January 29, 2013

يار : حيدر دريا جو تصوف ۽ سياسي حالتن تي لکيل ناول

يار : حيدر دريا جو تصوف ۽ سياسي حالتن تي لکيل ناول
محمد سليمان وساڻ


 حيدر دريا زئور جو لکيل تازو ناول “يار” منهنجي هٿن ۾ آهي. هن کان اڳ حيدر دريا سنڌي ادب ۾ ٻن ناولن رشتن جي آزادي ۽ لفظن جي خواهش جو اضافو ڪري چڪو آهي. حيدر دريا انهن خاموش ليکڪن مان آهي جيڪي پنهنجي قلم ذريعي سماج جي ڪردارن کي وائکو ڪندا رهن ٿا. فيسبوڪ تي ساڻس انهن ڏينهن ۾ واسطو پيو جڏهن گروپ چيٽ ۾ اڪثر دوست بحث ڪندا هئا ۽ مان ساڻس پيش ڪيل جملن جي گهرائيء ۾ غرق ٿي ويندو هوس. تصوف جي اثر هيٺ رهندڙ حيدر دريا زندگيء ۾ به نفيس ۽ ملنسار ماڻهو آهي.پنهنجي ناول جي هڪ مڪالمي ۾ حيدر لکي ٿو:

“ڪجهه ماڻهو، صبح جو قرآن پڙهن ۽ منجهند جو گلا کڻن ٿا!
شام جي مهل پنهنجون سڀئي نيڪيون، پراون گناهن کي ڳڻي، انهن سان گڏائي ڇڏيندا آهن، ۽ رات جيڪا روحن جي جاڳڻ لاءِ خدا خلقي آهي، سا سندن ننڊ جي نينهن ۾ گذري ٿي.
۽ صبح جو وري به سج سندن چڱاين لاءِ اڀري ٿو، پر اُهي پاڻ وسوڙل ماڻهو، هاڻ رڳو جنازو دفنائڻ وارو عمل باقي باقائده ڪن ٿا- اهڙي باقي عمل کان اوجهل آهن ته، عشق نيڪين جو درياهه آهي- محبت ان جي آبادي ۽ انسان ان جو اپائيندڙ آهي”

سندس تازي ناول ۾ سنڌ جي سياسي صورتحال کي خاص طور تي سامهون آندو ويو آهي. ليکڪ اهو به ٻڌائي ٿو ته سنڌ جيڪا درگاهن ۽ پيرن فقيرن جي ڄار ۾ وڪوڙيل آهي اتي سنڌ جي اهم درگاهن تي ڇا وهي واپري ٿو ۽ اتي ڪهڙي قسم جو ماحول قائم ٿيل آهي . نه صرف اهو پر هن ناول ۾ سامونڊي ناکئن جو احوال ته تمام خوبصورت انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. حيدر دريا اهو ليکڪ آهي جنهن جا ڪردار اسان جي روزمرهه جي زندگيء مان ئي آهن ۽ مڪالما اهڙا ته بهترين لکي ٿو جو ڪهاڻي جو تجسس پڙهندڙ کي الڳ ٿيڻ ئي ڪونه ٿو ڏئي ۽ يڪساهي ۾ ناول پڙهي پورو ڪرڻ تي دل چوي ٿي.

جيڪڏهن اهو چئجي ته حيدر درياء جي هن ناول ۾ تصوف  جي اپٽار هر جاءِ تي پسجي ٿي ته ڪو وڌاء نه ٿيندو. ليکڪ پاڻ ئي چوي ٿو ته
”منهنجو هي ناول، عشق جي اسڪول ۾ نئين داخلا وٺندڙ نوجوانن جي ٿوري ڪجهه رهنمائي ضرور ڪندو، ٿوري ڪجهه انهيءَ ڪري پيو چوان، جو خدا جي خدائي کي ڪنهن هڪ عمر ۾ مڪمل ڪرڻ ناممڪن آهي. “
ناول پڙهڻ کانپوء اهو لڳي ٿو ته  ليکڪ  پنهنجي پاران هن سڄي ناول کي تصوف جي ڪلائمڪس اندر گهمائي ڦيرائي پيش ڪري رهيو آهي. تصوف جا واضح نقطا سموري ناول جي اندر محسوس ٿي رهيا آهن. حيدر دريا جي ڪچهري ۽ بحث ۾ به لڳندو آهي ته تصوف جا خيال مٿس حاوي آهن ۽ ساڳي شيء سندس لکڻين مان به واضح آهي. سندس ناول جو ٻيو پاسو آهي سنڌ جي ماڻهن جي سياسي وابستگي جنهن کي هن ڪمال ڪاريگريء سان ڪردارن سان نڀائيندي پيش ڪيو آهي.

سندس هن ناول جو مک ڪردار قربان تصوف جي رنگ ۾ رچيل آهي اتي هن کي زندگيء جي امتحان ۾ ڪيترن ئي مشڪلن کي منهن ڏيندي جدوجهد ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. هو پنهنجي حقيقي عشق جي جستجو ماڻڻ  لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿو پر تنهن هوندي به کيس پنهنجي سچي محبت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترائي رنڊا روڙڻا پون ٿا پر زماني جي ويرين کيس اهڙي ته ڄار ۾ ڦاسائڻ جا سانڀاها ڪن ٿا جنهن مان هن جو واپس ورڻ ئي محال بڻجي وڃي ٿو تنهن هوندي به هو پنهنجي علمي ۽ عقلي دليلن وسيلي پنهنجو دفاع ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندو رهي ٿو.

حيدر دريا جو هي ناول سنڌي ناول جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو آهي. ڏسجي ته سنڌي ناول کي پڙهندڙ کيس ڪهڙي موٽ ٿا ڏين، ڇو ته سياسي هجڻ ناتي ڪجهه ماڻهو شايد ليکڪ جي خيالن سان سهمت نه به ٿين پر هو سچ کي لڪائي نه ٿا سگهن. هڪ اهڙو سچ جنهن کي حيدر دريا پنهنجي قلم ذريعي پيش ڪيو آهي. 270 صفحن تي مشتمل هي ناول يار موسى پبليڪيشن پاران ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندو ويو آهي.

January 25, 2013

استاد محمد جمن : سنڌي راڳ جو بادشاهه راڳي

استاد محمد جمن : سنڌي راڳ جو بادشاهه راڳي
محمد سليمان وساڻ

شاه عبدالطيف ڀٽائي جي ڪلام کي پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڳائڻ وارن فنڪارن مان استاد محمد جمن به هڪ هو. سنڌ جي هن ڀلوڙ راڳي مرحوم استاد جمن 10 آڪٽوبر 1935ع ۾ بلوچستان جي لسٻيلي واري ڳوٺ ڪنڊ جهنگ جي حاجي احمد سنجراڻي جي سرن ۽ سازن واري گهر ۾ اک کولي هئي ، اهو ڳوٺ هن وقت يونين ڪائونسل گڏاپ، گڏاپ ٽائون ۾ آهي . ِ هن راڳ جي باقائده سکيا استاد نظر حسين کان ورتي، جيڪو مرحومه گلوڪاره نورجهان جو به استاد هو. شروع ۾ ڍولڪ وڄائيندو هو پوء محمد جمن ريڊيو تي بانسري وڄائيندو هو ۽ ريڊيو تي ملازم به هو. آگسٽ 1955ع ۾ جڏهن حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن ٺهي ته اتي موسيقار جي حيثيت سان موڪليو ويو. هن شاهه جي صوفياڻي رنگ ۽ شاهه کي ٺيٺ سنڌي رنگ ۾ پيش ڪيو. سندس آواز ۾ ڳايل 20 کان وڌيڪ آڊيو ڪيسٽون اڄ به مارڪيٽ ۾ موجود آهن. هن ٻن فلمن هڪ سنڌي فلم ”تنهنجون ڳالهيون سڄڻ“ ۾ گيت ”هو سهڻا يار سڄڻ“ ۽ ٻي اردو فلم ”ڪالو“ آءُ جيهائي ذات، تون پاڻ سڃاڻج سپرين“ ڳايو .

اُستاد محمد جُمن حاضر مجلس کي پرکي ۽ پروڙي راڳ ڳائندو هو، پوءِ ڇو نه نيم ڪلاسيڪي يا خيال ۽ ٺمري ڳائڻا پون، شاهه جي رسالي سان استاد جي عشق جي اها حالت هُئي جو رسالي جي سڀني داستانن کي ويهي راڳ ڪمپوز ڪيائين....جنهن لاءَ کيس ڏينهن رات نُور نچوئڻو پيو ۽ اهڙيءَ طرح ثابت ڪري ڏيکاريائين ته ڀٽائي جو هر داستان راڳ به آهي.

استاد محمد جُمن جا اهي شاگرد جيڪي عام تائين پهتا انهن جا نالا هن ريت آهن،شفيع محمد( استاد جو فرزند) علي محمد خاصخيلي، زيب النساء حُسين بخش خادم، روبينه قُريشي، زرينه بلوچ ، قادر علي، سشيلا مهتاڻي ۽ اُستاد جو ننڍي فرزند غلام اويس .

استاد محمد جمن کي 1980ع ۾”پرائيڊ آف پرفارمنس“ ايوارڊ ڏنو ويو جڏهن ته 2 ڀيرا شاهه لطيف ايوارد، سچل سرمست ايوارڊ، قلندر لعل شهباز ايوارد، مصري شاهه ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي سرڪاري توڙي غيرسرڪاري ايوارڊ ماڻيا. موسيقي جي حوالي سان 1960ع ۽ 1970ع ٻه ڏهاڪا مرحوم استاد محمد جمن جا عروج جا هئا. ملڪ جي اهم شخصيتن مرحوم صدر ايوب، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مرحوم صدر ضياءَ الحق جون محبتون ماڻي چڪو هو. ملڪ جا حڪمران جڏهن به ڪنهن موسيقي جي محفل ۾ شريڪ ٿيندا هئا ته کائنس سر راڻو ٻڌائڻ جي فرمائش ڪندا هئا .

مرحوم تقريبن 15 سال بيماري جي بستري تي گذاريا، هن سائي ۽ شگر جي بيماري سبب 24 جنوري 1990ع تي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو ۽ ميوا شاهه قبرستان ۾ دفن آهي،

January 17, 2013

يرغمال ڪراچي ۽ ذهنن تي ڇانيل خوف


يرغمال ڪراچي ۽ ذهنن تي ڇانيل خوف
محمد سليمان وساڻ

ڪو وقت هو جڏهن انسان انسان کي ڳوليندي پاڻ کي محفوظ سمجهندو هو پر اڄ تهذيب يافته ۽ ٽيڪنالاجي جي دنيا جو هوشيار ۽ تهذيب يافته انسان پنهنجو پاڻ کي انسان کان ئي غير محفوظ سمجهي رهيو آهي. ڪالهه صبح جو آفيس پهتس ته عجيب خدشا هيا، ڇو ته وزير اعظم جي گرفتاري وارو ڪيس سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ هيو ۽ ان جي نتيجي ۾ حالتون خراب ٿي پئي سگهيون. ٻئي طرف اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر طاهر القادري جي لانگ مارچ ۾ هن اچوڪي ڏينهن جي ڊيڊ لائين ڏيندي ڪجهه به ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي ۽ هوڏانهن اسان جي ميڊيا کي شايد اهڙي چٽپٽي خبرن کان بهتر ڪو ڏينهن مليو هجي.

لنچ کانپوء آفيس جي معمول جي ڪمن ۾ مصروف هيس ته هڪ خبر آئي ته ڪراچي جي اورنگي ٽائون واري علائقي ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي منظر امام کي سندس ٽن محافظن سميت قتل ڪيو ويو آهي. اها خبر تيزي سان پکڙي رهي هئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي منهنجي سامهون آفيس جا سڀ ساٿي پنهنجا پنهنجا ڪمپيوٽر بند ڪري ۽ آفيسون لاڪ ڪري گهر طرف روانا ٿيڻ لڳا ۽ مونکي به چيائون ته جلدي نڪري وڃ نه ته هر طرف باهه هوندي. ان وقت اسان جو هڪ ڪسٽمر هڪ مسئلو کڻي آفيس ۾ داخل ٿيو، مان کيس سڀاڻي اچڻ جو چيو، ڇو ته سڀ سسٽم بند ٿي چڪا هئا پر هو بضد هيو ته مسئلو حل ڪيو. شايد هن کي ٻاهر جي خبر نه هئي مان کيس ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم جو هڪ ايم پي قتل ٿيو آهي ۽ حالتون خراب ٿي رهيون آهن. منهنجو اهو چوڻ ۽ اهو شخص بيٺي پير ٻاهر ڀڳو.