امداد حسيني جي ”ڪرڻي جهڙو پل“
جي مهورتي تقريب
محمد
سليمان وساڻ
ڪراچي هاڻي هڪ اهڙو شهر بڻجي ويو آجي جتي ڪنهن
به وقت حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون. اهڙوئي هڪ ڏينهن هيو 6 مارچ، ان ڏينهن سائين
امداد حسيني جي شاعريءَ جي نئين ڪتاب “ڪرڻي جهڙو پل”
جي مهورتي تقريب آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ رکيل هئي پر ان ڏينهن ڪراچي ۾ ڄڻ ته زندگي
رڪجي وئي هئي. خراب حالتن سبب اها تقريب منسوخ ٿي ۽ ٻيهر 20 مارچ تي ڊاڪٽر ايوب
شيخ جي ڪوششن سان ساڳي تقريب آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ رکي وئي. امداد حسيني سنڌ جو
اهو شاعر آهي جنهن سنڌي شاعريء کي جديديت ڏيندي ٻوليء جي چاشني ۽ ٻوليء جي حسناڪين
کي برقرا رکيو آهي. سندس شاعريء جو هي ڪتاب “ڪرڻي
جهڙو پل” سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايو ويو آهي جيڪو 380 صفحن تي شامل آهي.
منهنجون سائين امداد حسيني سان ڪافي رهاڻيون ٿيون آهن، پاڻ هر دفعي ان ڳالهه تي
زور ڏيندا رهيا آهن ته انٽرنيٽ ۽ ميڊيا تي سنڌي ٻوليء جي بگاڙ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
پروگرام جي شروعات 5 بجي شام جو ٿي، اسٽيج
سيڪريٽري جا فرض ڊاڪٽر ايوب شيخ نڀايا. سميع بلوچ ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ان
ڳالهه تي فخر آهي ته اسان امداد حسيني جي ڇانو ۾ ڪجهه سکيا آهيون. نئين ٽهي جي
شاعر مسرور پيرزادي چيو ته امداد حسيني جي شاعري اونداهيء جي دور ۾ بلڪل هڪ ڪرڻي
جهڙي پل جيان آهي. ناليواري نقاد ممتاز مهر سندس ڪتاب تي مقالو پڙهيو ۽ چيو ته
امداد حسيني جي شاعريء ۾ سنڌي ٻولي جي سادگي ۽ سنڌي ٻوليء جي اصليت نظر اچي ٿي. ان
موقعي تي پروفيسر سحر انصاري سندس نظم، ٻولي ۽ اردو نظم تي ڳالهايو. مون لاء اها
نئين ڳالهه هئي ته امداد حسيني اردو ۾ به ايڏي سٺي شاعري ڪئي آهي. ڊاڪٽر سحر امداد
سندس زندگيء جي مختصر خاڪي سان گڏ سندس شاعري ۽ سندس ڪردار تي به ڳالهايو. ڊاڪٽر
آصف فرخي سندس شاعريء تي تفصيلي ڳالهايو ۽ سندس نظم، غزل ۽ اردو شاعريء مان بهترين
چونڊ پيش ڪئي. ميڊم مهتاب اڪبر راشدي چيو ته امداد حسيني اسان لاء ريڊيو جي دور
کان ئي رهنما ۽ ٻوليء جو ماهر رهيو آهي. هن سندس شاعريء جي هن ڪتاب تي ڳالهائيندي
کيس جديد سنڌي شاعري جي وڏن شاعرن سان ڀيٽيو ۽ چيو ته امداد حسيني ناياب ته نه آهي
پر پنهنجي زندگي ۾ گهڻو ڪامياب انسان آهي، هو سنڌ ڌرتي جي جديد شاعرن ۾ شمار ٿئي
ٿو، هو نون پراڻن شاعرن ۾ مقبول آهي. سندس شاعري کي پڙهڻ کانپو انسان هڪ عجيب ڪفيت
۾ هليو وڃي ٿو. شبير حاتف چيو ته مان ۽ امداد حسيني هڪ ئي وقت شاعري شروع ڪئي پر
هو مونکان گوء کڻي ويو ۽ سندس شاعري نوجوانن ۾ گهڻي مقبوليت ماڻي. ان موقعي تي
امداد حسيني پنهنجي نئين مجموعي مان چونڊ شاعري پيش ڪئي.
مظهر جميل چيو ته امداد حسيني سنڌي شاعري سان
گڏ اردو شاعريء ۾ به پاڻ ملهايو آهي ۽ مقبوليت ماڻي آهي. هن چيو ته هو شيخ اياز ۽ تنوير
عباسي جيان سنڌي شاعريء کي نئين راهن تي وٺي هليو آهي. ان موقعي تي سنڌي نثر ۽
ڊرامي جي بهترين ليکڪا نورالهدا شاهه ڳالهائيندي چيو ته امداد صاحب وڏو شاعر آهي
ان ۾ ڪوبه شق ناهي پر هو وڏو نقاد به آهي، پر الائي ڇو سندس راهن ۾ رنڊڪ وجهي ان
کي نقاد ٿيڻ کان روڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته اڄوڪو دور شخصيت پرست دور آهي، جنهن ۾
پهريان شيخ اياز کي عظيم بڻائي پوء پنهنجن مقصدن لا استعمال ڪيو ويو، ان کانپو
استاد بخاري کي پنهنجن مقصدن لا استعمال ڪيو ويو، اسان کي شخصيت پرستي مان نڪري
حقيقت پرستي تي اچڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته امداد تمام وڏو ڪهاڻيڪار به آهي پر
الائي ڇو سندس نثر کي ڪنهن به ناهي سهيڙيو. پروگرام جي آخر ۾ ناليواري موسيقار ۽
راڳي بيدل مسرور موسيقي جا سُر وکيري محفل کي مچايو. پروگرام هلندي امداد حسيني
صاحب سڀني ماڻهن کي ڪتاب تي آٽوگراف به ڏيندو رهيو.
وڌيڪ تصويرن لاء هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو۔
وڌيڪ تصويرن لاء هن لنڪ تي ڪلڪ ڪيو۔
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو