April 26, 2017

فرزانا شاهين جي ڪتاب ”نيڻ آسائتا“ بابت تعارفي نوٽ


محمد سليمان وساڻ

مانائتي ليکڪا ۽ شاعره ادي فرزانه شاهين جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”نيڻ آسائتا“ منهنجي هٿن ۾ آهي. سندن اهي مهربانيون آهن جو ان کان ڪهاڻين جو ڇپيل ڪتاب ”وجود جي ڳولا“ پڻ موڪليو هين. مهربان دوستو ويجهي ماضي يا حال ۾سوشل ميڊيا جو فائدو وٺندي اسان جو کوڙ عورت شاعرائون پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي نروار ڪري رهيون آهن. رخسانا پريت ۽ روبينه ابڙو کانپوءِ فرزانه شاهين، سيما عباسي، فهميده شرف بلوچ، شبانه عالماڻي، صنم نجيب ۽ ماريه ڪنول سميت اسان جون ٻيون ڀينرون پڻ نه صرف شاعريءَ جا ڪتاب ڇپائي رهيون آهن پر سندن شاعري مختلف ادبي مخزنن ۽ اخبارن جي زينت بڻجندي رهي آهي. مردن جي حاوي معاشري ۾ عورتن لاءِ شاعري ڪرڻ ۽ ادبي ميدان ۾ اچڻ ڪو آسان ڪم ناهي، هنن لاءِ قدم قدم تي مسئلن جا انبار آهن پر پوءِ به فرزانه شاهين جهڙيون بهادر ۽ بيباڪ عورتون پنهنجي قلم ذريعي عورت جي احساسن ۽ آوازن کي سگهارو بڻائينديون رهيون آهن. 
فرزانه شاهين جي شاعريءَ ۾ مخلتف احساس سمايل آهن، عورتن سان ٿيندڙ نا انصافي، زيادتي ۽ انهن جي دٻيل آواز جا احساس آهن ته ساڳي وقت سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي سماج سان ڌارين جي ڪيل زيادتين جا احساس به سمايل آهن. فرزانه شاهين جي شاعريءَ جا مختلف پاسا آهن، هن جي شاعريءَ ۾ ست رنگي پوپٽن جا هزارين عڪس سمايل آهن، جيڪي دلڪشي سبب پڙهندڙ کي پاڻ سان ڏانهن ڇڪي وٺن ٿا. هوءَ مڊل ڪلاس معاشري جي شاعره آهي جنهن کي خبر آهي ته اسان جا نقاد تيز ڇرين بجاءِ مڏيون ڇريون استمال ڪرڻ جا ماهر آهن تڏهن ئي ته پاڻ عنوانن، پسمنظرن، لفظن جي چِٽائيءَ، جوڙجڪ ۽ حساب ڪتاب سان انصاف ڪندي نظر پئي اچي. هوءَ شاعريءَ جي سڳنڌ کي وکيري رهي آهي. سندس آسائتا نيڻ سهڻي سنڌ جي آسن ۽ اميدن جي آسري آهن. شاعره غزل جي صنف تي سڀ کان وڌيڪ لکيو آهي ۽ ان سان نڀاءُ به ڪيو اٿائين.


ملڻ جا ڏينهن ڀي توسان، وڇوڙا مينهن ڀي توسان،
مٺيون ڳالهيون به توسان ۽ ميارون زندگي توسان.

ڪڏهن مرڪن سندو ميلو، ڪڏهن سورن سندو ويلو،
هي ڳڻتيون زندگي توسان، هي هارون زندگي توسان.

بهترين وايون به ڪتاب ۾ شامل آهن. جيئن هڪ وائيءَ جون ڪجهه سٽون ڏسو:

سرد ويو ماحول ٿي،
شعرن سان گرماءِ!
ڳاءِ نئين ڌن ڳاءِ !

ڪنول پبليڪيشن قنمبر پاران 160 صفحن واري ٽي رنگي پيپر ۽ ڇپائي واري هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي. ڪتاب ۾ غزل، وايون ۽ نظم شامل آهن. مهاڳ امجد درانيءَ لکيو آهي، ڪتاب ۽ ليکڪا بابت سعيد سومرو، آسي زميني، ايوب کوسو، درد هوش محمد ابڙو، زاهده تاج ابڙو، مريم مجيدي، زبير سومرو ۽ امداد سهتو جا ليک ۽ رايا پڻ شامل آهن.

فرزانا شاهين جي ڪتاب ”پهڻ پير پِٿون ڪيا“ بابت تعارف


دليون ڊاهي آدمي، محل پيو ٺاهي،
                              ڪهڙو دور اچي ويو !

مانواري ڀيڻ فرزانا شاهين جي شاعريءَ جو ڪتاب ”پهڻ پير پٿون ڪيا“منهنجي هٿن ۾  آهي. مان سندن ٿورائتو آهيان جو پاڻ هي ڪتاب مونکي منهنجي سکر واري آفيس ۾ موڪلين. سندن هي ٽيون جڏهن ته شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب آهي. ان کان اڳ ڪهاڻين جو ڪتاب ”وجود جي ڳولا“ ۽ شاعريءَ جو ڪتاب ”نيڻ آسائتا“ ڇپجي چڪا آهن. مونکي خوشي آهي ته ٿوري ئي عرصي ۾ لکڻ جي منزل طرف پاڻ تيزي سان اڳتي وڌي رهيون آهن ۽ ان راهه تي هلندي سندس پير پٿون هجڻ باوجود هو ٿڪجن ڪونه ٿيون.
مان نه ته ڪو شاعر آهيان ۽ نه ئي ڪو نقاد تنهنڪري مان هميشه هر ڪتاب تي تعريفي  يا تعارفي نوٽ ئي لکندو آهيان، جيتوڻيڪ کوڙ دوست منهنجي ان عمل کي خوشامد سڏيندا آهن.
هن ڪتاب ۾ ميڊم فرزانا شاهين جون وايون ۽ بيت شامل آهن. وائي جي صنف کي سنڌ ۾ خوب لکيو ويو آهي. سندس شاعريءَ ۾ کوڙ سوال سمايل آهن، کوڙ جواب به آهن ته ساڳي وقت اندر جي پيڙا ۽ احساس به سمايل آهن. سندس هن وائيءَ کي ڏسو، جنهن ۾ سوچ به سمايل آهي ته لوچ به ته ساڳي وقت هڪ سوال جيڪو هوءَ پُڇي ٿي پاڻ کان، اسان جي ڏات ڌڻين کان، معاشري جي ذميوارن کان، اسان جي سُست ۽ ستل ضمير سياستدانن کان، اسان جي ويڪائو اديبن ۽ ڪامورن کان، معاشري جي ذميوار ماڻهن کان:

ويٺي ملندي ڪينڪي، جانيئڙا پرڀات،
                              ڇو تون سوچين ڪونه ٿو !

سچ ته جي اسان ڪونه سوچيو ۽ ڪونه جاڳياسين ته آزدي جي ڀرڀات اسان کي ڪٿي ڪونه ملندي ۽ سنڌ ڌرتيءَ جا وسيلا اسان جي هٿن مان هليا ويندا.

فرزانا شاهين جي شاعريءَ ۾ محنت ۽ جفاڪشي جو درس سمايل آهي ۽ هوءَ سمجهي ٿي ته منزل ماڻڻ آسان ناهي، ان لاءِ پٿرن جي راهه تان گذرڻو پندو. تڏهن ته هنن سٽن ۾ چوي ٿي:

ڏوريون پيا ڏوريون، پير نه روڪيو راهه ۾ !
                             
وقت چوي ٿو وائڙا ! ڪين وکون توريو،
                                             پير نه روڪيو راهه ۾.

فرزانا شاهين مايوسين ۽ ڏکين پيچرن تي پاڻ کي اڪيلو سمجهي لاچار ٿي روئڻ ۽ پِٽڻ کي سٺو نٿي سمجهي پر اهڙين حالتن ۾ وقت، ماڻهن ۽ ماحول کي سنگتي بڻائي ٿي:

توسان ڏات ڪٺي، هنجون هار نه هيکلي !

هو ڏس تارن سان ڀري، آهي رات ڪٺي،
                              هنجون هار نه هيکلي.


فرزانا شاهين بنيادي طور ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جي شاعره آهي، جنهن سنڌ کي ڳايو آهي، جنهن اسان جي ڪردارن، اسان جي معاشري جي نا انصافين، ڏاڍ ۽ ظلم کي لفظن جا روپ ڏنا آهن.

ڌرتيءَ لاءِ لکندي، منهنجي ڏات وڌي پئي !

ڳوڙها آيل ماءُ جا، چپڙن سان چمندي،
                              منهجي ڏات وڌي پئي !

اَڀرن جي ايذاوَ سان، ڌرتيءَ جان لُڇندي،
                              منهنجي ڏات وڌي پئي !

فرزانا جي خوبي اها آهي ته هوءَ شاعري يا ڪهاڻيءَ ۾ اجائي ڊيگهه، نه سمجهه ۾ ايندڙ فلسفي کي پاسيرو رکي سنئين سڌي ۽ آسان ٻوليءَ ۾ ڳالهه لکي ٿي. هن جي شاعريءَ جي ماپ تور يا وزن ڪرڻ يا مڏي ڪاتي کڻي تنقيد جي نالي ۾ اکيڙ ڪرڻ ڪنهن قابل نقاد جو ڪم آهي پر سندس شاعري اسان عام ماڻهن کي سوليءَ طرح سمجهه ۾ اچي پئي ۽ مقبوليت ماڻي پئي، اهائي سندس وڏي ڪاميابي آهي.
هن مرداڻي معاشري ۾ هڪ عورت شاعره لاءِ سندس راه ۾ بي انت رڪاوٽون، وک وک تي رنڊڪون، رستا روڪ ۽ مسئلا سامهون اچن ٿا، ان باوجود به فرزانا شاهين پنهنجي قلم ذريعي انهن سڀني رڪاوٽن کي منهن ڏنو آهي ۽ پنهنجي پاند ۾ سٺايون ۽ چڱا ڳُڻ ڪٺا ڪيا آهن جن کي لفظن جو روپ ڏئي ڪتاب جي ڪينواس تي چِٽيو آهي.

مرڪ پبليڪيشن پاران ڇپايل هن ڪتاب جو مهاڳ سائين امداد حسيني لکيو آهي جڏهن ته ڪتاب ۽ شاعريءَ بابت ادل سومري، اياز گُل ۽ مرتضا لغاريءَ جا رايا ۽ لکڻيون به شامل ڪيل آهن. ڊسٽ ڪور ۽ انڊونيشا جي بهترين پيپر تي ڇپائي ٿيل 144 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 200 رپيا آهي.

April 11, 2017

غزل

محمد سليمان وساڻ

منهنجو به نه لڳندو آ 
ڪنهنجو به نه لڳندو آ

ھو غير ته ناهي پر 
پنهنجو به نه لڳندو آ

اهنجو به نه هو آهي 
سهنجو به نه لڳندو آ

جو هن کي چوي پنهنجو 
تنهن جو به نه لڳندو آ


اردو غزل جي بند "وہ غير نہیں لیکن، اپنا بھی نہیں لگتا" کان متاثر ٿي لکيل....

ڦونڊڙو

محمد سليمان وساڻ

ڪجهه ڏينهن اڳ اسان واري اسرندڙ فيسبوڪي دانشور دوست جو، انباڪس ۾ نياپو مليو ته؛ ”جلدي چيٽ روم/ ڪچھري واري ڪوٺيءَ ۾ اچ.“
پاڻ وري، ڪچھري ڪوٺي سدائين بند رکون.
حڪم جي پيروي ڪندي، ڪچھري ڪوٺي کوليسين. نياپي واري پيتي پڻ چالو ڪئيسين.
”يار! منهنجو لکيل اسٽيٽس پڙهيو اٿئي؟“ سنيھو موڪليائين.
”يار! الائي ڪهڙو؟ تون روز ٻه ٽي درجن اسٽيٽس لکندو آهين. لڳ ڀڳ مڙني ۾ ٽئگ به ڪندو آهين!“ ورندي موڪليمانس.
”يار ڌمڪيءَ وارو اسٽيٽس!“ ورندي آئي.
”يار! ڌمڪيون ته روز ھونديون آھن. خاص طور سنڌي قوم، اديبن ۽ سياستدانن کي، ڌمڪيون ڇا گاريون به هونديون آهن.“ موٽ ڏنيمانس.
”يار! مان ان- فرينڊ ڪرڻ واري ڌمڪي جي ڳالهه ٿو ڪيان. تون به ان لاءِ تيار ٿي وڃ.“ ناراض ٿيندي، ڌمڪي آميز ٻوليءَ ۾، ڏنڊو ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين.
پڙھي، دل ۾ خوش ٿيس ته اجھا جان ڇُٽي.
يڪدم ياد آيو ته واقعي ان همراهه اهڙي پوسٽ لکي هئي؛ ”جيڪي دوست فيسبڪ تي سرگرم ناهن، انهن جو آپريشن ڪندي، کين ان- فرينڊ ڪري، ڪٽلي ڪبو.“
”يار! مون جيترو سرگرم ڪير هوندو؟!؟! روزانو ڪتابن جي پوسٽ، شاهه لطيف جا بيت، خبرون، چونڊ سنڌي شاعري، سالگرهه جا ڪارڊ، ورسيون..... وغيره وغيره ته ونڊيندو وتندو آھيان. انھن کي لائيڪ کان علاوھ مٿن پنھنجي راءِ پڻ ڏيندو رھندو آھيان.“ پنھنجي ٻي مصروفيت جا عذر ڏيڻ جي ڪوشش ڪيم.
”ان سان منهنجو ڇا؟ منهنجي پوسٽ تي ته؛ نه ڪمينٽ آ ۽ نه وري لائيڪ آ“. لکجي آيو.
”يار ڏس!! ھر ڪنھن جي پسند پنھنجي آ، سوچ جداري آ. ٻيو ته تو وانگر سڀئي واندا به ناهن. ٽيون ته تنهنجي هر ٻي پوسٽ سڙيل، مدي خارج يا نقل ٿيل ھوندي آهي. ان تي ڪهڙي راءِ ڏيون؟!؟!“ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي، ورنديءَ ۾ لکيومانس.
”ٻه ڏينھن اٿئي! سڌري وڃ ۽ پنهنجي سرگرمي ڏيکار. ٻي صورت ۾ ياري ختم.“
”يار تنهنجي مرضي.“ گد گد ٿيندي لکيومانس.
مان ته پنهنجي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويس.
هفتي کانپوءِ، همراهه جي ھڪڙي مدي خارج ۽ ردي، بي تڪي ۽ سڙيل پوسٽ ٽئگ ٿيل ملي. کيس ڪچھري ڪمري مان نياپو موڪلي، پوسٽ جي تعريف ڪيم. مٿئون راءِ واري خاني ۾ سوال ڪيومانس؛ ”ھيترا ڏينھن راءِ نه ڏنيمانءِ، تنھن ھوندي به تو ان- فرينڊ نه ڪيو. سو ڇو؟!“
”بس ادا! سوچي سوچي، ڇڏي ڏنم. ان خيال سان ته؛ فرينڊ لسٽ ۾ چار چڱا ته هجن!! ڪي دانشور ته هجن!! جي اھي به خارج ڪيم يا ان- فرينڊ ڪيم ته ٽائيم لائين ڏسڻ وارا ماڻهو، مون لاءِ ڇا تصور ڪندا ۽ مون لاءِ ڇا چوندا؟“
ھو ته اها ڳالهه لکي، موڪلي، ڳالھ ٻولھ وارو خانو بند ڪري، هليو ويو. مان ڦونڊ ۾ ڀرجي ويس. پاڻ کي چڱو به سمجھڻ لڳس ته دانشور به.

December 27, 2016

عزيز ڪنگراڻي جي شاعريءَ جي ڪتاب ”گورک مٿي چنڊ“ جو تعارف

شاعري پڙهڻ منهنجي ڪمزوري آهي، فيسبوڪ ساٿ ۾ هر روز ڪجهه شعر، ڪجهه غزل ضرور شيئر ڪندو آهيان. جيتوڻيڪ مان ڪو شاعر ناهيان پر شاعر دوستن جي ويجهو ضرور آهيان. اهوئي سبب آهي جو مان هميشه شاعريءَ ۾ نوان پيغام يا نوان پسمنظر ڳوليندو آهيان. وليم ورڊس ورٿ چيو آهي ”شاعر هڪ انسان آهي. جيڪو انسانن سان ڳالهائي ٿو، جنهن کي عام ماڻهن کان وڌيڪ شعور، جوش ۽ نازڪ احساس مليل آهن. سندس روح وسيع آهي، هن جو جذبو ٻين کان وڌيڪ لطف حاصل ڪري ٿو ۽ چاهي ٿو ته سڄي ڪائنات به انهن جذبن ۽ امنگن سان ٽمٽار هجي. “
پياري شاعر عزيز ڪنگراڻيءَ جي شاعريءَ جو نئون ڪتاب ”گورک مٿي چنڊ“منهنجي هٿن ۾ آهي، جيڪو سندس شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب آهي، سندن قرب آهن جو نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ جي پياري دوست انعام عباسيءَ هٿان ڪتاب موڪلين. عزيز جي سڃاڻ اسان وٽ صرف شاعر واري ناهي رهي، هو سٺو ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، تنقيد نگار، مقالانگار ۽ محقق به آهي. هو شاعريءَ ۾ فطرتي حسناڪين کي خوب انداز سان بيان ڪري ٿو، سندس تعلق ڪاڇي جي علائقي جوهيءَ سان آهي تنهنڪري هن وٽ لفظن رواني ۽ رنگن جو ميلاپ به موجود آهي. هو احساسن جو شاعر آهي جنهن ڳوٺن ۾ زندگيءَ کي ويجهي کان نه صرف پرکيو آهي پر پاڻ به ڏکن ۽ سکن سان ناتو نڀايو آهي.
هن ڪاڇي ۽ گورک جي سونهن ۽ سندرتا سان گڏ محبوب جي خمار کي به بيان ڪيو آهي؛

گورک مٿي چنڊ، تڪيو بيٺي پاڻ کي،
تون جهوليءَ ۾ ننڊ، منهنجا خواب خماريل.

پاءِ نه چنڊ لِئا، منهنجو چنڊ مون جهول ۾،
دشمن کوڙ ٻيا، تون ته نه رهه ايئن نه تاڙ ۾.

موٽي آئي سانوڻي، موٽئين تون نه من،
گرجِي گورک گاج تي، بادل ٿا برسن،
ڪڙڪي گوڙيون چئو طرف، ڇيرون ٿيون ڇيڙن،
تو بن ڪيئن گذرن، هيڪل پل هن مند ۾.

عزيز ڪنگراڻي وٽ ڏات به آهي ته فني پختگي پڻ، هو لفظن جو گلدستو ٺاهڻ ڄاڻي ٿو.

حسن تنهنجو روشني آ،
شوق منهنجو درشني آ.

ٽهڪ تنهنجا ڇيڄ ڇيرُن،
مُرڪ تنهنجي چاندني آ.

غزل، نظم، بيت يا چئوسٽا هجن هن سڀني سان خوب نڀايو آهي پر سندس وايون به دل ۾ گهڙي ٿيون وڃن.

اُڻ تُڻ آ هيڪاند،
ڀنا نيڻ پلاند،
         تو ڪيئن وسريس ڍوليا؟

اچ ته جوڀن ماڻيون،
ڪڙهان تو بن ڪانڌ !
         تو ڪيئن وسريس ڍوليا؟

نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچي پاران ڇپايل هن ڪتاب ۾ عزيز ڪنگراڻيءَ جا بيت، وايون، غزل، چئوسٽا، ترائيل، هائيڪا، آزاد نظم ۽ متفرق شعر شامل آهن، جيڪو 144 صفحن تي مشتمل آهي. وڏي ڳالهه ته ڪتاب ۾ نه مهاڳ آهي نه ئي وري ليکڪن جا بيشمار رايا جيڪي ڪتاب ۽ ليکڪ کي ڍَڪي ڇڏيندا آهن.
        


October 19, 2016

سکر سيئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾


سکر سيئي ڏينهن، جي مون گهاريا بند ۾ ... (شاهه لطيف)


اڄ اڪبر بهليم ياد اچي ويو. اها 1989يا 1990 جي ڳالهه آهي ... مان نائين درجي جو شاگرد هوس جو ڪنهن  ڪيس ۾ سينٽرل جيل خيرپور ۾ قيد ٿييس. مان عمر جو ته ننڍو هيس ئي قد به ننڍو هيو، جنهن سبب هٿڪڙي ته هڻايم پر ٻيڙي هڻائڻ کان صاف انڪار ڪيو هوم، جنهن سبب جيل جي سپاهين سان منهنجي وڏن مائٽن جو جهيڙو ٿيندي رهجي ويو، ڇو ته وچ ۾ ڌاڙيل اڪبر بهليم اچي ويو،  جنهن جي جيل اندر هلندي هئي ۽ هن ڊپٽي جيل سپرينٽنڊنٽ کي چيو ته هن ننڍڙي دوست کي ڪڏهن به ٻيڙي نه لڳندي . منهنجي ملاقات پهرين ڏينهن ئي جيل جي ماڙيءَ ۾ داخل ٿيندي  ان وقت جي مشهور ڌاڙيل اڪبر بهليم سان ٿي هئي. اڪبر وڏو ڌاڙيل هو، ان وقت جو گريجوئيٽ ۽ لکيل پڙهيل سهڻو شخص هيو ،  هن جيل ۾ مدد ته ڪئي هئي پر ساڻ اهو سبق به ڏنو هيائين ته قيدين خاص ڪري ڏوهاري قيدين سان دوستي نه رکجان، جي رکين ته  ڏوهن جي دنيا ۾ نه اچجان. ماڙيءَ ۾ داخل ٿيندي ئي قيدين کي ان وقت مٿي تي مڪون هڻي ڪنڌ هيٺ ڪرايو ويندو هو، نه صرف اهو پر هنن سان بيڪار رويو رکيو ويندو هو. اڪبر کي جيل ۾ موجود اسان جي هڪ سڃاڻڻ واري نموني اندر بئريڪس تائين آندو ويو هو ۽ جيل ۾ ۾ به پوليس وارن جو رويو سٺو هيو.

جيل مان نڪري اهو باب بند ڪري ڇڏيم، هڪ دفعو وري تعليم ڏانهن ڌيان ڏئي ڇڏيو هيم .... اڪبر بهليم جي خبر ناهي ڪٿي آهي، هو جيئرو به آهي الائي نه ... سندس لاءِ نيڪ تمنائون. پر جڏهن به جيل جو ذڪر نڪندو آهي ته اڪبر بهليم ياد اچي ويندو آهي. جيل جي دور جون وڏيون ڳالهيون، ڪيئي يادون ۽ قصا لکڻ پئي گهريم پر وري الائي ڇو لکي ڊاهي ڇڏيم .... اهي زندگيءَ جا بُرا ڏينهن هيا. پر انهن ڏينهن ۾ کوڙ ڪجهه سکڻ لاءِ به مليو هو .....




August 09, 2016

علي بابا : ڌرتي ڌڪاڻن جي ليکڪ جي موڪلاڻي

علي بابا : ڌرتي ڌڪاڻن جي ليکڪ جي موڪلاڻي 

محمد سليمان وساڻ 

هو فقير منش ۽ درويش طبيعت ليکڪ هو. هن وٽ وڏائي يا ڪو ٺٺ ٺانگر ڪڏهن به نه ڏٺو، هو مصنوعيت سان نفرت ڪندڙ ماڻهو هو. مان سچل ڳوٺ جي گهٽين ۾ کيس ڪيترائي دفعا گهمندي ڏٺو، جتي هو مونکي سنڌ جو ڀٽڪندڙ روح لڳندو هو. هو عام پروگرامن ۾ به ماٺ ڪيو اچي ويهندو هو. سندس ڪهاڻين ۽ ڊرامن ۾ ڪمال ڪاريگري سان اهڙا ته ڪردار ۽ مڪالما ملندا هيا جيڪي سچا ۽ کرا، سادا ۽ اجائي پٽاڙ کان آجا هوندا هئا. هن جي لکڻين ۾ سنڌي ماڻهو ۽ سنڌ نظر ايندي هئي. ” دنگي منجهه درياء“ جو ليکڪ علي بابا اڄ اسان ۾ موجود ناهي، ڪالهه هو ان راهه رباني جو راهي ٿيو جتان ڪو واپس ناهي ورندو. پر علي بابا جون ڪهاڻيون ۽ ناول سندس ياد ڏياريندا رهندا. هي درويش صفت ماڻهو جنهن سان مليو اهو کيس سدائين ياد ڪندو. علي بابا جي ڪهاڻين جي ڪتاب ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ جي مهاڳ ۾ نثار حسيني لکي ٿو”علي بابا، سنڌي ساهت جو اهو اڻٿڪ، اربيلو ۽ مست الست ليکڪ آهي، جيڪو جُڳن کان ڪارونجهر کان ڪينجهر تائين، ڪيٽي کان ڪشمور تائين، موهن کان سون مياڻيءَ تائين ۽ کيرٿر کان کاري تائين سنڌ جي اتهاس کي کيڙيندو رهيو آهي.“ 
علي محمد ولد محمد رمضان بلوچ 1940ع ڌاري ڪوٽڙي ضلع دادوءَ ۾ پيدا ٿيو، علي محمد اڳتي هلي ”علي بابا“ جي نالي سان مشهور ٿيو. علي بابا جو تعلق”رند“ قبيلي سان آهي، علي بابا جا وڏا، اوڻيهين صدي ڌاري بلوچستان مان لڏي اچي سيوهڻ ۾ ويٺا. علي بابا جو پيءُ محمد رمضان ريلوي ۾ شنٽنگ پائلٽ هو. هن پرائمري تعليم نانگو لائين ميونسپل اسڪول ڪوٽڙي مان حاصل ڪئي. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ميونسپل هاءِ اسڪول ڪوٽڙي ۾ داخل ٿيو. هو جڏهن مئٽرڪ جو امتحان ڏيئي رهيو هو ته امتحان هال ۾ هڪ ڇوڪر کي ڀونڊو ڏيڻ تي هڪ استاد کيس امتحان هال مان ڪڍي ڇڏيو، بس اهو ڏينهن وري علي بابا اسڪول جو منهن نه ڏٺو. هن ڪجهه عرصو ريلوي ۾ ڪلارڪ طور ڪم ڪيو، پوءِ ٽيڪسٽائيل مل ۾ اسسٽنٽ مئنيجر ٿي ڪم ڪيو. 1965ع کانپوءِ نوڪري ڇڏي صرف لکڻ لڳو جيڪو سندس گذر سفر جو ذريعو به هيو. سندس شروعاتي ڪهاڻيون شمشيرالحيدري سنواري سڌاري ”نئين زندگي“ رسالي ۾ ڇپيون. هو شمشير الحيدري جي وفات وقت سندس تڏي تي وڏي واڪ اهو چوندو رهيو ته علي بابا کي علي بابا شمشير بڻايو. علي بابا، ٻارن لاءِ هڪ ناول ”سنڌباد جو سفر“ لکيو جيڪو 1993ع ۾ ڇپيو. 
علي بابا ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ 100 کان مٿي ڊراما لکيا. سندس ٽي وي ڊرامي ”دنگيءَ منجهه درياءُ“ کي ميونخ جرمنيءَ جي عالمي ميلي ۾ 79 ملڪن جي ڊرامن مان ٽيون نمبر بهترين ڊرامو قرار ڏيئي ”ايوارڊ“ سان نوازيو ويو، هي ڊرامو سنڌو درياءَ جي مهاڻن جي ڪهاڻيءَ تي مشتمل هوسندس مشهور ڊرامن ۾ ٻاليشاهي، موکي متارا، مومل راڻو، هوشو شيدي، رقص حيات (اهو موهن دڙي جي ناچڻي ۽ زندگي بابت هو) وغيره شامل آهن. 
سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو 1983ع ۾ ”ڌرتيءَ ڌڪاڻا“ جي نالي سان ڇپيو، ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب ”آيل ڙي اولاڻا“ 1984ع ۾ ڇپيو ۽ ٽيون ڪتاب ”علي بابا جون ڪهاڻيون“ (ڀاڱو پهريون-1994ع) ۾ ڇپيو، هن ۾ علي بابا جون ڪُل 59 ڪهاڻيون شامل آهن. سندس لکيل ناول ”موهن جودڙو“ 1985ع ۾ شايع ٿيو. اهو ناول پهريان ماهوار ”روح رهاڻ“ ۽ پوءِ ”نئين زندگي“ ۾ قسطوار ڇپيو هو. ساڳي ناول جو ذڪر ڪندي غلام حسين رنگريز لکي ٿو: 
”علي بابا سندس ناول ”موهن جو دڙو“ (پهريون حصو) ۾ ڏات ۽ ڏانءُ جي بلندين کي ڇهي رهيو آهي. ٻوليءَ کان وٺي منظر نگاريءَ تائين ڪٿي به سندس گرفت ڪمزور پوندي محسوس نٿي ٿئي. ڪاش! علي بابا ”موهن جو دڙو“ جو ٻيو حصو به مڪمل ڪري سگهي. جيڪڏهن اهو ناول مڪمل ٿي وڃي ته هرمن هيس جي ”سڌارٿا“ کان به وڌيڪ مقبوليت ماڻهي سگهي ٿو.“ 
پر افسوس جو معاشي، مالي ۽ سماجي حالتن جي ابتري سبب هو ناول مڪمل ڪري نه سگهيو. ٻيو حصو لکي نه سگهيو. علي بابا اڄ اسان ۾ موجود ناهي پر سندس ڪهاڻيون زندهه آهن، سندس ڪردار زندهه آهن، هو پاڻ ئي چوندو هو ته ڪهاڻيڪار ته مري ويندا آهن پر ڪهاڻي ڪڏهن به نه مرندي. ڪهاڻين جي ڪردارن کي زندگي ڏيندڙ علي بابا اسان کان موڪلائي ويو. سندس زندگيءَ جو آخري حصو گمناميءَ وارو رهيو، جنهن ۾ نه ته اديبن ۽ نه وري ادبي تنظيمن سندس ڪا سار لڌي.

June 07, 2016

اڙي موت ميار ... !!! ...اياز جانيءَ جو وڇوڙو


اڙي موت ميار ... !!! ...اياز جانيءَ جو وڇوڙو
محمد سليمان وساڻ
ڏسُ اسان جو مٽي ڏئي نه ڏئي
پاڻ آڪاس کان پري ٿا وڃون
زندگي موت جي سواري آ
سا سواري اسان ڪري ٿا وڃون

ايازجاني

ڪالهه ئي اياز جانيءَ جو ذڪر نڪتو هو، جڏهن موري جو ڪوي امداد سولنگي ۽ شهداد ڪوٽ جو نوجوان شاعر ۽ پبلشر مرتضا سولنگي مون وٽ سچل ڳوٺ آيا هئا. موضوع ته گهڻا هيا پر اسان جي سٿ جي هڪ بهادر شاعر جو ذڪر نڪتو هو يعني اياز جانيءَ جو. مونکي فڪر ٿي رهيو هو ته اياز جاني طبيعت خراب هوندي ڪيئن ٿو سيوهڻ، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي وڃي سو به موت مار گرميءَ ۾. اهڙو ذڪر هڪ هفتو اڳ به نڪتو هو جڏهن اياز جانيءَ جي جوڙ جا لاڙڪاڻي جا شاعر رضوان گُل ۽ مسرور پيرزادو سچل ڳوٺ آيا هئا. اسان سڀ سندس صحت ۽ اياز جاني جي اهڙي رويي تي پريشان هياسين. هن کي مڪمل آرام جي ضرورت هئي. کيس دل جي تڪليف ته هئي ئي ان سان گڏ کيس ساهه کڻڻ ۾ تڪليف به ايندي هئي. هو اڳ به ڪيترا دفعا اسپتالن ۾ ڏاڍي سنجيده بيماري سبب داخل ٿيندو رهيو هو. پر هن کي شاعري، ادب ۽ ادبي محفلن سان بي انتها چاهه ۽ عشق هيو. هو ادبي محفلن جي جان هيو. اهي محفلون ڪراچيءَ ۾ هجن يا لاڙڪاڻي ۾ يا ڪٿي به جتي هن کي سڏيو ويو هجي، ضرور پهچندو هو. وڇوڙي کان هڪ ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ۾ اڪبر لغاريءَ جي ڪتاب جي مهورتي پروگرام ۾ موجود هيو. ان لاءِ ئي هن گلشن حديد کان لاڙڪاڻي جي راهه ورتي هئي. پر کيس خبر نه هئي ۽ نه ئي اسان کي اندازو هو ته اهو لاڙڪاڻي ڏانهن سندس آخري سفر آهي.
اياز جانيءَ سان فيسبوڪ تي ڪافي سال اڳ تعارف ٿيو هو. مان سندس جنم ڏينهن تي هڪ منفرد ڪارڊ جوڙي کيس واڌايون ڏنيون هيون. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ئي آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ هڪ ادبي محفل ۾ ڪنهن شخص منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي پڇيو هو ته تون سليمان وساڻ آهين؟ مون مرڪندي ها چيو هو ۽ کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهيم ته ڀاڪر ۾ ڀريندي چيائين مان اياز جاني آهيان. پوءِ ساڻس ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون، سنڌي ادب جي موجوده صورتحال کان ادبي ادارن، بيوروڪريٽس جي روين، شاعرن ۽ اديبن جي روين ۽ ادبي سياست کان ميڊيا تائين اسان الائي ڪيترن موضوعن تي ڪچهريون ڪندا هئاسين. ڪڏهن گلشن حديد ته ڪڏهن آرٽس ڪائونسل، ڪڏهن سچل ڳوٺ ته ڪڏهن منهنجي آفيس، ڪڏهن انيس انصاري اڪيڊمي ته ڪڏهن ڪنهن هوٽل ۾ چانهه جي ڪپ تي ..... هن کي ادبي محفلن، پروگرامن، مشاعرن ۾ شموليت جو عشق هو ۽ اهو عشق کيس اسپتال جي بستري تي وڌيڪ تڙپائيندو هو. حيدر آباد لٽريچر فيسٽيول جي کيس گهڻي خوشي هئي پر ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي کيس دل جي عارضي سبب اسپتال داخل ڪيو ويو. اسپتال مان به اسٽيٽس لکندو رهيو ۽ فيسٽيول ۾ شامل نه ٿيڻ تي کيس ڏک رسيو. ڪارڊيو اسپتال ۾ جڏهن ساڻس ملڻ لاءِ امداد حسيني ۽ مسرور پيرزادي سان گڏ ملڻ وياسين ته ان ڏينهن کيس اسپتال کان ٻاهر ڪنهن ٻئي هنڌان ڪجهه وڌيڪ چڪاسون ڪرڻ لاءِ نيو ويو. اسان ڏيڍ ڪلاڪ انتظار ڪري واپس ورياسين ته اسپتال جي بيڊ تي واپس پهچي اسان جو لکيل نياپو پڙهي فون ڪيائين ته يار ملي وڃو موت تي ڀروسو ناهي. مان کيس چيو ته يار دراوڙ جي دل ڪمزور ناهي هوندي، دل کي قابو رکُ، تون واپس وري اسان سان گڏ ملندين .... چيائين يار ڇا ڪيان مان ته وس ٿو ڪيان پر دل پاڻ ئي ٿي ڦٿڪي وري پاڻ ئي ٿي لُڇي.
هو مکڻ ماڻهو هو جيڪو شڪايتون اندر ۾ سانڍي انهن کي ساڙي ڇڏيندو هو. ڪمال جو ڪوي هو. سندس نظم هجي يا غزل يا وائي ڪمال جي دسترس هيس. ادائگي به وڻندڙ هيس جو هن جو مُک معصوم هيو ۽ معصوم ۽ خاموش مُرڪ سان سدائين آڌر ڀاءُ ڪندو هو. هڪ وڏو عرصو مختلف ادبي مخزنن لاءِ خدمتون ڏيندي گذاريائين. سندس شاعريءُ جو ڪتاب ”درواڙ دل جي تنهائي“ ڇپيو ته گهڻو خوش ۽ مطمعن نظر آيو. هو ننڍ وڏائيءَ کان مٿڀرو رهندو هو. مونکي ياد آهي ته گلشن حديد ۾ سائين ارشاد ڪٽپر فيسبوڪ فرينڊس جو ميڙ ڪوٺايو هو. هڪ ڪتاب جي مهورت جي سيشن ۾ مونکي صدارت ڪرڻ جو چيو ويو ۽ اسٽيج تي اياز جاني به موجود هيو. مونکي الائي ڇو شرمساري ٿي رهي هئي ته هيڏي وڏي ليکڪ، ايڊيٽر ۽ شاعر جي هوندي مان ڪيئن صدارت ڪيان، نيٺ ويجهو وڃي مرڪندي کيس عرض ڪيم ته صدارت اوهان ڪيو. اٿي بيٺو ڀاڪر ڀريندي چيائين ”يار تون نوجوانن جو ترجمان آهين، اسانکي توتي فخر آ، اسان به ته توکان سِکندا آهيون، مونکي خبر آ ته تون مون کان به سٺو ڳالهائيندو آهين، مونکي خوشي آهي ته سليمان وساڻ جي صدارت ۾ اسٽيج تي موجود آهيان“. سنڌ سلامت ڪتاب گهر پهرين جون يعني سندس وڇوڙي کان چار ڏينهن اڳ لانچ ڪيوسين ته سندس نياپو مليو، گهڻو خوش هيو پنهنجي راءِ ڏيندي لکيائين ته ”شاندار ڪم، ترتيب به سهڻي لڳي. آنلائين توڙي پي ڊي ايف ٻئي لاجواب، ڪربلا ڪهاڻي ڪتاب پڙهان پيو، هاڻي الائي ڇو اهڙيون ڪهاڻيون نه ٿيون ڇپجن.“
موت برحق آ، اسانکي به ان راهه جو راهي ٿيڻو آ پر ڪُمهلو موت، سو به جگري جاني دوست جو، سچ پچ ته جيءُ جهري پيو آ. سندس پُٽَ جو نياپو مليو آ ته بابا کي ڪراچيءَ ۾ دفنائڻ لاءِ لاڙڪاڻي کان نڪتا آهيون، گلشن حديد اچو .... مونکي شمشير الحيدري ۽ تاجل بيوس ياد ٿا اچن، جن ڪراچيءَ ۾ دفن ٿي ڪراچيءَ تي سنڌين جي مالڪي جي دعوا کي سچ ثابت ڪيو ۽ اڄ اياز جانيءَ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي مٽيءَ ۾ ملي پنهنجو قرض چڪايو آهي.

سهسين ڇڏي سنڌ ۾ سارون ــ پچارون،
لفظن ــ مهڪارون، ”جاني“ جوءِ ڇڏي ويو!
(قاضي منظر حيات)


April 30, 2016

” وجود جي ڳولا“ فرزانه شاهين جون شاعريءَ جهڙيون ڪهاڻيون



” وجود جي ڳولا“ فرزانه شاهين جون شاعريءَ جهڙيون ڪهاڻيون
محمد سليمان وساڻ
اسان جي مانواري ڀيڻ، شاعره ۽ ليکڪا فرزانه شاهين جي ڪهاڻين جو ڪتاب “وجود جي ڳولا” منهنجي هٿن ۾ موجود آهي. خوبصورت ۽ دل کي وڻندڙ ٽائيٽل ۽ پوئين صفحي تي يعني بيڪ پيج تي منهنجي پسنديده ليکڪ رحمت الله ماڃوٺيءَ جو ڪتاب ۽ ليکڪا بابت رايو به وڻندڙ آهي. فرزانه شاهين بنيادي طور تي هڪ شاعره آهي، تنهنڪري سندس ڪهاڻين ۾ انتها درجي جي خوبصورت پسمنظرنگاري، احساسن ۽ جذبن جي جوڙجڪ، دلڪشي، حسناڪي ۽ خوبصورت لفظن جو سٽاءُ موجود آهي، جيڪو شاعريءَ وانگر لڳي ٿو. هوءَ بنيادي طور عورتن جي مسئلن، عورت جي ڌڪار، عورتن سان ڪيل ناانصافي، عورتن سان سماجي اڻ برابري، معاشرتي مسئلن، انا جي ور چڙهيل رشتن ۽ عورتن جي مسئلن تي ئي لکي پئي، سندس ڪهاڻين جو موضوع صرف عورت ئي آهي. هن بهترين انداز سان مختلف ڪهاڻين ۾ صرف عورت کي ئي مظلوم ڪري پيش ڪيو آهي. شايد انڪري جو هوءَ پاڻ به هڪ عورت آهي، يا انڪري جو اسان جو معاشرو عورتن کي حق ڏيڻ ۽ انهن جي آزادي جو حامي ناهي.
هوءَ بيباڪيءَ سان ناه نهاد ريتن رسمن خلاف لکي ٿي پر سندس اڪثر ڪهاڻين ۾ نا اميدي ۽ مايوسي ڀريل آهي. اڪثر ڪهاڻين جو انجام ۽ ڪلائيميڪس اهو نڪري ٿو ته پيار ڪندڙ هڪ ٻئي کي حاصل ڪري نه ٿا سگهن. ان بجاءِ جيڪڏهن هو معاشرتي براين، نا انصافي ۽ جهالت خلاف حوصلا افزا ۽ اميد ڀريل ڪهاڻيون به لکي ها ته سٺو لڳي ها. ڇو ته مايوسين ڀريي ماحول ۾ مايوسيون لکڻ جو مان حامي ناهيان. ” وجود جي ڳولا“ کان ويندي پردي پويان، آئيڊيل، سمجهوتو، رنگ رتول، يادون، محبت جي موٽ، يادن جا عذاب ۽ شال مَ ملان هوت سميت سڀ ڪهاڻيون بهترين آهن. فرزانه شاهين وٽ لفظن جي چونڊ، جملن جي جوڙجڪ، احساس ۽ جذبن جي رواني ڪمال جي آهي. هن وٽ ڪهاڻي جو فن ۽ فڪر ٻئي موجود آهن. هن جا مڪالما ته اهڙا آهن جو موهي وجهن ٿا. جهڙوڪ:

”جڏهن ڪنهن جي دل عشق ۾ ٽٽي وڃي ته سون جو ٽاڪو به ان کي جوڙي نه سگهندو“

”محبتون حاصلات جي نظريي کان مٿاهيون هونديون آهن. منهنجي لاءِ ته اهو احساس ئي ڪافي آهي ته ڪوئي منهنجو آهي ۽ مان ڪنهن جي سوچ جو محور آهيان .... ٻرندڙ جيون ۾ ٻيو کپي به ڇا؟“

”پر منهنجي يادن جا دروازا ته کليل آهن. هر لمحو مقدس امانت جيان يادن جي ٽجوڙيءَ ۾ سنڀالي رکيو اٿم. سڀئي لڙڪ ٽشو پيپر ۾ ويڙهي اکين تي پها رکي ڇڏيا اٿم. وڇڙيل وقت جا سمورا درد دل جي کوري ۾ دکائي پنهنجي اندر ۾ دونهين دکائي ڇڏي اٿم، جنهن جو دونهون هر وقت منهنجي اکين کي جلائيندو رهندو آ. وجود تي چٽيل پيار جا سمورا پوپٽ مٺين ۾ ڀڪوڙي سمورا رنگ لڪائي ڇڏيا اٿم. وسارڻ لاءِ ته صديون گهرجن ۽ مان ته اڃان ان لمحي جي سرحد تي بيٺي آهيان، جتان پاڻ ملي وڇڙيا آهيون. ان لمحي کي پار ڪرڻ لاءِ صديون درڪار آهن.“

هي ڪتاب جيترو سهڻو آهي ان کان به وڌيڪ ان ۾ پروف جون غلطيون آهن، جيڪي ڪهاڻيءَ جي رواني ۽ جملن کي سمجهڻ ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿيون ۽ ٻيهر ٻيهر پڙهڻو ٿو پوي. ڪجهه ڪهاڻين ۾ ته ڪٿي نه ڪو فل اسٽاپ آهي، نه ڪاما ۽ نه وري ڪوٽيشن مارڪ. ليکڪ سان گڏ پبلشر جي اهڙي رويي تي حيراني لڳي. پوپٽ پبلشنگ هائوس جو هڪ نالو آهي، هڪ برانڊ آهي، هڪ سڃاڻ آهي، تنهنڪري هنن کي خاص خيال رکڻ گهربو هو.
هن ڪتاب جي هڪ منفرد ڳالهه اها به آهي ته هر ڪهاڻيءَ جي مناسبت سان هارون چنا جا ٺهيل اسڪيچ موجود آهن، جن ڪتاب کي وڌيڪ سندر بڻائي ڇڏيو آهي. پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور پاران ڇپايل 188 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ 27 ڪهاڻيون شامل آهن. مهاڳ اخلاق انصاريءَ لکيو آهي، جڏهن ته عطيه دائود جو ليکڪا ۽ ڪهاڻين تي تبصرو ۽ تسليم منگيءَ جو ليکڪا لاءِ لکيل خط پڻ شامل آهي.

April 04, 2016

مسرور پيرزادي جو ڪتاب ”سِپون سُوجهي ڪڍيون“ پرڏيهي شاعري سنڌيءَ ۾


” سِپون سُوجهي ڪڍيون“ پرڏيهي شاعريءَ سان سڃاڻ

محمد سليمان وساڻ

ڪجهه وقت اڳ مسرور پيرزادي پاران پرڏيهي ادب ۽ شاعريءَ جي عظيم نالن جي چونڊ شاعري سنڌي ۾ ترجمو ڪري سوشل ميڊيا تي پيش ڪئي وئي هئي. اهي چند شاهڪار ڪوتائون سچ ته ڪمال جون هيون. پوءِ مسرور سان ملاقات ۾ ان بابت پڇيم ته ڇا هو اهو سلسلو جاري رکندو؟ مسرور هميشه واري مرڪ منهن تي آڻيندي چيو ته هو جلد چونڊ پرڏيهي شاعري جو ترجمو ڪيل ڪتاب پيو آڻي. خوشيءَ جي حد ئي نه رهي، ڪتاب جو بيچيني سان انتظار ڪرڻ لڳس، ڇو ته هاڻي هن فيسبوڪ تي ترجمو شيئر ڪرڻ بند ڪري ڇڏيو هو. ڪجهه ڏينهن اڳ مسرور مليو ته ٻڌايائين ته ڪتاب ڇپائيءَ جي مرحلي ۾ آهي، ڪڏهن مارڪيٽ ۾ ايندو؟ مونکي ڪڏهن ملندو؟ ..... انهن سوالن تي مسرور جي منهن تي وري ساڳي مرڪ ڇانيل رهي جيڪا سدائين قائم دائم اٿس. چيائين بس ڪجهه ڏينهن انتظار ڪر. پوءِ ڪتاب ”سِپون سُوجهي ڪڍيون“ جي نالي سان ڇپجي ويو، مارڪيٽ ۾ به اچي ويو ۽ مسرور ڪتاب ڏيڻ منهنجي گهر سچل ڳوٺ پاڻ هلي آيو، اهي سندس مونتي وڙ آهن، جيڪي مان لاهي ڪونه سگهندس پر ڳايان پيو. هو سدائين مونتي مهربان رهيو آ، مونسان ملڻ ايندو رهندو آ، ڪراچي شهر ۾ رهندي گوناگون مصروفيتن مان وقت ڪڍي دوستن سان ملڻ اهو واقعي ئي جس لائق ڪم آ، مهرباني مسرور.
مسرور پيرزادي هن ڪتاب ۾ دنيا جي 12 عظيم شاعرن جي شاعريءَ جو ترجمو پابند، آزاد ۽ نثري شاعريءَ ۾ ڪيو آهي. ترجمو ڪرڻ ڪو آسان ڪم به ناهي. ڌاري ٻوليءَ جي شاعرن جي شاعري کي سنڌي ۾ آڻڻ ڏکيو ڪم آ. نثر جو ترجمو وري به آسان هوندو آهي پر شاعريءَ جو منظوم ترجمو مشڪل آهي. ڇو ته شاعري ڪهاڻي يا ڳالهه ناهي پر شاعري احساسن، جذبن، سوچن، لوچن، خوابن ۽ ساڀيائن جو اظهار هوندي آهي ۽ ترجمي ۾ اهي سڀ شيون اظهار ڪرڻ ڪمال آهي. مسرور پنهنجي پاران پوري ڪوشش ڪئي آ ۽ ان ۾ گهڻي ڀاڱي ڪامياب ويو آ، ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته هو پاڻ به شاعر آهي ۽ شاعريءَ جي باريڪ بينين کان چڱيءَ طرح واقف آهي. هن گهڻو ڪري ترجمو انگريزي يا اردو ٻوليءَ کان ڪيو آهي ۽ هر شاعر بابت کنيل شاعريءَ جا حوالا ڏنا اٿس. مسرور جن شاعرن جي تخليقن کي چونڊيو آهي انهن مان ڪجهه سان ته اسان جو روحاني رشتو ۽ لڳاءُ رهيو آهي جيئن مولانا رومي جنهن جي مثنوي لطيف سرڪار سان پڻ ساڻ رهي آهي ۽ هو صوفين جو سرتاج آهي ۽ هڪ ٻيو صوفي منصور حلاج جنهن سچ تان سِر گهوريو. ان کانسواءِ عظيم انگريز شاعر وليم شيڪسپيئر، قديم دور جي شاعر ڀرتري هري، ترڪيءَ جي عظيم انقلابي ۽ رومانوي شاعر ناظم حڪمت، هند جي نوبل انعام يافته بنگالي شاعر ٽئگور، چليءَ جي نوبل انعام يافته شاعر پئبلو نرودا، بنگال جي انقلابي شاعر قاضي نذر الاسلام، جديد عربي شاعريءَ جي سرتاج عشق ۽ انقلاب جي شاعر نزار قاباني، داغستان جي وطن پرست شاعر رسول حمزاتوف، فلسطين جي انقلابي ۽ باغي شاعر محمود درويش سان گڏ قديم رومانوي سنسڪرتي شاعرن جي تخليقن جو منظوم ترجمو ڪيو اٿس.
هي ڪتاب سڀني ادب دوستن ۽ شاعرن خاص ڪري مون جهڙن پرڏيهي ادب کان اڻڄاڻ ماڻهن لاءِ گهڻو لاڀائتو ثابت ٿيندو. شاعري ۽ ادب لاءِ اهو ضروري آهي ته اوهان پرڏيهي ادب ۽ شاعرن کي پڙهو، انهن جي احساسن ۽ تخيل جي اڏار کان واقف ٿيو. مسرور پيرزادي کان اڳ مان اختر حفيظ پاران نزار قاباني جي شاعريءَ جو ترجمو پڙهيو هيو ۽ گهڻو متاثر ٿيو هيس، پر مسرور ته ڪمال ڪري ڇڏيو آ جو چونڊ عالمي شاعرن جي شاعري سا به سليس سنڌي منطوم ترجمي ۾ پيش ڪئي اٿس. هن ڪم تي مسرور کي ڀلي ڪو شاباس ڏي يا نه، ڀلي شاعريءَ جا بُت سندس تعريف ڪن يا نه پر سندس هي ڪم تعريف لائق آهي. اهڙو ڪم اسان وٽ صفا گهٽ ٿيو آ. وڏي ڳالهه ته هن هر شاعر جو تعارف ۽ تصوير به ڏني آهي ته جيئن ان عظيم شاعر بابت درست ڄاڻ به هجي. هتي نزار قابانيءَ جي هڪ نظم جو ترجمو مثال طور ڏجي ٿو:

ڪوبه مڇيءَ کي ڪين ترڻ سيکاريندو آ
ڪوبه پکيءَ کي ڪين اڏڻ سيکاريندو آ
پاڻهي تربو آهي
پاڻهي اُڏبو آهي
عشق سکڻ لئه ڪوبه ڪتاب نه هوندو آهي
۽ دنيا جي هيءَ تاريخ ٻڌائي ٿي
عاشق اُمي هوندا آهن.

امبر پبليڪيشن ڪراچي پاران ڇپايل هي ڇهون ڪتاب آهي، جيڪو 160 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ڪتاب جي قيمت ٽي سئو روپيا آهي. مهاڳ نامياري شاعر امداد حسينيءَ لکيو آهي.