November 11, 2015

شاهه لطيف جي ڪردارن موکي ۽ متارن تي


شاهه لطيف جي ڪردارن موکي ۽ متارن تي 

محمد سليمان وساڻ

موکي، چوکي نه ٿئي، اصل اوڇي ذات
وٽيون ڏيئي وات، تنهن متارا ماريا

شاهه لطيف سُريمن ڪلياڻ

شاهه سائين اهو ذڪر سُريمن ڪلياڻ جي چوٿين داستان ۾ ڪيو آهي. شاهه صاحب پنهنجي جوانيءَ جي ڏهاڙن ۾ جڏهن ڀٽ شاهه کان لاهوت لا مڪان ۽ هنگلاج لاءِ سفر تي روانو ٿيو يا سسئي جي جهاڳيل لَڪن ۽ جبلن تان گذريو ته ڪراچيءَ وٽان لنگهندي موکيءَ ۽ متارن جي ماڳ جو مشاهدو ڪندو پوءِ اڳتي وڌيو هو.
شاهه لطيف جي ڪردارن موکي ۽ متارا بابت پڙهيو ته گهڻو ڪجهه هيو پر اها سڪ، اُڪير ۽ چاهت هئي ته اهي ماڳ گهمجن. گڏاپ جي تحقيقي ليکڪ گل حسن ڪلمتي سان سدائين اتي گهمڻ جو پروگرام جوڙڻ جي ڪئيسين پر پوءِ به ناڪام. هن دفعي جڏهن اڇڙي ٿر جو گهمندڙ ڦرندڙ ڪردار نور محمد سمون سچل ڳوٺ آيو ته اها ساڻس پهرين ملاقات هئي. فيسبوڪ جي دوستن سان ملندي ڪڏهن به ايئن ناهي لڳندو ته هي ڪا ساڻن پهرين ملاقات آهي. نور محمد زور رکيو ته اوهان سدائين گهمندا ٿا رهو هن دفعي اسان به اوهان سان گڏ گهمڻ ٿا چاهيون. مون کيس لطيف جي مشهور ڪردارن موکي ۽ متارا گهمڻ جو چيو. بس پوءِ ته نور محمد جا روز فون ته ڪڏهن ٿا هلو؟ هيڏانهن ڪراچي ۾ گرمي جو زور گهٽجي ڪونه پيو ۽ پارو 37 ڊگري تائين رهڻ لڳو، انڪري مان لنوائي ويس. آخر نور محمد اسان جي دوست ۽ پسنديده ليکڪ حفيظ ڪنڀر کي وٺي اچي ڪراچي پهتو ته هاڻ هلو ته گهمڻ هلون. مان حيرت ۾هيس ته فيسبوڪ تي هڪٻئي کي بلاڪ ڪندي ناراض ٿيندڙ هينئر ڪيئن گڏيا آهن ... اهو الڳ قصو آهي. هاڻ ته هلڻو ئي پيو سوچڻ لڳس. اهو ضروري هيو ته اهي تاريخي ماڳ گهمڻ لاء ڪو تاريخ ۽ٌ ماڳ مڪانن جو ڄاڻو دوست گڏ هجي. منهنجي ذهن ۾ بس هڪ ئي نالو هو محترم گُل حسن ڪلمتي جو. گل حسن ڪراچي جي تاريخ ۽ ڀرپاسي جي آثارن ۽ ماڳن تي ڪمال جو ڪم ۽ تحقيق ڪئي آهي. هن جو تحقيقي ڪم ان لاء به ساراهه لائق آهي ته هن اي سي ڪمرن ۾ ويهي ناهي لکيو پر سسئي وارا ساڳيا پنڌ جهاڳيا آهن. سندس ڪراچي جي تاريخ کي ڪتابن ۾ سمائڻ وارو ڪم تاريخي آهي. هن ڪراچي جي تاريخ کي دستاويز بڻائي ڇڏيو آهي. آهي به کلڻو ملڻو ۽ ملنسار ماڻهو، وڏي ڳالهه آ ته هن وٽ تڪبر ڪونهي.

November 10, 2015

عباس ڪوريجي جي ڪتاب ”جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع “ جو تعارف

ڪهاڻي بابت هڪ بهترين ڪتاب
عباس ڪوريجي جي ڪتاب ”جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع “ جو تعارف
محمد سليمان وساڻ

نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ اديب عباس ڪوريجي جو ادبي تحقيق جي کيتر ۾ نئون ڪتاب ”جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع“ منهنجي هٿن ۾ آهي. هي ڪتاب اصل ۾ عباس ڪوريجي سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ دواران مونوگراف جي شڪل ۾ ”سال 2000ع کان 2014ع تائين شايع ٿيل ڪهاڻي ڪتابن جو تنقيدي جائزو“جي عنوان سان سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ پيش ڪيو هو. جيڪو هاڻي ڪتابي صورت ۾ ”جديد ڪهاڻي: فن ۽ موضوع“ جي عنوان سان ڪنول پبليڪيشن قنبر پاران شايع ڪيو ويو آهي، جيڪو 144 صفحن تي مشتمل آهي ۽ ڪتاب جو ملهه 200 روپيا آهي. هي ڪتاب به عباس ڪوريجي پنهنجي گذريل ڪتاب وانگر پيار، پاٻوهه ۽ محبتن سان پنهنجي هٿن سان سچل ڳوٺ اچي عنايت ڪيو. سندس اهي وڙ وسارڻ جهڙا ناهن. ان ڏينهن رات دير تائين عباس سان مختلف موضوعن تي خوب ڪچهري ٿي هئي.
ڪتاب مان هڪ ئي ساهيءَ ۾ پڙهي پورو ڪيم، جيتوڻيڪ مان ڪتاب هميشه قسطن ۾ پڙهڻ جو قائل آهيان، پر ڪهاڻي منهنجي پسنديده صنفن مان آهي ۽ مان سڀ کان گهڻا ڪهاڻين جا ئي ڪتاب پڙهيا آهن. شايد اهوئي سبب هيو جو ڪهاڻي بابت نيون ڳالهيون پڙهندي، فني سٽاء ۽ ڪهاڻي جي اصلوب بابت پڙهندي پراڻا پڙهيل ڪتاب به ياد ايندا ويا. ڪيترن ئي ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون ٻيهر ذهن تي ريوائنڊ ٿي رپيٽ ٿينديون رهيون. ڪهاڻي جي فن ۽ ڪهاڻي جي اصولن جي اڳ گهٽ ئي خبر هئي سواء هڪ ٻن پروگرامن جي جنهن ۾ اڪبر لغاري بهترين انداز سان تنقيدي ڳالهايو هيو. هي ڪتاب پڙهي ناول، ڪهاڻي، آکاڻي، داستان، لوڪ ڪهاڻي، افساني، ناوليٽ، ڊرامي ۽ ڪالم ڪهاڻي سان گڏ انهن جي لکڻ جي فن بابت خوب ڄاڻ ملي ٿي.
هي ڪتاب پڙهندي جديد سنڌي ڪهاڻي سان گڏ عالمي ادب ۽ ڪهاڻي جي قسمن بابت به ڄاڻ ملي. هي تحقيقي ڪتاب چئن بابن ۾ ورهايل آهي. پهريون باب ڪهاڻيءَ جي ڪهاڻي تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جيارتقا، تاريخ، فن ۽ عنصر ، ڪهاڻيءَ جون فني خوبيون، ڪهاڻي ڪيئن لکجي؟ ڪهاڻيءَ جا قسم، ڪردار، پلاٽ، ڊائلاگ، واقعا، ڪلائيميڪس ڇا آهن ۽ ڪيئن پيش ڪجن، سڀ بيان ڪيل آهي. فليش فڪشن: ماضي، حال ۽ مستقبل، ڪهاڻي سان هڪجهڙائي رکندڙ صنفون بيان ڪيل آهن. اهو سڀ ڪجهه پيش ڪندي مختلف ڪهاڻين مان ٽڪرا کڻي سمجهايو ويو آهي.

November 06, 2015

مهتاب : شخصيت _ ڪردار _ مڃتا : پڙهڻ جهڙو ڪتاب



مهتاب : شخصيت _ ڪردار _ مڃتا : پڙهڻ جهڙو ڪتاب

محمد سليمان وساڻ


ميڊم مهتاب اڪبر راشدي صاحبه جي شخصيت تي لکيل مضمونن ۽ لکڻين جو ڪتاب ”مهتاب : شخصيت _ ڪردار _ مڃتا“ منهنجي هٿن ۾ آهي. 352 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب پيڪاڪ پرنٽرس پاران ڇپايو ويو آهي جنهن جي قيمت 500 روپيا آهي. ڪتاب ۾ ڪل 54 ماڻهن جا لکيل مضمون آهن جنهن ۾ 5 ڪالم سندس ڪٽنب پاران لکيل آهن. ڪتاب جو مهاڳ جامي چانڊيي صاحب ”آواز جو چنڊ“ جي عنوان سان لکيو آهي. آخري لکڻي سندس وَر اڪبر راشدي جي آهي، جيڪا به پڙهڻ جهڙي آهي. مضمون لکندڙن مان ڪجهه اڄ اسان ۾ موجود ناهن جيئن علي احمد بروهي، انور پيرزادو، شمشيرالحيدري، مقصود گُل، نثار حُسيني ۽ ميڊم مهتاب جو ڀاءُ آفتاب چنا، ڪجهه ڏينهن اڳ هن ڪتاب جي مهورتي تقريب جيڪا آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ ٿي هئي ان ۾ ميڊم مهتاب انهن شخصيتن کي ساريندي آبديده ٿي وئي هئي ۽ سندس اکين مان ڳوڙها وهي هليا هئا ۽ ان منظر سڀني کي جذباتي ڪري ڇڏيو هو. اها مهورتي تقريب جيتوڻيڪ تمام ڊگهي ۽ ٿڪائيندڙ هئي پر ان باوجود سڄو هال آخر تائين ڀريل رهيو هو ۽ مون سميت سڀ حاضرين هر مقرر کي ڌيان سان ٻڌي رهيا هئا.
جيتوڻيڪ ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ ۽ مهورت کانپوءِ تيزي سان وڪري ٿيو آهي ته ساڳي وقت ان تي تنقيد پڻ ٿي ته هن ڪتاب ۾ شامل اڪثر مضمون سنڌ رويو جي ان خاص شماري جا آهن جيڪو عرفان عباسي ۽ ياسر قاضي پاران ڇپايو ويو هو، پر ڪتاب جي سهيڙيندڙ ڊاڪٽر آفتاب ابڙي ان جو ذڪر ڪتاب ۾ ناهي ڪيو. جڏهن ته ميڊم مهتاب پاڻ ان ڏينهن مهورتي تقريب ۾ به ۽ ڪتاب جي پيش لفظ ۾ پڻ ٻنهي دوستن جي ان شماري جي نه صرف ڳالهه ڪئي پر ان کي ساراهيو به. مان سمجهان ٿو ته اداري کي سهيڙيندڙ ۾ سنڌ رويو يا عرفان عباسي ۽ ياسر قاضي کي به شامل ڪرڻ گهربو هو. پر ساڳي وقت ياسر قاضي ۽ عرفان عباسي پنهنجي شڪايت نوٽ ته ڪرائي چُڪا هيا (جيڪا درست به آهي) پر اها ادبي ۽ شائسته انداز ۾ هجي ها ته سُٺو لڳي ها. اجايو بحث ۽ تنقيد سبب سوشل ميڊيا تي ان جو حصو ٿيندي عجيب بد مزي واري ڪيفيت مان گذرڻو پيو.
ميڊم مهتاب جي سحر انگيز ، ٻاجهاري ۽ مهربان شخصيت، سندس ذهانت، ادبي انداز، ٻولي جي نج هجڻ، ادائگي ۽ شائستگي سان گڏ سندس مخصوص مُرڪ به کيس سڀني کان نرالو ڪري رکيو آهي ۽ سندس مقبوليت گهڻي عام آهي. هونئن به ميڊم مهتاب جي شخصيت گهڻ رُخي آهي، تنهنڪري سندس دوست، مداح ۽ چاهيندڙ به ايترائي ئي گهڻا آهن. لکندڙن به ميڊم جي شخصيت تي ڪمال جا ليک لکيا آهن. ساڳي وقت مضمونن جا عنوان يا ميڊم کي ڏنل لقب به واهه جو آهن، جيئن آواز جو چنڊ، پدمڻي هير ڪڻي، سنڌ جي راڻي، سُهائو آواز، چانڊوڪي، بات به تنهنجي مصريءَ جهڙي، سڀني جي مهتاب، منهنجي محبوبه، سنڌ جي موناليزا، مٽي ۽ مهتاب، مرڪڻي مهتاب، مُرڪ جي مکڙي، مُرڪ جي راڻي وغيره. لکندڙن ۾ علي احمد بروهي، شمشير الحيدري، آغا سليم، انور پيرزادو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، امداد حسيني، عنايت بلوچ، هدايت بلوچ، سيد ديدار شاهه، يوسف شاهين، مراد علي مرزا، مدد علي سنڌي، سليم ميمڻ، شوڪت شورو، انعام شيخ، محمود مغل، آفتاب ابڙو، نصير مرزا، مصطفا قريشي، مقصود گُل، عبد الغفار تبسم، اعجاز منگي، ماهين هيسباني، سلطانه صديقي، سلطانه وقاصي، بيدل مسرور، انور ڪاڪا، اعجاز منگي سميت ڪيترن کي مشهور شخصيتن جون لکڻيون پنهنجي مخصوص انداز سان لکيل آهن. هر ليکڪ پنهنجي انداز سان جيئن ميڊم کي ڏٺو آهي ايئن ئي دل سان لکيو آهي. شمشير لکي ٿو:
”هوءَ ڄائي ته پاڪستان سان گڏ آهي يعني 14 آگسٽ 1947ع تي، پر کيس سُتي سنڌ ماءُ جي پيل آهي. منهنجو ويساهه آهي ته مهتاب جي ڪنوارپ_ڀري کِل جيڪڏهن ڪنهن شاعر جي تخليق ۾ واسو ڪري وڃي ته پڪ سان اها تخليق امر ٿي ويندي.“
ڊاڪٽر محمود مغل هڪ هنڌ لکيو آهي:
”هوءَ خيرن سان ڪهڙي به عهدي تي هجي، سندس ڏات جو عهدو سدائين بالاتر رهيو آهي.“
بس لاجواب يادگيريون آهن، پنهنجائپ جا قصا آهن، اڻ کُٽ ڳالهيون آهن هن ڪتاب ۾، ڪهڙيون لکجن، ڪهڙيون ڪجن، ڪتاب ضرور پڙهجو. ڇو ته هي ڪتاب به تاريخ بڻجي ويندو، سنڌ جي مُرڪڻي مهتاب جي تاريخ.
___



سنڌ جا سور



ڊائريءَ جا ورق

ڪالهه مليو ته وري به هميشه وانگر خاموش هيو.

پڇيومانس ڪو ڏک درد مليو اٿئي ڇا جو خاموش آهين ..؟؟؟

چيائين مونکي خوشيون ڪونه وڻن.... مونکي درد گهرجن... ڪي درد ڏيو

حيرت سان ڏٺومانس، وري غور سان ڏٺومانس .... 

منجهي پيو، پڇيائين غور سان ڇو پيو ڏسين؟؟

چيومانس حيرت اٿم ته سنڌ ۾ رهين ٿو ۽ اڃان به دردن جي گهرج اٿئي .... !!!! سنڌ کي اڃان ڪهڙا سور گهرجن ....!!! ... سنڌ ڪهڙا سُک ماڻيا آهن ... !!!