October 28, 2018

ڪتاب ”پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“

ڪتاب ”پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ 

محمد سليمان وساڻ 

سنڌ جي هر وستي، واهڻ ۽ شهر جي پنهنجي تاريخ آهي. هر شهر مان سنڌ جا اڏيندڙ جنم وٺندا رهيا آهن. تنهنڪري ان ڳالهه جي ضرورت آهي ته هر شهر جي تاريخ ڪتابي صورت ۾ شايع ٿي اچي جيئن اتان جي شخصيتن، تنظيمن ۽ وسندڙ ماڻهن جي ماضي ۽ حال سان انهن وسندين بابت ٻي لاڳاپيل ڄاڻ ٻين تائين پهچي سگهي ۽ اهو سڀ ڪجهه محفوظ به ٿي وڃي. دادو ضلعي ۾ موجود ننڍڙي پر تاريخي شهر ”پاٽ شريف“ مان سنڌ جي شعور جي آبياري ڪندڙ شخصيتون پيدا ٿيون آهن، جن سنڌ جي علمي، ادبي، معاشي، سماجي ۽ سياسي کيتر ۾ پاڻ ملهايو آهي. ان تاريخي شهر پاٽ شريف سان تعلق رکندڙ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي مقامي اڳواڻ گلزار ڪلهوڙو پاٽائي ڏينهن رات محنت ڪري هڪ تحقيقي ڪتاب ”پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾“ شايع ڪرايو آهي. هي ڪتاب ان ڪري به اهم آهي جو هاڻي جيڪو به پاٽ شريف تي لکندو ته هي ڪتاب ان جي رهنمائي ڪندو. 
هن ڪتاب ۾ پاٽ شريف جي جاگرافيائي بيهڪ، ارغونن، ترخانن ۽ ڪلهوڙن جي دور ۾ پاٽ جي سياسي حالتن، پاٽ پراڻي جا تاريخي واقعا ۽ قصا (جن ۾ 284 شهيدن جو واقعو به شامل آهي)، پاٽ شريف تاريخ جي آئيني ۾، پاٽ پراڻي جا روحاني بزرگن جا نالا، پاٽ شريف جو نالو پوڻ ۽ ان بابت، پاٽ شريف جا ماڳ مڪان، عُلماءَ ۽ بزرگ، ماڻهن جا هٿ جا هُنر ۽ مشهور شيون، پاٽ شريف جا پورهيت، پتڻ ۽ ڍنڍون، پاٽائي شخصيتون، هتان جا هندو خاندان، اهم عهدن تي رهندڙ پاٽائي شخصيتون، پاٽ شريف جا ميلا، ملاکڙا ۽ رانديگر، هتان جون تنظيمون، شاعر، اديب، سُگهڙ ۽ فنڪار، مختلف مڪتبِ فڪر جي ماڻهن جي هتي آمد، اسڪول، اسپتالون بازارون ۽ مسجدون، هن شهر بابت مشهور چوڻيون ۽ پهاڪا، سگا شاخ پاٽ شريف جي ڪارڪردگي ڏني وئي آهي. 2010ع جي مها ٻوڏ جو واقعو به هن ڪتاب ۾ شامل آهي، جنهن سنڌ جي ساڄي پاسي کي ٻوڙِ ي تباهه ڪيو هو. ڪتاب ۾ پاٽ شريف شهر کي شاعر حميد ميمڻ جي شاعري ذريعي ڏنل ڀيٽا پڻ شامل آهي. 
علامه آءِ آءِ قاضي جو اباڻو شهر هئڻ سان گڏ اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر اي جي اين قاضي (جنهن پاڪستان جي معاشي بهتري لاءِ پاڻ ملهايو)، سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير اختر علي جي قاضي ۽ صديقي خاندان جنهن ۾ محقق ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر حبيب الله صديقي، عبدالغفار صديقي، جسٽس عبدالوحيد صديقي ۽ ٻيا شامل آه، جو به ذڪر آهي. پاٽ شريف جو چنا خاندان جنهن ۾ خانصاحب عبدالله چنا، جسٽس زيڊ اي چنا ۽ ٻيا شامل آهن، انهن پڻ علمي، ادبي ۽ سماجي شعبن ۾ وڏيون خدمتون انجام ڏنيون آهن. ڪراچيءَ ۾ ٻٽي نظام خلاف آواز اٿارڻ دوران شهيد ٿيندڙ غزالا بتول صديقيءَ جو تعلق پڻ پاٽ شريف سان ئي هو. 
هن ڪتاب جو مهاڳ نامياري اديب ۽ محقق ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ لکيو آهي، جڏهن ته سِگا جي باني اڳواڻ ڊاڪٽر سليمان شيخ، چيئرمين سگا رفيق احمد جعفريءَ ۽ ٻين مختلف ليکڪن، سماجي ڪارڪنن ۽ اديبن جا ڪتاب ۽ ليکڪ بابت رايا به هن ڪتاب ۾ ڏنل آهن. 288 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاٽ شريف شايع ڪرايو آهي.

September 09, 2018

واين جي روپ ۾ احساسن جو عڪس


واين جي روپ ۾ احساسن جو عڪس 


تحرير : محمد سليمان وساڻ 
نوجوان شاعر مخمور رضا جي شاعري ڊگهي عرصي کان پيا پڙهون. سانوري رنگت پر اُجري دل رکندڙ هن شاعر جي پختي شاعري سندس ٽين مجموعي جي صورت ۾ ظاهر ٿي آهي. ان کان اڳ سندس غزلن جا ٻه مجموعا ”هينئڙي منجھ هڳاءُ“ ۽ ”درد جو آڪاس“ ڇپجي چڪا آهن. سندس هن نئين مجموعي ۾ وايون ڏنل آهن. 

ڪانئر بزدل جي هٿان 
ٽڪرا ٿي مرنديون 
ڪيسين ٻاگهيون ديس جون ! 

هيسيل هيسيل هر گهڙي 
ساهه پيون کڻنديون 
ڪيسين ٻاگهيون ديس جون ! 

مخمور رضا جي شاعري سندس اند جو آواز آهي. هن زماني ۽ دوستن جي جفائن ۽ عشق جي سزائن کان ڏور ڀڄندي اچي شاعريءَ جي جهان ۾ پناه ورتي آهي. جتي لفظ ۽ احساس سندس محبوبائون آهن. هن لاءِ شاعري ئي پناه ۽ سڪون گاه آهي. هن وٽ شاعريءَ جي ڪينواس تي چِٽڻ لاءِ اڻ ڳڻيا رنگ موجود آهن، جن سان هو درد جا احساس چٽي ”صحرا جهڙن خوابن“ کي اسان تائين پهچائي ٿو. خبر ناهي ڇو لڳندو آهي ته مخمور وٽ دردن جو خزانو آهي جيڪو لفظن جو خزانو بڻجي شاعريءَ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو. 
اسان وٽ وائيءَ جي صنف ڪافي پراڻي آهي. شاه لطيف، سچل سر مست، روحل فقير، بيدل ۽ بيڪس، مصري شاه ۽ حمل فقير کان وٺي جديد دور جي ڪافي شاعرن بهترين وايون لکيون آهن. جن مان مخمور رضا به هڪ آهي، جنهن پنهنجي واين ۾ سنڌ، دردن، عشق، قدرت، فطرت، دنيا جي رنگينين، معاشري جي نا انصافين، سونهن ۽ سوڀيا کي بيان ڪيو آهي. سندس وايون معاشري جو چِٽو عڪس ۽ موجوده دور جو آئينو آهن، جيڪي فني طور به پختيون آهن. 

منهنجي مُرڪن کي سدا 
دُکيءَ دلڙيءَ جون 
روئارن ٿيون ڳالهڙيون. 

رندن سان گڏ جام کي 
وڇڙيل ساقيءَ جون 
روئارن ٿيون ڳالهريون. 

144 صفحن وارو هيءُ مجموعو سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد طرفان ڇپايو ويو آهي، جنهن جي قيمت 250 روپيا آهي. 

ڪاوش سنڊي ميگزين 9 سيپٽمبر 2018ع.

May 13, 2018

زندگيءَ کي جياپو ڏيندڙ سنڌي سائنسدان خالد ٿيٻي جي انقلابي تحقيق



پاڻي الله تعالى جي سڀ کان وڏي نعمت آهي. پاڻي اسان جي زندگيءَ جو اهم جزو آهي. پاڻي کان سواءِ انسان جو زنده رهڻ ناممڪن آهي. جيتوڻيڪ پاڻيءَ مان غذائيت معلوم نه ٿي ٿئي پر پوءِ بہ حقيقت اھا آهي تہ اسان جي غذا جو اهم جزو آهي. انسان جي جسم ۾ 60 کان 70 سيڪڙو تائين پاڻي هوندو آهي. پاڻي ھڪ اھڙي قدرتي نعمت آھي جيڪا زندگين کي زندگي ڏيندي آھي. دنيا جي مڙني مذهبن توڙي فڪري ماخذن منجه پاڻيءَ کي مقدس حيثيت مليل آهي. ان ۾ ڪو شق ناھي تہ پاڪستان سميت سموري دنيا ھن وقت پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ جنگ وڙھي رھي آھي. دنيا ۾ ۽ خاص ڪري ٽين دنيا يا اسرندڙ ملڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ بيمارين جو سبب آلودہ پاڻي ئي آھي. پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ھن وقت سڄي ملڪ ۾ پاڻيءَ جي خراب حالت تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي تحقيق ڪري رھي آھي. سڄي دنيا زراعت ۽ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ پريشان آھي. چون ٿا ايندڙ جنگيون پاڻيءَ جي ڪري بہ لڳي سگھن ٿيون. اھڙي صورتحال کي ڏسندي دنيا جا ڪيترائي سائنسدان ان تحقيق جي پويان ھئا تہ ڪيئن آلودہ، گندگي ڀريل، سامونڊي ۽ ملاوٽ واري پاڻيءَ کي سولي ۽ سَستي نموني صاف ۽ پيئڻ لائق بڻائي سگھجي. دنيا جون ڪيتريون ئي ڪمپنيون فلٽر ذريعي پاڻي صاف ڪري وڪرو ڪن ٿيون جنھن سبب اربين روپيا تہ ان تي ئي لڳي وڃن ٿا. جتي مٺو پاڻي ناھي اتي تہ پاڻي جو قدر اڃا بہ وڌي وڃي ٿو.
جيئن جيئن دنيا ترقي ڪري پئي ۽ صنعتي يا فني ترقي ٿئي پئي تيئن ئي پاڻيءَ جي آلودگي يا گدلاڻ وڌي رھي آھي. اھڙي پريشاني واري دور ۾ سوشل ميڊيا تي خبر ملي تہ سنڌ جي ھڪ نوجوان سائنسدان ھڪ انقلابي ڪم ڪري دنيا لاءِ صاف پاڻيءَ جي آساني پيدا ڪري ڇڏي آھي. ضلعي خيرپور جي ھڪ ننڍي شھر ٽالپر وڏا سان تعلق رکندڙ خالد حسين ٿيٻي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان 2005ع ۾ ڪيميسٽري ۾ ماسٽرس ڪري پھريون نمبر کڻندڙ خالد ٿيٻي مانچسٽر وڃي ايم فل ڪئي ۽ اسلام آباد جي ھڪ اداري ۾ نوڪري ڪندي، کاتي معرفت چائنيز اڪيڊمي آف سائنس جي مالي سھڪار سان پي ايڇ ڊي ڪرڻ چائنا جي ھڪ ٽاپ رينڪنگ يونيورسٽي ويو، جتي ھي تحقيق ڪري رھيو آھي. خالد ٿيٻو پاران Graphene گريفين مان ھڪ اھڙو تھہ/جھلي تيار ڪئي آھي جيڪا نہ رڳو سَستي پر پُر اثر بہ آھي ۽ صنعتي نيڪال سبب خراب ٿيل پاڻيءَ کي ٿوري وقت ۾ گهڻي مقدار ۾ صاف ڪرڻ جي بہ صلاحيت رکي ٿي. جنھن ذريعي غير ضروري لوڻياٺ، زھريلا مادا، غير ضروري ڪيميڪل، گٽر مليل گندگي ۽ بدبو ختم ٿي وڃي ٿي .
گريفين جي تھہ تي سڄي دنيا مان ڪيترن ئي سائنسدانن پاران مختلف شيون استعمال ڪندي اھڙي تھہ وارو سامان تيار ڪيو ويو آھن جيڪو لاڀائتو رھيو آھي، اڄڪلھہ جنھن مٽيريل جو چرچو عام آھي سو آھي گريفينGraphene . گريفين اصل ۾ عام عنصر ڪاربان جو ئي ٻھروپ آھي. ڪيميائي ٻھروپ جيڪي اسان کي مئٽرڪ ۽ انٽر جي سائنس ۾ پڙھايا ويا ٿا، جنھن جو مطلب آھي تہ ساڳيو ئي ائٽم مختلف بناوٽن سان الڳ الڳ شيون ٺاھي سگھي ٿو. ايئن جيئن ڪوئلو بہ ڪاربان ائٽم مان ٺھي ٿو ۽ ساڳي ڪاربان جي مختلف ڪيميائي بناوت سان اھو ھيرو بہ ٺھي پوي. ايئن ئي تھہ در تھہ ٿي ھڪي ٻئي سان ملي ڪاربان جي ھڪ بناوت جو نالو گريفائٽ پڻ آھي، جنھن جو عام مثال پينسل ۾ استعمال ٿيندڙ پٿر آھي. دنيا ۾ اڄڪلھ نينو ٽيڪنالاجي جو زور آھي، مطلب شين کي ننڍي سائز ۾ آڻي وڌيڪ فائدو حاصل ڪجي. مختلف سائنسدانن گريفائٽ جي ھڪ ائٽم جيترا سنھا تھہ تيار ڪري انھن کي ھڪ ٻئي مٿان چاڙھي فائدي جي قابل بڻايو جيئن بجلي جي اوزارن ۾ ۽ فلٽريشن لاءِ استعمال، ڇو تہ گريفين جو تھہ بجلي پسرائڻ جي انوکي قابليت رکي ٿو ۽ گريفين جي تھن ۾ موجود خال پاڻي کي گذاري ان ۾ موجود گدلاڻ وارا مادا روڪڻ جي وڏي صلاحيت پڻ آھي. گريفين ٺاھي ان کي نواڻ ڏيندڙ مانچيسٽر جي ٻن سائنسدانن کي 2010 ۾ ان ئي ڪم تي نوبل انعام پڻ ملي چڪو آھي، جيڪي ھن ڪم جو بنياد وجھندڙ آھن.
جيئن ئي گريفين جي انوکي استعمال جو دروازو کُليو تہ سڄي دنيا جا سائنسدان نئين انداز سان گريفين جي تھن ٺاھڻ ۾ لڳي ويا جيئن ان مان پاڻي گذاري سگھجي، پر ڪنھن کي بہ ڪو سولو ۽ آسان طريقو ڪونہ ملي سگهيو.، پر 2013 ۾ چين جي زيجانگ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر چائو گائو جي اڳواڻيءَ ۾ تحقيق ڪندڙ سائنسدانن جي ھڪ ٽولي ڪوشش ڪئي تہ گريفين جي تھن کي اھڙي ترتيب ڏجي جو انھن وچ ۾ نينو سائز فاصلو بہ برقرار رھي تہ گڏوگڏ اھي پاڻي کي رستو بہ ڏين ۽ پاڻيءَ جي گدلاڻ ۽ غير ضروري ميراڻ بہ ختم ڪن ھنن کي پوري ڪاميابي نہ ملي جو تھن کي ڳنڍڻ سبب پاڻيءَ جو مقدار بلڪل گهٽجي رھيو ھو. پر ھنن پنھنجو ڪم مڪمل ڪري ھڪ بين الاقوامي سائنس جي جرنل ۾ ڇپرايو جيئن ٻيا بہ رستو ڳولي سگهن. سندن ٺاھيل گريفين آڪسائڊ مان پاڻي گذري صاف ٿي رھيو ھو جنھن جا ماپا ھن ريت ھئا. جيڪڏھن ھڪ چورس ميٽر جي تھہ تيار ڪجي تہ ان مان ھڪ ڪلاڪ ۾ 21.8 ليٽر پاڻي صاف ٿي نڪري سگھيو ٿي ان دؤران ھوا جي داٻ کي پڻ ڪجھہ گھٽ رکڻو ٿي پيو.
ھوڏانھن خالد ٿيٻو بہ رات ڏينھن ھڪ ڪري تجربا ڪري رھيو ھيو تہ جيئن انسان جي جياپي جي سڀ کان وڏي بنيادي ضرورت جي پورائيءَ لاءِ ڪجه ڪري ڏيکارجي. ھن پروفيسر وينسي رين جي رھنمائيءَ ۾ آڪسيجن جا مختلف مرڪب مختلف ذريعن کان حاصل ڪندي تجربا جاري رکيا. نيٺ ھڪ ڏينھن ھن کي ڪاميابي ملي وئي. ھن چانھہ ۾ موجود آڪسيجن جا مرڪب ٿيونين ۽ ٽينن استعمال ڪندي گريفين آڪسائڊ جا تھہ ٺاھيا جيڪي نہ رڳو مددگار ثابت ٿيا پر اڳين تجربن جي ڀيٽ ۾ گھڻا مضبوط ۽ پر اثر ثابت ٿيا. وري وڏي مزي جي ڳالھہ اھا ٿي تہ چانھہ جي پتيءَ مان حاصل ڪيل آڪسيجن جا مرڪب بلڪل سستا ٿي ٺھيا. جڏھن خالد ٿيٻو پاران اھي تھہ ٺاھي ان مان گدلو پاڻي گذاريو ويو تہ پاڻي نہ رڳو صاف ٿيو پر ان جي رفتار بہ مٿي ذڪر ڪيل تھن توڙي اڳ ۾ ٻين سائنسدانن پاران ڪيل تجربن کان ھزارين دفعا وڌيڪ بھتر ھئي. خالد ٿيٻو پاران تيار ڪيل تھہ مان پاڻيءَ جي صاف ٿيڻ مھل وھڪرو ھڪ چورس ميٽر جي حساب سان ھڪ ڪلاڪ ۾ يارنھن ھزار ليٽر ھو، ۽ پوءِ بہ تھہ سلامت رھيو ٿي. تھن جي افاديت کي پرکڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ ھٿ سان ڪپڙي جي صنعت ۾ استعمال ٿيندڙ ٻہ رنگ ملايا ويا جيڪي صنعت ۾ استعمال ٿين ٿا ۽ گدلي پاڻيءَ ۾ نيڪال ٿي وڃي وھندڙ پاڻيءَ ۾ ملن ٿا جتي موجود آبي جيوت ۽ انسانن کي نقصان رسائين ٿا. اھي ٻئي رنگ پڻ ان تھہ ۾ جذب ٿي ويا ۽ وھي ويل پاڻيءَ ۾ انھن جو ڪو ذرو بہ نہ رھيو ھو. وڏي ڳالھ تہ سندس ڪيل ڪم ۽ سائنسي تحقيقي مقالو سائنس جي دنيا جي وڏي ۾ وڏي ڇپجندڙ جرنل نيچر ڪميونيڪيشن ۾ شايع ٿيو جيڪا پڻ ھڪ وڏي فخر جوڳي ڳالھہ آھي. ڇو تہ انھي جرنل ۾ پاڪستان جي چند وڏن سائنسدانن جا مقالا ئي ڇپجي سگھيا آھن.
خالد ٿيٻي جي ھن انقلابي ڪم تي چين جي حڪومت پاران کيس ملڪ جي سڀ کان وڏي سول اعزا ز ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. يقينن سندس نالو نوبل انعام لاءِ بہ نامزد ڪيو ويندو. ھن وقت جڏھن سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن جي اھليت تي سوال اٿاريا وڃن ٿا تہ اھڙي وقت ۾ نوجوان سائنسدان خالد حسين ٿيٻي جو ھي ڪم اھڙن ماڻھن جي منھن تي ھڪ چماٽ ثابت ٿي رھيو آھي جيڪي سنڌين کي نا اھل سمجھن ٿا. اسان سڀني سنڌ واسين کي خاڪ کي سون بڻائيندڙ ھن نوجوان تي فخر آھي. سنڌ جي مٽيءَ جو ھي ماڻھو وڏي مڃتا لھڻي جيڪا پاڪستان جي ميڊيا کيس ناھي ڏئي سگھي. مان سنڌ جي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي دوستن کي عرض ڪندس تہ خالد ٿيٻي کي خوبصورت ڀيٽا ڏيو جيڪا اصل ۾ سنڌ کي ڀيٽا آھي، انسانيت کي ڀيٽا آھي.


روزانہ عوامي آواز سنڊي ميگزين 13 مئي 2018ع







April 25, 2018

ارڙھين ترميم، سنڌ جون نيون يونيورسٽيون ۽ سنڌي شعبن کان انڪار


ارڙھين ترميم، سنڌ جون نيون يونيورسٽيون ۽ سنڌي شعبن کان انڪار

محمد سليمان وساڻ

ارڙھين ترميم کانپوءِ صوبن کي مليل اختيارن تي خوب سياست ٿي، دھل وڳا ۽ اسان جھڙا دوسو به خوب نچيا. تعليمي اختيار صوبن کي مليا ته اسان کي اھا اميد ٿي پئي ته اسان جي مادري ٻولي سنڌيءَ کي ترقي وٺرائڻ لاءِ به کوڙ ساريون ڪوششون ورتيون وينديون. پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو مايوسيون پلئه پونديون رھيون.
سنڌ حڪومت سنڌ اسيمبلي مان نون تعليمي ادارن خاص ڪري يونيورسٽين جا بِل پاس ڪيا، اھي ادارا جُڙيا ۽ حڪومت پنھنجي بجيٽ لڳائي. ادارن ۾ ويٺل سربراھن جي تعريف ٿي انھن کي ھار پاتا ويا، پر ڇا ٿيو جو ھنن مادري ٻولي سنڌيءَ کي پاسيرو رکيو، چون ٿا ترقيءَ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي ضرورت ناھي. اھڙن ادارن مان سنڌ مدرسو يونيورسٽي، بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري، بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاھ سرفھرست آھن. لياري يونيورسٽيءَ سان ته ڪراچي جي ٻھراڙي خاص ڪري گڏاپ جي ڪاليجن جو الحاق به آھي. خبر ناھي ڇو جڏھن انھن ادارن ۾ ويٺل چڱن مڙسن يا سندن ساٿارين کان سنڌي شعبي بابت اھو سوال ڪجي ٿو ته خفا ٿي چڙي پون ٿا.
وڏي ڳاله اھا ته انھن ادارن ۾ ويٺل سربراھ سنڌي ئي آھن. سوال اھو ٿو پيدا ٿئي ته آخر سڀني شعبن کي ھلايو ٿا ته پوءِ صرف سنڌي شعبي لاءِ اھڙي ٽال مٽول ڇو؟ ڪڏھن چون ٿا ته شاگرد ناھن، ڪڏھن چون ٿا ته فيڪلٽي ناھي، ڪڏھن وري چون ٿا ته ڪمرا ئي ناھن. انھن دوستن کي ڪير سمجھائي ته ٻوليين جا شعبا ان ٻوليءَ جي اوسر ۽ تحقيق لاءِ ھوندا آھن، ٻولين جا شعبا يونيورسٽين جو مان ھوندا آھن، مثال طور ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ھر ٻوليءَ جا شعبا آھن، ڪيترن ۾ ته شاگرد ئي ناھن مثال طور ھڪ بنگالي ٻوليءَ جو شعبو آھي جنھن ۾ صرف ھڪ شاگرد آھي، ڪنھن سال ته وري ھڪ به ناھي ھوندو. ڀلا ھتان جي يونيورسٽين کي ڇڏيو ٽوڪيو (جپان) جي يونيورسٽي سنڌي شعبو ڇو کوليو آھي؟ ڇا اتي ڪي سنڌي آباد آھن؟ ڇا اتان جي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي ٻولي پڙھائي وڃي ٿي؟
ڪجھ ڏينھن کان اسان ڪجهھ دوست ميڊيا خاص ڪري پرنٽ ميڊيا يا سوشل ميڊيا ۾ مٿين يونيورسٽين ۾ سنڌي ٻوليءَ جي شعبن جي گهر ڇا ڪئي ڄڻ ڪاريھر تي پير رکيو آھي. ڪجهھ ڏاھن کي ڇڏي باقي اسان جا اڪثر وڏا ليکڪ، اديب، ساڃاھ وند، مفڪر ۽ ڏاھا خاموش آھن، سنڌي ٻولي اٿارٽي ھجي يا سنڌي ثقافت جو کاتو الائي ڇو ڪن لاٽار کان ڪم پيا وٺن. اسان جا وزير، ڪامورا ۽ اسيمبلي ميمبر به چُپ ڪيو ويٺا آھن. کين ڪير سمجهائي ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي مالڪي ۽ وارثي ڪيئن ٿيندي؟ ڇا سنڌي ٻوليءَ جو شعبو کولڻ سان ڪنھن ٻيءَ ٻوليءَ جو استحصال ٿيندو؟ ڇا سنڌي شعبو کولڻ سان يونيورسٽين جي ترقيءَ جي راھ ۾ ڪي رڪاوٽون اينديون؟ ڀلا اوھان سنڌي شعبو کوليو آھي جو اڳ ئي پيا ڊڄو. اسان جي ڪراچي يونيورسٽي ۽ وفاقي اردو يونيورسٽيءَ کي ئي ڏسو تہ ڪيئن نہ تحقيق جي ميدان ۾ ڪم پيو ٿئي. ٻوليءَ جي مختلف موضوعن، شاعرن جي ڪم ۽ ڪھاڻيڪارن ۽ اديبن تي تحقيقي ڪم پيو ٿئي. اوھان به پنھنجي ڌرتي ماءُ جي ٿڃ ملھايو ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ دروازا کوليو.اسان حڪومت سنڌ خاص ڪري وزير اعلا سنڌ کي نماڻي گذارش عرض رکون ٿا ته مھرباني ڪري سنڌ ۾ جيڪي به يونيورسٽيون قائم ڪيون ويون آهن تن ۾ سنڌي شعبا قائم ڪري سنڌي ماڻهن جي جذبات جو احترام ڪيو وڃي ۽ سنڌي ٻوليءَ سان ٿيندڙ ويساھ گھاتين طرف ڌيان ڏنو وڃي.
سنڌ حڪومت ۽ ثقافت کاتي ويجهڙ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخي حيثيت ۽ اهميت کي نظر ۾ رکندي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري، استعمال ۽ تعليم لاءِ پنهنجن مختلف حڪومتي دؤرن ۾ قانون سازي ڪئي آهي، جيڪا واکاڻ جوڳي آهي، پر ڪيترن ئي قانونن تي اڃا تائين عمل ڪو نه ٿيو آهي. سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ نين جنرل يونيورسٽين سنڌ مدرسي يونيورسٽي، شهيد بينظير يونيورسٽي لياري ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاه ۾ سنڌي شعبا کوليا وڃن. بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ڪراچيءَ مان سنڌي شاگردن کي سنڌي لازمي مضمون پڙهائڻ جي منظوري ڏياري ان تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي.
سنڌي ٻولي ايڪٽ 1972ع موجب يارهين درجي ۾ سنڌي لازمي مضمون جي تدريس شروع ڪرائي وڃي. ڪراچيءَ جي ڪاليجن مان سنڌي مضمون جي استادن جي بيدخلي روڪرائي وڃي. سنڌي ٻوليءَ ۾ سرڪاري پڌرناما ۽ اعلان جاري ڪرايا وڃن. ڪراچيءَ ۾ ڀليڪار جا بورڊ سنڌيءَ ۾ به لڳايا وڃن. سنڌ جي يونيورسٽين ۾ سنڌيءَ ۾ به لکپڙهه ٿيڻ گھرجي. مختلف ادارن جا سائن بورڊ ۽ سنڌ بئنڪ جو نالو سنڌيءَ ۾ لکرايو وڃي.


روزانہ عوامي آواز 25 اپريل 2018ع

February 28, 2018

نظام الدين لغاريءَ جو ڪتاب ”پوروڇوٽ محبتون “


نظام الدين لغاريءَ جو ڪتاب ”پوروڇوٽ محبتون “ 

محمد سليمان وساڻ 

منهنجي ڪتابن جي دنيا سان دوستي پراڻي آهي. اها دوستي درسي ڪتابن سان هجي يا ادبي، روحاني، مذهبي ۽ سائنسي ڪتابن سان، ان ۾ ڪڏهن گهٽتائي ناهي آئي. انڪري جو مان ڄاڻان ٿو ته ”سُٺا ڪتاب ‘ذهن’ ۽ سٺا دوست ‘دلين’ جو ڏڍ ٿيندا آهن“. وري جڏهن کان سوشل ميڊيا ۽ سنڌ سلامت سان پيچ اڙيو آهي، تڏهن کان ڪتابن سان اڃان وڌيڪ ويجهڙائي ٿي آهي، خاص ڪري جڏهن کان اسان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ذريعي سنڌي ٻوليءَ جو سڀ کان وڏو آنلائين ڪتاب گهر جوڙيو آهي. سوشل ميڊيا جي ڪري کوڙ سارن سينيئر يا نوجوان دوستن سان دوستيءَ جو سڳو مضبوط ٿيو آهي. سڄي دنيا ۾ موجود سنڌي ڪنهن نه ڪنهن طرح رابطي ۾ رهن ٿا. ايئن ئي اسلام آباد ۾ رهندڙ بدين جي سڄاڻ شخصيت نظام الدين لغاريءَ سان به فيسبوڪ ذريعي دوستي ٿي جيڪا اڃان جاري آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته منهنجي ساڻس روبرو ڪا ملاقات ناهي ٿي، پر سوشل ميڊيا يا فون ذريعي هڪٻئي سان ڳنڍيل آهيون. 

هڪ دفعي پاڻ حڪم ڪين ته مان سندن شخصيت تي ڪجهه صفحا لکي موڪليان جيڪي هو پنهنجي ڇپجندڙ ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ پيا چاهين. مان کين ٻانهون ٻڌي انڪار ڪري ڇڏيو، سبب هڪ ئي هيو ته مان سندن شخصيت بابت اڻڄاڻ هيس ۽ اهو نه پئي چاهيم ته ڪجهه اهڙو لکي ڇڏيان جنهن تي ماڻهو کِلن. پر حيرت تڏهن ٿي جڏهن مون تي لکيل سندن هڪ صفحو نياپي ۾ موڪلين. مونکي حيرت ٿي ته پاڻ ڪيڏي پرک رکن ٿا جنهن جي اسان جهڙن وٽ کوٽ آهي. ڪتاب بابت ڳالهيون ٿيون ۽ سندن ڪتاب جي ٽائيٽل پيج لاءِ صلاحون ۽ ڪجهه دوستن جا نمبر ورتن. پوءِ ڪتاب ڇپيو ته مونکي تجسس ٿيو ته ڪتاب پڙهان. پوءِ هڪ ڏينهن ميسيج موڪلين ته مان پنهنجي پوسٽل ايڊريس کين موڪليان. مان سمجهي ويس ته ڪتاب موڪلڻ لاءِ ئي ايڊريس پيا گهرن. پوءِ هڪ ڏينهن شام جو گهر پهتس ته سندن ڪتاب مون وٽ پهچي ويو هو. ڪتاب ”سمبارا پبليڪيشن، حيدرآباد“ وٽان ڇپرايل آهي ۽ سمبارا جو سرواڻ ساجد سنڌي منهنجو اهڙو دوست آهي جنهن پنهنجي پبليڪيشن جي سڀني ڪتابن جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪاپي مونکي تحفي طور ضرور موڪلي آهي. اهي پياري ساجد جون مهربانيون آهن. ساجد جا اهي ٿورا لاهي ته ڪونه سگهندس پر ڳائيندو ضرور رهندس. 
سائين نظام لغاريءَ جو ڪتاب ”پوروڇوٽ محبتون“ سندس جيون ڪٿا، خاڪن، يادگيرين، ڊائريءَ جي ورقن، خطن، سندس شخصيت تي لکيل راين ۽ تصويري البم تي مشتمل آهي. 320 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب ڏاڍو دلچسپ ۽ وڻندڙ آهي. هو جيون ڪٿا جا وقعا جيئن جو تيئن سچ تي مشتمل اسان سان ونڊي رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ اوهان اهو پڙهي سگهندا ته ڪيئن بدين جي هڪ ڳوٺ جو نوجوان ڏکين حالتن سان مقابلو ڪندي اسلام آباد پهچي ٿو ۽ اهم سرڪاري عهدن تي پهچي ٿو. هي ڪتاب سچ پچ نوجوان نسل لاءِ اتساهه جو سبب بڻبو. هو ڪيئن نه اسلام آباد ۾ رهندي به سنڌ ۽ سنڌين سان سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن (سِگا) جي ذريعي سلهاڙيل رهي ٿو. هو کوڙ شخصيتن سان ڪچهرين ۽ انهن سان لاڳاپيل يادگيرين کي به سهيڙي ٿو. هو سنڌ جي مختلف حصن کي گهمندي انهي سفر کي سهڻي انداز سان قلمبند ڪري ٿو. سندس مشاهدو به ڪمال جو آهي. موسمن جو به ذڪر آهي ته سنڌ جي سونهن ۽ سنڌ جي مسئلن تي به قلم کنيو اٿس. هن سنڌ جي سفرن جي منظر ڪشي تمام سهڻي انداز ۽ خوبصورت سٽن ۾ ڪئي آهي، اهڙو جهڙو نثر ۾ شاعري پيو ڪري. 
نظام الدين لغاري کوڙ جاين تي ملڪ جي سياسي حالتن، زماني جي لاهن چاڙهن ۽ سماج جي روين تي به لکي ٿو. اهوئي سبب آهي جو هي ڪتاب اسان لاءِ کوڙ رخ سامهون آڻي ٿو. ڪتاب جي صفحي نمبر 291 تي هن منهنجي شخصيت خاص ڪري سوشل ميڊيا تي ڪيل منهنجي ڪم کي مان ڏيندي پورو صفحو مونکي ارپي ٿو. اها سندس مهرباني آهن. ڇو ته هتي اهڙي ڪمن ڪندڙن کي گهٽ مڃتا ملي ٿي ۽ هرڪو پنهنجي پاڻ کي پڏائڻ ۾ پورو رهي ٿو. نه صرف مونتي پر سوشل ميڊيا جي ٻين نوجوانن تي به لکيو اٿس.

April 26, 2017

فرزانا شاهين جي ڪتاب ”نيڻ آسائتا“ بابت تعارفي نوٽ


محمد سليمان وساڻ

مانائتي ليکڪا ۽ شاعره ادي فرزانه شاهين جي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب ”نيڻ آسائتا“ منهنجي هٿن ۾ آهي. سندن اهي مهربانيون آهن جو ان کان ڪهاڻين جو ڇپيل ڪتاب ”وجود جي ڳولا“ پڻ موڪليو هين. مهربان دوستو ويجهي ماضي يا حال ۾سوشل ميڊيا جو فائدو وٺندي اسان جو کوڙ عورت شاعرائون پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي نروار ڪري رهيون آهن. رخسانا پريت ۽ روبينه ابڙو کانپوءِ فرزانه شاهين، سيما عباسي، فهميده شرف بلوچ، شبانه عالماڻي، صنم نجيب ۽ ماريه ڪنول سميت اسان جون ٻيون ڀينرون پڻ نه صرف شاعريءَ جا ڪتاب ڇپائي رهيون آهن پر سندن شاعري مختلف ادبي مخزنن ۽ اخبارن جي زينت بڻجندي رهي آهي. مردن جي حاوي معاشري ۾ عورتن لاءِ شاعري ڪرڻ ۽ ادبي ميدان ۾ اچڻ ڪو آسان ڪم ناهي، هنن لاءِ قدم قدم تي مسئلن جا انبار آهن پر پوءِ به فرزانه شاهين جهڙيون بهادر ۽ بيباڪ عورتون پنهنجي قلم ذريعي عورت جي احساسن ۽ آوازن کي سگهارو بڻائينديون رهيون آهن. 
فرزانه شاهين جي شاعريءَ ۾ مخلتف احساس سمايل آهن، عورتن سان ٿيندڙ نا انصافي، زيادتي ۽ انهن جي دٻيل آواز جا احساس آهن ته ساڳي وقت سنڌ، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي سماج سان ڌارين جي ڪيل زيادتين جا احساس به سمايل آهن. فرزانه شاهين جي شاعريءَ جا مختلف پاسا آهن، هن جي شاعريءَ ۾ ست رنگي پوپٽن جا هزارين عڪس سمايل آهن، جيڪي دلڪشي سبب پڙهندڙ کي پاڻ سان ڏانهن ڇڪي وٺن ٿا. هوءَ مڊل ڪلاس معاشري جي شاعره آهي جنهن کي خبر آهي ته اسان جا نقاد تيز ڇرين بجاءِ مڏيون ڇريون استمال ڪرڻ جا ماهر آهن تڏهن ئي ته پاڻ عنوانن، پسمنظرن، لفظن جي چِٽائيءَ، جوڙجڪ ۽ حساب ڪتاب سان انصاف ڪندي نظر پئي اچي. هوءَ شاعريءَ جي سڳنڌ کي وکيري رهي آهي. سندس آسائتا نيڻ سهڻي سنڌ جي آسن ۽ اميدن جي آسري آهن. شاعره غزل جي صنف تي سڀ کان وڌيڪ لکيو آهي ۽ ان سان نڀاءُ به ڪيو اٿائين.


ملڻ جا ڏينهن ڀي توسان، وڇوڙا مينهن ڀي توسان،
مٺيون ڳالهيون به توسان ۽ ميارون زندگي توسان.

ڪڏهن مرڪن سندو ميلو، ڪڏهن سورن سندو ويلو،
هي ڳڻتيون زندگي توسان، هي هارون زندگي توسان.

بهترين وايون به ڪتاب ۾ شامل آهن. جيئن هڪ وائيءَ جون ڪجهه سٽون ڏسو:

سرد ويو ماحول ٿي،
شعرن سان گرماءِ!
ڳاءِ نئين ڌن ڳاءِ !

ڪنول پبليڪيشن قنمبر پاران 160 صفحن واري ٽي رنگي پيپر ۽ ڇپائي واري هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي. ڪتاب ۾ غزل، وايون ۽ نظم شامل آهن. مهاڳ امجد درانيءَ لکيو آهي، ڪتاب ۽ ليکڪا بابت سعيد سومرو، آسي زميني، ايوب کوسو، درد هوش محمد ابڙو، زاهده تاج ابڙو، مريم مجيدي، زبير سومرو ۽ امداد سهتو جا ليک ۽ رايا پڻ شامل آهن.

فرزانا شاهين جي ڪتاب ”پهڻ پير پِٿون ڪيا“ بابت تعارف


دليون ڊاهي آدمي، محل پيو ٺاهي،
                              ڪهڙو دور اچي ويو !

مانواري ڀيڻ فرزانا شاهين جي شاعريءَ جو ڪتاب ”پهڻ پير پٿون ڪيا“منهنجي هٿن ۾  آهي. مان سندن ٿورائتو آهيان جو پاڻ هي ڪتاب مونکي منهنجي سکر واري آفيس ۾ موڪلين. سندن هي ٽيون جڏهن ته شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب آهي. ان کان اڳ ڪهاڻين جو ڪتاب ”وجود جي ڳولا“ ۽ شاعريءَ جو ڪتاب ”نيڻ آسائتا“ ڇپجي چڪا آهن. مونکي خوشي آهي ته ٿوري ئي عرصي ۾ لکڻ جي منزل طرف پاڻ تيزي سان اڳتي وڌي رهيون آهن ۽ ان راهه تي هلندي سندس پير پٿون هجڻ باوجود هو ٿڪجن ڪونه ٿيون.
مان نه ته ڪو شاعر آهيان ۽ نه ئي ڪو نقاد تنهنڪري مان هميشه هر ڪتاب تي تعريفي  يا تعارفي نوٽ ئي لکندو آهيان، جيتوڻيڪ کوڙ دوست منهنجي ان عمل کي خوشامد سڏيندا آهن.
هن ڪتاب ۾ ميڊم فرزانا شاهين جون وايون ۽ بيت شامل آهن. وائي جي صنف کي سنڌ ۾ خوب لکيو ويو آهي. سندس شاعريءَ ۾ کوڙ سوال سمايل آهن، کوڙ جواب به آهن ته ساڳي وقت اندر جي پيڙا ۽ احساس به سمايل آهن. سندس هن وائيءَ کي ڏسو، جنهن ۾ سوچ به سمايل آهي ته لوچ به ته ساڳي وقت هڪ سوال جيڪو هوءَ پُڇي ٿي پاڻ کان، اسان جي ڏات ڌڻين کان، معاشري جي ذميوارن کان، اسان جي سُست ۽ ستل ضمير سياستدانن کان، اسان جي ويڪائو اديبن ۽ ڪامورن کان، معاشري جي ذميوار ماڻهن کان:

ويٺي ملندي ڪينڪي، جانيئڙا پرڀات،
                              ڇو تون سوچين ڪونه ٿو !

سچ ته جي اسان ڪونه سوچيو ۽ ڪونه جاڳياسين ته آزدي جي ڀرڀات اسان کي ڪٿي ڪونه ملندي ۽ سنڌ ڌرتيءَ جا وسيلا اسان جي هٿن مان هليا ويندا.

فرزانا شاهين جي شاعريءَ ۾ محنت ۽ جفاڪشي جو درس سمايل آهي ۽ هوءَ سمجهي ٿي ته منزل ماڻڻ آسان ناهي، ان لاءِ پٿرن جي راهه تان گذرڻو پندو. تڏهن ته هنن سٽن ۾ چوي ٿي:

ڏوريون پيا ڏوريون، پير نه روڪيو راهه ۾ !
                             
وقت چوي ٿو وائڙا ! ڪين وکون توريو،
                                             پير نه روڪيو راهه ۾.

فرزانا شاهين مايوسين ۽ ڏکين پيچرن تي پاڻ کي اڪيلو سمجهي لاچار ٿي روئڻ ۽ پِٽڻ کي سٺو نٿي سمجهي پر اهڙين حالتن ۾ وقت، ماڻهن ۽ ماحول کي سنگتي بڻائي ٿي:

توسان ڏات ڪٺي، هنجون هار نه هيکلي !

هو ڏس تارن سان ڀري، آهي رات ڪٺي،
                              هنجون هار نه هيکلي.


فرزانا شاهين بنيادي طور ڌرتيءَ ۽ سرتيءَ جي شاعره آهي، جنهن سنڌ کي ڳايو آهي، جنهن اسان جي ڪردارن، اسان جي معاشري جي نا انصافين، ڏاڍ ۽ ظلم کي لفظن جا روپ ڏنا آهن.

ڌرتيءَ لاءِ لکندي، منهنجي ڏات وڌي پئي !

ڳوڙها آيل ماءُ جا، چپڙن سان چمندي،
                              منهجي ڏات وڌي پئي !

اَڀرن جي ايذاوَ سان، ڌرتيءَ جان لُڇندي،
                              منهنجي ڏات وڌي پئي !

فرزانا جي خوبي اها آهي ته هوءَ شاعري يا ڪهاڻيءَ ۾ اجائي ڊيگهه، نه سمجهه ۾ ايندڙ فلسفي کي پاسيرو رکي سنئين سڌي ۽ آسان ٻوليءَ ۾ ڳالهه لکي ٿي. هن جي شاعريءَ جي ماپ تور يا وزن ڪرڻ يا مڏي ڪاتي کڻي تنقيد جي نالي ۾ اکيڙ ڪرڻ ڪنهن قابل نقاد جو ڪم آهي پر سندس شاعري اسان عام ماڻهن کي سوليءَ طرح سمجهه ۾ اچي پئي ۽ مقبوليت ماڻي پئي، اهائي سندس وڏي ڪاميابي آهي.
هن مرداڻي معاشري ۾ هڪ عورت شاعره لاءِ سندس راه ۾ بي انت رڪاوٽون، وک وک تي رنڊڪون، رستا روڪ ۽ مسئلا سامهون اچن ٿا، ان باوجود به فرزانا شاهين پنهنجي قلم ذريعي انهن سڀني رڪاوٽن کي منهن ڏنو آهي ۽ پنهنجي پاند ۾ سٺايون ۽ چڱا ڳُڻ ڪٺا ڪيا آهن جن کي لفظن جو روپ ڏئي ڪتاب جي ڪينواس تي چِٽيو آهي.

مرڪ پبليڪيشن پاران ڇپايل هن ڪتاب جو مهاڳ سائين امداد حسيني لکيو آهي جڏهن ته ڪتاب ۽ شاعريءَ بابت ادل سومري، اياز گُل ۽ مرتضا لغاريءَ جا رايا ۽ لکڻيون به شامل ڪيل آهن. ڊسٽ ڪور ۽ انڊونيشا جي بهترين پيپر تي ڇپائي ٿيل 144 صفحن جي هن ڪتاب جي قيمت 200 رپيا آهي.

April 11, 2017

غزل

محمد سليمان وساڻ

منهنجو به نه لڳندو آ 
ڪنهنجو به نه لڳندو آ

ھو غير ته ناهي پر 
پنهنجو به نه لڳندو آ

اهنجو به نه هو آهي 
سهنجو به نه لڳندو آ

جو هن کي چوي پنهنجو 
تنهن جو به نه لڳندو آ


اردو غزل جي بند "وہ غير نہیں لیکن، اپنا بھی نہیں لگتا" کان متاثر ٿي لکيل....

ڦونڊڙو

محمد سليمان وساڻ

ڪجهه ڏينهن اڳ اسان واري اسرندڙ فيسبوڪي دانشور دوست جو، انباڪس ۾ نياپو مليو ته؛ ”جلدي چيٽ روم/ ڪچھري واري ڪوٺيءَ ۾ اچ.“
پاڻ وري، ڪچھري ڪوٺي سدائين بند رکون.
حڪم جي پيروي ڪندي، ڪچھري ڪوٺي کوليسين. نياپي واري پيتي پڻ چالو ڪئيسين.
”يار! منهنجو لکيل اسٽيٽس پڙهيو اٿئي؟“ سنيھو موڪليائين.
”يار! الائي ڪهڙو؟ تون روز ٻه ٽي درجن اسٽيٽس لکندو آهين. لڳ ڀڳ مڙني ۾ ٽئگ به ڪندو آهين!“ ورندي موڪليمانس.
”يار ڌمڪيءَ وارو اسٽيٽس!“ ورندي آئي.
”يار! ڌمڪيون ته روز ھونديون آھن. خاص طور سنڌي قوم، اديبن ۽ سياستدانن کي، ڌمڪيون ڇا گاريون به هونديون آهن.“ موٽ ڏنيمانس.
”يار! مان ان- فرينڊ ڪرڻ واري ڌمڪي جي ڳالهه ٿو ڪيان. تون به ان لاءِ تيار ٿي وڃ.“ ناراض ٿيندي، ڌمڪي آميز ٻوليءَ ۾، ڏنڊو ڏيڻ جي ڪوشش ڪيائين.
پڙھي، دل ۾ خوش ٿيس ته اجھا جان ڇُٽي.
يڪدم ياد آيو ته واقعي ان همراهه اهڙي پوسٽ لکي هئي؛ ”جيڪي دوست فيسبڪ تي سرگرم ناهن، انهن جو آپريشن ڪندي، کين ان- فرينڊ ڪري، ڪٽلي ڪبو.“
”يار! مون جيترو سرگرم ڪير هوندو؟!؟! روزانو ڪتابن جي پوسٽ، شاهه لطيف جا بيت، خبرون، چونڊ سنڌي شاعري، سالگرهه جا ڪارڊ، ورسيون..... وغيره وغيره ته ونڊيندو وتندو آھيان. انھن کي لائيڪ کان علاوھ مٿن پنھنجي راءِ پڻ ڏيندو رھندو آھيان.“ پنھنجي ٻي مصروفيت جا عذر ڏيڻ جي ڪوشش ڪيم.
”ان سان منهنجو ڇا؟ منهنجي پوسٽ تي ته؛ نه ڪمينٽ آ ۽ نه وري لائيڪ آ“. لکجي آيو.
”يار ڏس!! ھر ڪنھن جي پسند پنھنجي آ، سوچ جداري آ. ٻيو ته تو وانگر سڀئي واندا به ناهن. ٽيون ته تنهنجي هر ٻي پوسٽ سڙيل، مدي خارج يا نقل ٿيل ھوندي آهي. ان تي ڪهڙي راءِ ڏيون؟!؟!“ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي، ورنديءَ ۾ لکيومانس.
”ٻه ڏينھن اٿئي! سڌري وڃ ۽ پنهنجي سرگرمي ڏيکار. ٻي صورت ۾ ياري ختم.“
”يار تنهنجي مرضي.“ گد گد ٿيندي لکيومانس.
مان ته پنهنجي ڪمن ۾ مصروف ٿي ويس.
هفتي کانپوءِ، همراهه جي ھڪڙي مدي خارج ۽ ردي، بي تڪي ۽ سڙيل پوسٽ ٽئگ ٿيل ملي. کيس ڪچھري ڪمري مان نياپو موڪلي، پوسٽ جي تعريف ڪيم. مٿئون راءِ واري خاني ۾ سوال ڪيومانس؛ ”ھيترا ڏينھن راءِ نه ڏنيمانءِ، تنھن ھوندي به تو ان- فرينڊ نه ڪيو. سو ڇو؟!“
”بس ادا! سوچي سوچي، ڇڏي ڏنم. ان خيال سان ته؛ فرينڊ لسٽ ۾ چار چڱا ته هجن!! ڪي دانشور ته هجن!! جي اھي به خارج ڪيم يا ان- فرينڊ ڪيم ته ٽائيم لائين ڏسڻ وارا ماڻهو، مون لاءِ ڇا تصور ڪندا ۽ مون لاءِ ڇا چوندا؟“
ھو ته اها ڳالهه لکي، موڪلي، ڳالھ ٻولھ وارو خانو بند ڪري، هليو ويو. مان ڦونڊ ۾ ڀرجي ويس. پاڻ کي چڱو به سمجھڻ لڳس ته دانشور به.

December 27, 2016

عزيز ڪنگراڻي جي شاعريءَ جي ڪتاب ”گورک مٿي چنڊ“ جو تعارف

شاعري پڙهڻ منهنجي ڪمزوري آهي، فيسبوڪ ساٿ ۾ هر روز ڪجهه شعر، ڪجهه غزل ضرور شيئر ڪندو آهيان. جيتوڻيڪ مان ڪو شاعر ناهيان پر شاعر دوستن جي ويجهو ضرور آهيان. اهوئي سبب آهي جو مان هميشه شاعريءَ ۾ نوان پيغام يا نوان پسمنظر ڳوليندو آهيان. وليم ورڊس ورٿ چيو آهي ”شاعر هڪ انسان آهي. جيڪو انسانن سان ڳالهائي ٿو، جنهن کي عام ماڻهن کان وڌيڪ شعور، جوش ۽ نازڪ احساس مليل آهن. سندس روح وسيع آهي، هن جو جذبو ٻين کان وڌيڪ لطف حاصل ڪري ٿو ۽ چاهي ٿو ته سڄي ڪائنات به انهن جذبن ۽ امنگن سان ٽمٽار هجي. “
پياري شاعر عزيز ڪنگراڻيءَ جي شاعريءَ جو نئون ڪتاب ”گورک مٿي چنڊ“منهنجي هٿن ۾ آهي، جيڪو سندس شاعريءَ جو ٻيو ڪتاب آهي، سندن قرب آهن جو نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ جي پياري دوست انعام عباسيءَ هٿان ڪتاب موڪلين. عزيز جي سڃاڻ اسان وٽ صرف شاعر واري ناهي رهي، هو سٺو ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، تنقيد نگار، مقالانگار ۽ محقق به آهي. هو شاعريءَ ۾ فطرتي حسناڪين کي خوب انداز سان بيان ڪري ٿو، سندس تعلق ڪاڇي جي علائقي جوهيءَ سان آهي تنهنڪري هن وٽ لفظن رواني ۽ رنگن جو ميلاپ به موجود آهي. هو احساسن جو شاعر آهي جنهن ڳوٺن ۾ زندگيءَ کي ويجهي کان نه صرف پرکيو آهي پر پاڻ به ڏکن ۽ سکن سان ناتو نڀايو آهي.
هن ڪاڇي ۽ گورک جي سونهن ۽ سندرتا سان گڏ محبوب جي خمار کي به بيان ڪيو آهي؛

گورک مٿي چنڊ، تڪيو بيٺي پاڻ کي،
تون جهوليءَ ۾ ننڊ، منهنجا خواب خماريل.

پاءِ نه چنڊ لِئا، منهنجو چنڊ مون جهول ۾،
دشمن کوڙ ٻيا، تون ته نه رهه ايئن نه تاڙ ۾.

موٽي آئي سانوڻي، موٽئين تون نه من،
گرجِي گورک گاج تي، بادل ٿا برسن،
ڪڙڪي گوڙيون چئو طرف، ڇيرون ٿيون ڇيڙن،
تو بن ڪيئن گذرن، هيڪل پل هن مند ۾.

عزيز ڪنگراڻي وٽ ڏات به آهي ته فني پختگي پڻ، هو لفظن جو گلدستو ٺاهڻ ڄاڻي ٿو.

حسن تنهنجو روشني آ،
شوق منهنجو درشني آ.

ٽهڪ تنهنجا ڇيڄ ڇيرُن،
مُرڪ تنهنجي چاندني آ.

غزل، نظم، بيت يا چئوسٽا هجن هن سڀني سان خوب نڀايو آهي پر سندس وايون به دل ۾ گهڙي ٿيون وڃن.

اُڻ تُڻ آ هيڪاند،
ڀنا نيڻ پلاند،
         تو ڪيئن وسريس ڍوليا؟

اچ ته جوڀن ماڻيون،
ڪڙهان تو بن ڪانڌ !
         تو ڪيئن وسريس ڍوليا؟

نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ، ڪراچي پاران ڇپايل هن ڪتاب ۾ عزيز ڪنگراڻيءَ جا بيت، وايون، غزل، چئوسٽا، ترائيل، هائيڪا، آزاد نظم ۽ متفرق شعر شامل آهن، جيڪو 144 صفحن تي مشتمل آهي. وڏي ڳالهه ته ڪتاب ۾ نه مهاڳ آهي نه ئي وري ليکڪن جا بيشمار رايا جيڪي ڪتاب ۽ ليکڪ کي ڍَڪي ڇڏيندا آهن.