September 22, 2019

سچار ڪردار، سچيون ڪھاڻيون: سلطانہ وقاصي جي ڪھاڻين جو مجموعو ”جانور“

سچار ڪردار، سچيون ڪھاڻيون: سلطانہ وقاصي جي ڪھاڻين جو مجموعو ”جانور“ 

محمد سليمان وساڻ 

نامياري ليکڪا ۽ شاعر سلطانا وقاصيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو ”جانور“ منھنجي هٿن ۾ آهي. جنھن ۾ ڪل 30 ڪھاڻيون ڏنل آهن. ھي ڪھاڻيون ڇا آھن؟ سنڌ جي معاشرتي، سياسي، علمي، ادبي ۽ سماجي حالتن جو ڄڻ تہ ڪيڏارو آھن. سندس ھن ڪتاب ۾ ڪجه تہ سندس ڄاڻ سڃاڻ وارن ڪردارن جا سچا واقعا پڻ ڏنل آھن ۽ ڪجه ڪردار اھي بہ آھن، جيڪي اسان جي چوڌاري موجود آھن. سندس شروعاتي لکڻيون جيڪي، 1970ع واري ڏھاڪي ۾ ڇپيون ھيون سي پڻ ھن ڪتاب ۾ شامل آھن. 
سلطانہ وقاصيءَ جون ڪجه ڪھاڻيون، ڪھاڻيون گهٽ پر ڪالم وڌيڪ لڳن ٿا، تنھن ڪري ھيءُ ڪتاب پڙھندي محسوس ٿيو تہ ليکڪا جي لکڻ جو انداز ڪالم_ڪھاڻيءَ وارو ئي آھي. سندس ڪھاڻين جا موضوع عورت، عورتن تي تشدد، عورتن تي لڳل الزام تراشيون، طعنا ۽ عورت کي نيچ سمجهڻ بابت آھن. پنھنجي ڌرتيءَ سان بيپناھ عشق پڻ سندس لکڻين ۾ موجود ملي ٿو، سندس ڪھاڻين ۾ شھرن ۽ ڳوٺن ۽ اسڪولن ۽ يونيورسٽين جا ڪردار ۽ ڪھاڻيون پڻ موجود آھن. 
سلطانا وقاصيءَ جو نالو سنڌ جي انھن چند سنڌي ليکڪائن مان هڪ آهي، جن معاشري جي نا انصافين، ڏاڍاين ۽ نا مناسب حالتن تي بيباڪيءَ ۽ بهادريءَ سان لکيو آهي. سندس تعلق سانگهڙ ضلعي جي ٽنڊي آدم شهر جي هڪ زميندار گهراڻي "وَڪا" سان آهي. سندس گهر ۾ ادبي ماحول ھيو جتي کيس علمي ۽ ادبي ڪتابن جو مطالعو ڪرڻ جو موقعو مليو. ڳوٺ ۾ رهندي بہ هن علم حاصل ڪيو، جنهن جو سھرو سندس والد خانصاحب عبدالحق وَڪي ڏانھن وڃي ٿو، جيڪو پنهنجي دور جو ادب دوست، ترقي پسند انسان ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي هيو. سندس ناناڻو خاندان بہ سنڌ جو ھڪ مڃيل خاندان آھي. ناميارو تعليمدان، علامہ علي خان ابڙو سندس نانو ۽ جديد سنڌي افساني جو مشهور ليکڪ جمال ابڙو سندس مامو ھو. اهڙي سکيي ستابي گهراڻي سان تعلق رکندڙ سلطانہ وقاصي اڳتي هلي زندگيءَ ۾ ڪيئي ڏک ۽ تڪليفون سٺيون ۽ اڪيلي ئي انھن جو مقابلو بہ ڪيو. 
سلطانا وقاصي جيڪا گهڻو اڳ اڪرم سلطانہ جي نالي سان مشھور ھئي سا ھڪ باصلاحيت ۽ سجاڳ سرتي آھي. ھوءَ سنڌي ٻوليءَ سان ڪيل ٻہ اکيائيءَ ۽ ڌرتيءَ جي مسئلن جي حوالي سان جذباتي ٿي وڃي ٿي. ڪراچيءَ جھڙي شھر ۾ جڏھن لساني فساد چوٽ چڙھيل ھيا، تڏھن بہ سندس ادا ڪيل ڪردار ۽ تحريڪ ٻين عورتن لاءِ بہ اتساھ جو سبب بڻيا ھئا. اھڙي وقت ۾ ھن قلم ذريعي ان وقت جي حالتن، ماضي ۽ مستقبل بابت سنڌي اخبارن ۾ گهڻو ڪجه لکيو. ھوءَ ھڪ جذباتي ۽ بھادر عورت آھي ... ۽ اھو سمجهڻ گهرجي تہ جذباتي عورتون ڪنھن بہ صورت ۾ مصلحت پسنديءَ کان ڪم ناھن وٺنديون. اھوئي سبب آھي جو سندس جذباتي لکڻيون ڪيترن ادبي ۽ سياسي شخصيتن کي نہ وڻنديون ھيون، تنھن ھوندي بہ ھن لکڻ نہ ڇڏيو. سندس ڪالم، ڪھاڻيون ۽ شاعري مختلف اخبارن، رسالن ۽ ادبي مخزنن ۾ ڇپبيون رھيون. 
سلطانا وقاصي جي ڪھاڻين جي ھن مجموعي جو مھاڳ نامياري ڪھاڻيڪارہ تنوير جوڻيجو لکيو آھي. پيڪاڪ پبلشرز پاران 131صفحن واري شايع ڪيل ھن ڪتاب جي قيمت 200 روپيا آھي.