفان مهدي، شيخ اياز، مرتضا ڀٽو، استاد بخاري، رشيد ڀٽي، هيمون ڪالاڻي، سورهيه بادشاهه ۽ هوش محمد شيدي جهڙن جوڌن کي خوبصورت لفظن ۾ ڀيٽا پيش ٿو ڪري.
سنڌ جيڪا غلامي ۾ جڪڙيل آهي ان لاءِ هو آزاديءَ جا خواب ڏسي ٿو، ڇو ته جيڪي سپنا ڏسندا آهن، اهي ئي انهن جي ساڀيان ڪندا آهن:

ڪو ديپ ٻري آزاديءَ جو،
او شال ڪکائن گهرڙن مان،
ڪو ديپ ٻري آزاديءَ جو،
ڪا ڇانو ٿئي هن آرهڙ ۾.

عوامي آواز سنڊي ميگ 20 مارچ 2016ع
___

March 12, 2016

سفر بخير : مٺل جسڪاڻي جي سفر جون ڳالهيون

سفر بخير : مٺل جسڪاڻي جي سفر جون ڳالهيون

محمد سليمان وساڻ

زرعي ماهر ۽ ليکڪ پروفيسر مٺل جسڪاڻيءَ جو ڪتاب “سفر بخير“ پهتو. ڪتاب هڪ ساهيءَ پڙهي پورو ڪيم. پوءِ ويهي ڪتاب بابت پنهنجا خيال لکيم. پر افسوس جو ليپٽاپ جي بيماري سبب ان کي فارميٽ ڪندي اهو وساري ويٺس ته ڊيسڪٽاپ تي ڪتاب تي لکيل تبصرو پيو هو. هاڻي لکڻ ويٺس ته خيال هيڏي هوڏي پيا ٿين.مٺل جسڪاڻي جي هن ڏيهي سفرنامي ۾ لاهور، پنڊي، اسلام آباد، ڪوهه مري، آزاد ڪشمير جون ڳالهيون آهن. هي سفرنامو هن تعليمي ۽ تفريحي سفر تي نڪتل يونيورسٽي جي شاگردن سان گڏ ڪيو. سندس ذميواريون گهڻيون ئي هيون پر پوءِ به هو لکندو رهيو ۽ اهو سڀ اخبارن ذريعي ڇپبو به رهيو. مٺل اهڙو ليکڪ آهي جيڪو زرعي، سماجي، تعليمي ۽ ادبي لکڻيون روز لکندو رهي ٿو. هن جي لکڻ ۽ پڙهڻ جي رفتار اسان کان گهڻي تکي آهي. هو سولي ٻولي استعمال ڪري ٿو پر ڪجهه ڪجهه جاين تي هن جا ڇڏيل سوال منجهائي وجهندا آهن، سوچڻ تي مجبور ڪندا آهن، ضمير کي جنجهوڙيندا رهندا آهن.
هن سفرنامي ۾ جڏهن هو کيوڙه جي لوڻ واري کاڻ بابت حال احوال لکي ٿو ته مون کي اهو سڀ پڙهندي عجيب پئي لڳو ته کاڻ اندر اهي سڀ سونهن ڀريون ۽ ڏسڻ ۽ تفريح جهڙيون شيون موجود آهن. هو لاهور بابت سير ۽ اتي گهميل جاين جو ذڪر ڪري ٿو پر لاهور جي انهن تاريخي ماڳن ۽ جاين جي ٿوري تاريخ به لکي ها ته اڃان به سٺو لڳي ها. ڪجهه تحقيقي ادارن بابت سندس مختصر تعارف پڙهيم پر انهن تي کيس وڌيڪ تفصيل سان لکڻ گهرجي جيئن پاڪستان جي فطري تاريخ وارو ميوزيم ، اين آر سي ۽ پي اي آر سي.هن پاڻ ئي لکيو آهي ته مان بي ترتيب لکندو ويس، جيڪڏهن تڪڙ ڪرڻ بجاءِ انهن مضمونن کي ٻيهر سهيڙي، نئين ترتيب ڏئي اضافي ليک شامل ڪري ها ته هڪ مڪمل سفرنامو بڻجي وڃي هان جيڪو اسان لاءِ اهي ماڳ گهمندي اسان لاءِ رهنمائي وارو ڪم ڪري ها. ان بي ترتيب لکڻين باوجود به هڪ سفرنامو ڇپجي ويو. مٺل جسڪاڻي اهو فن خوب ڄاڻي ٿو ته ڪيئن نه هر هڪ سرگرمي تي هڪ مضمون لکجي، سو اهو فن گهٽ ماڻهن وٽ هوندو آهي. سندس ڪتاب جي مهورت به ٿي چڪي آهي ۽ ڪتاب ايڏو جلد ڇپجي آيو ان تي به خوشي ٿي. مٺل جو رولاڪ روح شاگردن جي هوندي اهي رولاڪيون نه به ڪري سگهيو هوندو پر مونکي پڪ آهي ته کوڙ ساريون ڳالهيون هو لکڻ کان رهائي ويو هوندو يا انهن تي قلم کڻڻ کان لنوائي ويو هوندو. جڏهن هو ڪشمير ۽ اترئين علائقن جي ماڻهن جون ڳالهيون لکي ٿو ته اهو به ٻڌايو اٿائين ته ڇو اتان جي خوبصورت ماڳن جا ماڻهو اسان وٽ اچي ايڏي ڏکيي حالتن ۾ به مزدوري ۽ محنت ڪندي ڪجهه ڪمائڻ جي جستجو ۾ رهن ٿا.
مان سمجهان ٿو ڪجهه ڳالهيون پنهنجي پاران لکان ته مٺل ناراض ڪونه ٿيندو پر اها منهنجي پنهنجي راءِ هوندي. هڪ ته ڪتاب جو ٽائيٽل ”سفر بخير” بجاء ان ماڳن يا شهرن جي مناسبت سان هجي ها ته واهه واهه ٿي وڃي ها، جيئن مور ساگر جو سفرنامو آهي “حيدرآباد کان هنزه تائين“. ٻيو ته ٽائيٽل پيج تي مٺل جي مُرڪندڙ تصوير ته بهترين پر لڳي ٿو ته مٺل ڄڻ ڪپڙن سوڌو وهنجي ٻاهر آيو هجي. هو ڀلي ته ڪوهه مريءَ جي ڪڪرن سان پُسيو هجي پر ڪتاب جي ٽائيٽل تي گهميل ماڳ مڪانن جون تصويرون هجن ها ته اڃان پرڪشش لڳي ها. ٽين ڳالهه ته ڪجهه ڳالهيون ذڪر ڪري انهن کي لڪايو ويو آهي. اهي صرف مٺل يا اهي ماڻهو سمجهن جن سان مخاطب ٿيو هوندو، باقي پڙهندڙن لاءِ اهي ڳالهيون فضول هونديون آهن. تنهنڪري انهن جو ذڪر نه هجي ته بهتر هو.
سليٽ اشاعتي شعبي پاران ڇپيل 112 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 150روپيا آهي. ڪتاب ٽن حصن ۾ ورهايل آهي، پهرين حصي ۾ لاهور، مري، پنڊي، مظفرآباد جو ذڪر آهي. ٻئي حصي ۾ رنگين تصويرون ڏنل آهن جڏهن ته ٽئين حصي ۾ ٽنڊي ڄام کان ڪيل ڪجهه ڳوٺن ڏانهن ڪيل سفر جون پراڻيون يادگيريون آهن.

ڪمپيوٽر تي آيل سنڌي ٻولي وڌيڪ ترقي ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟


ڪمپيوٽر تي آيل سنڌي ٻولي وڌيڪ ترقي ڪيئن ڪري سگهي ٿي؟

محمد سليمان وساڻ

دنيا جي لاتعداد ٻولين مان سنڌي به هڪ قديم ٻولي آهي، جنهن جو اندازو موهن جي دڙي مان مليل آثارن مان پڻ لڳائي سگهجي ٿو. 1011 هجريء ۾ ٺٽي جي عالم مخدوم ابوالحسن سنڌيء ۾ پنهنجو ڪتاب “مقدمه الصلوات” متعارف ڪرايو جيڪو درسگاهن ۾ نصاب طور پڙهايو ويندو هو.ننڍي کنڊ تي جڏهن انگريزن قبضو ڪيو ته سنڌي ٻوليءَ جي قدامت کي ڏسي ان کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ۽ ڪمشنر “سر بارٽل فريئر” 1857ع ۾ اهڙو پڌرنامو پڻ جاري ڪيو هو، جنهن ۾ واضح طور ڄاڻايل هو ته سنڌ ۾ سموري دفتري لکپڙهه سنڌي ٻوليء ۾ ٿيندي ۽ جيڪڏهن ڪو شخص عربي يا ڪنهن ٻي ٻوليء ۾ لکپڙهه ڪندو ته ان جو لازمي سنڌي ترجمو پڻ شامل ڪندو ٻيءَ صورت ۾ اها لکپڙهه قابل قبول نه هوندي.
ورهاڱي کان اڳ سنڌي ٻوليء ۾ ڪيترائي ڪتاب ۽ رسالا ڇپندا رهيا ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوء به اهو سلسلو جاري رهيو. ويهين صديء ۾ جڏهن ڪمپيوٽر ايجاد ٿيو ته ان جي مقبوليت سنڌ ۾ پڻ وڌي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪمپيوٽر هر گهر ۽ آفيس جي ضرورت بڻجي ويو. ڪمپيوٽر تي پڻ سنڌي ٻولي آڻڻ هڪ چئلينج هيو ۽ ان لاء محترم سائين عبدالماجد ڀرڳڙيء 1987 ۾ “مئڪنٽاش” ڪمپيوٽر تي شروعات ڪئي ۽ تمام سهڻا ۽ معياري فونٽ پڻ ٺاهيا جنهن سان خانگي ڪتاب ڇاپگاهن ۾ سنڌي ادب کي وڌائڻ لاء ڄڻ ته چٽا ڀيٽي شروع ٿي وئي. “مئڪنٽاش” جي دور کانپوء سنڌي ٻوليء کي آئي بي ايم ڪمپيوٽر تي آندو ويو ان جو سَهرو محترم اياز شاهه کي سونهي ٿو، جنهن عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جي مئڪنٽاش وارو سمورو پروگرام آئي بي ايم تي منتقل ڪيو ۽ ونڊوز 3.11 ۽ ونڊوز 95 تي سنڌي پروگرام هلڻ لڳو. نت نون مونجهارن کي محسوس ڪندي ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته مختلف ريجن جون ٻوليون هجڻ ڪري صرف انگريزيءَ تائين محدود نه هئڻ گهرجي جنهنڪري مختلف ٻولين ڪمپيوٽر ڪوڊ جي شڪل ۾ آڻڻ لاء يونيڪوڊ آرگنائيزيشن جو بنياد وڌو ويو . جڏهن عربيء جو يونيڪوڊ متعارف ٿيو ته هڪ وڏو مسئلو ساڄي کان کاٻي لکڻ حل ٿي ويو ۽ جيئن ته سنڌي الفابيٽ بنيادي طور عربيء سان ملندڙ آهي ان ڪري سنڌيء کي عربيء سان ڳنڍڻ سولو ٿي پيو. محترم عبدالماجد ڀرڳڙيء (جيڪو ان وقت آمريڪا ۾ رهيل هو) هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي زبان کي يونيڪوڊ سان ڳنڍي هڪ انقلابي قدم کنيو. جنهن کي اڳتي هلي msn گروپ تان سنڌي ڪمپيوٽنگ جي پليٽ فارم تي جاري ڪيو ويو.
اڳتي هلي جڏهن انٽرنيٽ متعارف ڪرايو ويو ته سائين عبدالماجد ڀرڳڙيءَ سنڌي ٻوليء کي انٽرنيٽ تائين آسان بڻائي ڇڏيو ۽ بهترين سنڌي ويب سائيٽون ٺهڻ لڳيون. پر ان ڳالهه کي شدت سان محسوس ڪيو ويو ته بحث مباحثي ۽ معلومات کي هڪ ٻئي سان ونڊڻ جي لاء سنڌي فورم جي شروعات ڪجي ڇو ته ڪوبه سنڌي فورم انٽرنيٽ تي موجود ڪونه هئو. پر سنڌ سلامت فورم اهو خال به ڀري ورتو. ساڳي وقت ڪيترن ئي دوستن سهڻا سنڌي فونٽ به تخليق ڪيا جيڪي ڪيلگرافڪ، ٽيڪسٽ يعني پرنٽ جي لکائي ۽ ويب فونٽ سڀ الڳ ڏيک ڏين ٿا. فونٽ جي دنيا ۾ عبد الماجد ڀرڳڙي، اياز شاهه، ستار زرگر، شبير ڪنڀار، ايس ايم صاريم، عرفان شڪارپوري ۽ ٻين دوستن جو ڪم قابل تعريف آهي. هن وقت سنڌيءَ جا ساڍا چار سئو کان مٿي فونٽ ٺهي چڪا آهن.
سنڌ سلامت پاران جڏهن نوجوانن جي لاءِ سنڌي بلاگ ٺاهڻ جي سکيا ڏيڻ سان گڏ سنڌي بلاگن جا ٽيمپليٽ جوڙيا ويا ته ان هڪ نئون انقلاب آندو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترائي سنڌي بلاگ نيٽ جي دنيا ۾ اچي ويا. نه صرف اهو پر سوشل ميڊيا تي سنڌي ٻوليءَ ۾ نوان بحث، نيون ڊزائينون ۽ تخليقون سامهون اچڻ لڳيون. آصف نظاماڻي، آفتاب کوهاري ۽ آفتاب سرهيي جهڙي دوستن ڪمپيوٽر تي السٽريشن ذريعي ڊجيٽل پينٽنگ ۽ ڊزائننگ جا نوان در کوليا.

سنڌي ڪمپيوٽنگ جون ڪجهه ڪاميابيون:

1. يونيڪوڊ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سموري الفابيٽ جو شامل ٿيڻ.
2. مائڪروسوفٽ پاران ونڊوز ۾ سنڌي ٻوليءَ کي شامل ڪرڻ.
3. گوگل ٽرانسليشن ۾ سنڌي ٻوليءَ جو شامل ٿيڻ جنهن ذريعي دنيا جي 103 ٻولين کي سنڌي ۾ يا سنڌيءَ کان 103 ٻولين ۾ ترجمو ڪري سگهجي ٿو.
4. سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي پاران ڇهه لک چوٽيهه هزار لفظن جو لغت (ڊڪشنري) پورٽل آڻڻ.
5. آنلائين سنڌي ڪتاب گهر ۾ سنڌ سلامت پاران 800 سنڌي ڪتاب آڻڻ.
6. سوين خوبصورت سنڌي فونٽن کي هڪ جاءِ تي رکڻ لاءِ ”سنڌ سلامت فونٽ سرور“ جي تخليق.
7. اينڊرائيڊ فون تي ڪيترن ئي سنڌي ڪيبورڊز جي تخليق جنهن سان سمارٽ فون تي پڻ سنڌي ۾ لک پڙهه جو آسان ٿي پوڻ.
8. ڪيتريون ئي سنڌي ڊڪشنريون، سنڌي ڪتاب ۽ سنڌي اپليڪيشنز جيڪي سمارٽ فون ۽ ڊيسڪٽاپ يا ليپٽاپ لاءِ مفت موجود آهن.
9. هزارين سنڌي بلاگز، ويب سائيٽس ۽ فورمس جو ٺهڻ.
10. ايپل جي ميڪ سسٽم ۽ آءِ فون تي سنڌي ڪيبورڊ جو ٺهڻ.

انکانسواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي ڪاميابيون شامل آهن جنهن سبب هر ڪم جيڪو انگريزي ۾ٿئي سو سنڌي ٻوليءَ ۾ به آسانيءَ سان ڪري سگهجي ٿو. ڪيتريون ئي اخبارون آنلائين موجود آهن جن مان ڪيتريون ئي هر گهڙي اپڊيٽ ڪيون وڃن ٿيون ۽ هر خبر کان با خبر رهي سگهجي ٿو. شاعريءَ جا ڪيترائي گروپ ۽ ويب سائيٽون ٺهي چڪيون آهن. اليڪٽرانڪ ميڊيا جي چينلز پاران سمارٽ فون اپليڪيشنز پڻ متعارف ٿي چڪيون آهن جن مان ڪي ٽي اين سرفهرست آهي.

هاڻي ڪجهه ذڪر انهن ڳالهين جو جيڪي سنڌي ڪمپيوٽنگ لاءِ لازمي آهن.

1. سنڌي ٻوليءَ ۾ موجود ڪجهه اکرن جي بيهڪ جو مسئلو جنهن ۾ جهه ۽ گهه شامل آهن انهن جو حل ڪڍڻ.
2. سنڌي او سي آر (Optical Character Recognition) ٺاهڻ جيئن لکت واري تصويرن، فوٽوڪاپي يا اسڪين ڪيل مواد کي ترميم ٿيندڙلکت ۾ تبديل ڪري سگهجي. جيڪڏهن اهو ڪم ٿيو ته اسان پنهنجو سمورو پراڻو ادبي ۽ علمي ڪتابن جو ذخيرو ڪمپيوٽر تي آنلائين ڪري سگهنداسين.
3. سنڌي اسپيل چيڪر جي سافٽويئر جي سخت ضرورت آهي جيئن پروف ريڊنگ جي غلطين کي گهٽائي سگهجي.
4. گوگل ترجمي کي 100 فيصد مڪمل ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي وڏي ٽيم جي ضرورت جيئن گوگل جو معياري سنڌي ترجمو ڪري ان کي آوازن ۾ به آڻجي.
5. هڪ اهڙي اداري جو قائم ٿيڻ ۽ سرگرم هجڻ جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي جديد ٽيڪنالاجي سان گڏ گڏ هلڻ لاءِ سامهون ايندڙ مسئلن جو حل ڳولي، ٻولي ماهرن سان ويهي انهن جو تڪڙو حل ڪري سگهي ۽ پنهنجا فيصلا مڃائي سگهجي.
6. ٻولي ماهرن کي سنڌي الف ب مان مخرجن کي گهٽائڻ يا ختم ڪرڻ لاءِ تڪڙي بنيادن تي ڪم ڪرڻ جيئين لکت کان آواز ۽ آواز کان لکت واري اپليڪيشنز ۾ پريشاني نه ٿئي.
7. يونيورسٽين ۽ ٻين اهڙن ادارن ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جا پروجيڪٽس لازمي ڪرڻ جيئن ڪمپيوٽر جا گريجوئيٽس سنڌي ڪمپيوٽنگ کي سمجهي سگهن ۽ ان جي بهتري لاءِ ڪم ڪندا رهن.
8. اخبارن کي ان ڳالهه تي راضي ڪرڻ ته هو پنهنجيون ويبسائيٽس اميج يعني تصويرن بجاءِ ٽيڪسٽ ۾ ٺاهن ته جيئن سنڌي لفظن ۽ سنڌي مضمونن جو ذخيرو نيٽ تي موجود ٿي سگهي.
9. ڪتاب گهر ۽ ڇاپي گاهن جي مالڪن کي گهرجي ته سنڌي ٻوليءَ جي وسيع مفاد ۾ پنهنجا ڪتاب آنلائين ڪن يا انهن ادارن کي موڪلين جيڪي ڪتاب آنلائين ڪرڻ جو ڪم پيا ڪن.

سوشل ميڊيا ۽ ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ ان اميد کي جيئاريو آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي ختم ٿيڻ جا جيڪي خطرا هيا اهي گهٽ ضرور ٿيا آهن. هي ڪم ڪنهن ادارن يا رياست نہ پر سنڌي ٻوليءَ جي عاشقن اڪيلي سِر ڪيو آهي جنهن مان اڪثريت نوجوانن جي آهي. سائين عبدالماجد ڀرڳڙي، اياز شاهه، رشيد سمون، امر فياض، عباس ڪوريجو، علي حسن ملاح، شبير ڪنڀار، عبيد الله ٿهيم، سجاد چنا، عامر ضياء چارڻ، جاويد احمد سولنگي، جاويد رحمان ميمڻ ۽ ٻيا دوست اڻٿڪ ڪوششون ڪري رهيا آهن. اسان مان سڀني کي گهرجي ته موبائل فون ۽ ڪمپيوٽر تي سنڌي ٻوليءَ کي استعمال ۾ آڻيون، سنڌي ويبسائيٽس ۽ اپليڪيشنز جو استعمال وڌايون، ڪمپيوٽر کي استعمال ڪرڻ سکون ۽ پنهنجن ٻارن کي بہ ان جي ترغيب ڏيون. ياد رکو سنڌي ٻولي اسان جي ٻولي آهي، اسان کي ئي ان جي ترقي ۽ جيئدان لاءِ پاڻ پتوڙڻو آهي.
ڪاوش سنڊي ميگ 13 مارچ 2016ع

March 04, 2016

پرهه جا پياڪ : مولائي ملاح جو سانڍڻ جهڙو ڪتاب

پرهه جا پياڪ : مولائي ملاح جو سانڍڻ جهڙو ڪتاب

محمد سليمان وساڻ

مولائي ملاح ساهتي پرڳڻي جو اهڙو ليکڪ آهي جيڪو جڏهن به لکي ٿو ته دل سان لکي ٿو. سندس شير ميربحر تي آندل تحقيقي ڪتاب جي سهيڙ کانپوءِ هڪ ٻيو خوبصورت ڪتاب ”پرهه جا پياڪ“ ٽپال ذريعي مليو آهي، جيڪو سنڌ جي اهڙي املهه شخصيتن تي سندس لکڻيون آهن جيڪي سڀني لاءِ احترام لائق آهن. مولائي ملاح جون اهي محبتون آهن جو پاڻ ڪتابن جو ڪاپيون تحفي طور موڪليندو آهي، نه صرف اهو پر سافٽ ڪاپي موڪلي ڪتابن کي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ذريعي آنلائين پيش ڪرڻ جي به اجازت ڏيندو آهي. قلندر شهباز جو پائڌيئڙو هجڻ ڪري ڪتاب جي شروعات اتان ڪئي اٿائين ۽ وري ڀٽ تي موٽي لطيف جي شخصيت تي لکي ٿو. ڪڏهن رات جي رهزنن هٿان قتل ڪيل مير مرتضا ڀٽو جي شهادت تي لکي ٿو ته ڪڏهن سنڌ راڻي شهيد بينظير تي دل سان قلم کڻي لکيو اٿائين. هو سنڌ جي ان ذلفي ڀٽو تي به لکي ٿو جيڪو اڄ به عوام جي دلين ۾ زندهه آهي سندس ڪمائي پ پ پ جي موجوده ڪرپٽ قيادت خوب کائي رهي آهي. هو سنڌ جي هر فن ۽ مولا تي ننگ رکندڙ شمشير الحيدري تي لکي وري ڪامريڊ تاج محمد ابڙي جهڙي ترقي پسند ۽ بيباڪ ماڻهو تي قلم کڻي لفظن جا عقيدت ڀريا موتي پيش ڪري ٿو.
اسان وٽ شخصيتن جا خاڪا لکڻ يا انهن تي مضمون لکڻ هاڻي معمول بڻجي ويو آهي ۽ متان ڪو ايئن سمجهي ته سنڌ پنهنجي املهه ماڻڪ شخصيتن کي وساريو آهي، مولائي ملاح به ان صف ۾ شامل آهي جنهن هميشه پنهنجي هيروز کي لکڻين ذريعي زندهه رکيو آهي. ڪتاب آڻڻ ڪو سولو ڪم به ناهي، اسان وٽ ڪتاب وڪرو ڪونه ٿين تنهنڪري مولائي ملاح کي جس ڏيندي کيس سلام پيش ڪندس ته هو قلمي جنگ جاري رکيو اچي. جان جان هئي جيئري جهڙي ڪالم ۾ هو نصرت ڀٽو بابت ڀرپور ليک لکي ٿو. بيگم نصرت ڀٽو اها ارڏي شخصيت هئي جنهن ضياء جهڙي آمر اڳيان پ پ پ جي قيادت کي سنڀاليو، مڙس جي جيل ۾ هوندي به هن همٿ ڪانه هاري، هن قذافي اسٽيڊيم ۾ مٿي ۾ لڳندڙ لٺين باوجود رت ڳاڙيندي به جمهوريت لاءِ جدوجهد جاري رکي. اهڙي شخصيت تي لکي هن ڄڻ ته پنهنجو قرض لاٿو آهي. هن سنڌ جي بيباڪ صحافي، لطيف کي منفرد انداز ۾ پيش ڪندڙ ۽ سنڌ ڪيس وڙهندڙ انور پيرزادي کي به لاجواب خراج پيش ڪيو آهي.
سندس اڪثر مضمونن ۾ ڀٽو خاندان ۽ پيپلز پارٽي لاءِ خاص محبت آهي پر ساڳي وقت سائين جي ايم سيد، ڀڳت ڪنور رام، عبيد الله سنڌي، مخدوم طالب المولا، راشد مورائي، رئيس علنواز انڙ، رئيس غلام نبي ڏهراج، شير مير بحر، زرينه بلوچ، مسڪين ملاح، عبد اللطيف ملاح بابت به سٺا مضمون لکيا اٿس. مولائي ملاح جو هي ڪتاب سچ ته ادبي ۽ تحقيقي حوالي سان اهميت جوڳو آهي.
مولائي پبليڪيشن پاران ڪنول پبليڪيشن، قنبر وٽان ڇپايل هي ڪتاب 224 صفحن تي مشتمل آهي جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي. هن ڪتاب ۾ مختلف وقتن ۾ ڇپيل 26 مضمون شامل آهن. هن ڪتاب تي مدد علي سنڌي مهاڳ لکيو آهي جڏهن ته غلام نبي مغل، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو، سڄڻ سنڌي، ڊاڪٽر الطاف جوکيو، عمر قاضي ۽ شبير نظاماڻي جا ليکڪ بابت ويچار ۽ اعجاز منگي جو منظوم تاثر پڻ شامل آهي.

February 21, 2016

هن کي عاشقي ئي زندگي ٿي لڳي : حسن وساڻ جي ڪتاب ”شام صحرا جي“ تي تبصرو

ڪتاب ”شام صحرا جي“ (شاعري)، شاعر : حسن وساڻ

هن کي عاشقي ئي زندگي ٿي لڳي

محمد سليمان وساڻ

مائيڪ آندري لکيو آهي ته “شاعري درد ۽ پيڙا جي پيٽ ڄائي آهي، هر اهو شخص جيڪو ڀوڳي ٿو ۽ درد سهي ٿو سو شاعر آهي هن جو هر هڪ لڙڪ هڪ شعر ۽ هر دک هڪ نظم آهي”. سنڌي شاعريءَ جا هر دور ۾ مختلف الڳ الڳ رخ رهيا آهن، هڪڙا ترقي پسند شاعريءَ ذريعي نالو ڪمائين ته ڪي وري انقلابي شاعري ذريعي ڇانئجي ويندا آهن. پر هڪ طبقو جنهن کي روايتي شاعري جو لقب ڏيندا آهن سو سدائين متحرڪ رهندو آهي ۽ هنن جي سونهن، سچ، چاهتن ۽ محبتن سان گڏ حُسن تي ڪيل شاعري پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي آهي. اهڙو شاعر معاشري جي بي راهه روي، ماڻهن جي اڍنگن روين، ڏک ۽ پيڙا مان گذري دردن جي ڪوتا تخليق ڪندو آهي. اهڙن ئي خوبصورت شاعرن مان هڪ حَسن وساڻ به آهي. خيرپور ضلعي جي هڪ ننڍي ڳوٺ جهنگي سان تعلق رکندڙ حسن وساڻ سهڻا غزل پيش ڪري پنهنجو نالو ڪمايو آهي. تازو ئي سندس شاعريءَ جو پهريون مجموئو “شام صحرا جي” ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي. خيرپور ضلعو جتان تنوير عباسي، تاجل بيوس، عطا محمد حامي جهڙا شاعر پيدا ٿيا آهن جن سنڌي شاعريءَ کي نوان رخ ڏنا آهن، ان جو تسلسل مشتاق ڦل کان حسن وساڻ تائين ساڳيي جوڀن ۽ آب تاب سان شاعريءَ جي افق تي موجود آهي.
شاعري جذبن ۽ احساسن جي اظهار جو سڀ کان سگهارو ذريعو آهي جنهن ذريعي دل جي ڳالهه قلم جي نوڪ ذريعي ٻين تائين پهچي انهن جي دلين کي به جهومائي وجهي ٿي. اهائي ڳالهه حَسن وساڻ جي شاعريءَ مان ظاهر پئي ٿئي. حَسن جا غزل پڙهي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هو ماڻهن جي روين، محبوب جي روين، محبوب جي نخرن ۽ معشوق جي دلرباين جو ڪيڏي نه سندرتا سان لفظن ۾ بيان ڪري ٿو. حسن وساڻ ڳوٺ ۾ رهندي اتان جا حسين منظر ۽ پنهنجي دلربا جي تشبيهه ڇا ته سهڻي نموني پنهنجي شاعريءَ ۾ ڏيکاري آهي:

ڪيڏو نازڪ ادائن ۾ ويڙهيل هئا،
نيڻ تنهنجا حجابن ۾ ويڙهيل هئا.

مون ڇهڻ ٿي گهريا، هٿ رت ٿي ويا،
ڪيڏا ڪنڊا گلابن ۾ ويڙهيل هئا.


هو محبوب ۽ ان جي دوستيءَ کي ئي زندگي ٿو سڏي ڇو ته هو محبتن ۽ امن جو شاعر آهي، هن کي عاشقي ئي زندگي ٿي لڳي، هن کي چاهتون ئي نئين اميد ٿو ڏين:

موت ڏي ڪيئن وڃي، زندگيءَ کي ڇڏي،
ڪير تنهنجي پرين دوستيءَ کي ڇڏي.


حسن وساڻ جي شاعريءَ کي گهرائيءَ سان پڙهو ته ان ۾ فطرتي حسناڪيون ۽ فطرت سان پيار ڀريو پيو آهي. خوبصورت منظر ۽ فطرت جي سونهن جي ساراهه هو ايئن ئي ٿو ڪري جيئن وليم ورڊس ورٿ يا وري سنڌي شاعريءَ ۾ تنوير عباسي ڪئي آهي. هو اهڙي ڳوٺ ۾ رهي ٿو جتي شام جو سج لهڻ جا منظر، پکين جون لاتيون، مال جا ڌڻ، رات جي چانڊوڪي، تارن ڀري آسمان جي رم جهم، ماڪ جا قطرا، رات جا ٽهڪ، هير جهڙي هڳاءِ جهڙي هوا، مينهوڳي ۾ مٽيءَ جي خوشبو، ٻنين ۾ اميدن جي آسري هارين جون زندگيون، ڀٽن تي لهندڙ سج جا منظر ۽ صحرا ۾ گذرندڙ درد ڀريون شامون ڄڻ ته هن کي مست ڪري شاعر بڻايو ڇڏين ۽ اهڙي منظرن کي ئي هن شاعريءَ جي سونهن بڻايو آهي:

رات به تنهنجي ٽهڪن کان پوءِ،
گل ٽڙيا ها چانڊوڪيءَ ۾.

هير هڳاءُ ٿي وئي، هن جا،
وار ڇڙيا ها چانڊوڪيءَ ۾.


حسن وساڻ حسناڪين، محبتن، چاهتن، اميدن، آسرن، عشق ۽ عاشقي، ڌيمي لهجي، محبتي مرڪن جهڙو شاعر آهي، جنهن سنڌي شاعريءَ جي شيلف ۾ هڪ سندر ڪتاب جو اضافو آهي. حَسن جي شاعريءَ ۾ انسانيت جو درد ۽ انسان دوستي جو پيغام سمايل آهي، هن جي شاعريءَ ۾ اهڙا احساس سمايل آهن جيڪي پڙهندڙ کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿا وجهن. يقينن سندس شاعري پڙهندڙ هي ڪتاب پڙهي کيس داد ڏيڻ کان ڪونه رهندا. سندس خيالن جي گهرائي ۽ سادن لفظن سان ڪيل آسان شاعري کيس ادبي دنيا ۾ پنهنجو مقام ٺاهڻ ۾ سولايون پيدا ڪندي.
سندس شاعريءَ جو هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن، قنبر پاران ڇپايو ويو آهي. 112 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي. مهاڳ ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ لکيو آهي جڏهن ته مشتاق ڦل ۽ وفا حاڪم وساڻ جا شاعر ۽ شاعريءَ بابت رايا پڻ ڇپيل آهن.

ڪاوش سنڊي ميگ 21 فيبروري 2016ع