May 18, 2014

هدايت بلوچ جو ڪتاب يادگيرين جا البم

هدايت بلوچ جو ڪتاب يادگيرين جا البم

محمد سليمان وساڻ

نامياري شاعر ۽ ليکڪ هدايت بلوچ جي شاعري گهڻي عرصي کان رسالن ۾ پڙهندا  رهياسين ۽ سندس ڪالم ۽ چئوسٽا به اخبارن ۾ ڇپبا رهيا. هڪ برجستي شاعر ۽ ليکڪ سان منهنجي پهرين ملاقات چوڪنڊي قبرستان ۾ تاجل بيوس جي پهرين ورسيء جي موقعي تي ٿي هئي جڏهن اسان سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئشن پاران گلن جي چادر کڻي پهتا هياسين ۽ اتي شمشير الحيدري جي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين. سندس شاعري ۽ ڪالم پڙهيا هئا ۽ نالو به ٻڌل هئو. خاموش ، ماٺيڻو، قداور ، کلمک، دل جو صاف ۽ سهڻي سڀاء وارو اهو شخص هيو هدايت بلوچ. ساڳي شام ريجنت پلازا ۾ تاجل بيوس جي ورسيء جي مناسبت سان رکيل تقريب ۾ هن پنهنجا تاثر پيش ڪيا ۽ پوء فيسبوڪ ذريعي جڏهن کيس تقريب جون تصويرون موڪليم ته خوش ٿيا ۽ اتان دوستيء جي شروعات ٿي. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن سدائين، پيار، مرڪون، پنهنجائپ ڏيڻ سان گڏ رهنمائي ڪندا رهيا آهن. پوءِ جڏهن به ملندا هئا ته مان پهريون سوال سندن ڪتاب جي ڇپجڻ بابت ئي ڪندو هئس پر ڳالهه کي ٽاري ويندو هيو ۽ ان ڳالهه جو ماهر به هيو، پر شمشير الحيدري جي وڇوڙي کانپوء هن اهو خيال ڏيکاريو ته شاعري ۽ ڪالمن جو ڪتاب جلد ڇپرائي ڏيو جو زندگيء جو ڀروسو ئي ناهي. نيٺ سنگم پبليڪيشن جي سرواڻ ڪرم الاهي چنا ۽ ستار ڀٽي ان ڪم کي توڙ پهچائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ آخرڪار سندس ڪالمن جو ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ پهتو پر ان ڪتاب جي ڇپجڻ سان گڏ ئي سندس زندگيء جو هڪ اڻ وسرندڙ ۽ ڏکائتو واقعو پيش آيو جنهن سبب ڪتاب جي مهورت به رڪجي وئي. ڪتاب ڇپجڻ کانپوء مونکي پنهنجي ڪتاب “يادگيرين جا البم” جي ڪاپي موڪلي ڏنن. هدايت بلوچ صاحب پنهنجي هٿ اکرن سان لکيو آهي “پياري دوست، ڀاءُ، سريلي ساٿي محمد سليمان وساڻ لاءِ ”. مان خوشنصيب آهيان جو هدايت بلوچ جي دوستن ۾ شامل آهيان، جيتوڻيڪ مان هڪ ادنى شخص آهيان جيڪو نه ليکڪ آهي ۽ نه ئي شاعر، بس شاعرن ۽ اديبن جي شاعريء ۽ لکڻين جو  مداح سمجهو. هدايت بلوچ اسان جي انهن ليکڪن ۽ شاعرن مان هڪ آهي جيڪي خاموشي سان ڪم ڪندا آهن، جن کي پنهنجي نالي جي تشهير جي ضرورت نه پوندي آهي يا ان شيء جي طلب ئي نه ڪندا آهن. اهوئي سبب آهي جو هيڏي وڏي ليکڪ ۽ شاعر جو 66 سالن جي عمر يعني سندس رٽائرمينٽ کان به 6 سال پوءِ پهريون ڪتاب ڇپيو آهي. ان کي ڇا چئجي .... ادارن جو انڌ يا ليکڪ جي پنهنجي سُستي، پر ڪهڙي اداري تي ميار ڏجي اهو به سمجهڻ کان قاصر آهيان.
ڪتاب ڇا آهي چونڊ ڪالمن جي سهيڙ آهي. ڪالم ڇا آهن .... سڀ ڪجهه آهن، انهن ۾ سماجيات تي لکيل ليک به آهن، ته تاريخ به آهي. هنن ڪالمن ۾ سياست به آهي ته شاعري به. سندس ڪالمن ۾ لطيفيات به شامل آهي ته ادارن ۽ شخصيتن بابت تاثر ۽ ڄاڻ به موجود آهي. سندس لکڻين ۾ تعليمي ڪالم به شامل آهن ته سفرناما به آهن. سندس ڪالم جتي سندس دل جو آواز آهن اتي اسان جي احساسن جي به ترجماني پيا ڪن. ڪتاب جي نالي جي ڳالهه ايندي ئي ايئن ٿو لڳي ته ڄڻ هي ڪتاب “يادگيرين جا البم” ڪو ڪالمن جو ڪتاب نه پر سندس آتم ڪٿا (Autobiography)  آهي ۽ اهڙا ڪيئي سوال سوشل ميڊيا تي ڪتاب جي پروموشن ڪندي مون کان پڻ ڪيا ويا  آهن. ڪتاب پڙهندي ڪافي جاين تي ليکڪ مٿان شاعريء جو رنگ به چڙهيل نظر اچي ٿو تنهنڪري اهو سوال به هر هر اٿي ٿو ته هدايت بلوچ بنيادي طور شاعر آهي يا ڪالم نگار ۽ ان جو بهتر جواب ليکڪ پاڻ ئي ڏئي سگهي ٿو.
سندس ڪالم وقت جي اهم معاملن ۽ مسئلن تي بهترين انداز سان لکيل آهن. سندس هڪ اهم خاصيت اها به وڻي ته هتي سڀ ڪو ادارن تي تنقيد ڪندي دير نه ٿو ڪري ۽ ڪنهن کي مڃتا ڏيڻ ڪفر برابر ٿو سمجهي اتي هدايت بلوچ شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر ۽ سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي جي ڪم جي واکاڻ ڪندي انهن جي ڪم جي نه صرف تعريف ڪئي آهي پر لينگيوئيج اٿارتي جي قيام ۽ ان جي تاريخ بابت به تفصيلي ڪالم شامل ڪيا آهن. سندس ڪالمن جو هڪ پاسو سفرنامن وارو به آهي ۽ خاص ڪري آذربائيجان بابت سفري ڪالم شامل آهن. ان مان لڳي ٿو ته ليکڪ سفرناما به سهڻي انداز سان لکي سگهي ٿو. ڇو ته پاڻ دنيا جا ڪيترائي ملڪ گهميا اٿن ۽ اتي ڪافي عرصو رهيا به آهن تنهنڪري کين سفرناما به لکڻ گهرجن جنهن بابت الطاف شيخ  اڳ ئي فون ڪري چيو به هيو ته هدايت کي سفرنامو لکڻ گهرجي. سندس ڀاء عنايت بلوچ ان معاملي ۾ چست ۽ ڦڙتيلو آهي جنهن شاعري سان گڏ سفرنامن جا ڪتاب اڳ ئي لکيا آهن جيڪي گهڻو مقبول به ٿيا آهن..
ڪتاب يادگيرين جا البم ۾ شخصيتن بابت به سهڻا ڪالم شامل آهن جيڪي سياسي، ادبي ۽ سماجي شخصيتن تي لکيل آهن جن ۾ بين الاقوامي شخصيتون پڻ شامل آهن جهڙوڪ امن جو نوبل کٽندڙ پهرين مسلمان عورت شيرين عبادي، اينيميري شمل، ايڊورڊ سعيد، ارونڌتي راءَ ، راشيل ڪوري ۽ ٻيا شامل آهن. پنهنجي لکڻين ۾ سياسي ۽ سماجي حالتن جو بيان ڪندي پاڻ هر هر شاهه لطيف جا بيت ضرور شامل ڪيا اٿن. هن ڪتاب جي ڪمپوزنگ لاء جتي ڪرم الاهي چنا کي جس ڏجي ٿو اتي پوپٽ پبليڪيشن جو ذڪر به ضرور ڪبو جن هميشه خوبصورت ڪتاب ڇاپيا آهن. هدايت بلوچ لاءَ دعاگو آهيان ته سنڌ جو هي ڏاهو ڏات ڌڻي سدا سلامت رهي ۽ سندس قلم اڳ جيان روان رهي.

___

May 12, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 14

فيس بوڪ رائونڊ اپ 14
محمد سليمان وساڻ

فيس بوڪ جي دنيا تي موجود ڪيترن ئي سنڌين کي ان ڳالهه تي حيرت ٿي رهي آهي ته تعليم جي بهتري لاءِ سڄي سنڌ پيدل جهاڳي ڪراچي پهتل عوامي جمهوري پارٽي جي پُر امن قافلي کي ته گهڻو پهريان ئي دروازا بند ڪري روڪيو ويو هو جيئن اهي سنڌ اسيمبلي پهچي نه سگهن، پر اها وڪيلن جي مستي چئجي يا سنڌ حڪومت ۾ موجود ڪارين رڍن جي سازش، وڪيل سولائيءَ سان اسيمبلي جي احاطي ۾ پهچي وڃن ٿا ۽ خوب نعري بازي، هلڙ بازي ڪن ٿا ۽ سنڌ حڪومت جي هڪ وزير انهن سان ملاقات پڻ ڪئي آهي. جڏهن ته ساڳيي ئي ڏينهن سنڌ روينيو کاتي جي ملازمن تي پريس ڪلب اڳيان تشدد ڪيو ويو. سنڌ حڪومت جي اهڙي ٻٽي معيارن تي لکڻ جي سخت ضرورت آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته فيس بوڪ جي دوستن ته ان تي خوب لکيو آهي پر پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ان ٻٽي معيارن تي انتظاميه کي وائکو ڪرڻ جي ضرورت آهي. سوشل ميڊيا جي دنيا تي سنڌ جي وزير اعلى جي سنڌ اسيمبلي ۾ ڪيل اها تقرير به بحث جو موضوع رهي جنهن ۾ هن ٿري ماڻهن ۽ ٿري عورتن بابت اهڙا ته رمارڪس ڏنا آهن جيڪي سخت مذمت جوڳا آهن. اهي بيان اها پت وائکي ڪري رهيا آهن ته سنڌ اسيمبلي ۽ سنڌ حڪومت جي سوچ ڪهڙي معيار جي آهي.
سنڌ ۾ مندرن تي ٿيل حملا ڪهڙي سوچ ڪري رهي آهي ۽ صوفياڻي سنڌ جو هاڻ دنيا ۾ ڪهڙو پيغام وڃي رهيو آهي. اها ڳالهه سوچڻ سان گڏ اهڙن عملن کي روڪڻ لاء جنگي بنيادن تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ مندرن تي حملن وارا واقعا ايڏو تيزي سان پکڙي رهيا آهن ۽ ڪٿي نه ڪٿي اسان جا ئي ماڻهو ان ۾ شامل ٿي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ فيس بوڪ سان گڏ عملي طور به احتجاج ٿيا آهن پر اهي مئوثر ناهن، ماڻهن جو تعداد گهٽ آهي ۽ حڪومت به ڪو توجهه ڪانه پئي ڏئي. 11 مئي تي سوشل ميڊيا تي مائرن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان شيئرنگ ٿيندي رهي. ان ڏينهن کي جتي حقيقي مائرن سان محبت جو اظهار ڪندي شاعري پيش ڪئي وئي، ڀيٽائون پيش ڪيون ويون، احساس ۽ ڳوڙها شيئر ڪيا ويا اتي پنهنجي ڌرتي ماء سان به محبت جو وچن ڪيو ويو.
هن هفتي ڪتابن ڇپڻ ۽ ڪتابن جي مهورت جون تقريبون به خوب ٿيون آهن ۽ انهن جي سوشل ميڊيا تي به پذيرائي ٿي آهي. گوهر شيخ جي ڪتاب “پنڃرا تنهنجي پنبڻين جا” جي مهورت سنڌي ادبي سنگت گمبٽ پاران ڪئي وئي جڏهن ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي ٻارن لاء ڇپايل شاعريءَ جي مجموعي “پنهنجي ٻولي پياري ٻولي” جي مهورت سنڌي ادبي سنگت پاران حيدر آباد ۾ منعقد ڪئي وئي. هوڏانهن 11 مئي تي محقق، شاعر، ليکڪ ۽ ٻوليءَ جي ماهر ڊاڪٽر اياز قادريء جي ياد ۾ شاهه عبد اللطيف ڀٽائي چيئر ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران “اياز حسين قادري ڪانفرنس” ڪراچي جي نيشنل ميوزم جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪئي وئي.  هن ڪانفرنس ۾ ملڪ جي نامياري شخصيتن اياز قادري جي شخصيت ۽ سندس ڪيل علمي ۽ تحقيقي ڪم تي روشني وڌي. ان موقعي تي ٽن ڪتابن وقت چوي آء بادشاهه، ديوان فقير ۽ سفر عقيدت جي مهورت ڪئي وئي.
سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۽ فيس بوڪ جي آنلائين ڪتاب گهر پاران هن هفتي ڊجيٽل ڪتاب  اپلوڊ ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو. هن هفتي جيڪي ڪتاب آنلائين آندا ويا انهن ۾ رضوان گل جي شاعريء جو ڪتاب پيار جي پهرين بارش، شاعريء جو ڪتاب برکا بوند بهار جي، اقبال بلوچ جي ڪهاڻين جو ڪتاب سانول جا سور، هوش چند ۽ ڪوٽ لکپت : ڪليم ٻٽ، نفسيات : ڊاڪٽر علي احمد قاضي، آخري رات : ممتاز مرزا، سنڌي ڊرامه جي تاريخ : آفتاب حسين کوهارو، دنيا جا عظيم افسانا : رشيد ڀٽي، سنڌ باد جو سفر : علي بابا شامل آهن. سڄي دنيا ۾ اي بوڪ ۽ ڊجيٽل بوڪ تيزي سان ترقي ڪئي آهي پر اسان وٽ پبلشر ۽ ليکڪ ان سلسلي ۾ اڳتي ڪونه پيا اچن. سڀني دوستن، پبلشرز ۽ ليکڪن کي اها اپيل ڪجي ٿي ته پنهنجي ڪتابن جون سافٽ ڪاپيون سنڌ سلامت کي اي ميل ڪن جيئن سندن پيغام ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن ذريعي سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين تائين پهچائي سگهجي.
فيس بوڪ ڪهڙي تبديلي ۽ ڪيئن تبديلي آڻي سگهي ٿو؟ اهو بحث به هلي رهيو آهي پر سنڌ جا اڪثر نوجوان فيس بوڪ تي انٽريسٽ  گروپ جوڙي رهيا آهن ان طرح هو پنهنجو وقت ته بهتر پيا گذارين پر اڃا تائين سنڌين جي گڏيل آواز وارو ڪو مئوثر گروپ سامهون نه اچي سگهيو آهي. اڄڪلهه فيس بوڪ ۽ سوشل ميڊيا مارڪيٽنگ جا اهم ۽ فائدي وارا ٽول بڻجي چڪا آهن جن ذريعي تمام گهٽ قيمت تي ۽ تمام جلدي ڪروڙن ماڻهن تائين پهچي سگهجي ٿو ۽ پاڪستان ۾ ڪيترائي آنلائين شاپنگ گروپ آنلائين مارڪيٽنگ ذريعي پنهنجو بزنيس هلائي رهيا آهن. هي هڪ سولو طريقو آهي جنهن ذريعي اوهان پنهنجي ويب سائيٽ جوڙيو ۽ آرڊر بوڪ ڪريو ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ يا ٽي سي ايس ذريعي پنهنجون شيون وڪڻي سگهو ٿا. هن وقت تائين سوشل ميڊيا ذريعي مان 100 کان وڌيڪ اهڙن گروپن جي وزٽ ڪئي آهي پر ڪو هڪ به اهڙو ناهي جيڪو سنڌ جي ثقافتي شين، هنري شين يا وري سنڌ جي روايتي تحفن کي وڪڻندو هجي.

روزانه عوامي آواز 13 مئي 2014
____ 

 



May 05, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 13

فيس بوڪ رائونڊ اپ 13
محمد سليمان وساڻ

فيس بوڪ جي دنيا ۾ ڪيترائي دوست روزانه پنهنجي دلچسپ، معلوماتي ۽ اصلاحي جملن ذريعي اسٽيٽس اپڊيٽ ڪندا رهن ٿا. سوچيم ته اڄ ڪجهه چونڊ اسٽيٽس اوهان سان شيئر ڪجن، جن مان ڪجهه موجوده سياسي حالتن جي رخ بابت به آهن.

·         "شايد هڪ دفعو وري چپن کي سبڻ ۽ زبانن کي تالا لڳائڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، شايد وري هڪ اڳوڻي فوجي آمر کي غداري جي ڪيس مان بچائڻ لاء سڀنيبلڊي سويلينز کي غداري جو سرٽيفيڪيٽ جاري ٿيندو، سواءِ انهن جي سربراهن ۽ انهن جي بٽمين قلم جي سوداگرن جي باقي سڀ غدار آهن." (حسن مجتبى)
·        "خبردار سنڌيو، لانگ بوٽن جا آواز اچي رهيا آهن، 1977ع واري تاريخ پاڻ کي وري ورجائي پيئي. تياريون ۽ صف بنديون ٿي رهيون آهن. نوان ڄار کڻي وري ساڳيا شڪاري آيا." (مير سليم سنائي)
·        "سنڌ کي ٻاهرين طاقتن کان وڌيڪ موقعي پرست وڏيرڪي ۽ وچولي طبقي جي ابن الوقت ٽولي کان خطرو آهي. هو سڄي دنيا اڳيان جمهوريت جا چيمپيئن بڻجي، غربت ۽ جهالت هٿان سٽيل ماڻهن کي اربين روپين جي اثاثن کان محروم رکي، کين خيراتي ڪارڊن تي محتاج بڻائي سندن حمايت به حاصل ڪري وٺن ٿا. عوام کي پنهنجي عزت نفس جي احساس ۽ سندن وسيلن جي ڦرلٽ کان اڻ ڄاڻ رکي، کين ذهني محڪوميءَ هيٺ رکي سندن مزاحمتي سگهه کي به مڏو ڪري ڇڏين ٿا. انهن خدمتن جي عيوض ٻاهريون طاقتون کين هميشه پنهنجو فطري اتحادي بڻائي کين داڻو آڇينديون رهن ٿيون." (نصير ميمڻ)
·       "" مسقبل قريب ۾ سنڌ جي مالڪيءَ جي دعوا ڪندڙ طالبانن کي تيار ڪرڻ لاء کين ظاهر ٿي ميدان تي اچي وفادري ڏيکارڻ لاءِ مذهبي گادين ۽ گروپن کي هوم ورڪ ڪرايو پيو وڃي" (عبدالقدير ميمڻ)
·        "هتان جا نا اهل اقتداري ڀوتار هڪ ناچڻيءَ جو ڪردار ادا ڪري، ماڻهن جي مينڊييٽ جو مزاق اڏائي، هميشه اهو ثابت ڪندا رهيا آهن ته هن ملڪ ۾ فوجي آمريت ئي بهتر نظام آهي، ائين ڪري هو ملڪ جي عسڪري قوت لاءِ راهون هموار ڪري کين عوام تي آمريت مڙهڻ جي دعوت ڏيندا آهن، باقي ملڪ جي سموري تاريخ ۾ انقلاب پسند قوتن لاءِ ته ساڳي ئي آمريت موجود رهي آهي. جمهوري حڪومت ۾ به ڏاڍ جاري آهي ۽ فوجي حڪومت ۾ به ساڳيو عمل جاري رهندو، ڪو خاص فرق نه ٿيندو." (مشڪور ڦلڪارو)

·        "اهو هاڻوڪي سوشل دنيا جو اڇو ۽ سڀ کان وڏو ڪوڙ آهي ته سوشل ميڊيا تي آزادي آهي! جيڪڏهن اوهان کي يقين نه اچي ته ڪڏهن اوهان پنهنجي پسند جي پارٽي، مذهب، سياستدان جي تعريف لاء اسٽيٽس لکو يا ڪائي اهڙي تصوير رکو جيڪا اوهان کي دلڪش، خوبصورت ۽ پياري لڳي!!" (ساگر سهندڙو)
·         "مان گذريل هفتي کان ڪراچي انٽر بورڊ جي امتحانن ۾ انويجيليشن جي ڊيوٽي ڪري رهيو آهيان. ڪجهه ڏينهن اڳ هڪڙي شاگرد کي نقل جي مواد سميت پڪڙيم ته موصوف کيس ڇڏڻ بدلي ڏوڪڙ ڏيڻ جي آفر ڏني. ڪاوڙ گهٽ ۽ ڏک گهڻو ٿيم. خود اسان استادن جي ڪم ظرفي آهي جو نقل ڪندڙن اسان جا ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا آهن!" (احمد سومرو)
·        "اسان کي هر شيءِ مبهم انداز ۾ پڙهائي وڃي ٿي، هڪ اهڙو اڌ سچ ٻڌايو وڃي ٿو جيڪو مڪمل ڪوڙ کان به خطرناڪ آهي پر سوال اهو آهي ته تاريخ جي چهري تي چڙهي ويل اها ڌوڙ ڪير لاهيندو؟ ان حوالي سان حسن خوب لکيو هو. يزيدي وقت ويري آ، سڄي تاريخ ميري آ" (وفا منور زئور)
·         "سوشل ميڊيا به اسان جو هڪ 'اوڙو پاڙو' ئي بڻجي وئي آهي، جتي ذهن چرندي پُرندي، ڳالهائيندي ٻولائيندي، اٿندي ويهندي، سٺا ڪم ڪندي، خراب شين ۾ هٿ وجهندي، عزتون ڏيندي ۽ بد تميزيون ڪندي نظر اچن ٿا، بلڪل ايئن ئي، جيئن اسان پنهنجي اوڙي پاڙي ۽ شهر ۾ ڏسندا آهيون ٻڌندا آهيون، ڪردارَ : سُٺا ڪردار به، مناسب ڪردار به، نامناسب ڪردار به ۽ جڏهن اوڙي پاڙي ۾، جن کي به بدتميزيون ڪندي ڏسبو تن جي تقرير تي، شعور تي، ڪردار تي ڪير اعتبار ڪندو!؟" (اسد چانڊيو)
·        "الائي ڪاڏي ويا هن هليا اهي ماڻهون جن جي ڏسڻ سان اکيون ٿڌيون, دل سڌير ۽ روح کي راحت ايندي هئي. محبت موڪلائي ڪنهن ڏوراهين طرف وئي آ هلي. هاڻي ته هنن ماڻهن ۽ پنهنجو پاڻ کان نفرت ٿيڻ لڳي آهي. ڪير به ڏڍ, آٿت ڏيڻ ۽ سهارو بڻجڻ وارو ناهي. ڪيئن ڪجي ؟ ڪنهن کي دانهن ڏجي.؟" (مظفر منگي)
·         "پنهنجي وسيلن هوندي به هر شهر ۾ 12 ڪلال بجلي بند ۽ گيس پنهنجي هوندي به ڏينهن مقرر، سي اين جي تي لائينون لڳل. هو ته جاڳ پنجابي جاڳ چئي اقتدار اعلى تي آيا پر سنڌ ۾ ڪير ٿو جاڳ سنڌي جاڳ چوي." (نثار کوکر)
·         "سنڌ م علم جي اڻاٺ ٿي وئي آهي، هنگامي حالتون آهن، تنهن ڪري علم سان هٿيار بند ٿيڻ جي ضرورت آهي. مان انسان سڌارڻ واري هٿيار علم جي ڳالھه ٿو ڪريان، ماڻهو مارڻ واري هٿيار جي خلاف آهيان. " (ذوالفقار واهوچو)

روزانه عوامي آواز 6 مئي 2014


April 29, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 12

فيس بوڪ رائونڊ اپ 12
محمد سليمان وساڻ

هن هفتي فيس بوڪ جو اهم موضوع به اهوئي رهيو جيڪو اڄڪلهه اخبارن ۽ ميڊيا جو آهي يعني حامد مير تي حملو ۽ جيو ۽ جنگ پاران آء ايس آء تي الزام تراشي. حيرت ٿي ته واقعي کان هڪدم پوء ته ڪنهن جو به رد عمل ڪونه آيو هو پر پوء سڀ پاڪستاني هڪ طرف ٿيندا پيا وڃن ۽ عمران خان ته هڪ هفتي کانپوء پنهنجو رد عمل سخت لفظن ۾ڏيکاريو آهي ۽ سڀني کان گوء کڻي ويو. ميڊيا به هن معاملي تي ورهايل نظر پئي اچي. حامد مير جي ڀاء ۽ جيو پاران آء ايس آء تي الزامن ۽ ان جي سخت مخالفت بابت حسن مجتبى لکي ٿو ته جڏهن هڪ نواب جي قتل ڪيس جي شڪ ۾ هڪ منتخب وزير اعظم کي ڦاسي اچي ٿي ته ڇا تحقيقت ٿيڻ تائين هڪ فوجي اداري تي الزام به لڳائي نه ٿو سگهجي؟ جڏهن تحقيقات ٿيڻ کان اڳ هڪ سفير کان استعفى جو مطالبو ڪيو وڃي ٿو ته پوء هڪ فوجي آفيسر کان ڇو نه؟ حامد مير کي ته اوهان گوليون هنيون پر حامد مير سچ جي آواز ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ جيڪو اعتبار پيدا ڪيو آهي ۽ سچ ڳالهائڻ جي جيڪا جرئت پيدا ڪئي آهي، اوهان ان کي ڪهڙي گولي هڻي سگهندا ؟ ڇو ته خواب ته بلٽ پروف ٿيندا آهن.” ان حوالي سان نثار کوکر لکيو آهي ته “حامد مير واري واقعي مان ته ائين ٿو لڳي، پياري پاڪستان ۾ توهين عدالت ايترو وڏو ڏوھ ناهي جيترو توهين فوج ناقابل معافي گناه بڻيل آهي.”   هن هفتي سنڌو ديش لاء پاڻ پتوڙيندڙ سنڌ جي قوم پرست ۽ اصول پرست سياستدان سائين جي ايم سيد جي ورسيء جي مناسبت سان به 25 اپريل تي فيسبوڪ تي سندس قول، تصويرون ۽ فيس ڪور سجايل رهيا. ساڳئي وقت سن ۾ جيئي سنڌ جي مختلف ڌڙن پاران  ڌار ڌار پروگرام ڪرڻ تي سن ۾ حاضري ڀريندڙ ۽ ساڃاهه وند پريشان آهن ته جيستائين قومپرست پاڻ ۾ اتحاد نه ڪندا تيستائين سنڌ جي ڀلائي نا ممڪن آهي. ان حوالي سان وفا منور زئور جون فيس بوڪ تي لکيل تنقيدي سٽون اهميت واريون آهن. هو لکي ٿو “17 جنوري ۽ 25 اپريل تي سَن جي سرزمين تي سچ پچ ته هڪ قسم جو ميلو متل هوندو آهي، ڊاڪٽر برڪت جي بقول  هڪ پاسي موت جي کوھ جو ٿيٽر، ٻي پاسي سرڪس، ٽئين پاسي چڙيا گهر جي شاميانن جيان مختلف قومپرستن تنظيمن جا جلسا ويتر هن ميلي کي چار چنڊ لڳائي ٿا ڇڏين. .!”

دنيا تيزي سان ترقي پئي ڪري ۽ فيس بوڪ تي ان جا ڪيترائي مشاهدا موجود آهن، ساڳي ئي وقت پاڪستان ۾ موبائل فون ڪمپنين پاران 3 جي ۽ 4 جي لائسنس حاصل ڪري ٽيبليٽ ۽ موبائل سيٽن تي جديد سهوليتون مهيا ڪرڻ واري اعلان کانپوء ان ڳالهه کي سنجيدگي سان ڪونه ورتو ويو آهي ته ان ۾ اسان سنڌي ڪٿي بيٺا آهيون. ڄامشوري مان منصور ميراڻي ان حوالي سان سوال اٿاريا آهن. ته “3 جي ۽ 4 جي جي آمد سان ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي نئين دور جي شروعات ٿيندي ۽ اميد آهي ته ملڪ جي معاشي ترقي به ٿيندي پر اتي جتي اسان ٽئين دنيا جي ملڪن کان ڪوهين ڏور پوئتي بيٺا آهيون اتي 3 جي ۽ 4 جي جا اسان جي معاشري تي ڪهڙا اثر پوندا؟ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ اها جدت جنهن سان سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ پي سي جي استعمال ۾ اضافو ٿيندو ته ساڳي وقت اهو سوال به اڀري ٿو ته غريب ماڻهوءَ يا ڳوٺ ۾ رهندڙ هاريءَ لاءِ اها جدت ڪيتري حد تائين فائديمند ثابت ٿيندي جڏهن ته هو گذر سفر به وڏين مشڪلاتن سان ٿو ڪري. تعليم جيڪا اڳ ئي پوئتي پيل آهي ته ڇا انٽرنيٽ جي تيزيءَ سان ٻارن کي ۽ تعليمي ادارن کي ڪو فائدو ڏيئي سگهجي ٿو؟ مان ان ترقي جي خلاف ناهيان پر سوال اهو آهي ته ان نئين ٽيڪنالاجي جي آمد سان اسان مستقبل جي لاءِ ڪهڙو پلان يا رٿا جوڙي رهيا آهيون؟ يا اها نئين ٽيڪنالاجي قوم جي هر فرد لاءِ ڪيئن فائديمند ثابت ٿيندي؟
سنڌ حڪومت پاران سنڌ ۾ هڪ نئين ڊويزن ڀنڀور جي قيام تي به ڪيئي اعتراض اٿيا آهن ۽ ان عمل جي تعريف ڪرڻ بجاء تنقيد سوشل ميڊيا جو حصو بڻيل رهي. مشتاق راڄپر لکي ٿو “پيپلز پارٽي پاران نئين ضلعي سجاول سان پيار ۽ هاڻي نئين ڊويزن ڀنڀور جي قيام جو مقصد ملڪ رياض لاء سهوليتون پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن سنڌ جي ساحلي پٽي جون زمينو سولائي سان حاصل ڪري سگهجن ۽ اصل ۾ اها هڪ نئين ايسٽ انڊيا ڪمپني ٺاهڻ جي سازش آهي.” ساڳيا خدشا ساڃاهه وندن پاران به ڏيکاريا ويا آهن. گذريل هفتي اپريل مهيني ۾ وڇڙي ويل فنڪارن ريڊيو ۽ ٽي وي جي اداڪار انور سولنگي، قوال غلام فريد صابري، اداڪار حسين ساريو، گلوڪار قمر سومرو، گلوڪار احمد رشدي، گلوڪاره بيگم فقيرياڻي، اداڪار سعيد احمد واگهو، سنڌي ساز مُرلي جي جادوگر اقبال جوڳي، راڳي استاد سينڌو خان، راڳي زوار محمد جمن ڀٽ، اداڪاره شيلا راماڻي، گلوڪاره اقبال بانو، اداڪار ۽ اسٽيج ڪمپيئر معين اختر، گلوڪار ماسٽر منظور، سنگيتڪار ۽ گويي استاد بڙي غلام علي خان، راڳي حاجي ڪلو، سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي اداڪاره شهزادي، اسٽيج اداڪار، هدايتڪار، ليکڪ ۽ صداڪار محمد صديق پرهياڙ، شرناءِ نواز فنڪار امام ڏنو فقير، راڳي استاد طفيل خان، اداڪار منور ظريف، لوڪ گلوڪاره مائي الهه وسائي جي ياد ۾سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ فنڪارن جي خاندانن سان گڏ صحافين ۽ فنڪارن پنهنجا خيال اوريا ۽ ساڳي تقريب جون فيسبوڪ تي تصويرون نمايان رهيون.

روزانه عوامي آواز 29 اپريل 2014


April 21, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 11

فيس بوڪ رائونڊ اپ 11
محمد سليمان وساڻ

گذريل هفتي جيتوڻيڪ سوشل ميڊيا تي انيڪ مسئلن تي بحث ٿيو آهي ۽ ڪيئي سرگرميون ٿيون آهن پر اڄوڪي فيس بوڪ رائونڊ اپ ۾ اسان انهن ٽن اهم سرگرمين جو ذڪر ڪنداسين جيڪي اهم هيون ۽ ۽ انهن مان ٻه سرگرميون سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ٿيون آهن. سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتها پسندي خلاف ماڻهن ۾ شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ لاء حق موجود سٿ پاران 18 اپريل 2014ع تي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ باغين سان شام پروگرام ترتيب ڏنو ويو جنهن جي ڊگهي عرصي کان فيس بوڪ تي تشهير ٿي رهي هئي. ان رات آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو اوپن ايئر ٿيٽر سنڌي نوجوانن ۽ بزرگن سان گڏ سنڌي ڀينرن سان کچا کچ ڀريل هئو. گيڙو رنگ جو مفلر هر هڪ جي ڳچيء ۾ اهو پيغام ڏئي رهيو هو ته سنڌ هر قسم جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ مذهبي انتها پسنديءَ کي ٺڪرائي ٿي. اهم ڳالهه اها به هئي ته هي سڄو سٿ، هزارن جو مجموعو بغير ڪنهن ذاتي دعوتنامي، بغير ڪنهن اخباري پبلسٽي جي پهتو هو. اهو سوشل ميڊيا جو ئي ڪمال هيو جو هر ڪو هن پروگرام کي پنهنجو سمجهي رهيو هو. هن ميڙ ۾ حليم باغي، خليل کوسي، روبينه ابڙو ۽ حافظ نظاماڻي پنهنجي شاعري ٻڌائي مذهبي انتها پسندي ۽ سنڌ ۾ وڏيرڪي سياست کي ننديو. سنڌ جي ڏاهي، ليکڪ ۽ سيڪيولر سوچ جي امين امر جليل پنهنجي تقرير ذريعي چتاء ڏنو ته هاڻ نعرن جو ڪم ناهي، هاڻ عملي طور ڪم جي ضرورت آهي. هن سڀني مذهبن جي ڪٽرپڻي، دنيا جي سياست سان گڏ سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتها پسندي ۽ مذهبي دهشتگرديء تي کُلي ڳالهايو. هن چيو ته سنڌ جي آزادي تيسيتائين نا ممڪن آهي جستائين اسان سنڌ جي پير، مير ۽ وڏيري کان آزادي نه ٿا ماڻيون. امر جليل چيو ته ياد رکو ڏاڙهين واري طالبانن کان ڪلين شيو طالبان وڌيڪ خطرناڪ آهن. هن چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ سچل سرمست اهوئي پيغام ڏنو ته مان جوئي آهيان سوئي آهيان، تنهنڪري اسان کي ڇڏي ڏيو ڇو ته اهو خدا ۽ بندي جي وچ ۾ معاملو آهي. امر جليل چيو ته سنڌ جي تعليم ۽ شعور جي گهتتائي لاء اهو ضروري آهي ته اسان اها ذميواري کڻون ته اسان مان هر هڪ، ٻئي کي پڙهائي Each one, teach one  هاڻي ٻيا طريقا غير مئوثر ٿي چڪا آهن. شاعري ۽ تقريرن جي نشست کانپوء منور ابڙو، صدر الدين شاهه ۽ جمال الدين فقير سنڌ جي روايتي صوفياڻي شاعري ۽ صوفياڻا ڪلام پيش ڪري محفل کي جهومائيندا رهيا.
عوامي جمهوري پارٽي پاران سنڌ ۾ ڪرندڙ تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاء 16 مارچ کان سکر ۽ لاڙڪاڻي مان جيڪو پيدل تعليمي مارچ شروع ڪيو هو 36 ڏينهن کانپوءِ لڳ ڀڳ پنج سئو ڪلوميٽرن جو مفاصلو پيدل جهاڳي، پير پٿون ڪري 19 مارچ تي سنڌ اسيمبلي ڪراچي پهتو ۽ اسيمبلي سامهون ڌرڻو هنيو. هن مارچ ۾ سنڌ جي ساڃاهه وندن جو هڪ وڏو تعداد شامل هيو جن ۾ عورتون، ٻار، نوجوان، بزرگ، سنڌ جا سياسي سماجي اڳواڻ شامل هيا. هن مارچ جو مقصد ۽ مطالبا ڪي سياسي نه هئا پر سنڌ جي شعور ۽ سنڌ جي تعليم جي سڌاري جا هئا. اسيمبلي پهچي وفد اسيمبلي اندر ياداشت پيش ڪئي. اهم مطالبو اهو هيو ته سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪري بند پيل اسڪول کوليا وڃن، ڪاپي ڪلچر کي روڪيو وڃي، ميرٽ تي استادن جون ڀرتيون ڪيون وڃن ۽ هر سال هر ضلعي ۾ هڪ ماڊل اسڪول قائم ڪري سڀني استادن کي پابند بڻايو وڃي ته اهي پنهنجون ذميواريون صحيح نموني سان پوريون ڪن. حيرت ته اها به ٿي ته دهشتگردن سان هر وقت ڳالهين لاء تيار رهندڙ ۽ جمهوريت جا دعويدار سنڌي حڪمران هن مارچ جي منتظمين سان ملڻ به نه آيا ۽ نه ئي هن احتجاج جو ڪو اثر ورتن. حيف ته بلاول ڀٽو تي به ٿي رهيو آهي جو هر وقت ٽئيٽ ڪندڙ پ پ پ چيئرمين هن اهم معاملي تي ڇو خاموش آهي.
هن هفتي انٽرنيٽ جي سڀ کان وڏي سنڌي فورم سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي پنجين سالگرهه جي موقعي تي سوشل ميڊيا تي سندس خوب پذيرائي ٿي. سنڌ سلامت اهو واحد سنڌي فورم آهي جيڪو سڀني سنڌين کي پنهنجي راء جي هڪجهڙي آزادي ڏيڻ سان گڏ سنڌي ٻولي جي انٽرنيٽ تي ترقي ۾ ڪوشان آهي. سنڌ سلامت تي اسلامي معلومات، سياسي ۽ سماجي خبرن، انٽرٽينمينٽ سان گڏ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ڄاڻ، ڪمپيوٽر جي مسئلن بابت مختلف ليک ۽ ترڪيبون هر وقت مهيا ڪيون وڃن ٿيون. نه صرف اهو پر سنڌ سلامت ڪتاب گهر هن وقت سنڌي ٻوليء جي سڀ کان وڏي ڊجيٽل لائبريري بڻجي ويو آهي جنهن تي هر موضوع تي ڪيترائي سنڌي ڪتاب آنلائين پڙهڻ لاء موجود آهن. سنڌ سلامت سنڌي سرچ انجڻ، سنڌي ڪي بورڊ، بلاگنگ جي سنڌي ۾ سهوليت پيش ڪري رهيو آهي.

سوشل ميڊيا جو ماحول ان وقت سڳوار بڻجي ويو جڏهن سينيئر صحافي حامد مير تي ڪراچي ۾ حملي ۽ سانگي وٽ ٽريفڪ حادثي ۾ چاليهه ماڻهن جي مري وڃڻ واريون خبرون ۽ تصويرون شيئر ٿيون. سنڌ ۾ روڊ حادثن تي نه ته ڪو ڌيان ڏنو ويو آهي نه ئي ان تي ڪا تحقيق ٿي رهي آهي ته هيڏن سارن حادثن جا ڪهڙا سبب آهن ۽ انهن کي ڪيئن گهٽائجي.

روزانه عوامي آواز 22 اپريل 2014

April 14, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 10

فيس بوڪ رائونڊ اپ 10
محمد سليمان وساڻ

سوشل ميڊيا پنهنجي اهميت ڪيتري مڃرائي آهي اها جهلڪ وفاقي اردو يونيورسٽي پاران امريڪي قونصليٽ جي سهڪار سان ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ به ٻڌڻ ۾ آئي جنهن جو عنوان هيو “سنڌي ميڊيا : اهميت، موقعا ۽ مسئلا”. هن ڪانفرنس ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي چوٽيء جي دانشورن ۽ قلمڪارن سان گڏ هندستان مان آيل صحافين پڻ پنهنجا خيال پيش ڪيا.  هندستان کان آيل صحافي ننديتا ڀاوناڻي اها ڳالهه مڃي ته انٽرنيٽ خاص ڪري سوشل ميڊيا تي سنڌي ٻوليء جو جو اهم ڪردار آهي. ان ڪانفرنس جي حوالي سان فيس بوڪ تي اها به تنقيد ٿي ته اهڙي قسم جي ڪانفرنس سنڌي ٻولي جا ميڊيا هائوس ڇو نه پيا ڪرائن جيڪا وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ ساڳيو سوال نامياري صحافي مظهر عباس به  اٿاريو آهي. سوشل ميڊيا خاص ڪري فيس بوڪ جي سنڌين پاران 10 اپريل سنڌي ٻولي جي عالمي ڏينهن طور پڻ ملهايو ويو ڇو ته 10 اپريل 1967ع تي ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو هو.
هوڏانهن واپڊا جي نجڪاري خلاف جتي سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ٿيا آهن اتي سوشل ميڊيا تي به لکڻيون احتجاج، مذمتي تصويرون شيئر ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران حيدرآباد ۾ ٿيندڙ عام گڏجاڻي ۾، سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتها پسندي خلاف ماڻهن کي سجاڳي ڏيڻ جي مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جيڪو سڄي سنڌ ۾ جاري رهندو. ان سلسلي ۾ سگا جي فيس بوڪ پيج تي به پوسٽر جاري ڪيا ويا آهن ۽ پهريون جاڳرتا ليڪچر پروگرام گهوٽڪي ۾ ٿيو آهي جنهن جو مقرر نصير ميمڻ هيو. تحفظ پاڪستان بل PPO  بابت جتي قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ٿيو آهي ته اتي 9 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ جسمم پاران هڙتال ڪئي وئي آهي ۽ هن بل خلاف سوشل ميڊيا خاص ڪري فيس بوڪ تي به ماڻهو پنهنجي جذبن جو اظهار ڪري رهيا آهن. هوڏانهن عوامي جمهوري پارٽي جو سکر مان شروع ڪيل تعليمي مارچ هاڻ پنهنجي آخري مرحلن ۾ آهي ۽ ڪراچي طرف روان دوان آهي. تعليمي حوالي سان سوشل ميڊيا به مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اهو مسلسل پريشر آخرڪار پنهنجا نتيجا ڏئي رهيو آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو بلاول ڀٽي کي به تعليم بابت پنهنجي وزيرن کان وضاحتون وٺڻيون پيون آهن ۽ هن اهم مسئلي تي خاص فيصلا ڪرڻ لاء سوچ ويچار ڪرڻو پيو آهي.
بلوچستان ۾ ڪيل تازي آپريشن کانپوء جعفر ايڪسپريس ۾ بيگناهه ماڻهن جي مارجي وڃڻ واري واقعي تي به فيس بوڪ تي ڏکائتي صورتحال رهي. جتي ڪيترائي دوست ان کي آپريشن جو رد عمل سڏي رهيا آهن اتي گهڻا دوست بيگناهه ماڻهن جي قتل کي گناهه سمجهن ٿا. ان حوالي سان حسين بخش ٿيٻو لکي ٿو “اهو ته مون کي سمجهايو ته پنهنجن ئي ماڻهن کي ماري حراس پيدا ڪرڻ ڪهڙي وطن دوستي آهي، مون کي يقين آهي ته بلوچن جي رئنڪ ائنڊ فائل (جدوجهد ڪندڙن جي صفن) ۾ سرڪاري گماشتا ويٺل آهن، جيڪي اهڙا عمل ڪرائي سڄي دنيا ۾ بلوچن جي شاندار جدوجهدِ آزادي کي دهشتگرد ثابت ڪرڻ چاهين ٿا. ڪو به ذي شعور ماڻهو پنهنجن کي ماري آزادي جي جنگ کٽي نه سگهندو”۔ فيس بوڪ تي هر دفعي اهو بحث به هلندو رهندو آهي ته سنڌي جيستائين متحد نه ٿيندا ۽ سياسي پارٽيون هڪ پليٽ فارم تي ڪونه گڏبيون تيسين سنڌ جي بهتري ناممڪن آهي. هاڻ سڀني سياسي پارٽين، اڳواڻن کي گڏ ڪيئن ڪجي؟ ان سوال جو جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪندي ڪندي بحث پورو ٿيو وڃي. ان ئي بحث جي حصي طور وفا منور زئور ساڳيو سوال ڪيو آهي ته “تنهجا منهنجا مفاد ۽ مقصد بہ ساڳيا، پوءِ انهن جي حاصلات لاءِ اسان گڏ ڇو نہ آهيون، هڪ ئي مقصد جي حاصلات لاءِ نڪتل هوندي بہ تنهنجي منهنجي هڪ ٻئي تي تنقيد ڇا معنى ٿي رکي؟”
فيس بوڪ جي هڪ خوبي رهي آهي ادبي، سماجي ۽ سياسي تقريبن جي تصويرن جي نمائش ۽ رپورٽنگ. اها خبر، ٽي وي يا اخبار ۾ اچي يا نه اچي پر فيس بوڪ تي سڀ کان اڳ ايندي ۽ مزي جي ڳالهه ته جيترا ڪيمرا هوندا آهن ان کان به وڌيڪ دوست تصويرن جي شيئرنگ ڪندا آهن ۽ اهي تصويرون تاريخ بڻجي وينديون آهن. هن هفتي به خوبصورت شاعر علي زاهد  ۽ روبينا ابڙو سان چانڊڪا ميڊيڪل پاران ملهايل شام جون تصويرون، ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ورسي تقريب، حيدرآباد ۾ عطا محمد ڀنڀري جي تحقيقي ڪتاب انڊس اسڪرپٽ جي مهورتي تقريب، فيس بوڪ فرينڊز پاران گڏاپ ۾ لڳايل ميڊيڪل ڪيمپ، ڪراچي ۾ انور سولنگي ۽ روشن عطا جي ورسي تقريبن سميت ڪيترن ئي پروگرامن جا تصويري البم شيئر ڪيا ويا آهن.
فيس بوڪ جتي ڄاڻ ۽ تفريح جو مرڪز آهي اتي دنيا فيس بوڪ کي مارڪيٽنگ جو به اهم ذريعو بڻايو آهي، پر افسوس جو سنڌي ماڻهو ان حوالي سان ڪوبه خاص فائدو وٺڻ ۾ مڪمل ناڪام ويا آهن. اسان کي ڪنهن اهڙن دوستن جي تلاش آهي جيڪي فيس بوڪ کي مارڪيٽنگ ٽول بڻائي سنڌ جي ثقافتي لباسن، سنڌ جي ميون، ڀاڄين ۽ سنڌ جي هنرن جا نادر نمونا فيس بوڪ ۽ سوشل ميڊيا تي آڻي نه صرف ثقافت جي اپٽار ڪن پر معاشي طور به فائدو حاصل ڪري سگهن.

روزانه عوامي آواز 15 اپريل 2014
___




April 08, 2014

ٻوسٽ وارو ماحول ۽ ڇير جي ڇمڪار

ٻوسٽ وارو ماحول ۽ ڇير جي ڇمڪار
محمد سليمان وساڻ

پياري دوست، شاعريء جي ڪئنواس تي پوپٽ جهڙا رنگ چٽنيدڙ ۽ اسان جي ٽهيءَ جي شاعر وسيم آڪاش سيتائي جي احساسن تي مشتمل سندس شاعريء جو پهريون مجموعو ”هوائن ڇير ڇمڪائي“ انهن ڏينهن ۾ ڇپيو آهي جڏهن سنڌ جي فضا گهُٽ ۽ ٻوسٽ ماري ماحول ۾ آهي. اهڙي وقت ۾ وسيم آڪاش پنهنجي شعرن ۽ قلم جي نوڪ سان رنگين شعر جوڙي هوائن ذريعي ڇيرين کي ڇمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. وسيم آڪاش جي شاعري ڊگهي عرصي کان سوشل ميڊيا تي پڙهندو رهيو آهيان، سندس احساس هن جي تخليقن مان پڙهي اها پروڙ پيم ته سندس وٽ لفظن جو اڻ ڳڻيو خزانو آهي جنهن کي هو شاعريء جا ويس پارائي اسان سان شيئر ڪري ٿو.  وسيم جي شاعريء مان لڳي ٿو ته سندس شاعري انهن گلن جيان آهي جيڪي پاڻ ته وکري وڃن ٿا پر انهن جي خوشبو ماحول کي معطر بڻائي رکي ٿي. سندس لفظن جي مالها ۾ سپنن جون سندرتائون به آهن ته شاعريءَ جون سڀئي حُسناڪيون به موجود آهن. سندس احساس ته ڏسو جو هو عشق کي ئي پنهنجي پناهه گاهه بڻائي ويٺو آهي :
درد جي درسگاھَ ۾ آهيون!
عشق! تُنهنجي پناھَ ۾ آهيون!

وسيم آڪاش جي شاعريءَ ۾ سنڌ سان عشق به سمايل آهي ته اتي مجازي عشق جي به جهلڪ نمايان آهي. سندس لفظ رولاڪ بڻجي در در سدا هڻن ٿا ۽ سچائي جي ڳولها ڪن ٿا. سندس شاعريء ۾ اميد جي جهلڪ به عيان آهي، جتي هو رواجي شاعري ڪري ٿو اتي هو سماج جي ڏاڍ کي به نندي ٿو. وسيم دلرباين، دلڪشين ۽ حسناڪين جي ڳولها جو شاعر آهي. دنيا جي اڪثر شاعرن وانگر آڪاش جي شاعريء جو بنيادي محرڪ به عشق ئي آهي، اهو عشق جيڪو جيئڻ جو سبب آهي:

”آڪاش“ شاعري جي ڪهڙي خبر اسان کي،
هي روڳ عشق جو آ، جيڪو وڏو بحر آ!


سندس شاعريءَ جو هي سهڻو ۽ دلڪش رنگن سان سجايل ڪتاب ڪنول پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي جنهن جو مهاڳ مهان شاعر امداد حسينيءَ لکيو آهي. سونهن، سندرتا، سچ، محبت ۽ ڪائنات جي حسناڪين سان پيار ڪندڙ وسيم آڪاش سيتائي لاء دعاگو آهيان ته سدا خوش هجي ۽ سندس قلم ۾ شاعرانه دلڪشي جو سحر سدائين سلامت ۽ قائم رهي.

April 07, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 9

فيس بوڪ رائونڊ اپ 9
محمد سليمان وساڻ

فيس بوڪ جي نئين سيٽنگ ساڄي کان کاٻي ۽ خاص ڪري سنڌي ۾ لکندڙن لاء ڏکيائون پيدا ڪيون آهن جنهن سبب دوستن جي سرگرمين ۾ گهٽتائي آئي آهي. فيس بوڪ انتظاميا ان معاملي ۾ ٻڌايو آهي ته نئين سيٽنگ اڃان مڪمل ڪانه ٿي آهي. جيئن ئي مڪمل ٿيندي ته ان ۾ کوڙ ساريون نيون خوبيون شامل هونديون.هن هفتي فيس بوڪ تي نئين بحث به جنم ورتو آهي جيڪو آهي سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر بابت. ميٽرڪ جي امتحانن ۾ مختلف سينٽرن جون تصويرون شيئر ٿيون آهن جتي پوليس جي موجودگي ۾ مختلف ماڻهو ڪاپي ڪرائڻ لاء اسڪولن يا ڪاليجن جي ڀتين تي چڙهيل نظر اچن ٿا. اتي ئي شوڪت جوکيو تي به خوب تنقيد ٿي آهي جنهن امتحاني سينٽر جو دورو ڪندي ٻن شاگردن کي ڪاپي ڪندي ته پڪڙيو پر انهن تي جيڪو جسماني تشدد ڪيو، سو به سر عام اها تذليل برداشت ڪرڻ جوڳي ناهي، دوست چون ٿا ته اسان جي بيوروڪريٽس کي پنهنجا رويا تبديل ڪرڻا پوندا. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن تي رينجرز پاران ڪيل تشدد به فيسبوڪ جي سرخين جي زينت بڻيل رهيو ۽ اهي سوال اٿندا رهيا ته اسان پنهنجي مادر علمين کي ڪيئن علم جو ڳڙهه بڻائي سگهنداسين؟ سنڌين جي نئين سال چيٽي چنڊ جي مناسبت سان به پوسٽنگ ٿي جنهن ۾ هندستان جي سنڌي دوستن جي سرگرمي سڀني کان وڌيڪ رهي. هندستان ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين جي سنڌي سنوارڻ ۽ سنڌي سکيا لاء آشا چاند جي سنڌي سنگت پاران هڪ نئون فورم سنڌي ساٿي جوڙيو ويو آهي. ڪافي سنڌي اهو فارم ڀري رهيا آهن جنهن ۾ کين آنلائين يا ڊي وي ڊيز ۽ وڊيوز يا وري باقائده ڪلاسن ذريعي سندن بهتر سنڌي لاء سکيا شروع ڪئي ويندي.
امر جليل خلاف ٿيندڙ مظاهرن ۽ تنقيد جي جواب ۾ حسن مجتبى به خوب لکيو آهي. جڏهن سنڌ جي صوفي سوچ رکندڙ ۽ لبرل سوچ ليکڪن جي خلاف سنڌ ۾ مظاهرا ٿين ته پوء اها ڳالهه اسان لاء سوين سوال کڻي اچي ته ڇا اسان سنڌي هاڻي وڏيرڪي ۽ جاگيردارانه سوچ سان گڏ انتها پسند سوچ رکندڙ ماڻهن جي حصار ۾ ته نه ڦاسي ويا آهيون؟ حسن مجتبى لکي ٿو “امر جليل جي خمير ۽ ضمير صوفين جي ان مٽيء مان جنم ورتو آهي جتان بيدل، بيڪس ۽ سچل جهڙن صوفين جنم ورتو آهي. امر جليل سنڌ جو اهو بهادر ۽ قلندر ليکڪ آهي جنهن جون تحريرون نه صرف هر حاڪم جي اک ۾ ڪنڊي وانگر چڀجن ٿيون  پر اهي پير، مير، وڏيري، جاگيردار ۽ ملان جي نڙي ۾ به کٽڪن ٿيون. هو ادب ۽ صحافت جي دنيا جو اهڙو قلندر آهي جيڪو اهڙي گهٽي ۾ ڌمال وڄائي ٿو جتي وڏن وڏن جا پگهر نڪري اچن ٿا”. هو وڌيڪ لکي ٿو ته “هڪ خاص پير جا پوڄيندڙ سندس پويان پئجي ويا آهن سر عام جلوسن ۾ امر جليل جو سر ڪٽڻ ۽ زبان وڍڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. ڪير ٿو چئي ته سنڌي طالبان ناهن؟”.
سنڌ ون يونٽ کان به وڏي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، اها ڳالهه هن هفتي ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيندڙ هڪ اهم ڪتاب جي مهورت دوران ثابت ڪئي وئي. فيس بوڪ تي سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچي پاران پروفيسر اعجاز قريشي جي ڪتاب “ون يونٽ ۽ سنڌ” جي مهورت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي هئي جنهن کي ڀرپور موٽ ملي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن شرڪت ڪئي. سوشل ميڊيا جي اهائي خوبي آهي جو ماڻهن کي گڏ ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ ملائي رکڻ جو اهم ذريعو آهي. هن ميڙ ۾ فضل الله قريشي، امان الله شيخ، ڊاڪٽر سليمان شيخ سميت ٻين سڀني مقررن انگن اکرن ذريعي اهو ثابت ڪيو ته موجوده سنڌ، ون يونٽ واري سنڌ کان به وڌيڪ ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. هوڏانهن وسيم آڪاش سيتائي جي شاعريءٰ جي پهرين مجموئي “هوائن ڇير ڇمڪائي” جي ڇپجڻ جي فيس بوڪ تي خبر ۽ ڪتاب تي مختلف دوستن جا تاثر اچي رهيا آهن. ڪراچي ۾ ٿيندڙ حق موجود سٿ پاران صوفياڻي ميڙ “باغين سان شام” جو فيس بوڪ تي خوب چرچو ٿي رهيو آهي ڇو ته اها ڪڙي حيدرآباد مان شروع ٿي هئي ۽ سڄي سنڌ ۾ باغين سان شام جي نالي سان مشهوري ماڻي آهي ۽ ان ۾ گهڻو ڪردار فيس بوڪ جي دوستن جو آهي. باغين سان شام جو مقصد سنڌ ۾ وڌندڙ دهشتگردي ۽ مذهبي انتها پسندي خلاف آواز اٿارڻ  ۽ ماڻهن ۾ صوفياڻي سوچ سمائڻ آهي.
فيس بوڪ  مان سنڌين ڇا پرايو آهي ۽ ڇا ڪري رهيا آهن ان قسم جو بحث سنڌ سلامت ۽ فيس بوڪ تي اڪثر ٿيندو رهيو آهي پر هاڻ ان جا عملي ثبوت به ملي رهيا آهن ته سنڌ جا نوجوان سوشل ميڊيا ذريعي پاڻ ۾ ملن ٿا ۽ عملي طور ڪم ڪن ٿا. جنهن جو هڪ مثال سنڌ فيس بوڪ فرينڊز جي صورت ۾ سامهون آيو آهي. جيڪا عملي طور ٿر جي ماروئڙن جي مدد لاء مٺي کان ڪوهين ڏور ڳوٺن ۾ راشن ورهائڻ سان گڏ ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي ماڻهن جو علاج ڪندي رهي ۽ هاڻ هڪ ٻيو عملي ڪم نوجوانن جي ڪيريئر پلاننگ بابت ليڪچر پروگرام ۽ انهن جي تربيت ڪرڻ لاء اڳتي آيا آهن. اها اميد رکبي ته سوشل ميڊيا جتي تڪڙي ڄاڻ ڏيندو رهيو آهي اتي عملي طور سنڌين جي خدمت ڪرڻ لاء نوان طريقا ڳولهي هڪ نئين راهه فراهم ڪندو.     


April 03, 2014

اپريل فول ۽ عشق جو اظهار

اپريل فول ۽ عشق جو اظهار
محمد سليمان وساڻ

هن سان تمام گهڻي چاهت هئي، ڏاڍي وڻندي به هيم، پر عشق جو اظهار ڪري ڪونه سگهيس. چاهڻ باوجود به لفظ ساٿ ڪونه ڏيندا هيا جو پنهنجي دل جو حال اوري سگهان. مان ڪراچي ۾ رهندو هوس ۽ هوءَ ڳوٺ .... موبائيل تي اڪثر رابطو رهندو هو.
منهنجي تمام گهڻي عزت به ڪندي هئي، عقيدت جي حد تائين، ڇو ته سٺي نوڪري هجڻ ڪري سڀ ڳوٺ وارا منهنجي عزت ڪندا هئا. پر مان سندس ماء کان گهڻو ڊڄندو هوس، مان ته ڇا ڳوٺ جون سڀ مايون ۽ مرد هن کان ڊڄندا هيا. ڳالهائيندي هئي ته لڳندو هو ته ڄڻ جيرو ڪڍي کائي ويندي.
هڪ ڏينهن سوچيم ته ڇو نه پنهنجي چاهت جو اظهار ڪيان ۽ ڳوٺ روانو ٿي ويس ۽ وڃي ساڻس مليس پر هن منهنجو هڪ غزل کولي منهنجي سامهون رکيو ۽ انهن ڳالهين ۾ پنهنجي ڳالهه ڪرڻ رهجي وئي، ڇو ته همت ئي ڪونه ڪري سگهيس.
هڪ ڏينهن ڪنهن دوست جو ايس ايم ايس مليو ته عشق جو اظهار هميشه پهرين اپريل تي ڪرڻ گهرجي، جي ڳالهه ٺهي وڃي ته واهه واهه جي نه ته اپريل فول.
اها ڳالهه مون کي به وڻي ۽ هاڻ مان پهرين اپريل جو انتظار ڪندو رهيس .... پر اپريل به اچڻ جي ئي ڪونه پيو ڪري.
آخرڪار 31 مارچ اچي وئي ۽ مان به بيگ ڳچي ۾ وجهي ڳوٺ روانو ٿي ويس. اتي پهچي صبح پهرين اپريل جو پلان ٺاهڻ لڳس.
پهرين اپريل جو سندس گهر وڃڻ جو سوچيم پر وري اهو سوچي واپس وريم ته سندس سامهون اها ڳالهه چوڻ منهنجي وس ۾ نه هوندي.

واپس اچي سندس موبائل تي ڪال ڪيم ۽ هن جي هيلو چوڻ کان اڳ ئي مان شروع ٿي ويس ته مان تو سان تمام گهڻو پيار ڪريان ٿو، تون ڏاڍي خوبصورت آهين، منهنجي اکين جو ٺار آهين ۽ توسان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو. منهنجي قسمت شايد تمام گهڻي خراب هئي جو فون ان ڏينهن سندس ماء کنيو هو، جيئن ئي ڳالهائي بس ڪيم ته تي هن جي ماء جي رڙ ٻڌم ته نڀاڳا تون اسان جي ننگن ۾ اکيون وجهي ويٺو آهين. تون اچ ته توکي سيکاريان ٿي ته محبت ڪيئن ڪبي آ .... بس پوء ته ان وقت ئي ٽپڙ ويڙهي ڪراچي روانو ٿي ويس ۽ پنهنجو نمبر ئي مٽائي ڇڏيم ....ٻه سال ٿيا آحن ته ڳوٺ ئي ڪونه ويو آهيان ۽ همت ئي ڪانه ٿي ٿئي. هن سال اپريل ته آيو پر مان اڃان ويٺو ڊڄان ته ڳوٺ وڃان يا نه.

April 02, 2014

اخباري ڪالم

اخباري ڪالم

***********


ڪالهه چيائين ته تون هاڻ بدلجي ويو آهين ... !!!!

حيرت مان پڇيومانس اهو ڀلا ڪيئن؟

چيائين اڳي سڀ سچ لکندو هئين هاڻ اخباري ڪالمن جي چڪر ۾ اچي اڌ سچ ٿو لکين ...!!!!