April 29, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 12

فيس بوڪ رائونڊ اپ 12
محمد سليمان وساڻ

هن هفتي فيس بوڪ جو اهم موضوع به اهوئي رهيو جيڪو اڄڪلهه اخبارن ۽ ميڊيا جو آهي يعني حامد مير تي حملو ۽ جيو ۽ جنگ پاران آء ايس آء تي الزام تراشي. حيرت ٿي ته واقعي کان هڪدم پوء ته ڪنهن جو به رد عمل ڪونه آيو هو پر پوء سڀ پاڪستاني هڪ طرف ٿيندا پيا وڃن ۽ عمران خان ته هڪ هفتي کانپوء پنهنجو رد عمل سخت لفظن ۾ڏيکاريو آهي ۽ سڀني کان گوء کڻي ويو. ميڊيا به هن معاملي تي ورهايل نظر پئي اچي. حامد مير جي ڀاء ۽ جيو پاران آء ايس آء تي الزامن ۽ ان جي سخت مخالفت بابت حسن مجتبى لکي ٿو ته جڏهن هڪ نواب جي قتل ڪيس جي شڪ ۾ هڪ منتخب وزير اعظم کي ڦاسي اچي ٿي ته ڇا تحقيقت ٿيڻ تائين هڪ فوجي اداري تي الزام به لڳائي نه ٿو سگهجي؟ جڏهن تحقيقات ٿيڻ کان اڳ هڪ سفير کان استعفى جو مطالبو ڪيو وڃي ٿو ته پوء هڪ فوجي آفيسر کان ڇو نه؟ حامد مير کي ته اوهان گوليون هنيون پر حامد مير سچ جي آواز ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ جيڪو اعتبار پيدا ڪيو آهي ۽ سچ ڳالهائڻ جي جيڪا جرئت پيدا ڪئي آهي، اوهان ان کي ڪهڙي گولي هڻي سگهندا ؟ ڇو ته خواب ته بلٽ پروف ٿيندا آهن.” ان حوالي سان نثار کوکر لکيو آهي ته “حامد مير واري واقعي مان ته ائين ٿو لڳي، پياري پاڪستان ۾ توهين عدالت ايترو وڏو ڏوھ ناهي جيترو توهين فوج ناقابل معافي گناه بڻيل آهي.”   هن هفتي سنڌو ديش لاء پاڻ پتوڙيندڙ سنڌ جي قوم پرست ۽ اصول پرست سياستدان سائين جي ايم سيد جي ورسيء جي مناسبت سان به 25 اپريل تي فيسبوڪ تي سندس قول، تصويرون ۽ فيس ڪور سجايل رهيا. ساڳئي وقت سن ۾ جيئي سنڌ جي مختلف ڌڙن پاران  ڌار ڌار پروگرام ڪرڻ تي سن ۾ حاضري ڀريندڙ ۽ ساڃاهه وند پريشان آهن ته جيستائين قومپرست پاڻ ۾ اتحاد نه ڪندا تيستائين سنڌ جي ڀلائي نا ممڪن آهي. ان حوالي سان وفا منور زئور جون فيس بوڪ تي لکيل تنقيدي سٽون اهميت واريون آهن. هو لکي ٿو “17 جنوري ۽ 25 اپريل تي سَن جي سرزمين تي سچ پچ ته هڪ قسم جو ميلو متل هوندو آهي، ڊاڪٽر برڪت جي بقول  هڪ پاسي موت جي کوھ جو ٿيٽر، ٻي پاسي سرڪس، ٽئين پاسي چڙيا گهر جي شاميانن جيان مختلف قومپرستن تنظيمن جا جلسا ويتر هن ميلي کي چار چنڊ لڳائي ٿا ڇڏين. .!”

دنيا تيزي سان ترقي پئي ڪري ۽ فيس بوڪ تي ان جا ڪيترائي مشاهدا موجود آهن، ساڳي ئي وقت پاڪستان ۾ موبائل فون ڪمپنين پاران 3 جي ۽ 4 جي لائسنس حاصل ڪري ٽيبليٽ ۽ موبائل سيٽن تي جديد سهوليتون مهيا ڪرڻ واري اعلان کانپوء ان ڳالهه کي سنجيدگي سان ڪونه ورتو ويو آهي ته ان ۾ اسان سنڌي ڪٿي بيٺا آهيون. ڄامشوري مان منصور ميراڻي ان حوالي سان سوال اٿاريا آهن. ته “3 جي ۽ 4 جي جي آمد سان ملڪ ۾ انٽرنيٽ جي نئين دور جي شروعات ٿيندي ۽ اميد آهي ته ملڪ جي معاشي ترقي به ٿيندي پر اتي جتي اسان ٽئين دنيا جي ملڪن کان ڪوهين ڏور پوئتي بيٺا آهيون اتي 3 جي ۽ 4 جي جا اسان جي معاشري تي ڪهڙا اثر پوندا؟ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ اها جدت جنهن سان سمارٽ فون ۽ ٽيبليٽ پي سي جي استعمال ۾ اضافو ٿيندو ته ساڳي وقت اهو سوال به اڀري ٿو ته غريب ماڻهوءَ يا ڳوٺ ۾ رهندڙ هاريءَ لاءِ اها جدت ڪيتري حد تائين فائديمند ثابت ٿيندي جڏهن ته هو گذر سفر به وڏين مشڪلاتن سان ٿو ڪري. تعليم جيڪا اڳ ئي پوئتي پيل آهي ته ڇا انٽرنيٽ جي تيزيءَ سان ٻارن کي ۽ تعليمي ادارن کي ڪو فائدو ڏيئي سگهجي ٿو؟ مان ان ترقي جي خلاف ناهيان پر سوال اهو آهي ته ان نئين ٽيڪنالاجي جي آمد سان اسان مستقبل جي لاءِ ڪهڙو پلان يا رٿا جوڙي رهيا آهيون؟ يا اها نئين ٽيڪنالاجي قوم جي هر فرد لاءِ ڪيئن فائديمند ثابت ٿيندي؟
سنڌ حڪومت پاران سنڌ ۾ هڪ نئين ڊويزن ڀنڀور جي قيام تي به ڪيئي اعتراض اٿيا آهن ۽ ان عمل جي تعريف ڪرڻ بجاء تنقيد سوشل ميڊيا جو حصو بڻيل رهي. مشتاق راڄپر لکي ٿو “پيپلز پارٽي پاران نئين ضلعي سجاول سان پيار ۽ هاڻي نئين ڊويزن ڀنڀور جي قيام جو مقصد ملڪ رياض لاء سهوليتون پيدا ڪرڻ آهي ته جيئن سنڌ جي ساحلي پٽي جون زمينو سولائي سان حاصل ڪري سگهجن ۽ اصل ۾ اها هڪ نئين ايسٽ انڊيا ڪمپني ٺاهڻ جي سازش آهي.” ساڳيا خدشا ساڃاهه وندن پاران به ڏيکاريا ويا آهن. گذريل هفتي اپريل مهيني ۾ وڇڙي ويل فنڪارن ريڊيو ۽ ٽي وي جي اداڪار انور سولنگي، قوال غلام فريد صابري، اداڪار حسين ساريو، گلوڪار قمر سومرو، گلوڪار احمد رشدي، گلوڪاره بيگم فقيرياڻي، اداڪار سعيد احمد واگهو، سنڌي ساز مُرلي جي جادوگر اقبال جوڳي، راڳي استاد سينڌو خان، راڳي زوار محمد جمن ڀٽ، اداڪاره شيلا راماڻي، گلوڪاره اقبال بانو، اداڪار ۽ اسٽيج ڪمپيئر معين اختر، گلوڪار ماسٽر منظور، سنگيتڪار ۽ گويي استاد بڙي غلام علي خان، راڳي حاجي ڪلو، سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي اداڪاره شهزادي، اسٽيج اداڪار، هدايتڪار، ليکڪ ۽ صداڪار محمد صديق پرهياڙ، شرناءِ نواز فنڪار امام ڏنو فقير، راڳي استاد طفيل خان، اداڪار منور ظريف، لوڪ گلوڪاره مائي الهه وسائي جي ياد ۾سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي جنهن ۾ فنڪارن جي خاندانن سان گڏ صحافين ۽ فنڪارن پنهنجا خيال اوريا ۽ ساڳي تقريب جون فيسبوڪ تي تصويرون نمايان رهيون.

روزانه عوامي آواز 29 اپريل 2014


April 21, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 11

فيس بوڪ رائونڊ اپ 11
محمد سليمان وساڻ

گذريل هفتي جيتوڻيڪ سوشل ميڊيا تي انيڪ مسئلن تي بحث ٿيو آهي ۽ ڪيئي سرگرميون ٿيون آهن پر اڄوڪي فيس بوڪ رائونڊ اپ ۾ اسان انهن ٽن اهم سرگرمين جو ذڪر ڪنداسين جيڪي اهم هيون ۽ ۽ انهن مان ٻه سرگرميون سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ٿيون آهن. سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتها پسندي خلاف ماڻهن ۾ شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ لاء حق موجود سٿ پاران 18 اپريل 2014ع تي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ باغين سان شام پروگرام ترتيب ڏنو ويو جنهن جي ڊگهي عرصي کان فيس بوڪ تي تشهير ٿي رهي هئي. ان رات آرٽس ڪائونسل ڪراچي جو اوپن ايئر ٿيٽر سنڌي نوجوانن ۽ بزرگن سان گڏ سنڌي ڀينرن سان کچا کچ ڀريل هئو. گيڙو رنگ جو مفلر هر هڪ جي ڳچيء ۾ اهو پيغام ڏئي رهيو هو ته سنڌ هر قسم جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ مذهبي انتها پسنديءَ کي ٺڪرائي ٿي. اهم ڳالهه اها به هئي ته هي سڄو سٿ، هزارن جو مجموعو بغير ڪنهن ذاتي دعوتنامي، بغير ڪنهن اخباري پبلسٽي جي پهتو هو. اهو سوشل ميڊيا جو ئي ڪمال هيو جو هر ڪو هن پروگرام کي پنهنجو سمجهي رهيو هو. هن ميڙ ۾ حليم باغي، خليل کوسي، روبينه ابڙو ۽ حافظ نظاماڻي پنهنجي شاعري ٻڌائي مذهبي انتها پسندي ۽ سنڌ ۾ وڏيرڪي سياست کي ننديو. سنڌ جي ڏاهي، ليکڪ ۽ سيڪيولر سوچ جي امين امر جليل پنهنجي تقرير ذريعي چتاء ڏنو ته هاڻ نعرن جو ڪم ناهي، هاڻ عملي طور ڪم جي ضرورت آهي. هن سڀني مذهبن جي ڪٽرپڻي، دنيا جي سياست سان گڏ سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتها پسندي ۽ مذهبي دهشتگرديء تي کُلي ڳالهايو. هن چيو ته سنڌ جي آزادي تيسيتائين نا ممڪن آهي جستائين اسان سنڌ جي پير، مير ۽ وڏيري کان آزادي نه ٿا ماڻيون. امر جليل چيو ته ياد رکو ڏاڙهين واري طالبانن کان ڪلين شيو طالبان وڌيڪ خطرناڪ آهن. هن چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي ۽ سچل سرمست اهوئي پيغام ڏنو ته مان جوئي آهيان سوئي آهيان، تنهنڪري اسان کي ڇڏي ڏيو ڇو ته اهو خدا ۽ بندي جي وچ ۾ معاملو آهي. امر جليل چيو ته سنڌ جي تعليم ۽ شعور جي گهتتائي لاء اهو ضروري آهي ته اسان اها ذميواري کڻون ته اسان مان هر هڪ، ٻئي کي پڙهائي Each one, teach one  هاڻي ٻيا طريقا غير مئوثر ٿي چڪا آهن. شاعري ۽ تقريرن جي نشست کانپوء منور ابڙو، صدر الدين شاهه ۽ جمال الدين فقير سنڌ جي روايتي صوفياڻي شاعري ۽ صوفياڻا ڪلام پيش ڪري محفل کي جهومائيندا رهيا.
عوامي جمهوري پارٽي پاران سنڌ ۾ ڪرندڙ تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ لاء 16 مارچ کان سکر ۽ لاڙڪاڻي مان جيڪو پيدل تعليمي مارچ شروع ڪيو هو 36 ڏينهن کانپوءِ لڳ ڀڳ پنج سئو ڪلوميٽرن جو مفاصلو پيدل جهاڳي، پير پٿون ڪري 19 مارچ تي سنڌ اسيمبلي ڪراچي پهتو ۽ اسيمبلي سامهون ڌرڻو هنيو. هن مارچ ۾ سنڌ جي ساڃاهه وندن جو هڪ وڏو تعداد شامل هيو جن ۾ عورتون، ٻار، نوجوان، بزرگ، سنڌ جا سياسي سماجي اڳواڻ شامل هيا. هن مارچ جو مقصد ۽ مطالبا ڪي سياسي نه هئا پر سنڌ جي شعور ۽ سنڌ جي تعليم جي سڌاري جا هئا. اسيمبلي پهچي وفد اسيمبلي اندر ياداشت پيش ڪئي. اهم مطالبو اهو هيو ته سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪري بند پيل اسڪول کوليا وڃن، ڪاپي ڪلچر کي روڪيو وڃي، ميرٽ تي استادن جون ڀرتيون ڪيون وڃن ۽ هر سال هر ضلعي ۾ هڪ ماڊل اسڪول قائم ڪري سڀني استادن کي پابند بڻايو وڃي ته اهي پنهنجون ذميواريون صحيح نموني سان پوريون ڪن. حيرت ته اها به ٿي ته دهشتگردن سان هر وقت ڳالهين لاء تيار رهندڙ ۽ جمهوريت جا دعويدار سنڌي حڪمران هن مارچ جي منتظمين سان ملڻ به نه آيا ۽ نه ئي هن احتجاج جو ڪو اثر ورتن. حيف ته بلاول ڀٽو تي به ٿي رهيو آهي جو هر وقت ٽئيٽ ڪندڙ پ پ پ چيئرمين هن اهم معاملي تي ڇو خاموش آهي.
هن هفتي انٽرنيٽ جي سڀ کان وڏي سنڌي فورم سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي پنجين سالگرهه جي موقعي تي سوشل ميڊيا تي سندس خوب پذيرائي ٿي. سنڌ سلامت اهو واحد سنڌي فورم آهي جيڪو سڀني سنڌين کي پنهنجي راء جي هڪجهڙي آزادي ڏيڻ سان گڏ سنڌي ٻولي جي انٽرنيٽ تي ترقي ۾ ڪوشان آهي. سنڌ سلامت تي اسلامي معلومات، سياسي ۽ سماجي خبرن، انٽرٽينمينٽ سان گڏ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ڄاڻ، ڪمپيوٽر جي مسئلن بابت مختلف ليک ۽ ترڪيبون هر وقت مهيا ڪيون وڃن ٿيون. نه صرف اهو پر سنڌ سلامت ڪتاب گهر هن وقت سنڌي ٻوليء جي سڀ کان وڏي ڊجيٽل لائبريري بڻجي ويو آهي جنهن تي هر موضوع تي ڪيترائي سنڌي ڪتاب آنلائين پڙهڻ لاء موجود آهن. سنڌ سلامت سنڌي سرچ انجڻ، سنڌي ڪي بورڊ، بلاگنگ جي سنڌي ۾ سهوليت پيش ڪري رهيو آهي.

سوشل ميڊيا جو ماحول ان وقت سڳوار بڻجي ويو جڏهن سينيئر صحافي حامد مير تي ڪراچي ۾ حملي ۽ سانگي وٽ ٽريفڪ حادثي ۾ چاليهه ماڻهن جي مري وڃڻ واريون خبرون ۽ تصويرون شيئر ٿيون. سنڌ ۾ روڊ حادثن تي نه ته ڪو ڌيان ڏنو ويو آهي نه ئي ان تي ڪا تحقيق ٿي رهي آهي ته هيڏن سارن حادثن جا ڪهڙا سبب آهن ۽ انهن کي ڪيئن گهٽائجي.

روزانه عوامي آواز 22 اپريل 2014

April 14, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 10

فيس بوڪ رائونڊ اپ 10
محمد سليمان وساڻ

سوشل ميڊيا پنهنجي اهميت ڪيتري مڃرائي آهي اها جهلڪ وفاقي اردو يونيورسٽي پاران امريڪي قونصليٽ جي سهڪار سان ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ به ٻڌڻ ۾ آئي جنهن جو عنوان هيو “سنڌي ميڊيا : اهميت، موقعا ۽ مسئلا”. هن ڪانفرنس ۾ سنڌ ۽ ملڪ جي چوٽيء جي دانشورن ۽ قلمڪارن سان گڏ هندستان مان آيل صحافين پڻ پنهنجا خيال پيش ڪيا.  هندستان کان آيل صحافي ننديتا ڀاوناڻي اها ڳالهه مڃي ته انٽرنيٽ خاص ڪري سوشل ميڊيا تي سنڌي ٻوليء جو جو اهم ڪردار آهي. ان ڪانفرنس جي حوالي سان فيس بوڪ تي اها به تنقيد ٿي ته اهڙي قسم جي ڪانفرنس سنڌي ٻولي جا ميڊيا هائوس ڇو نه پيا ڪرائن جيڪا وقت جي اهم ضرورت آهي ۽ ساڳيو سوال نامياري صحافي مظهر عباس به  اٿاريو آهي. سوشل ميڊيا خاص ڪري فيس بوڪ جي سنڌين پاران 10 اپريل سنڌي ٻولي جي عالمي ڏينهن طور پڻ ملهايو ويو ڇو ته 10 اپريل 1967ع تي ڀارت ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو هو.
هوڏانهن واپڊا جي نجڪاري خلاف جتي سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ٿيا آهن اتي سوشل ميڊيا تي به لکڻيون احتجاج، مذمتي تصويرون شيئر ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران حيدرآباد ۾ ٿيندڙ عام گڏجاڻي ۾، سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتها پسندي خلاف ماڻهن کي سجاڳي ڏيڻ جي مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جيڪو سڄي سنڌ ۾ جاري رهندو. ان سلسلي ۾ سگا جي فيس بوڪ پيج تي به پوسٽر جاري ڪيا ويا آهن ۽ پهريون جاڳرتا ليڪچر پروگرام گهوٽڪي ۾ ٿيو آهي جنهن جو مقرر نصير ميمڻ هيو. تحفظ پاڪستان بل PPO  بابت جتي قومي اسيمبلي ۾ احتجاج ٿيو آهي ته اتي 9 اپريل تي سڄي سنڌ ۾ جسمم پاران هڙتال ڪئي وئي آهي ۽ هن بل خلاف سوشل ميڊيا خاص ڪري فيس بوڪ تي به ماڻهو پنهنجي جذبن جو اظهار ڪري رهيا آهن. هوڏانهن عوامي جمهوري پارٽي جو سکر مان شروع ڪيل تعليمي مارچ هاڻ پنهنجي آخري مرحلن ۾ آهي ۽ ڪراچي طرف روان دوان آهي. تعليمي حوالي سان سوشل ميڊيا به مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اهو مسلسل پريشر آخرڪار پنهنجا نتيجا ڏئي رهيو آهي ۽ اهوئي سبب آهي جو بلاول ڀٽي کي به تعليم بابت پنهنجي وزيرن کان وضاحتون وٺڻيون پيون آهن ۽ هن اهم مسئلي تي خاص فيصلا ڪرڻ لاء سوچ ويچار ڪرڻو پيو آهي.
بلوچستان ۾ ڪيل تازي آپريشن کانپوء جعفر ايڪسپريس ۾ بيگناهه ماڻهن جي مارجي وڃڻ واري واقعي تي به فيس بوڪ تي ڏکائتي صورتحال رهي. جتي ڪيترائي دوست ان کي آپريشن جو رد عمل سڏي رهيا آهن اتي گهڻا دوست بيگناهه ماڻهن جي قتل کي گناهه سمجهن ٿا. ان حوالي سان حسين بخش ٿيٻو لکي ٿو “اهو ته مون کي سمجهايو ته پنهنجن ئي ماڻهن کي ماري حراس پيدا ڪرڻ ڪهڙي وطن دوستي آهي، مون کي يقين آهي ته بلوچن جي رئنڪ ائنڊ فائل (جدوجهد ڪندڙن جي صفن) ۾ سرڪاري گماشتا ويٺل آهن، جيڪي اهڙا عمل ڪرائي سڄي دنيا ۾ بلوچن جي شاندار جدوجهدِ آزادي کي دهشتگرد ثابت ڪرڻ چاهين ٿا. ڪو به ذي شعور ماڻهو پنهنجن کي ماري آزادي جي جنگ کٽي نه سگهندو”۔ فيس بوڪ تي هر دفعي اهو بحث به هلندو رهندو آهي ته سنڌي جيستائين متحد نه ٿيندا ۽ سياسي پارٽيون هڪ پليٽ فارم تي ڪونه گڏبيون تيسين سنڌ جي بهتري ناممڪن آهي. هاڻ سڀني سياسي پارٽين، اڳواڻن کي گڏ ڪيئن ڪجي؟ ان سوال جو جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪندي ڪندي بحث پورو ٿيو وڃي. ان ئي بحث جي حصي طور وفا منور زئور ساڳيو سوال ڪيو آهي ته “تنهجا منهنجا مفاد ۽ مقصد بہ ساڳيا، پوءِ انهن جي حاصلات لاءِ اسان گڏ ڇو نہ آهيون، هڪ ئي مقصد جي حاصلات لاءِ نڪتل هوندي بہ تنهنجي منهنجي هڪ ٻئي تي تنقيد ڇا معنى ٿي رکي؟”
فيس بوڪ جي هڪ خوبي رهي آهي ادبي، سماجي ۽ سياسي تقريبن جي تصويرن جي نمائش ۽ رپورٽنگ. اها خبر، ٽي وي يا اخبار ۾ اچي يا نه اچي پر فيس بوڪ تي سڀ کان اڳ ايندي ۽ مزي جي ڳالهه ته جيترا ڪيمرا هوندا آهن ان کان به وڌيڪ دوست تصويرن جي شيئرنگ ڪندا آهن ۽ اهي تصويرون تاريخ بڻجي وينديون آهن. هن هفتي به خوبصورت شاعر علي زاهد  ۽ روبينا ابڙو سان چانڊڪا ميڊيڪل پاران ملهايل شام جون تصويرون، ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ورسي تقريب، حيدرآباد ۾ عطا محمد ڀنڀري جي تحقيقي ڪتاب انڊس اسڪرپٽ جي مهورتي تقريب، فيس بوڪ فرينڊز پاران گڏاپ ۾ لڳايل ميڊيڪل ڪيمپ، ڪراچي ۾ انور سولنگي ۽ روشن عطا جي ورسي تقريبن سميت ڪيترن ئي پروگرامن جا تصويري البم شيئر ڪيا ويا آهن.
فيس بوڪ جتي ڄاڻ ۽ تفريح جو مرڪز آهي اتي دنيا فيس بوڪ کي مارڪيٽنگ جو به اهم ذريعو بڻايو آهي، پر افسوس جو سنڌي ماڻهو ان حوالي سان ڪوبه خاص فائدو وٺڻ ۾ مڪمل ناڪام ويا آهن. اسان کي ڪنهن اهڙن دوستن جي تلاش آهي جيڪي فيس بوڪ کي مارڪيٽنگ ٽول بڻائي سنڌ جي ثقافتي لباسن، سنڌ جي ميون، ڀاڄين ۽ سنڌ جي هنرن جا نادر نمونا فيس بوڪ ۽ سوشل ميڊيا تي آڻي نه صرف ثقافت جي اپٽار ڪن پر معاشي طور به فائدو حاصل ڪري سگهن.

روزانه عوامي آواز 15 اپريل 2014
___




April 08, 2014

ٻوسٽ وارو ماحول ۽ ڇير جي ڇمڪار

ٻوسٽ وارو ماحول ۽ ڇير جي ڇمڪار
محمد سليمان وساڻ

پياري دوست، شاعريء جي ڪئنواس تي پوپٽ جهڙا رنگ چٽنيدڙ ۽ اسان جي ٽهيءَ جي شاعر وسيم آڪاش سيتائي جي احساسن تي مشتمل سندس شاعريء جو پهريون مجموعو ”هوائن ڇير ڇمڪائي“ انهن ڏينهن ۾ ڇپيو آهي جڏهن سنڌ جي فضا گهُٽ ۽ ٻوسٽ ماري ماحول ۾ آهي. اهڙي وقت ۾ وسيم آڪاش پنهنجي شعرن ۽ قلم جي نوڪ سان رنگين شعر جوڙي هوائن ذريعي ڇيرين کي ڇمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. وسيم آڪاش جي شاعري ڊگهي عرصي کان سوشل ميڊيا تي پڙهندو رهيو آهيان، سندس احساس هن جي تخليقن مان پڙهي اها پروڙ پيم ته سندس وٽ لفظن جو اڻ ڳڻيو خزانو آهي جنهن کي هو شاعريء جا ويس پارائي اسان سان شيئر ڪري ٿو.  وسيم جي شاعريء مان لڳي ٿو ته سندس شاعري انهن گلن جيان آهي جيڪي پاڻ ته وکري وڃن ٿا پر انهن جي خوشبو ماحول کي معطر بڻائي رکي ٿي. سندس لفظن جي مالها ۾ سپنن جون سندرتائون به آهن ته شاعريءَ جون سڀئي حُسناڪيون به موجود آهن. سندس احساس ته ڏسو جو هو عشق کي ئي پنهنجي پناهه گاهه بڻائي ويٺو آهي :
درد جي درسگاھَ ۾ آهيون!
عشق! تُنهنجي پناھَ ۾ آهيون!

وسيم آڪاش جي شاعريءَ ۾ سنڌ سان عشق به سمايل آهي ته اتي مجازي عشق جي به جهلڪ نمايان آهي. سندس لفظ رولاڪ بڻجي در در سدا هڻن ٿا ۽ سچائي جي ڳولها ڪن ٿا. سندس شاعريء ۾ اميد جي جهلڪ به عيان آهي، جتي هو رواجي شاعري ڪري ٿو اتي هو سماج جي ڏاڍ کي به نندي ٿو. وسيم دلرباين، دلڪشين ۽ حسناڪين جي ڳولها جو شاعر آهي. دنيا جي اڪثر شاعرن وانگر آڪاش جي شاعريء جو بنيادي محرڪ به عشق ئي آهي، اهو عشق جيڪو جيئڻ جو سبب آهي:

”آڪاش“ شاعري جي ڪهڙي خبر اسان کي،
هي روڳ عشق جو آ، جيڪو وڏو بحر آ!


سندس شاعريءَ جو هي سهڻو ۽ دلڪش رنگن سان سجايل ڪتاب ڪنول پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو آهي جنهن جو مهاڳ مهان شاعر امداد حسينيءَ لکيو آهي. سونهن، سندرتا، سچ، محبت ۽ ڪائنات جي حسناڪين سان پيار ڪندڙ وسيم آڪاش سيتائي لاء دعاگو آهيان ته سدا خوش هجي ۽ سندس قلم ۾ شاعرانه دلڪشي جو سحر سدائين سلامت ۽ قائم رهي.

April 07, 2014

فيس بوڪ رائونڊ اپ 9

فيس بوڪ رائونڊ اپ 9
محمد سليمان وساڻ

فيس بوڪ جي نئين سيٽنگ ساڄي کان کاٻي ۽ خاص ڪري سنڌي ۾ لکندڙن لاء ڏکيائون پيدا ڪيون آهن جنهن سبب دوستن جي سرگرمين ۾ گهٽتائي آئي آهي. فيس بوڪ انتظاميا ان معاملي ۾ ٻڌايو آهي ته نئين سيٽنگ اڃان مڪمل ڪانه ٿي آهي. جيئن ئي مڪمل ٿيندي ته ان ۾ کوڙ ساريون نيون خوبيون شامل هونديون.هن هفتي فيس بوڪ تي نئين بحث به جنم ورتو آهي جيڪو آهي سنڌ ۾ ڪاپي ڪلچر بابت. ميٽرڪ جي امتحانن ۾ مختلف سينٽرن جون تصويرون شيئر ٿيون آهن جتي پوليس جي موجودگي ۾ مختلف ماڻهو ڪاپي ڪرائڻ لاء اسڪولن يا ڪاليجن جي ڀتين تي چڙهيل نظر اچن ٿا. اتي ئي شوڪت جوکيو تي به خوب تنقيد ٿي آهي جنهن امتحاني سينٽر جو دورو ڪندي ٻن شاگردن کي ڪاپي ڪندي ته پڪڙيو پر انهن تي جيڪو جسماني تشدد ڪيو، سو به سر عام اها تذليل برداشت ڪرڻ جوڳي ناهي، دوست چون ٿا ته اسان جي بيوروڪريٽس کي پنهنجا رويا تبديل ڪرڻا پوندا. هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن تي رينجرز پاران ڪيل تشدد به فيسبوڪ جي سرخين جي زينت بڻيل رهيو ۽ اهي سوال اٿندا رهيا ته اسان پنهنجي مادر علمين کي ڪيئن علم جو ڳڙهه بڻائي سگهنداسين؟ سنڌين جي نئين سال چيٽي چنڊ جي مناسبت سان به پوسٽنگ ٿي جنهن ۾ هندستان جي سنڌي دوستن جي سرگرمي سڀني کان وڌيڪ رهي. هندستان ۽ ٻين ملڪن ۾ رهندڙ سنڌين جي سنڌي سنوارڻ ۽ سنڌي سکيا لاء آشا چاند جي سنڌي سنگت پاران هڪ نئون فورم سنڌي ساٿي جوڙيو ويو آهي. ڪافي سنڌي اهو فارم ڀري رهيا آهن جنهن ۾ کين آنلائين يا ڊي وي ڊيز ۽ وڊيوز يا وري باقائده ڪلاسن ذريعي سندن بهتر سنڌي لاء سکيا شروع ڪئي ويندي.
امر جليل خلاف ٿيندڙ مظاهرن ۽ تنقيد جي جواب ۾ حسن مجتبى به خوب لکيو آهي. جڏهن سنڌ جي صوفي سوچ رکندڙ ۽ لبرل سوچ ليکڪن جي خلاف سنڌ ۾ مظاهرا ٿين ته پوء اها ڳالهه اسان لاء سوين سوال کڻي اچي ته ڇا اسان سنڌي هاڻي وڏيرڪي ۽ جاگيردارانه سوچ سان گڏ انتها پسند سوچ رکندڙ ماڻهن جي حصار ۾ ته نه ڦاسي ويا آهيون؟ حسن مجتبى لکي ٿو “امر جليل جي خمير ۽ ضمير صوفين جي ان مٽيء مان جنم ورتو آهي جتان بيدل، بيڪس ۽ سچل جهڙن صوفين جنم ورتو آهي. امر جليل سنڌ جو اهو بهادر ۽ قلندر ليکڪ آهي جنهن جون تحريرون نه صرف هر حاڪم جي اک ۾ ڪنڊي وانگر چڀجن ٿيون  پر اهي پير، مير، وڏيري، جاگيردار ۽ ملان جي نڙي ۾ به کٽڪن ٿيون. هو ادب ۽ صحافت جي دنيا جو اهڙو قلندر آهي جيڪو اهڙي گهٽي ۾ ڌمال وڄائي ٿو جتي وڏن وڏن جا پگهر نڪري اچن ٿا”. هو وڌيڪ لکي ٿو ته “هڪ خاص پير جا پوڄيندڙ سندس پويان پئجي ويا آهن سر عام جلوسن ۾ امر جليل جو سر ڪٽڻ ۽ زبان وڍڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهن. ڪير ٿو چئي ته سنڌي طالبان ناهن؟”.
سنڌ ون يونٽ کان به وڏي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، اها ڳالهه هن هفتي ڪراچي جي آرٽس ڪائونسل ۾ ٿيندڙ هڪ اهم ڪتاب جي مهورت دوران ثابت ڪئي وئي. فيس بوڪ تي سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ڪراچي پاران پروفيسر اعجاز قريشي جي ڪتاب “ون يونٽ ۽ سنڌ” جي مهورت ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني وئي هئي جنهن کي ڀرپور موٽ ملي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن شرڪت ڪئي. سوشل ميڊيا جي اهائي خوبي آهي جو ماڻهن کي گڏ ڪرڻ ۽ پاڻ ۾ ملائي رکڻ جو اهم ذريعو آهي. هن ميڙ ۾ فضل الله قريشي، امان الله شيخ، ڊاڪٽر سليمان شيخ سميت ٻين سڀني مقررن انگن اکرن ذريعي اهو ثابت ڪيو ته موجوده سنڌ، ون يونٽ واري سنڌ کان به وڌيڪ ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. هوڏانهن وسيم آڪاش سيتائي جي شاعريءٰ جي پهرين مجموئي “هوائن ڇير ڇمڪائي” جي ڇپجڻ جي فيس بوڪ تي خبر ۽ ڪتاب تي مختلف دوستن جا تاثر اچي رهيا آهن. ڪراچي ۾ ٿيندڙ حق موجود سٿ پاران صوفياڻي ميڙ “باغين سان شام” جو فيس بوڪ تي خوب چرچو ٿي رهيو آهي ڇو ته اها ڪڙي حيدرآباد مان شروع ٿي هئي ۽ سڄي سنڌ ۾ باغين سان شام جي نالي سان مشهوري ماڻي آهي ۽ ان ۾ گهڻو ڪردار فيس بوڪ جي دوستن جو آهي. باغين سان شام جو مقصد سنڌ ۾ وڌندڙ دهشتگردي ۽ مذهبي انتها پسندي خلاف آواز اٿارڻ  ۽ ماڻهن ۾ صوفياڻي سوچ سمائڻ آهي.
فيس بوڪ  مان سنڌين ڇا پرايو آهي ۽ ڇا ڪري رهيا آهن ان قسم جو بحث سنڌ سلامت ۽ فيس بوڪ تي اڪثر ٿيندو رهيو آهي پر هاڻ ان جا عملي ثبوت به ملي رهيا آهن ته سنڌ جا نوجوان سوشل ميڊيا ذريعي پاڻ ۾ ملن ٿا ۽ عملي طور ڪم ڪن ٿا. جنهن جو هڪ مثال سنڌ فيس بوڪ فرينڊز جي صورت ۾ سامهون آيو آهي. جيڪا عملي طور ٿر جي ماروئڙن جي مدد لاء مٺي کان ڪوهين ڏور ڳوٺن ۾ راشن ورهائڻ سان گڏ ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي ماڻهن جو علاج ڪندي رهي ۽ هاڻ هڪ ٻيو عملي ڪم نوجوانن جي ڪيريئر پلاننگ بابت ليڪچر پروگرام ۽ انهن جي تربيت ڪرڻ لاء اڳتي آيا آهن. اها اميد رکبي ته سوشل ميڊيا جتي تڪڙي ڄاڻ ڏيندو رهيو آهي اتي عملي طور سنڌين جي خدمت ڪرڻ لاء نوان طريقا ڳولهي هڪ نئين راهه فراهم ڪندو.     


April 03, 2014

اپريل فول ۽ عشق جو اظهار

اپريل فول ۽ عشق جو اظهار
محمد سليمان وساڻ

هن سان تمام گهڻي چاهت هئي، ڏاڍي وڻندي به هيم، پر عشق جو اظهار ڪري ڪونه سگهيس. چاهڻ باوجود به لفظ ساٿ ڪونه ڏيندا هيا جو پنهنجي دل جو حال اوري سگهان. مان ڪراچي ۾ رهندو هوس ۽ هوءَ ڳوٺ .... موبائيل تي اڪثر رابطو رهندو هو.
منهنجي تمام گهڻي عزت به ڪندي هئي، عقيدت جي حد تائين، ڇو ته سٺي نوڪري هجڻ ڪري سڀ ڳوٺ وارا منهنجي عزت ڪندا هئا. پر مان سندس ماء کان گهڻو ڊڄندو هوس، مان ته ڇا ڳوٺ جون سڀ مايون ۽ مرد هن کان ڊڄندا هيا. ڳالهائيندي هئي ته لڳندو هو ته ڄڻ جيرو ڪڍي کائي ويندي.
هڪ ڏينهن سوچيم ته ڇو نه پنهنجي چاهت جو اظهار ڪيان ۽ ڳوٺ روانو ٿي ويس ۽ وڃي ساڻس مليس پر هن منهنجو هڪ غزل کولي منهنجي سامهون رکيو ۽ انهن ڳالهين ۾ پنهنجي ڳالهه ڪرڻ رهجي وئي، ڇو ته همت ئي ڪونه ڪري سگهيس.
هڪ ڏينهن ڪنهن دوست جو ايس ايم ايس مليو ته عشق جو اظهار هميشه پهرين اپريل تي ڪرڻ گهرجي، جي ڳالهه ٺهي وڃي ته واهه واهه جي نه ته اپريل فول.
اها ڳالهه مون کي به وڻي ۽ هاڻ مان پهرين اپريل جو انتظار ڪندو رهيس .... پر اپريل به اچڻ جي ئي ڪونه پيو ڪري.
آخرڪار 31 مارچ اچي وئي ۽ مان به بيگ ڳچي ۾ وجهي ڳوٺ روانو ٿي ويس. اتي پهچي صبح پهرين اپريل جو پلان ٺاهڻ لڳس.
پهرين اپريل جو سندس گهر وڃڻ جو سوچيم پر وري اهو سوچي واپس وريم ته سندس سامهون اها ڳالهه چوڻ منهنجي وس ۾ نه هوندي.

واپس اچي سندس موبائل تي ڪال ڪيم ۽ هن جي هيلو چوڻ کان اڳ ئي مان شروع ٿي ويس ته مان تو سان تمام گهڻو پيار ڪريان ٿو، تون ڏاڍي خوبصورت آهين، منهنجي اکين جو ٺار آهين ۽ توسان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو. منهنجي قسمت شايد تمام گهڻي خراب هئي جو فون ان ڏينهن سندس ماء کنيو هو، جيئن ئي ڳالهائي بس ڪيم ته تي هن جي ماء جي رڙ ٻڌم ته نڀاڳا تون اسان جي ننگن ۾ اکيون وجهي ويٺو آهين. تون اچ ته توکي سيکاريان ٿي ته محبت ڪيئن ڪبي آ .... بس پوء ته ان وقت ئي ٽپڙ ويڙهي ڪراچي روانو ٿي ويس ۽ پنهنجو نمبر ئي مٽائي ڇڏيم ....ٻه سال ٿيا آحن ته ڳوٺ ئي ڪونه ويو آهيان ۽ همت ئي ڪانه ٿي ٿئي. هن سال اپريل ته آيو پر مان اڃان ويٺو ڊڄان ته ڳوٺ وڃان يا نه.

April 02, 2014

اخباري ڪالم

اخباري ڪالم

***********


ڪالهه چيائين ته تون هاڻ بدلجي ويو آهين ... !!!!

حيرت مان پڇيومانس اهو ڀلا ڪيئن؟

چيائين اڳي سڀ سچ لکندو هئين هاڻ اخباري ڪالمن جي چڪر ۾ اچي اڌ سچ ٿو لکين ...!!!!