April 05, 2015

اقبال بلوچ صاحب جي شاعريءَ جو مجموعو ”اي منهنجي شهر جي مٽي“

محترم اقبال بلوچ صاحب جي شاعريءَ جو مجموعو ”اي منهنجي شهر جي مٽي“ منهنجي هٿن ۾ آهي. تلهار سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ ڪهاڻيڪار اقبال بلوچ جو ان کان اڳ شاعريءَ جو مجموعو ”سانول جا سور“ به ڇپجي چڪو آهي. اقبال بلوچ گذريل 40 سالن کان ڪهاڻيون، ڪالم، نظم ۽ شاعري لکندو رهيو آهي پر هاڻي ان کي سهيڙي ڪتابي شڪل ۾ پيش ڪيو اٿس. سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ درد رکندڙ اقبال بلوچ پنهنجي شاعريءَ ۾ به گهڻو ڪري معاشرتي موضوع، نا انصافيون بيان ڪيون آهن. خاص ڪري سندس نظم ته ان جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. منهنجي شهر جي مٽي، اسان جا ليڊر، جڏهن لاش تنهنجو پهتو، مفت ورهاست، ڪلارڪ جي پگهار، نوجوان ڀاءُ جو موت ۽ ٻيا سڀ نظم ان جو مثال آهن ته ڪيئن نه هو معاشرتي ڏاڍاين ۽ اڻ برابرين تي تڙپي ٿو. اقبال بلوچ جا غزل به وڻندڙ آهن جن ۾ پيار ۽ محبت سان گڏ درد سمايل آهي.

تنهنجون پيار واريون، نهارون نهارون،
منهنجي زندگي بس، بهارون بهارون.

يا وري سندس هي غزل

ڪيون مون وفائون،
مليون پر جفائون.

سچيون چاهتون هن،
لڳيون تو خطائون.

هي ڪتاب ادب اشاعت گهر حيدر آباد پاران ڇپايو ويو آهي جنهن ۾ گيت، غزل، نظم، چئوسٽا ۽ ٽيڙو شامل آهن. 112 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 150 روپيا آهي.
سندس شاعريءَ جي پهرين مجموعي تي سائين اقبال بلوچ کي واڌايون پيش ڪجن ٿيون ۽ اها اميد ڪبي ته سندس شاعريءَ جو هي ڪتاب شاعري گهر جي سونهن بڻبي ۽ کيس سٺي موٽ ملندي.

مرحوم هدايت الله سمون جي شاعريءَ جو ڪتاب ”سڏڪا ۽ سارون“


مرحوم سائين هدايت الله سمون صاحب جي شاعريءَ جو ڪتاب ”سڏڪا ۽ سارون“ منهنجي هٿن ۾ آهي. هي ڪتاب سوشل ميڊيا جي پياري دوست ۽ علم ۽ ادب سان چاهه رکندڙ ڄام احمد سمون پاران سوکڙي طور موڪليو ويو آهي. هدايت الله سمون صاحب جي شاعريءَ ۾ مجازي عشق ته شامل آهي ئي آهي پر سڄي ڪتاب ۾ صوفياڻو رنگ رچيل آهي. سندس شاعري ۽ شخصيت سنڌ جي صوفي شاعرن کان گهڻو متاثر لڳي رهي آهي، خاص ڪري چيزل فقير، خوش خير محمد هيسباڻي، مصري شاهه، حمل فقير، سچل سرمست ۽ شاهه لطيف سندس شاعري، سوچ، فلسفي ۽ ادائيگي تي گهڻو اثر انداز آهن. ڪتاب ۾ موجود ڪافيون ۽ وايون اهڙي ته انداز سان چيل آهن جو سڀ جو سڀ ڳائي سگهجن ٿيون، يعني موسيقي جي چاشني ۽ موسيقي جا رنگ عيان نظر اچن ٿا. سائين هدايت الله پاڻ به سڄي عمر صوفياڻي رنگ جي موسيقي جا مشتاق رهيا آهن. سندس ڪافي جو نمونو ته ڏسو :

قرب ۾ ناهي ڪَسُ، ڪَسُ مڙئي آ ڪوڙن ڪنڌ ۾ !
قرب ۾ ناهي ڪَسُ !

سندس شاعري پڙهي لڳو ته هو سنڌي ٻولي جي اصليت کي برقرار رکڻ ۾ گهڻو ڪامياب ويو آهي ۽ ٻولي جو نج سنڌي هجڻ وڏن شاعرن جي نشاني آهي. سندس هي بيت ئي ان جو هڪ نمونو آهي.

ڏينهن جهڙا ڏينهنڙا، راتين جهڙيون راتيون،
ماڻهو اهي نه مُهڻا، مٺيون جن جون باتيون،
ڪڇ اندر ڪاتيون، لڪايو گهمن لوڪ ۾.

سندس غزل به لاجواب آهن، سهڻي نموني، سهڻي ۽ نج ٻولي جي گهاڙيٽي تي ٺهيل. سچ ته شاعري دل وٽان آهي:

اکيون ملائي اکڙين سان، پاڻ وڃائي ويٺو آهيان !
دنيا ڀلي ڇا به چوي، سر تي سهائي ويٺو آهيان !

سوين صلاحون ڏيڻ وارا، ڪيئي خوب کلڻ وارا،
چوڻ وارن کي جهل پل ناهي، تنهنجو چوائي ويٺو آهيان.

ڪتاب ۾ ڪيئي غزل وايون، بيت ۽ ڪافيون شامل آهن. ان کانسواءِ حمد، دعا، نعت، قصيده، مرشد جي ثنا شامل آهي. خاص ڪري لطيف جي رسالي جي مشهور سُرن سسئي، نوري، مارئي، سامونڊي، رامڪلي ۽ سهڻي جا به بيت ۽ ڪافيون شامل آهن. سر مارئي مان ڪافي جو هڪ نمونو:

وهائي نِير نيڻن مان، پهنوارن کي پڇائينديس،
سندا سانگين وليون واڙا، وري ور ور واجهائينديس.

سلام پرنٽرز ۽ پبلشرز جو هي ڪتاب سائين شمس الدين سمون پاران ڇپايو ويو آهي جنهن جو مهاڳ مير محمد پيرزادي لکيو آهي. ڪتاب 188 صفحن تي مشتمل آهي جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي. هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ ڄام احمد آزاد سمون ۽ شاهب الدين سمون جي ڪاوشن جو ثمر آهي. 
مونکي تمام گهڻي خوشي آهي ته سائين هدايت الله جي پُٽن، پوٽن ۽ ڏوهٽن سندس ادبي ميراث کي ڪتابي شڪل ۾ آڻي محفوظ ڪري ورتو آهي. سڀني کي جس هجي جن هن ڪم ۾ پاڻ ملهايو آهي. نيڪ اولاد مان والدين کي اهڙيون ئي اميدون هونديون آهن.
مان ٿورائتو آهيان ڄام احمد آزاد سمون جو جنهن هي تمام سٺو ڪتاب پڙهڻ لاء موڪليو جيڪو هميشه پڙهڻ تي مجبور ٿيندس.

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن(سِگا) جي 36هين سالياني ڪنونشن جي تقريب


ڪراچي ۾ سِگا جي 36 هين سالياني ڪنوينشن ۽ اوارڊ ورهائڻ واري تقريب جو احوال

رپورٽ: محمد سليمان وساڻ

پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هندن جي لڏپلاڻ ۽ وري بنگلاديش جي الڳ ٿيڻ کانپوءِ سنڌ ۾ سماجي ۽ تعليمي حوالي سان هڪ ماٺار ڇانيل هئي. ان دور ۾ سنڌ جو درد رکندڙ سڄاڻ شخصيتن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪرڻ جي جذبي سان لکيل پڙهيل ۽ گريجوئيٽ سنڌين جي هڪ تنظيم سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سِگا) جو 1972ع ۾ بنياد رکيو. پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي اها تنظيم سنڌ ۾ سماجي جاڳرتا ۽ سماجي ڪم ۾ پاڻ ملهائيندي ٻين تنظيمن لاءِ هڪ مثال بڻجي وئي. سِگا جي هڏڏوکي ۽ جاکوڙي ڪارڪنن جي ڏينهن رات جي محنتن سبب هن تنظيم سنڌ ۾ وولنٽيئرزم جو نئون بنياد رکيو. ان دوران هن تنظيم کي ڪيترن ئي ڏکين ۽ سکين دورن مان گذرڻو پيو جن مان هڪ دور مارشلا وارو يعني جنرل ضياء الحق جو به هيو جنهن ۾ سنڌين جو آواز بڻيل هن تنظيم تي مڪمل پابندي لڳائي وئي. سگا سنڌ جي اها تنظيم آهي جيڪا سيڪيولر سوچ ۽ پر امن ۽ ترقي يافته سنڌ جي خواب کي اجاگر ڪرڻ لاء جاکوڙي پئي. توڙي جو اسان وٽ اهي روايتون آهن ته سنڌ جون تنظيمون ۽ ادارا مشڪل سان ڏهاڪو سال ئي گذاري سگهندا آهن پر سِگا اڄ به سنڌ ۾ پنهنجي ڪم سبب سڃاڻ بڻيل آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته هي تنظيم ماڻهن جي سوچ مطابق اهي نتيجا ڏئي ڪانه سگهي آهي جنهن جي اميد ڪئي وئي هئي پر پوء به ڏيئو وساميو ناهي ۽ لاٽ ٻرندي رهي ٿي.