June 07, 2016

اڙي موت ميار ... !!! ...اياز جانيءَ جو وڇوڙو


اڙي موت ميار ... !!! ...اياز جانيءَ جو وڇوڙو
محمد سليمان وساڻ
ڏسُ اسان جو مٽي ڏئي نه ڏئي
پاڻ آڪاس کان پري ٿا وڃون
زندگي موت جي سواري آ
سا سواري اسان ڪري ٿا وڃون

ايازجاني

ڪالهه ئي اياز جانيءَ جو ذڪر نڪتو هو، جڏهن موري جو ڪوي امداد سولنگي ۽ شهداد ڪوٽ جو نوجوان شاعر ۽ پبلشر مرتضا سولنگي مون وٽ سچل ڳوٺ آيا هئا. موضوع ته گهڻا هيا پر اسان جي سٿ جي هڪ بهادر شاعر جو ذڪر نڪتو هو يعني اياز جانيءَ جو. مونکي فڪر ٿي رهيو هو ته اياز جاني طبيعت خراب هوندي ڪيئن ٿو سيوهڻ، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي وڃي سو به موت مار گرميءَ ۾. اهڙو ذڪر هڪ هفتو اڳ به نڪتو هو جڏهن اياز جانيءَ جي جوڙ جا لاڙڪاڻي جا شاعر رضوان گُل ۽ مسرور پيرزادو سچل ڳوٺ آيا هئا. اسان سڀ سندس صحت ۽ اياز جاني جي اهڙي رويي تي پريشان هياسين. هن کي مڪمل آرام جي ضرورت هئي. کيس دل جي تڪليف ته هئي ئي ان سان گڏ کيس ساهه کڻڻ ۾ تڪليف به ايندي هئي. هو اڳ به ڪيترا دفعا اسپتالن ۾ ڏاڍي سنجيده بيماري سبب داخل ٿيندو رهيو هو. پر هن کي شاعري، ادب ۽ ادبي محفلن سان بي انتها چاهه ۽ عشق هيو. هو ادبي محفلن جي جان هيو. اهي محفلون ڪراچيءَ ۾ هجن يا لاڙڪاڻي ۾ يا ڪٿي به جتي هن کي سڏيو ويو هجي، ضرور پهچندو هو. وڇوڙي کان هڪ ڏينهن اڳ لاڙڪاڻي ۾ اڪبر لغاريءَ جي ڪتاب جي مهورتي پروگرام ۾ موجود هيو. ان لاءِ ئي هن گلشن حديد کان لاڙڪاڻي جي راهه ورتي هئي. پر کيس خبر نه هئي ۽ نه ئي اسان کي اندازو هو ته اهو لاڙڪاڻي ڏانهن سندس آخري سفر آهي.
اياز جانيءَ سان فيسبوڪ تي ڪافي سال اڳ تعارف ٿيو هو. مان سندس جنم ڏينهن تي هڪ منفرد ڪارڊ جوڙي کيس واڌايون ڏنيون هيون. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ئي آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ هڪ ادبي محفل ۾ ڪنهن شخص منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي پڇيو هو ته تون سليمان وساڻ آهين؟ مون مرڪندي ها چيو هو ۽ کيس سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهيم ته ڀاڪر ۾ ڀريندي چيائين مان اياز جاني آهيان. پوءِ ساڻس ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿيون، سنڌي ادب جي موجوده صورتحال کان ادبي ادارن، بيوروڪريٽس جي روين، شاعرن ۽ اديبن جي روين ۽ ادبي سياست کان ميڊيا تائين اسان الائي ڪيترن موضوعن تي ڪچهريون ڪندا هئاسين. ڪڏهن گلشن حديد ته ڪڏهن آرٽس ڪائونسل، ڪڏهن سچل ڳوٺ ته ڪڏهن منهنجي آفيس، ڪڏهن انيس انصاري اڪيڊمي ته ڪڏهن ڪنهن هوٽل ۾ چانهه جي ڪپ تي ..... هن کي ادبي محفلن، پروگرامن، مشاعرن ۾ شموليت جو عشق هو ۽ اهو عشق کيس اسپتال جي بستري تي وڌيڪ تڙپائيندو هو. حيدر آباد لٽريچر فيسٽيول جي کيس گهڻي خوشي هئي پر ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي کيس دل جي عارضي سبب اسپتال داخل ڪيو ويو. اسپتال مان به اسٽيٽس لکندو رهيو ۽ فيسٽيول ۾ شامل نه ٿيڻ تي کيس ڏک رسيو. ڪارڊيو اسپتال ۾ جڏهن ساڻس ملڻ لاءِ امداد حسيني ۽ مسرور پيرزادي سان گڏ ملڻ وياسين ته ان ڏينهن کيس اسپتال کان ٻاهر ڪنهن ٻئي هنڌان ڪجهه وڌيڪ چڪاسون ڪرڻ لاءِ نيو ويو. اسان ڏيڍ ڪلاڪ انتظار ڪري واپس ورياسين ته اسپتال جي بيڊ تي واپس پهچي اسان جو لکيل نياپو پڙهي فون ڪيائين ته يار ملي وڃو موت تي ڀروسو ناهي. مان کيس چيو ته يار دراوڙ جي دل ڪمزور ناهي هوندي، دل کي قابو رکُ، تون واپس وري اسان سان گڏ ملندين .... چيائين يار ڇا ڪيان مان ته وس ٿو ڪيان پر دل پاڻ ئي ٿي ڦٿڪي وري پاڻ ئي ٿي لُڇي.
هو مکڻ ماڻهو هو جيڪو شڪايتون اندر ۾ سانڍي انهن کي ساڙي ڇڏيندو هو. ڪمال جو ڪوي هو. سندس نظم هجي يا غزل يا وائي ڪمال جي دسترس هيس. ادائگي به وڻندڙ هيس جو هن جو مُک معصوم هيو ۽ معصوم ۽ خاموش مُرڪ سان سدائين آڌر ڀاءُ ڪندو هو. هڪ وڏو عرصو مختلف ادبي مخزنن لاءِ خدمتون ڏيندي گذاريائين. سندس شاعريءُ جو ڪتاب ”درواڙ دل جي تنهائي“ ڇپيو ته گهڻو خوش ۽ مطمعن نظر آيو. هو ننڍ وڏائيءَ کان مٿڀرو رهندو هو. مونکي ياد آهي ته گلشن حديد ۾ سائين ارشاد ڪٽپر فيسبوڪ فرينڊس جو ميڙ ڪوٺايو هو. هڪ ڪتاب جي مهورت جي سيشن ۾ مونکي صدارت ڪرڻ جو چيو ويو ۽ اسٽيج تي اياز جاني به موجود هيو. مونکي الائي ڇو شرمساري ٿي رهي هئي ته هيڏي وڏي ليکڪ، ايڊيٽر ۽ شاعر جي هوندي مان ڪيئن صدارت ڪيان، نيٺ ويجهو وڃي مرڪندي کيس عرض ڪيم ته صدارت اوهان ڪيو. اٿي بيٺو ڀاڪر ڀريندي چيائين ”يار تون نوجوانن جو ترجمان آهين، اسانکي توتي فخر آ، اسان به ته توکان سِکندا آهيون، مونکي خبر آ ته تون مون کان به سٺو ڳالهائيندو آهين، مونکي خوشي آهي ته سليمان وساڻ جي صدارت ۾ اسٽيج تي موجود آهيان“. سنڌ سلامت ڪتاب گهر پهرين جون يعني سندس وڇوڙي کان چار ڏينهن اڳ لانچ ڪيوسين ته سندس نياپو مليو، گهڻو خوش هيو پنهنجي راءِ ڏيندي لکيائين ته ”شاندار ڪم، ترتيب به سهڻي لڳي. آنلائين توڙي پي ڊي ايف ٻئي لاجواب، ڪربلا ڪهاڻي ڪتاب پڙهان پيو، هاڻي الائي ڇو اهڙيون ڪهاڻيون نه ٿيون ڇپجن.“
موت برحق آ، اسانکي به ان راهه جو راهي ٿيڻو آ پر ڪُمهلو موت، سو به جگري جاني دوست جو، سچ پچ ته جيءُ جهري پيو آ. سندس پُٽَ جو نياپو مليو آ ته بابا کي ڪراچيءَ ۾ دفنائڻ لاءِ لاڙڪاڻي کان نڪتا آهيون، گلشن حديد اچو .... مونکي شمشير الحيدري ۽ تاجل بيوس ياد ٿا اچن، جن ڪراچيءَ ۾ دفن ٿي ڪراچيءَ تي سنڌين جي مالڪي جي دعوا کي سچ ثابت ڪيو ۽ اڄ اياز جانيءَ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي مٽيءَ ۾ ملي پنهنجو قرض چڪايو آهي.

سهسين ڇڏي سنڌ ۾ سارون ــ پچارون،
لفظن ــ مهڪارون، ”جاني“ جوءِ ڇڏي ويو!
(قاضي منظر حيات)