April 13, 2020

اقرار پيرزادي جي خاڪن جو ڪتاب "سامي سھاڳي"

اقرار پيرزادي جي خاڪن جو ڪتاب "سامي سھاڳي"

تعارف ۽ تاثر: محمد سليمان وساڻ

ڪورونا وائرس جي وبا سبب لاڪ ڊائون ٿيو، گهر ۾ قيد ٿياسين تہ پيل ڪتابن کي پڙھڻ شروع ڪيوسين جن مان ھڪ اقرار پيرزادي جو سوانحي خاڪن تي مشتمل ڪتاب ”سامي سھاڳي“ پڻ آھي.
اقرار پيرزادي جا ڪتاب ڇپجڻ بہ معجزي کان گهٽ ناھن. سندس پھريون ڪتاب ”جن سين لنئون لاڳي“ ڪيئن ڇپيو، ڪاڏي ويو خبر ئي نہ پئي ... اسان جو تہ خير آ پر کيس بہ پتو ناھي. جڏھن اھو ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪيوسين تہ پنج ھزار کن ماڻھن پڙھيو ۽ ڊائونلوڊ ڪيو ... اسان بہ ڪتاب پڙھيو ۽ سندس لکڻ جي فن کان متاثر ٿياسين. پوءِ اقرار سان ملاقاتون بہ ٿيون سي بہ موھن جي دڙي، ٻلھڙيجي ۽ سچل ڳوٺ ۾. ھو سچو کرو ماڻھو آھي. سندس ھي ڪتاب ”سامي سھاڳي“ پڙھي ايئن ٿو لڳي تہ سندس پھرين ڪتاب جو تسلسل آھي. اقرار جي نج ڳوٺاڻي ٻولي، پھاڪن جو استعمال، ڳوٺن جو لکيل ڳالھيون، يادون، اٿڻ ويھڻ، ميل ملاقاتون، سنڌ جي ريتن رسمن، ميلن ملاکڙن، ڀاڳين، چورن، ڌاڙيلن، استادن، شاگردن، موالين، راڳين، طبلي نوازن، سازندن، لطيف جي عاشقن، شاعرن، مولودين، سگهڙن، پوليس وارن، نانگ منڊيندڙن، جهاڙ ڪندڙن، ملاحن، پاتڻين، موھن جي دڙي، ٻلھڙيجي، سنڌ جي ڪچي ۽ پڪي، سنڌو درياءَ، سنڌ جي پوکن، فصلن، سنڌ جي دردن جا داستان آھن ھن ڪتاب ۾ .... ٻيو تہ ٺھيو پر ڳوٺن جي ڪلاسيڪي گارين، گاريل مردن ۽ ماين کي ھن ڪتاب ۾ پيش ڪيو اٿس جيڪا ليکڪ جي سچائي ظاھر ڪري ٿي.
ھن ڪتاب جي ھڪ ٻن کي ڇڏي باقي ڪنھن بہ ڪردار سان پنھنجي ملاقات ناھي ٿي، پر اقرار جو ڪتاب پڙھي ايئن ڀانيم ڄڻ انھن ڪردارن سان ڪو ٻاروتڻ کان واسطو رھيو آھي.
اقرار ڪجه اھڙن ڪردارن تي لکيو آھي جن سان نہ سندس ملاقات ٿي ۽ نہ ڪا ڪچھري ٿي .... پر اھي ڪردار پنھنجي دور ۾ پنھنجي فيلڊ جا ستاد رھيا آھن، اھي عظيم ڪردار رھيا آھن ، جيئن استاد مھدي حسن، شير ميربحر، مائي جيوڻي وغيرہ. اقرار جا ڪجه کي ڇڏي ٻيا سڀ ڪردار سندس تر جا ئي آھن ٻلھڙيجي ۽ ان جي ڀر پاسي جا، جن کي ھو ننٺي لاڪر سڃاڻي، تنھنڪري ھنن جا اڇا چٺا پڻ جاري ڪيا اٿس.
ھي ڪتاب پڙھي اوھان ٽھڪ بہ ڏيندا تہ ڪٿي ڪٿي روئي بہ پوندا، اھو سڀ اقرار جي قلم جو ڪمال آھي. اقرار کي لکڻ جو فن اچي ٿو. ھن کي خبر آھي تہ ڪيئن پڙھندڙ کي ليک سان جڙي رکجي. ڇو تہ جيسين مضمون پڙھي پورو نہ ڪبو تيسين اک ڪتاب مان نہ ڪڍبي .... ھن جي لکڻين ۾ عجيب رواني آھي، نغمگي آھي، سُر ۽ تال آھي، ٻوليءَ جي چاشني آھي. خاڪن يا سوانح ۾ ان قسم جو اثر علي احمد بروھي جي ڪتاب ”ڄام ڄام ۽ ڄامڙا“، علي محمد راشدي جي ڪتاب ”اھي ڏينھن اھي شينھن“ يا عبدالقادر جوڻيجي جي ڪتاب ”شڪليون“ ۾ رھيو ۽ گهڻي عرصي پڄاڻان اقرار جي ھن سوانحي خاڪن کي پڙھي سڳداسي چانورن جھڙو ھڳاءُ محسوس ٿيو.
اقرار سان ھڪ شڪايت مونکي رھندي آھي، اھا آھي تہ ھو روزمرھ جي معاملن تي ڪالم لکي، جيڪو يقينن منفرد ئي رھندو .... پر ھو شايد تڏھن ئي نٿو لکي جو ھو سڌو سنئون لکندڙ آھي ۽ پوءِ پاڻ بہ تڪليف ۾ ھوندو تہ کيس ڇاپيندڙ ادارو پڻ .... پر پوءِ بہ اقرار کي لکڻ کپي، سنڌ لاءِ، سنڌي عوام لاءِ .... ٻيو نہ تہ اسان لاءِ تہ لکي جيڪي اقرار جا عاشق جا آھيون.
ھن ڪتاب جو مھاڳ روبينہ ابڙو لکيو آھي. ڇا تہ سٺو لکيو اٿس ۽ جنھن مھاڳ پڙھيو اھو مڪمل ڪتاب ضرور پڙھندو. رسول ميمڻ پڻ خاڪن ۽ ليکڪ بابت سٺو لکيو آھي. مُرڪ پبليڪيشن پاران ڇپايل 272 صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب جي قيمت 450 روپيا آھي.

بانو محبوب جوکيو جو ناول ”اڌ ڏکوئي آھيان“

بانو محبوب جوکيو جو ناول ”اڌ ڏکوئي آھيان“ 

تعارف: محمد سليمان وساڻ 

ڪورونا وائرس جي وبا سبب لاڪ ڊائون واري حالتن ۾ گهر ۾ رھندي ڪتاب ئي بھترين دوست آھن جيڪي ھر وقت اڪيلي ھجڻ جو احساس نٿا ڏيارين. گهر ۾ ھوندي دوستن پاران موڪليل ڪتابن جو مطالعو جاري آھي. ادي بانو محبوب جوکيو پنھنجو ڇپايل نئون ناول ”اڌ ڏکوئي آھيان“ موڪليو ھيو. اسان وٽ ويجهي ماضي ۾ ڪيئي ناول لکجڻ لڳا آھن ۽ ترجمو پڻ ٿي رھيا آھن. ناولن جي ٽيڪنڪ، فن ۽ ڪھاڻيءَ تي ڪو نقاد ئي سٺو لکندو پر مان تہ صرف ٻولي ۽ ڪھاڻي ئي تعارف طور ڏيندو آھيان. 
محراب پور جي علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ بانو محبوب جوکيو 1990ع کان ڪھاڻيون لکندي اچي، جيڪي سگهڙين سٿ، مھراڻ، ھمرچو يا ٻين رسالن ۾ ڇپجنديون رھيون آھن پر سندس پھريون ڇپيل ڪتاب ڪھاڻين بجاءِ ھڪ ناول ئي آھي. ھي ناول ھڪ اھڙي مڊل ڪلاس گهراڻي جي ڪھاڻي آھي، جيڪو گهرو مسئلن ۾ ويڙھيل آھي، جنھن سبب ٻارن جي پالنا طرف نہ تہ ماءُ جو ڌيان وڃي ٿو ۽ نہ ئي پيءُ جو، ڇو تہ اھي روايتي رشتن جي تندن ۾ ڦاٿل آھن ۽ گهڻو ڪري ناول صرف ستن ڪردارن جي گرد گهمي ٿو. ھن ناول جو وڏو حصو گهر جي ڪروڌ ۽ جهيڙن جي حوالي آھي. پر ساڳي وقت کوڙ جاين تي محبت ۽ پنھنجائپ جا احساس اڀري ڪھاڻيءَ کي نئون موڙ ڏين ٿا. ڪردار ڪيئن محبتن مان نفرتن ۾ ۽ وري نفرتن کان پنھنجائپ ۾ موڙو کائين ٿا، ڪيئن نہ روين ۾ ۾ تبديلي اچي ٿي ۽ رت جا رشتا بہ جھڙو ڪر دشمن ٿي بيھن ٿا اھو پڻ ھن ناول ۾ ھر ھنڌ ملي ٿو. 
ناول ۾ عورت جي نفسيات جا سڀ رنگ چِٽي طرح نروار ڪري ڏيکاريا ويا آھن. بانو محبوب ”اڌ ڏکوئي آھيان“ ۾ عورت جي ڏکن، پيڙائن، دردن، نفرتن، محبتن کي سمويو آھي. ناول جو وڏو حصو اسان جي معاشرتي جھالت جي جهلڪ ڏيکاري ٿو تہ ساڳي وقت علم ۽ تعليم جي اھميت کي پڻ اجاگر ڪري ٿو. ناول ۾ ڳوٺ جون ڳالھيون آھن تہ سوشل ميڊيا ۽ موبائيل جو ڪردار پڻ نظر اچي ٿو. ھن ناول ۾ ساڙ، نفرت ۽ حسد سان گڏ محبت ۽ پنھنجائپ جا لطيف احساس بہ سمايل آھن. 
ناول ۾ ڪيترائي پھاڪا ۽ چوڻيون شامل آھن جن جو ڪو انت ئي ناھي. ھن دور ۾ جڏھن اسان شھرن ۾ اچي لنگرانداز ٿيا آھيون اھڙي وقت ۾ چوڻين ۽ پھاڪن جو ورجاءُ ۽ حفاظت سٺي ٿي لڳي. پر، گهڻن جاين تي تہ انھن پھاڪن جو استعمال اجايو پيو لڳي جيڪو ڪھاڻيءَ کي ئي سُست ٿو بڻائي ڇڏي. ايترا پھاڪا مان ڪنھن ناول يا ڪھاڻين جي ڪتاب ۾ اڳ ناھن پڙھيا. ناول ۾ شاھ لطيف سڀني جو محبوب شاعر ٿي پيو آھي ۽ ناول ۾ ھيرو ھجي يا ٻيا ڪردار انھن واتان شاھ لطيف جا ڪيترائي بيت درست موقعي جي مناسبت سان استعمال ڪيا ويا آھن ۽ کوڙ جاين تي ناول ۾ صوفي ازم جي اپٽار پڻ ٿيل آھي. شاھ لطيف کانسواءِ شاھ ڪريم بلڙي واري، شيخ اياز ، حمل فقير، استاد بخاري، طالب المولا (جنھن جو ھڪ شعر شيخ اياز جي نالي سان ڏنل آھي)، راشد مورائي ۽ ٻين جا پڻ ڪافي شعر شامل ڪيا ويا آھن. 
ناول جي ڪھاڻي صفا سست ھلي ٿي ۽ گهڻو ڪري گهريلو جهيڙن ۾ گهيريل آھي پر ناول جي آخري حصي ۾ اھا ڪھاڻي 160 ڊگري جو ڦيرو کائي ھڪدم محبت، رومانس، لطيف احساسن سان گڏ ٽريجڊي طرف وڃي ٿي ۽ ان ۾ تجسس وڌندو ٿو وڃي. ڪھاڻيءَ جو انت ٽريجڊي تي اختمام ڪري ٿو. 

ڪتاب مان ورتل ڪجه جملا: 

· پر ھوءَ پاڻ کي دنيا جي ڪنگال ۾ ڪنگال عورت سمجهندي آھي ۽ ھن جو اندر ھميشہ ”موئن جو دڙو“ بڻيل ھوندو آھي. 
· بابا ! بيوقوف دنيا ۾ نہ ھجن ھان تہ، دنيا کي ڪير جهلي بيھي ھا؟ چالاڪن جو بار بہ تہ بيوقوف جهلي بيٺا آھن. 
· تعليم نياڻيءَ لاءِ بيحد ضروري آھي. اھو توکي پوءِ احساس ٿيندو جڏھن تون زندگيءَ جو سفر اڳتي طئي ڪندين تہ توکي احساس ٿيندو تہ پڙھڻ ۽ پنھنجي ٻَل تي جيئڻ ۾ ڪھڙو مزو ۽ سرور آھي. 
· شاھ لطيف پنھنجي ڳالھ چوڻ لاءِ ڪمزور عورتن جي ئي وات کي زبان ڏني آھي. 
· تو ميگهہ ملھار وارا شعر پڙھيا آھن. الائي ڇو تنھنجي اکين ۾ سوين ميگهہ ملھار ٿا لڳن. اھي ڪڏھن نہ ڪڏھن تنھنجي اکين مان اُٿلي نڪرندا پر نہ ڄاڻان ان ويل .... 
· اسان جي پوري اڌ مِٽي، دُک جي مِٽي آھي ۽ ٻي اڌ وري وڇوڙي جي مِٽي آهي، انسان انهن ئي پسيل ۽ پيٺل مٽين جو جڙيل آهي 
· محبت ۽ سچائي رڳو رشتن کان ناھ ملندي. ڪڏھن ڪڏھن رشتا بہ رڳو ڏيکاوَ لاءِ ھوندا آھن. 
· پيار ۽ وفا اھو نمڪ آھي جو صدين تائين حرام نٿو ٿئي 
· زمين منھنجا پير پڪڙي ڇڏيندي آھي ۽ يادون زوري اچي منھنجي وجود سان چنبڙي پونديون آھن. 

پيڪاڪ پبلشرز ڪراچيءَ پاران ڇپايل 136 صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آھي. مھاڳ اياز ڀٽو لکيو آھي، ناول بابت قمر آفتاب جا تاثر ۽ پنھنجي پاران بانو محبوب جوکيو لکيو آھي.

April 08, 2020

منور سراج جي "خوابن جي سرحد"

منور سراج جي "خوابن جي سرحد"

محمد سليمان وساڻ

لاڪ ڊائون واري حالتن ۾ گهر ۾ رھندي ڪتاب ئي بھترين دوست لڳن ٿا، جيڪي ڪڏھن بہ اڪيلي ھجڻ جو احساس نٿا ڏيارين ڇو تہ ڪتاب ڪاوڙبا ناھن. منور سراج جي ڪھاڻين جو مجموعو ”خوابن جي سرحد“ پڙھي پورو ڪيم. مون ڪٿي لکيو ھو تہ منور سراج جي لکڻين ۾ لفظ ناچ ڪندا آھن، جيڪي دلين تي نقش ڇڏين ٿا ۽ خواب بڻجي راتين جو رلائين ٿا .... سندس لفظ احساسن جا روپ بڻجي وڃن ٿا. منور سراج جملن جو ڪاريگر آھي، ھن وٽ خيالن جي گھرائي آھي، سندس لکيل مڪالما دل ڇھڻ وٽان آھن. ھن ڪتاب ۾ بہ ايئن ئي آھي . 
ھا ياد آيم تہ منور سراج سان ملاقات نہ ٿي ھئي پر سندس ناول ”کاٻي اک جو خواب“، ڪھاڻين جو ڪتاب ”خوابن جا رستا“ ۽ ڪيمپس ناول ”پيراڊائيز پوائنٽ تي شام“ پڙھيا ھيم جيڪي منور سراج محبت مان موڪليا ھيا. تنھنڪري ھڪٻئي کان اڻ ڄاڻ يا اوپرا نہ ھئاسين پر ڀاڪر تہ ڀاڪر آھي نہ، ھڪ ئي اداري ۾ نوڪري ڪندي بہ ملاقات نہ ٿي سگهي ھئي. .... 17 جنوري 2020ع تي مونکي پنھنجي اداري جي اھم ڪم سان نوابشاھ ۽ سکر وڃڻو پيو . ٽول پلازا ڄامشورو ٽپي منور سراج کي فون ڪيم تہ اچان پيو نوابشاھ ريجنل آفيس، وقت گهڻو ناھي، نوابشاھ ۾ ڪم اُڪلائي سکر اُسھڻو اٿم، بس ملي ئي سگهبو. پوءِ نوابشاھ تائين ٻہ ٽي ڪالون ڪيائين، ڪجه ايس ايم ايس.... ڪٿي پھتا آھيو، ڪيتري دير لڳندي اڃان. نوابشاھ پھچي کيس ٻڌايم تہ پھتو آھيان ۽ ميٽنگ ۾ آھيان. پر اچي پھتو غني رند بہ گڏ ھيس. چيائين منھنجي آفيس ھلو .. انڪار نہ ڪري سگهيس. ڪلاڪ کن ڪچھري ھلي. چانھ ۽ بسڪيٽن جو دور بہ ھليو، ڪجه تصويرون ٿيون ۽ ڪتاب ”خوابن جي سرحد“ بہ ڏنائين. غني رند ۽ سندس اسرار تہ مانجهاندو ڪيون پر ان جو بندوبست اڳ ئي ڪٿي ٿيل ھيو .... موڪلايوسين، رستي ۾ گڏ سندس ڳالھيون ھيون ۽ ڪتاب ... 
”خوابن جي سرحد“ ۾ 13 ڪھاڻيون شامل آھن. ھي ڪتاب جو ٻيو ايڊيشن آھي سمجهو تہ سندس خواب جو ٻيو جنم. پھريون ايڊيشن 2008ع ۾ سوجهرو پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي ڪھاڻي ۽ پبلشر جي رويي جو ڏک پاڻ ٻئي ايڊيشن لاءِ پنھنجي پاران ۾ ھيئن ڪيو اٿن: 

” پھريون ايڊيشن سوجهرو پبليڪيشن طرفان آيو ھو 
ڪتاب جي خوشي پنھنجي جاءِ تي 
ڪتاب جو غم پنھنجي جاءِ تي 
پياري پبلشر پورا پئسا وٺي اڻپورو ڪتاب آندو 
ڪتاب نہ پر ڪتابڙو آندو“ 

منور سراج جون ڪھاڻيون ڪي خلائي دنيا جون ڪھاڻيون يا طلسماتي ڪھاڻيون ناھن، اسان جون، اوھان جون ۽ سندس ڪھاڻيون آھن. اسان جا درد آھن، اسان جي وارتا آھي، اسان جون ڪٿائون آھن، اسان جي پيڙا آھي سندس ڪھاڻين ۾. ڪي ڪھاڻيون صفا ننڍيون نٿيون لڳن، ڀائنجي تہ ان موضوع ۽ ان ڪردار تي طويل ڪھاڻي ھجڻ گهرجي. منور سراج ڪھاڻيءَ جي فني ۽ فڪري پھلوئن سان ڪيئن نڀايو آھي ان تي ڪو وڏو نقاد ئي لکي سگهي ٿو، پر سندس ڪھاڻين ۾ آرٽسٽڪ مزاج نمايان آھي. سندس ڪھاڻين جا ڪردار اھڙا تہ مڪالما ٿا پيش ڪن جو اندر ڇيھون ڇيھون ٿي ٿو پوي. سندس ڪھاڻين ۾ ڇرڪائيندڙ جملا بہ آھن تہ سمنڊ جي اونھائي جھڙي سوچ رکندڙ سِٽون پڻ آھن. 
ڪجه ڪھاڻيون اھڙيون بہ آھن جن جو انت ناھي، اھي ڇو آھن ۽ ڇا معنيٰ ڇا پيغام ٿيون ڏين اھو غير واضح آھي. پر سندس ڪھاڻيون پڙھندي ھر ڪردار پنھنجو ٿو لڳي ۽ ماڻھو ماضيءَ جي يادن جي گھري ساگر ۾ گم ٿي وڃي ٿو ۽ ڪو جملو، ڪا سٽ وري کيس واپس ٿي آڻي .... سندس ڪھاڻي ”ترشنا“ ۾ روھي، مٺڻ ڪوٽ ۽ بابا فريد جي ديس ۽ وڃائجي ويل نوجوان جي ڇا تہ لفظي منظرڪشي ڪئي اٿس ۽ اھڙي ئي وارتا وري ڪھاڻي ”وڻجاري“ ۾ اٿس، جتي لطيف جي مزار جو آڳنڌ آھي، وڻجاري آھي ۽ شاھ جا سُر ۽ راڳي آھن ... 
ڪھاڻي ”ننڊ ۽ جاڳ“ ۾ الائي ڇو ايئن لڳو ڄڻ ادا پوڙھي جھڙا ڪردار ننڍي ھوندي ۽ اڄ بہ منھنجي ڳوٺ ۾ موجود آھن پر اسان ھاڻي تبديل ٿي ويا آھيون، اھي ڪردار اڄ بہ آھن پر اسان ڳوٺ ۽ ڳوٺن جون راويتون وساري ويٺا آھيون .. 
”ڪونج ڳليءَ جي شام“ پڙھندي پاڻ کي وري ساڌ ٻيلي ۾ موجود ڀانيم، جتي سکر بدلي ٿي تہ ھر مھيني ڀيرو ڀريندس ھيس. ساڌ ٻيلي جي پرسڪون شام ۾ عجيب ڪيفيت ھوندي آھي، جيڪي ھر ڀري ڇڪي ويندي ھئي ۽ اھي ئي احساس وري جاڳي پيا آھن ھي ڪھاڻي پڙھي جنھن ۾ مورن جي ڪسجڻ جو جملو جسم مان سيسراٽ ڪڍڻ لاءِ ڪافي آھي. 
”جوڳيءَ جو جنم“ پڙھي وري ڳوٺن جون ڳليون ياد پيون، جوڳي، انھن جون پاتل پڳون، گودڙيون، مُرليون، منڊيون، نانگ. ڍارا ۽ اسان جون روايتون .... سوچيم پئي ھاڻي اھي جوڳي آھن الائي نہ .... ڪراچي کائي وئي آھي اسان کي. پر جوڳين جا جنم ٿيندا رھندا .... ھن ڪھاڻيءَ ۾ مڪالما ۽ منظر لاجواب آھن . 
ڪھاڻي ڪچي قبر پڙھي الائي ڇو پاڻ کي واعدن جي گهيري ۾ ڀائنجي ٿو .... ”توھان جو پيٽ ڀريان، گهر جو خرچ ھلايان، اوکي سوکيءَ کي منھن ڏيان يا ماڻھي جي قبر پڪي ڪرايان پنھنجي ڪمائيءَ مان ڪرائجان قبر پڪي “ ..... پوءِ ھڪ واعدو، ڪيئي واعدا جيڪي وفا نہ ٿيا ... وعدا جيڪي زماني جي ذميوارين جي ور چڙھي ويا يا لاپرواھي جي حوالي ٿي ويا ...- 
”اعتراف جي ڪُنڊ“ پڙھندي اھو لڳم ڄڻ ھن اھا منھنجي ڪھاڻي گهڙي ھجي، ھڪ اھڙي شخص جي ڪھاڻي جنھن دوستن، آفيس، رولاڪين ۽ الائي جي ڪيترن قسمن جي ذميواري وٺي گهر ۽ گهروارن جي ذميواري وساري ڇڏي ھجي ..... 
منور سراج جون ڪھاڻيون ڪتاب ۾ گم ڪري ٿيون ڇڏين، ڪٿي اکين جا پاند پسائي ٿيون وجهن تہ ڪٿي دل چوي ٿي تہ ماڻھو رولاڪ بڻجي در در ۽ ديس ديس گهمي .... 

ڪتاب مان ورتل ڪجه جملا: 

· ھون ... ! جيڪي پاڻ مرڻ ڪنڌيءَ تي ھوندا آھن، انھن کي سڄي دنيا مئل نظر ايندي آھي. 
· مون سدائين تو سان غير مشروط محبت ڪئي آھي. تولاءِ زخمي آڱرين سان لفظن جو لباس اڻيندو رھيو آھيان صدين کان تنھنجو ساٿ ڏيندو آيو آھيان، مان زماني جي سرڪس ۾ ڪوڙا سچا ڪرتب ڏيکاري ٽوپيءَ ۾ سڪا گڏ ڪندڙ تاريخ جو مسخرو ناھيان .... مان درد جو سفير آھيان ديواني جو خواب آھيان تنھنجو ساٿ ڪيئن ڇڏيندس 
· سٺو ٿيو جو موھن ڪلپنا 65 کان اڳ جلاوطن ٿي ويو نہ تہ ڪلپنا جي ڪھاڻي لکڻ کان اڳ ۽ مورن جي ڪسجڻ کانپوءِ خودڪشي ڪري ڇڏي ھا. 
· سچا سُک تي اندر نا قصا اي سانول سائين ... ٻاھر تہ خالي پاڇولي ھن 
· بھار جون شامون ماڻھوءَ کي بي سبب اداس ڪرڻ لاءِ ڪافي آھن 
· مسافر مري ويندا آھن پر ڪنڌيءَ تي ويھي مسافرن جو انتظار ڪندڙ اکين جو اعتبار ڪڏھن بہ نہ مرندو آھي. 
· جيڪي ماڻھو انتظار نہ ڪري سگهندا آھن انھن جا ڪشڪول اڪثر خالي رھجي ويندا آھن. 

منور سراج جون ڪھاڻيون پڙھي لڳندو آھي تہ ھو رڃ جو راھي آھي، ھو تنھاين جي طوفانن ۾ رھندو آھي ۽ ھن وٽ سُک ورلي ئي لڙي اچن ٿا ..... پر ھڪ اختلاف رکندي اھو چوندس تہ ڀلي اسان جا دامن ڏکن، سورن، اڪيلاين، اونداھين ۽ بي واجبين سان ڀريل ھجن .... پر ڪي ڪھاڻيون اھڙيون لکجن جيڪي ڌٻڻ مان ڪڍن، جيڪي اڪيلاين مان ڪڍي ھجومن ڏانھن وٺي اچن ... ڪي اھڙيون ڪھاڻيون پڻ لکجن جيڪي سنڌ جي نوجوانن جي دامن ۾ اميد بڻجي ھنن کي ڏيئي جيان روشني ڏين .... 
ڪاڇو پبليڪيشن پاران ڇپايل 128 صفحن تي مشتمل ھن ڪھاڻين جي مجموعي جي قيمت 220 روپيا آھي. ڪتاب جي نئين ۽ پراڻي ايڊيشن لاءِ پنھنجي پاران جا ٻہ ليک منور سراج جا، منظور جوکيي جو مھاڳ، ھرھڪ ڪھاڻيءَ تي ميناب بخاري جو تفصيلي تعارف ۽ بئڪ ٽائيٽل تي امر جليل، تاج بلوچ، اخلاق انصاري، محمد صديق منڱيو ۽ امر لغاريءَ جا تاثر پڻ شامل آھن.