July 30, 2013

سچل سچي ڳالهه عشق دي



سچل سچي ڳالهه عشق دي ..........

محمد سليمان وساڻ

جڏهن به تصوف جي ڳالهه ڪبي ته سنڌ جي انهن صوفي شاعرن جو نالو ايندو جن پنهنجي فڪر ۽ شاعريء ذريعي محبت جي سرهاڻ ۽ مهڪ سان دنيا کي واسيو آهي. اهڙي ئي تصوف جي مڪتبن مان هڪ درازا شريف به آهي. درازن جي دولهه سچيڏني جيڪو سچو ۽ سچل جي نالن سان به مشهور آهي پنهنجي صوفي فڪر ذريعي دنيا جي سڀني انسانن کي محبت ۽ پيار جو سبق ڏنو آهي.

تصوف جو اهو تسلسل شاهه لطيف جي سلسلي جي ئي ڪڙي آهي جڏهن لطيف درازن ۾ اچي چوي ٿو ته اسان جيڪو ڪنو چاڙهيو آهي ان جو ڍڪڻ هي نينگر لاهيندو. دنيا ڏٺو ته اهو نينگر ميان عبدالوهاب سچل ۽ سچو ني نالي سان نروار ٿيو ۽ سندس شاعري ستن زبانن ۾ ڪيل آهي انڪري ئي کيس هفت زبان شاعر سڏيو وڃي ٿو. تصوف ۾ وحدت الوجود جو نظريو رکندڙ سنڌڙيء جي هن سر موڙ شاعر جي دور ۾ مذهبي انتها پسندي، ناقص پيري ۽ تصنع سان مُزين فقيري عام هئي. پر هن پنهنجو آواز سچائي سان پيش ڪيو ۽ سندس ڳالهه وقت جا ملا ۽ پنڊت سمجهي ڪونه سگهيا. مذهبي انتها پسندي جي ان رجهان کي ڏسي سچل چيو ته :

مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا
شيخي پيري بزرگي بيحد ڀُلايا
آڏو ڪين آيا عقل وارا عشق کي.


سندس شاعريء ۾ تصوف جا رنگ هجن ۽ موسيقي نه هجي اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي. سندس شاعري اها سرائيڪي هجي يا سنڌي يا وري اردو مختف فنڪارن اهڙي ته رنگ ۽ سرور سان ڳائي آهي، جو ٻڌندڙ جهومندا رهندا آهن. سچل جي عشق ۽ رمز جو پيغام ڪنهن ڪتابن يا لائيبريرن ۾ قيد ناهي پر سنڌ ۽ هند کانسواء دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ڳايو وڃي ٿو ۽ سچل جي سڃاڻ به سندس فلسفي ۽ فڪر جي ڪري آهي.

انسان ذاتِ پات ۽ درجه بندي واري ويڇن ، وڇوٽين، فرقن ، تڪرارن هڪ ٻئي تي برتري جهڙن ڪُڌين جبلتن جو شڪار آهي. انتها پسندي جو لاڙو وڌي رهيو آهي، مذهبي ڪٽرپڻي ۾ واڌارو اچي رهيو آهي. فرقي پرستي جا بنياد مضبوط ٿي رهيا آهن. مذهب جي نالي تي انتها پسندي ۽ ٻين اڳراين سان گڏ الله تعالى جي عظيم تخليق کي جهاد جي نالي تي انسان دشمني جو زهر ڀريو پيو وڃي پر سچل ان کي رد ٿو ڪري:

نا مين هندو نا مين مومن سچل نانءُ سڏايان
*
ڪاٿَئِين ڪافر ڪاٿَئِين مومن، ڪاٿَئِين سوري سر هلائي
ڪاٿَئِين گُسائين ، ڪاٿَئِين سنياسي ڪاٿَئِين بت بنائي.


انسانيت، انسان ذات ۽ مخلوق سان بي پناھ پيار سچل سائين جي شاعريء مان نروار آهي. سندس شاعري ۽ فڪر کي سمجهڻ لاء به سچل جهڙي ذهن جو ماڻهو کپي پر هن تي تهمتون ۽ فتوائون جاري ڪيون ويو پر پوء هو محبت، سچائي ۽ پيار جو درس ڏيندو رهي ٿو ۽ سندس اندر ۾ مٺـڙن مـاروئڙن جي سُک ۽ سلامتي جون سَڌون سمايل آهن.

سدا هئن سکيا ، ماروئڙا ملير ۾
شل نه ڏينهن ڏکيا ، اچن آجڙين تي !


سچل سرمست لاء عشق وڏي اهميت رکي ٿو. عشق کي انساني زندگي لاءِ سڀ کان اهم ٿو سمجهي ۽ فرمائي ٿو ته عشق انسان جو رهبر آهي جيڪو انسان ذات کي حقيقت تائين پهچائي ٿو. انسان کي جيڪڏهن ڪنهن رهبر جي ضرورت آهي ته اهو عشق ئي آهي :

عشق هي امام ميرا، ديگر امام ڪيا هي،
ميخانه مين هوا، جرعه يا جام ڪيا هي،
بغير عشق دي، ڏوجها ڪوئي ڪمال نهين،
نهين جو عشق، ته اي دوست تيڏا حال نهين.


سچل عشق کانسواء ٻيو ڪجهه ڪونه ٿو سمجهي ۽ ٻين ڪمن کي اجايو ٿو سمجهي. سندس خيال ۾ عشق حقيقيءَ ۾ عاشق کي هر قسم جي قرباني ڏيڻي پوي ٿي. ايتريقدر جو عشق جي باهه ۾ سڙي خاڪ به ٿيڻو پوي ٿو. سچل سرمست انهن عاشقن جي خاڪ پنهنجي اکين ۾ به وجهڻ لاءِ تيار آهي. چوي ٿو:

خاڪ عاشق دي اکيان وچ، سرمه جوڙڪي پويسون
عاشق سو جو سرمه ٿيوي، ڳالهه اهين دي ڪيهي ايهي عجب جيهي.


رمضان جي 14 کان سچل جي نگري سندس عشق جي فلسفي ۽ محبت جي پرچار ڪرڻ لاء گڏ ٿيل عاشقن ۽ سندس ڪلام سان پئي گونجي. سنڌ جي مختلف واهڻن ۽ وستين کان هلندي ماڻهن جو پنڌ درازا ڏانهن آهي. سچل جي نگري سچ جي نعرن ۽ سچائيء جي فڪر سان واسيل آهي. انسانيت جا نعرا سچل جي نگري ۾ گونجي رهيا آهن ۽ اهو پيغام ڏئي رهيا آهن :

سچ ٿا مرد چون ڪنهن کي وڻي نه وڻي !
______

ابراهيم منشي : سنڌ جي عاشق ۽ ترقي پسند شاعر

ابراهيم منشي  : سنڌ جوعاشق ۽ ترقي پسند شاعر

تحرير: محمد سليمان وساڻ

جنگ جنگ جنگ آ توسان منهنجي جنگ آ
پليت پير ڪر پري هي ڌرتي منهنجو ننگ آ


سنڌ جي انهن قومي شاعرن جو جڏهن به ذڪر نڪرندو جن ڌرتيء سان ڪيل عشق جي شاعري ڪندي پوري زندگي ڏاڍ جو مقابلو ڪيو انهن عظيم ڪردارن مان مرحوم ابراهيم منشي جو نالو به نمايان هوندو. تاريخ شاهد آهي ته سنڌ جا ڪيترائي سپوت ۽ جوڌا جن پنهنجي پوري حياتي سنڌ جي ڏکن، سورن ۽ جدوجهد لاءِ ارپي آهي. جيڪي سنڌي قوم جي اجتمائي مفادن ۽ سنڌ جي آجپي جي رکوالي ڪندي، تاريخ جو سنهري باب بڻجي ويا آهن. محمد ابراهيم منشي به انهن امر ڪردارن مان هڪ قومي شاعر آهي. ضلعي ٽنڊو محمدخان جي تعلقي بلڙي شاهه ڪريم جي ڳوٺ جنهاڻ سومرو پورهيت ڪٽنب سان تعلق رکندڙ منشي محمد ابراهيم 15 جنوري 1934ع ۾ ديني عالم شاعر مولوي محمد اسحاق سومرو جي گھر ۾ جنم ورتو هو. سندن والد به ان وقت بهترين شاعرن مان هڪ ليکيو ويندو هو.

جيتوڻيڪ غربت ۽ غريب خاندان سان تعلق هجڻ ڪري هو وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نه سگهيو پر پوء به پرائمري تعليم حاصل ڪري ورتائين. انکانپوء هن پنهنجي پوري زندگي محنت مزدوري ۽ ٺيڪيدارن وٽ منشي گيري ڪندي گذاري جنهنڪجري سندس لقب به منشي ٿي ويو. ان وقت هن شاعري جي شروعات ڪئي ۽ گهڻو ڪري قومي شاعري ڪندو رهيو. سندس شاعريء ۾ ٺيٺ سنڌي ٻولي استعمال ٿيل آهي، سولي ۽ سادي. سندس شاعري فطرت ، سونهن ۽ عشق جي شاعري آهي.

هڪ مند چري آهي، ٻي جا رات ٺري آهي
اهڙي ۾ اچڻ تنهنجو ڀاڳن جي ڀري آهي


هو مارشلا هجي جا جمهوري دور پر سنڌ سان پنهنجي ازلي عشق کي نروار ڪندو رهيو خاص ڪري سنڌي ٻوليء کي . هن فوجي آمرن جي ڏهڪاء واري دورن ۾ به سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد تان دستبرداري ڪانه ڪئي.

ڪن رولن سمجھي راند هتي آ، ٻارڻ ٻاريو ٻوليءَ سان،
هي ٻولي ڪنهن جي گولي ناهي، گولي گڏبي گوليءَ سان


ابراهيم منشي 1972 ۾ حيدرآباد ۾ هڪ قومپرست پارٽي جي جلسي ۾ قومي شعر ۽ شاعري پرهي جنهن سبب هن کي گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو ۽ ان سان گڏ هن قومي ڪارڪن کي 6 مهينا ٽيپ ۽ 5 هزار روپيه ڏنڍ لڳايو ويو هو. پر اهي سڀ تڪليفون هن کي سنڌ ۽ سنڌ سان ٿيل زيادتين خلاف آواز اٿراڻ کان روڪي نه سگهيون ۽ ٻيهر هن 1973 ۾ جلسي ۾ قومي شاعري پيش ڪئي جنهن سبب کيس گرفتار ڪري جيل موڪليو ويو. سائين جي ايم سيد سان هن جو عشق هو ۽ 1974 ۾ هن سائين جي ايم سيد جي سالگره ۾ لائوڊ اسپيڪر تي پابندي باوجود شاعري چئي. جنهن جي ڪري پورا 10 مهينا سخت پورهئي سان کيس جيل جي سزا ڏني ويئي. سندس شاعري ڪجهه هن طرح جي هئي:

نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙهي
سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي.


سندس پهرين آڊيو ڪيسيٽ 1975 ع ۾ مارڪيٽ ۾ آئي ۽ کيس ڀرپور عوامي موٽ ملي پر کيس ٻيهر جيل موڪليو ويو. ضياء الحق جي مارشلا خلاف 1983 واري هلچل ۾ حصو وٺي، گرفتاري ڏنائين.

سندس شاعري جو محور سنڌ، سنڌي ٻولي، غريب ماڻهو، هاري ، پورهيت ۽ شاگرد رهيا.هن کي جاگيرداري ۽ سرمايداري واري نظام کان تمام گهڻي نفرت هئي جنهن جو هن پنهنجي شاعريء ۾ کليو اظهار ڪيو آهي. ساندس شاعريء ۾ درد ۽ جذبا سمايل هئا، سندس شاعري ۾ نفرت ۽ چڙ هئي، سندس شاعري سچ ته سونهن ۽ سنڌ سان عشق جو سنگم هئي. هو قومپرست سياست جي اهم شخصيتن سائين جي ايم سيد، رسول بخش پليجي، شهيد فاضل راهو سان به گڏ رهيو. جيتوڻيڪ زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هن جو تعلق وقت جي حڪمرانن ممتاز ڀٽو ۽ ڄام صادق جي ويجهو رهيو پر هن ڪڏهن به ڪا رعايت نه ورتي ۽ نه ئي ڪو سرڪاري عهدو.

برابري، سراسري، اسان گھُرون ٿا ايتري،
پُڇي کڻي ڪو ڪيتري، اسان ٻڌايو هيتري


مرحوم ابراهيم منشي جي مشهوري جو هڪ سبب پنهنجي آواز ۾ شاعريء کي ڳائڻ ۽ پيش ڪرڻ به هو. شاعريء کي پڙهڻ ۽ ماڻهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ جو ڏانء کيس ڀلي نموني ايندو هو. هو شاعر هجڻ سان گڏ پاڻ به هڪ لوڪ فنڪار هو. هن پنهنجي شاعري پاڻ ڳائيڪي ۾ ڳائي آهي. هو اڪثر ڪري سنڌ جي قومپرست تنظيمن جي تقريبن ۾ پاڻ اچي پنهنجي شاعري پيش ڪندو هو. سندس شاعري سچ ته قومي تهريڪ کي هڪ سگهه ۽ طاقت ڏني هئي.

هو زندگيء جي آخري سالن ۾ اڪثر بيمار رهندو پئي آيو ۽ کيس ٻه دفعا دل جا دورا پيا. وقت جي حڪمرانن ته سندس ڪا سار نه لڌي پر سنڌ جي هڪ اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر انور علي عالماڻي سندس علاج ڪرائڻ ۾ سندس مدد ڪئي. 31 جولاء 2003ع تي دل جي دوري سبب حيدرآباد جي ديوان مشتاق اسپتال ۾ سندس ساهه جو ڌاڳو ٽٽي ويو ۽ منشي سنڌ جي مٽيء سان وڃي مليو.
____

July 02, 2013

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ - جديد سنڌي ادب جو بانيڪار

شمس العلماء مرزا قليچ بيگ - جديد سنڌي ادب جو بانيڪار

تحرير : محمد سليمان وساڻ

اڄوڪو ڏينهن 3 جولاء جديد سنڌي ادب جي بانيڪار شمس العلماء مرزا قليچ بيگ جي ورسيء جو ڏهاڙو آهي. مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جو سچو خدمتگار ۽ سنڌي ادب جي خزاني ۾ بي بها تخليقون ڏيندڙ شخصيت ٿي گذريو آهي.

مرزا قليچ بيگ جا وڏڙا اصل سنڌ جا ڪونه هئا پر اهي اصل جارجيا جا رهاڪو هئا. شمس العلماءُ مرزا قليچ بيگ ولد فريدون بيگ، 4 محرم 1270ھ مطابق 1853ع ۾ ضلعي حيدرآباد سنڌ جي ڳوٺ “ٽنڊي ٺوڙهي” ۾ ڄائو. سندس ابتدائي تعليم ڳوٺ جي مدرسي ۾ آخوند محمد شفيع وٽان ٿي. جتان قرآن پاڪ ناظران پڙهي پورو ڪيائين. مرزا قليچ بيگ جو ڳوٺ حيدرآباد کان اٽڪل 2 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هوندو هو ۽ هو اتان کان روزانو پنڌ ڪري حيدرآباد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندو هو، ڳوٺان نڪرڻ بعد پهريان سنڌوءَ جي آخوند ولي محمد وٽ ويندو هو ۽ پوءِ آخوند صاحب کين اسڪول ۾ خود وڃي ڇڏي ايندو هو. نهايت ذهين هئڻ ڪري پهرين کان انگريزي تائين پهريون نمبر ايندو رهيو. سنڌ جي نالي واري ليکڪ قاسم ٻگهيو پنهنجي هڪ سنڌي ادبي ڪتاب “سنڌي ادب جو سدا روشن سج”  ۾ لکيو آهي ته جڏهن مرزا قليچ بيگ پنجين درجي ۾ پڙهندو هو ته ان وقت هڪ انگريز بهادر فلٽن سنڌ جو ايجوڪيشنل انسپيڪٽر هو ۽ هڪ ڀيري هن حيدرآباد هاءِ اسڪول جو دورو ڪيو ۽ ان اسڪول جو هيڊماستر “ڀنڊارڪر” هو جنهن ان انگريز آفيسر کي چيو ته هي ننڍڙو مرزا شاعري جو وڏو هوشيار آهي سو انگريز آفيسر به شاعرن جو قدردان هو تنهن هڪڙو ڪاغذ جو پنو ۽ پين کڻي مرزا کي ڏنائين ۽ چيائين ته هن تي ڪونئون شهر ٺاهي ڏيکار ٿورڙي دير بعد مرزا قليچ بيگ هڪ مناجات ٺاهي اچي فلٽن کي پيش ڪئي، اهڙي شاعري کان متاثر ٿيندي ان سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر مسٽر فلٽن انهي پنجين درجي جي شاگرد مرزا قليچ بيگ کي هن ساڳي ئي حيدرآباد اسڪول ۾ چاليهه روپين جي ماهوار پگهار تي فارسي جو استاد مقرر ڪيو جيڪو پنجين درجي کان گهٽ وارن ڪلاسن کي باقاعده فارسي به پڙهائيندو هو.
  مرزا قليچ بيگ 1872ع ۾ بمبئي جي ايلفيسٽن ڪاليج ۾ دخلا ورتي جتي فارسي ۽ ترڪي زبانن ۾ وڏي مهارت حاصل ڪيائين. مرزا قليچ بيگ فارسي جو تمام گهڻو ماهر هو ان ڪري کيس هن ئي ڪاليج ۾ فارسي پڙهائڻ جو اعزاز مليو ان وقت کيس ترڪي زبان ۾ تمام گهڻي ڄاڻ هئڻ ڪري ساڻن ترڪي جي هڪ سفير بمبئي ڪاليج ۾ اچي ملاقات ڪئي.  پاڻ ترڪين سان ويجهو رهي ترڪي زبان ۾ مهارت حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ هن مرهٽي، پارسي، عربي، گجراتي، سنڌي، هندي، انگريزي سان گڏ رهي اهي ٻوليون سکيون ۽ انهن ٻولين ۾ مهارت به حاصل ڪيائين اهڙين زبانن سکڻ بعد مرزا سنسڪرتن سان گڏ رهي سنسڪرت زبان سکيو پٺاڻ ۽ بلوچن سان گڏ رهي پشتو ۽ بلوچي زبان سکڻ ۾ ڪامياب ٿيو مرزا صاحب جنهن زبان، نسل يا مذهبن واري ماڻهو سان گڏ رهندو هو ته ان جي زبان سکڻ سان هن جي مذهب جو سمورو ڍانچو دماغ ۾ رکي اهو ان ٻولي ۾ ڪتابن جي صورت ۾ پيش ڪندو هو.
 مرزا صاحب پنهنجي سرڪاري نوڪريء جي شروعات روينيو کاتي ۾ ڪلارڪيء کان ڪئي ۽ جلد مئجسٽريٽ جو امتحان به پاس ڪيائين ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر جي عهدي تان رٽائر ٿيو. پر پنهنجي ادبي کيتر ۾ به ڪم ڪندو رهيو. هي ذهين، سنجيده، صلح پسندي ۽ اورج انسان، طبعاً رلڻو ملڻو حاضر جواب ۽ خوش طبعي هو. سنڌي شاعريءَ جي سسلي ۾ سندس مڪمل ديوان آهي “ديوانِ قليچ” ان کانسواء شاعريء جي مختلف صنفن تي ڪم پڻ ڪيو اٿس. نظم کان علاوه نثر ۾ به هن سنڌي ادب جي بي لوث خدمت ڪئي آهي بالخصوص ناول، ڊراما (ناٽڪ) ادب، تنقيد ۽ صرف ونحو جهڙن اهم موضوعن تي تقريباً ساڍا ٽي سئو کن ڪتاب قلمبند ڪيا اٿس.

 پاڻ ادبي کيتر ۾ ڪم ڪندي سنڌيء سان گڏ مختلف ٻولين ۾ 350 کان مٿي ڪتاب لکيا آهن (ڪن هنڌن تي 450 کان مٿي ڪتابن جو ذڪر آهي) جن مان 42 ڪتاب هن انگريزي مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا. سندس 76 ساله زندگيء ۾ لازمي آهي ته هن لکڻ جي شروعات 18 سالن کانپوء ئي ڪئي هوندي ، ان حساب سان هن اسان کي سراسري طور هر سال 7 ڪتاب ڏنا آهن جيڪو هڪ رڪارڊ هجڻ سان گڏ سنڌي ادب تي احسان پڻ آهي.
 سنڌ جي تاريخ، شاعري، لطيفيات، ناول، ٻولي، گرامر، لغت ۽ ٻاراڻي ادب سان گڏ هر رخ تي ڪم ڪيو اٿس. سنڌ جي تاريخ تي مرزا قليچ بيگ هيٺيان 8 ڪتاب لکيا، جن جي تاريخي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. (1) چچنامو (انگريزي) ، (2) سنڌ جي تاريخ (انگريزي) ، (3) سنڌ جي تاريخ تصويرن سان، (4) سنڌ جي مختصر تاريخ ، (5) سنڌ جا قديم شهر ۽ انهن ۾ وسندڙ ماڻهو ، (6) رياست خيرپور جي تاريخ ، (7) چچنامو (سنڌي).
ٻولي، لسانيات، لغت هڪ حساس ۽ اهم موضوع آهي، جنهن بابت مرزا قليچ جو ڪيل ڪم بنيادي حيثيت رکي ٿو. جيتوڻيڪ ٻولين جي نظرين ۾ جديد تحقيق جي حوالي سان وڏي تبديلي اچي چڪي آهي، پوءِ به مرزا صاحب جي ڪم کي ٻوليءَ ۽ لسانيات جا ماهر وساري نٿا سگهن. مرزا صاحب (1) لغات لطيفي،  (2) سنڌي وياڪرڻ (چار ڀاڱا)  (3) Philological curiosity،  4)  سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ،  (5) سنڌي لغات قديمي، (6) پهاڪن جي حڪمت (7) پارسي زبان جي تاريخ ۽  (8) Persian entomology  جهڙا ناياب ۽ قيمتي ڪتاب لکي، پنهنجي علميت ۽ ڏاهپ جي ڇاپ ڇڏي آهي.
لطيفيات جي موضوع تي ڊاڪٽر ٽرمپ ۽ ايڇ ٽي سورلي کان سواءِ اوائلي لطيفي پارکن ۾ سنڌي عالمن مان مرزا قليچ بيگ ئي واحد اديب ۽ عالم هو، جنهن 8 ڪتاب لکيا. انهن ۾ (1) شاهه جو رسالو، (2)Life of Shah Abdullah  ، (3) ساڳئي ڪتاب جو سنڌي ترجمو: احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو، (4) شاهه جي مختلف سُرن جي تشريح تي مشتمل ڪتابڙا ، (5) لغات لطيفي،  (6) لطيفي لات ۽ (7) شاهه جي رسالي جي ڪنجي (هي ڪتاب اڃان اڻ ڇپيل آهي).
 مرزا قليچ بيگ زراعت جهڙي موضوع تي به  ٻه ڪتاب “باغ ۽ باغباني”  ۽  “زمين پوکڻ جو علم ۽ هنر“ لکيا آهن. ٻاراڻي ادب ۾ به سندن لکيل ڪتاب اهميت وارا آهن. ٻارن لاء لکيل سندن ڪتابن ۾ 1. ٻه جاڙا ڀائر 2. نيلو پکي 3. لبا خان درزي ۽ خليفو ڪھنگ 4. پائي وائي پائي وزو 5. پٽيل اکيون ۽ پوريل اکيون، 6. رستم، 7. شهزادي قدم برگ، 8. شھزادي محبوب جي آکاڻي ، 9. شمرانه عرف شيطان جي ناني ، 10. وامق عذرا ، 12. عجيب طلسم، 13. ٽي ديو يا راڪاس ۽ 14. شخصيتون.
        مرزا قليچ بيگ  تقريبن ڏهه ناٽڪ لکيا ۽ ٻارنهن ناول لکيا. سندس ناولن مان زينت، دلارام ، خودياوري، حاجي بابا اصفحاني ۽ جولئن هوم تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. سندس ناول زينت ۽ دلارام اهي ناول آهن جيڪي سماجي وهنوار تي ٻڌل هئا، جن ۾ نيڪي بدي جا اطوار ۽ اخلاقي نڪتا شامل هئا. هنن ناولن ۾ بنيادي طرح سيرت ۽ تقدير جو فلسفو موجود آهي. سندس علمي، ادبي ۽ تعليمي خدمتن جي عيوض کيس ان وقت جي سرڪار 1924 ع ۾ “شمس العلماءِ (عالمن جو سج)” جو خطاب ڏنو.
   مرزا قليچ بيگ جڏهن 19 آگسٽ  1928 ع   تي رٽائر ٿيڻ بعد بمبئي ويو ته اتي کيس گردي ۾ سور جي تڪليف ٿي ۽ ان دوران ڊاڪٽرن کيس لکڻ کان به روڪيو پر پاڻ لکڻ کي روڪي نه سگهيو ۽ ادب سان محبت ڪندي ڪيترائي ڪتاب لکندو رهيو. بمبئي مان موٽڻ کانپوءِ پاڻ 1929ع اپريل جي پهرين تاريخ هالا جي مخدوم صاحب وٽ ويو اتان موٽندي کيس گردن ۾ ڏاڍي تڪيلف پيدا ٿي پئي نيٺ گردن جي سُور کيس لکڻ کان روڪي ڇڏيو ۽ پهرين جولاءِ 1929ع  وارو سندس لکڻ جو آخري ڏينهن هو ان ڏينهن کانپوءِ قلم هٿ ۾ کڻي نه سگهيو ۽ آخر 2 جولاءِ 1929ع وارو سڄو ڏينهن کيس دل تي ڏاڍي مونجهه رهي آخرڪار رات جو  11 وڳي اڇي چادر تاڻي سڌو ٿي سمهي رهيو ۽ ان حالت ۾ ئي 3 جولاء 1929ع تي سندس روح جو پکي پرواز ڪري ويو ۽ پاڻ خالق حقيقي سان وڃي مليو.
         شمس العلماء مرزا قليچ بيگ اڄ اسان ۾ موجود ناهي پر هڪ صدي گذرڻ کانپوء به سندس سنڌي ادب ۽ ٻوليء لاء ڪيل بي لوث  خدمتن سبب سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو کيس وساري ناهن سگهيا ۽ هو سدائين سندن دلين ۾ موجود رهندو.