October 29, 2019

ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ثقافت“ سوشل ميڊيا تي ٻوليءَ جي بقا لاءِ ڪيل منفرد ڪاوش


ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ثقافت“ سوشل ميڊيا تي ٻوليءَ جي بقا لاءِ ڪيل منفرد ڪاوش

تحرير: محمد سليمان وساڻ

نامياري ليکڪ ۽ محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو نئون ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ثقافت“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آھي. اسان وٽ سوشل ميڊيا خاص ڪري فيسبوڪ جتي ٽائيم پاس ڪرڻ، تفريح ۽ ھڪٻئي سان رابطي رکڻ ۽ منفي پروپيگنڊہ جو ذريعو آھي اتي الاھي دوستن ٻوليءَ جي بھتري، ثقافتي سرگرمين سان گڏ مثبت سياسي ۽ سماجي سرگرمين کي جاري رکيو آھي. اھڙن ماڻھن مان ھڪ ڊاڪٽر ڪامل ڄامڙو بہ آھي. ھو منھنجي ضلعي خيرپور جو ھجڻ ڪري پاڙيسري تہ آھي ئي پر منھنجي ساڻس سڃاڻ سندس ڪتاب پڙھي ٿي ۽ پوءِ سوشل ميڊيا خاص ڪري فيسبوڪ اسان کي پاڻ سان جڪڙي رکيو آھي. 
ليکڪ ھن کان اڳ 40 ڪتاب لکي چڪو آھي پر ھي ھڪ منفرد ڪتاب آھي. جنھن ۾ موجود مضمون ۽ ليک گھڻو ڪري سوشل ميڊيا جي زينت رھيا آھن. اسڪولن، يونيورسٽين ۽ ادارن ۾ سنڌي ٻولي نہ پڙھائڻ يا سنڌي ٻوليءَ کي پاسيرو ڪرڻ ۾ ڌارين سان گڏ پنھنجن بہ ناھي گھٽايو. ادارن ۽ پنھنجن ماڻھن جي اھڙي روش خلاف ئي گذريل ٻن سالن کان ليکڪ خاص تحريڪ ھلائي، ڪيترائي مضمون لکيا ۽ سيمينار پڻ ڪرايا جن ۾ مون سميت ٻين سڄاڻ دوستن پڻ سندس ساٿ ڏنو. ان ئي سبب کيس تڪليفون ڏسڻيون پيون، سندس ڪردار ڪشي ٿي ۽ سندس خلاف سوشل ميڊيا تي لکيو ويو ۽ ڪجه ادارن ۾ سندس رستا روڪ ڪري دروازا پڻ بند ڪيا ويا. پر ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو جهُڪيو ناھي ۽ نہ ئي وڪاميو آھي، پر ھو مسلسل لکندو رھيو آھي، اڻٿڪ ڪوشش ڪندو رھيو آھي. ھو سنڌي ٻوليءَ جو عاشق آھي. ڊاڪٽر ڪمال ۽ سڄاڻ ڌرين جي مسلسل جدوجھد ۽ اخباري ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ساٿ ڪري ڪجھ ڪاميابيون پڻ مليون آھن. جن مان ڪجهه ڪاميابين جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي. سنڌ مدرسته الاسلام ڪراچي يونيورسٽيءَ ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نواب شاهه سنڌي شعبو کوليو، سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ ۽ بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياريءَ سنڌي مضمون پڙھائڻ جي شروعات ڪئي. ان ھلايل تحريڪ جنھن ۾ سنڌ جي اديبن، سياستدانن، سڄاڻ ڌرين ۽ سنڌين جي اٿيل آواز جي نتيجي ۾ سنڌ اسيمبلي ۽ وزير تعليم جي ڪوششن سان ڪجهه خانگي اسڪولن پڻ سنڌي پڙهائڻ جو اعلان ڪيو آھي. 
ھي ڪتاب چئن حصن ۾ ورھايل آھي پھرئين حصي ۾ ٻوليءَ جي ترقيءَ ۾ رنڊڪن، سنڌي ٻوليءَ جي مونجھارن ۽ ان جي حل، ڪجھ ادارن خاص ڪري سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ڪراچي، سنڌ مدرسي اسڪول مان سنڌي مضمون جي نيڪاليءَ ۽ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري ۽ نواب شاهه ۾ سنڌي شعبن جي نہ کولڻ بابت مضمون شامل آھن. ان کان علاوہ انٽرميڊيٽ بورڊن ۾ سنڌيءَ جو مضمون نہ پڙھائڻ، شاھ لطيف تي ڪيل اجائي تنقيد، استادن جو اين جي اوز ۾ ڪم ڪرڻ ڪري تعليم متاثر ٿيڻ، تحقيق لاءِ ڪيل اڌورن ۽ اڻپورين سھوليتن بابت ليک سميت ٻيا بہ کوڙ مضمون شامل آھن. مون سڀ ليک اڳ بہ پڙھيا آھن ۽ وري پڙھيا آھن ۽ انھن تي ڪيل تنقيد ۽ ليکڪ بابت ڪيل منفي پروپيگنڊہ بابت بہ باخبر آھيان. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي ڪمال دليلن سان پنھنجي ڳالھ مڃائي آھي. 
ٻئي حصي ۾ جاکوڙ جي نتيجي ۾ مليل ڪاميابين تي لکيل مضمون شامل آھن. جن ۾ شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي، نواب شاهه ۾ سنڌي شعبو کُلڻ، سکر آءِ بي اي يونيورسٽيءَ سنڌي مضمون جي پڙهائڻ جي شروعات، ڪراچي گرامر اسڪول ۾ سنڌي مضمون جي شروعات ڪرڻ، خانگي اسڪولن ۾ سنڌي مضمون جي ترقي لاءِ کنيل قدمن جي واکاڻ وارا ليک شامل آھن. ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جو ھنن ادارن جي سربراھن سان ڪو ذاتي جھيڙو يا بغض تہ آھي ئي ڪونہ، پر سڀ ان کي ذاتي دشمني سمجھن ٿا. ليکڪ انھن ادارن پاران سنڌي ٻوليءَ جا دروازا کولڻ تي سندن ٿورا مڃيا آھن ۽ سندن واکاڻ ڪئي آھي. ھڪ مضمون ۾ ھو لکي ٿو:

”ڪيترن ئي سالن کان پوءِ سنڌي مضمون جي بحاليءَ ۾ سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي جي ڪوشش تي سچ پڇو ته تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. 

ان ۾ تعليم جي وزير سردار شاهه ۽ سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز جون هدايتون ته شامل آهن ئي پر ميدان تي جاکوڙڻ وارو ڪردار اديءَ رفيعه ملاح جو آهي. هُن خانگي اسڪولن جي انتظاميا سان مسلسل لک پڙهه ۽ گڏجاڻيون ڪيون آهن. نوڪريءَ کان وڌيڪ ذاتي دلچسپي وٺي هن سنڌي ٻوليءَ جي تعليم لاءِ وڏو ڪم ڪيو آهي. رفيعه ملاح صاحبه هن وقت سنڌ جي پرائيويٽ اسڪولن/ڪاليجن جي رجسٽرار آهي. ڪاش اسان جي تعليم کاتي جا ٻيا آفيسر به رفيعه ملاح وانگر سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪن. 
اميد آهي ته سائين سردار شاهه سرڪاري يونيورسٽين کي به سنڌي شعبن کولڻ جو حڪم جاري ڪندو. اسان سندس هر مثبت قدم کي ضرور واکاڻينداسين.“
ڪتاب جي ٽئين حصي ۾ سنڌي ثقافت، ڪتبخانن، ريڊيي بابت دلچسپ مضمون، الطاف شيخ بابت ڪيل پي ايڇ ڊي تحقيق بابت، پي ٽي وي جي پروگرام ڪچھريءَ بابت مضمون، سنڌ مدرسي کي شاھ جي ڏينھن ملھائڻ بابت ۽ ڪجه متفرقہ مضمون شامل آھن.
ڪتاب جو چوٿون حصو انگريزي لکڻين تي مشتمل آھي جنھن ۾ ليکڪ جي ڪيل تحقيق، ھوجمالو بابت ڊان کي لکيل تعارفي خط ۽ ڊائريڪٽر آغا خان بورڊ کي سنڌي مضمون جي شروعات لاءِ لکيل خط شامل آھي.
ھي ڪتاب تعليم، ثقافتي مضمونن، تحقيق بابت لکڻين، تدريس بابت مضمونن، تنقيد جي راھن، ٻوليءَ جي ترقي، پاڻ ۾ اتحاد ۽ جدوجھد ذريعي ڪاميابي ماڻڻ، دلچسپين ۽ ڄاڻ سان سمايل آھي.
اميد تہ ھي ڪتاب پڙھندڙن جي ڄاڻ وڌائڻ سان گڏ انھن لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ رڪاوٽن بابت دلچسپ ڳالھيون اڳيان آڻيندو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ نوان گس فراھم ڪندو. ساڳي وقت سوشل ميڊيا تي وڏا وڏا تبصرا ۽ مضمون لکندڙن لاءِ اھا راھ ھموار ڪندو تہ ھو بہ سوشل ميڊيا تي پنھنجي لکڻين کي سھيڙي ڪتابي شڪل ۾ آڻن. مُرڪ پبليڪيشن پاران ڇپايل 144 صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب جو مُلھ 300 روپيا آھي.


عوامي آواز سنڊي ميگزين 27 آڪٽوبر 2019