فيس
بوڪ رائونڊ اپ 12
محمد
سليمان وساڻ
هن هفتي فيس بوڪ جو اهم
موضوع به اهوئي رهيو جيڪو اڄڪلهه اخبارن ۽ ميڊيا جو آهي يعني حامد مير تي حملو ۽
جيو ۽ جنگ پاران آء ايس آء تي الزام تراشي. حيرت ٿي ته واقعي کان هڪدم پوء ته ڪنهن
جو به رد عمل ڪونه آيو هو پر پوء سڀ پاڪستاني هڪ طرف ٿيندا پيا وڃن ۽ عمران خان ته
هڪ هفتي کانپوء پنهنجو رد عمل سخت لفظن ۾ڏيکاريو آهي ۽ سڀني کان گوء کڻي ويو.
ميڊيا به هن معاملي تي ورهايل نظر پئي اچي. حامد مير جي ڀاء ۽ جيو پاران آء ايس آء
تي الزامن ۽ ان جي سخت مخالفت بابت حسن مجتبى لکي ٿو ته جڏهن هڪ نواب جي قتل ڪيس
جي شڪ ۾ هڪ منتخب وزير اعظم کي ڦاسي اچي ٿي ته ڇا تحقيقت ٿيڻ تائين هڪ فوجي اداري
تي الزام به لڳائي نه ٿو سگهجي؟ جڏهن تحقيقات ٿيڻ کان اڳ هڪ سفير کان استعفى جو
مطالبو ڪيو وڃي ٿو ته پوء هڪ فوجي آفيسر کان ڇو نه؟ حامد مير کي ته اوهان گوليون هنيون
پر حامد مير سچ جي آواز ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ جيڪو اعتبار پيدا ڪيو آهي ۽ سچ
ڳالهائڻ جي جيڪا جرئت پيدا ڪئي آهي، اوهان ان کي ڪهڙي گولي هڻي سگهندا ؟ ڇو ته
خواب ته بلٽ پروف ٿيندا آهن.” ان حوالي سان نثار کوکر لکيو آهي ته “حامد مير واري
واقعي مان ته ائين ٿو لڳي، پياري پاڪستان ۾ توهين عدالت ايترو وڏو ڏوھ ناهي جيترو
توهين فوج ناقابل معافي گناه بڻيل آهي.” هن
هفتي سنڌو ديش لاء پاڻ پتوڙيندڙ سنڌ جي قوم پرست ۽ اصول پرست سياستدان سائين جي
ايم سيد جي ورسيء جي مناسبت سان به 25 اپريل تي فيسبوڪ تي سندس قول، تصويرون ۽ فيس
ڪور سجايل رهيا. ساڳئي وقت سن ۾ جيئي سنڌ جي مختلف ڌڙن پاران ڌار ڌار پروگرام ڪرڻ تي سن ۾ حاضري ڀريندڙ ۽ ساڃاهه
وند پريشان آهن ته جيستائين قومپرست پاڻ ۾ اتحاد نه ڪندا تيستائين سنڌ جي ڀلائي نا
ممڪن آهي. ان حوالي سان وفا منور زئور جون فيس بوڪ تي لکيل تنقيدي سٽون اهميت
واريون آهن. هو لکي ٿو “17 جنوري ۽ 25 اپريل تي سَن جي سرزمين تي سچ پچ ته هڪ قسم
جو ميلو متل هوندو آهي، ڊاڪٽر برڪت جي بقول
هڪ پاسي موت جي کوھ جو ٿيٽر، ٻي پاسي سرڪس، ٽئين پاسي چڙيا گهر جي شاميانن
جيان مختلف قومپرستن تنظيمن جا جلسا ويتر هن ميلي کي چار چنڊ لڳائي ٿا ڇڏين. .!”
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو